جاويد ڀٽو جون ڪجھ ساروڻيون
لياقت ٿھيم
ڪجھه سال اڳ سائين
جاويد سان آخري ڀيرو مليو هوس. انهي بعد آمريڪا موٽي ويو ۽ مهيني ٻئي مهيني فون
پيو ڪندو هو. اهي فون ڪالون به ڄڻ ته سندس ڪلاس روم هوندو هو. يعني هو ڳالهائيندو
هو ۽ مان کيس ٻڌندو هوس. موضوع ڪيترو به عام هجي، ڳالھه عالمن وارن ڪندو. پر رڳو
سنجيدگي نه، چرچو ڀوڳ به ڪندو هو. ڳالھه ڪندو ته هڪڙي رخ ۾ نه ڳالهائيندو، مختلف
زاوين کان آهستي آهستي هلندو، ڌار ڌار ڳالهين کي پاڻ ۾ پيوست ڪندو هلندو جو ماڻهو
کي سڄي عمر اهي ڳالهيون ياد رهن. اڪثر انهن ڪتابن بابت ٻڌائيندو هو جيڪي انهي وقت
سندس مطالعي ۾ هئا. گھڻو پڙهندڙ اسڪالر هو پر رڳو ڪتابن ذريعي ايڏي ڄاڻ نه آئي
هئس. بيدار مغز، جاڳيل روح وارو انسان هو. ڳالهين ۽ شين تي سوچي انهن ۾ پيٽرن
(ترتيب) تلاش ڪري وٺندو هو ۽ انهن بابت درست اڳڪٿي به ڪندو هو جيڪا ڪنهن به انٽيلڪچوئيل
جي وڏي خوبي سمجھي ويندي آهي. مثال طور جڏهن جنرل مشرف اقتدار ۾ آيو ته سائين
جاويد اڳڪٿي ڪئي ته ‘پاڪستان ۾ في الحال جهادي فيڪٽريون بند ڪندا ۽ لبرل ازم جو
نعرو لڳندو. ڇاڪاڻ ته ورلڊ ٽريڊ سينٽر تباھ ٿيڻ کانپوءِ هاڻي جهادي پراجيڪٽ آمريڪا
کي قبول ناهي. ٻيو چيائين ته ننڍين قومن جي معاملي ۾ هاڻي پاڪستاني اسٽبلشمنٽ
پنهنجي پوري فاشزم سان سامهون ايندي. ‘سوچيل سمجھيل راءِ رکندو هو. پنهنجي راءِ ڏيندو
هو پر ٻئي جي ڳالھه به غور سان ٻڌندو هو. پنهنجن همعصر ماڻهن کان ڪيئي ڏهاڪا اڳتي
هو پر ٻين کي مڃڻ جي به وڏي مڻيا هوندي هئس. سندس پيارو شاگرد عاصم آخوند جڏهن
گذاري ويو تڏهن سائين جاويد، مون سميت پنهنجن شاگردن ۽ دوستن کي آمريڪا مان هڪ اي-
ميل موڪلي هئي. انهي جي پهرين سٽ ۾ لکيائين ته ’اڄ اسان سڀني جو استاد گذاري ويو
آهي‘.
سائين سان منهنجو
دلي تعلق سندس ترقي پسند سوچ ۽ غير رواجي سڀاو سبب ٿيو. مان جن ڏينهن ۾ سائين وٽ پڙهڻ
لاءِ آيس تڏهن فلسفي جو اکر به نه ايندو هوم ۽ نه ئي وري فلسفي کي سمجھڻ جو صبر ۽
ذهن مون وٽ هو. پر ترقي پسند ادب پڙهندڙ هوس. مولانا ابوالڪلام آزاد چوندو هو ته
هر موضوع کي هڪ خاص قسم جو اسلوب کپندو آهي ۽ انهي اسلوب ۾ ئي انهي موضوع جو رنگ اڀرندو
آهي. ‘اهو فن سکڻو پوي ٿو، ائين اچي ناهي ويندو. سائين جاويد، فلسفي سمجهائڻ جو
اسلوب سمجھي ورتو هو. ڪيڏي به پيچيدھ، منجھائيندڙ ۽ جديد ترين ٿيوري هجي، سائين
انهي کي نج سنڌي ۾ سمجھائي ويندو هو. تمام ڀلي سنڌي ڳالهائيندو هو. سندس آواز ۾هڪ
خاص لئي، هڪ مخصوص نڪائين تنوار هوندي هئي. لفظ جي آخري حصي تي گھڻو زور ڏئي ڳالهائيندو
هو. مثال طور جيڪڏهن لفظ ييس چوندو هو ته آخري ’س’جي اچار کي سيٽي جهڙي آواز سان
چوندو هو.
گھڻو وقت اڳ جي ڳالھه
آهي. عوامي تحريڪ جي رسالي ’تحريڪ’ ۾ پليجي صاحب جيڪي ايڊيٽوريل لکيا تن کي گڏيَ ڪتابي
صورت ۾ ڇاپيو ويو هو. ڪتاب جو نالو هو ’ڌراڙن جا ڌڪ. ‘انهي ڪتاب جي مهاڳ ۾ هڪ سهڻي
سٽ لکيل آهي ته ’ ڌراڙن اهي ڌڪ، ماهوار تحريڪ جي ادارتي صفحن معرفت هنيا هئا.
‘سائين جاويد جون ڳالهيون ڌراڙن جا اهڙا ڌڪ هئا جن سنڌ ۾ مروج علمي ڪلچر کي يڪسر
بدلائي ڇڏيو. اڄ هي سنڌ ۾ جيڪو نئون ليفٽ ڏسو ٿا تنهن جي پهرين دونهين انهي ڪلاس
روم ۾ ٻري. يونيورسٽي ۾ نئون استاد هو پر ڪنهن جي به پرواھ نه ڪندو هو.
سائين جاويد فقط
فلسفي نه هو، هڪ ٻه ڪهاڻيون به لکيائين، ٻارن لاءِ سنڌي-انگريزي جي هڪ لغت به مرتب
ڪيائين جيڪا آڪسفرڊ وارن ڇپائي آهي. هڪ دفعي ٻڌايائين ته ’ڊڪشنري ۾ هڪڙو لفظ هو ’ڊرائي
برج. ‘ مان انهي جو سنڌي متبادل لفظ ڳوليندو رهيس پر نٿي مليو. پوءِ مونکي ياد آيو
ته شڪارپور ۾ ٻن عمارتن وچ ۾ هڪ پل هوندي هئي جنهن کي اسان سُڪ پل سڏيندا هئاسين.
’ڊرائي برج جي معنيٰ لکيم: سُڪ پل. ‘
گذريل ڪجھه سالن ۾
سائين جاويد جو هڪ ٻيو تعارف، ’تصوف جي انٽيلڪچوئل’ طور سامهون آيو. تصوف کي پڙهڻ
۽ سمجھڻ ته مڙئي ٺيڪ آهي پر جهڙي ريت سائين انهي کي دردن جي دوا ڪري پيش ڪيو تنهن
تي سندس دوستن ۽ شاگردن جو ردعمل مثبت نه هو. سندن چوڻ هو ته تصوف ذريعي پراڻي ذهن
کي نه ڦهلائجي، انهي جو نه ماحول آهي، نه وقت، نه ئي سماجي معاشي ضرورت. هي وقت
آهي اهڙن فڪري، سياسي ۽ سماجي خيالن کي سمجھڻ جو جيڪي هم عصر دنيا کي بدلائي رهيا
آهن. يعني، اهو سمجھجي ته ٻين قومن وٽ سماجي ۽ فڪري اصلاح جا ڪهڙا بنياد آهن ۽
انهن بنيادن کي ڪهڙن نَون سياسي- سماجي خيالن تي ٻڌو ويو آهي. اهو سمجھڻ لاءِ
اسانکي تيرهين صدي جي تصوف ۾ انڌڙن وانگر لٺيون کڙڪائي صدائون هڻڻ جي ضرورت ناهي.
ماضي جي دوائن سان مستقبل جي بيمارين جو علاج نه ٿيندو.
ڳالھه هي آهي ته
سائين جاويد جي سوچ جو بنيادي فريم ورڪ ساڳيو رهيو- جيتوڻيڪ سندس علمي محبتون
تبديل ٿينديون رهنديون هيون. سندس ذهن آخري وقت تائين ارتقا پذير رهيو. مان جڏهن
سائين وٽ پڙهندو هوس تڏهن مونکي ياد ناهي ته سائين ڪڏهن تصوف بابت گفتگو ڪئي هجي.
جيتوڻيڪ هڪ دفعي ڪافي هفتن تائين ننڍي کنڊ جي مذهبي تحريڪن تي ڳالهايو هئائين جنهن
۾ سترهين ۽ ارڙهين صدي جي سک ملي ٽنسي تي تمام تفصيل سان ڳالهايو هئائين. پر ڪڏهن
به، تصوف جو ڪو خاص تذڪرو نه ٿيو.
مان سمجھان ٿو
سائين جاويد جڏهن شاھ ۽ ٻين صوفين کي پڙهڻ شروع ڪيو ته انهن کي ڪو نئين سر دريافت ڪونه
پئي ڪيائين، پر هو پنهنجي ڪلاسيڪل ورثي کي نئين سر سمجھڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هن
تصوف جي تاريخي باغي ڪردار کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن ۾ صوفي انقلابين رياستي
۽ مذهبي بيوروڪريسي خلاف متحرڪ ڪردار ادا ڪيو آهي.
پر انهيءَ ڳالھه جو
هڪ ٻيو پهلو به آهي. جيڪو شايد علمي گھٽ ۽ ذاتي وڌيڪ آهي. انساني سوچ جي پاڙ پختي ٿيندي
آهي ۽ ماضي جي سوچ جو ڪجھ حصو حال ۾ رهجي ويندو آهي. سائين جي شخصيت ۾ هڪ خاص ۽
ناياب قسم جي بغاوت هئي جيڪا سندس سموري زندگي جي ڪمن ۾ نظر اچي ٿي.
سائين جاويد ٻاهتر
۾ ميڊيڪل ۾ داخلا ورتي ۽ پوءِ ڇاهتر ۾ اها ڇڏي فلاسفي ۾ داخلا ورتائين جنهن ۾
انهيءَ وقت ڪير به پڙهڻ نه چاهيندو هو. ماڻهو کيس چريو سمجھندا هئا. وري جڏهن سنڌ
يونيورسٽي ۾ استاد ٿي آيو ته به شاگردن کي فلاسفي ۾ داخلا وٺڻ کان منع ڪندو هو.
چوندو هو توهان جيڪڏهن ڪامياب انسان بنجڻ چاهيو ٿا ته هتي نه اچو، فلسفي ۾ ڪو به
روشن مستقبل ڪونهي. هتي اهو پڙهي جيڪو هتان وڃي ٻين کي پڙهائي. سائين جو چوڻ هو ته
جيڪو انارڪسٽ ناهي اهو دانشور ئي ناهي.
سندس پالنا ۽ تربيت
مڪمل طور تي مختلف هئي. پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به ڪيريئرسٽ نه رهيو هو. صوفين وانگر
پاڻ به ڪيريئر، پئسي، بااثر شخصيت هئڻ واري هاڻوڪي مرض کي هميشه رد ڪندو هو. ڪلب
لائيف ۽ انهي ذريعي سماج ۾ اثر رسوخ وڌائڻ سان ٽَڪي جي دلچسپي نه هيس. دنياوي
خواهشن کان آزاد هو. چوندو هو مونکي ڪاميابي کان نفرت رهي آهي. آمريڪا ۾ رهندي به
اتان جي پئسي ۽ دولت کان ڪڏهن متاثر نه ٿيو. مونکي ته تصوف جو ڀرجھلو ٿيڻ ۾ به
سندس اها فطري بغاوت نظر اچي ٿي جنهن هيٺ ميڊيڪل ڇڏي فلسفو کنيو هئائين.
منهنجي خيال ۾ تصوف
سان سائين جاويد جي لڳاو جو ٻيو سبب ’سنڌ’آهي. سنڌ، پنهنجي قديم ڪلاسيڪل ورثي ۾
تصوف جو گهوارو ۽ سمورن صوفي سلسلن جو مرڪز رهي آهي. حقيقت ته هي آهي ته سنڌ جي
سموري ڪلاسيڪل ورثي جي پاڙ تصوف ۾ کتل آهي. ذاتي طور تي مونکي سائين جاويد ۾ تصوف
جي قديم استادن جي پرڇائين ڏسڻ ۾ آئي: تزڪيه نفس، علم پڙهڻ ۽ انهي تي پورو پورو
عمل ڪرڻ، ٿورو کائڻ، سادو پائڻ، پنهنجن شاگردن کي شفقت سان سيکارڻ، ٺٺ ٺانگر کان
پري رهڻ، غرور ۽ وڏائي جي ويجهو ئي نه وڃڻ ۽ توڪل تي ترهو ٻڌڻ. سندس ليڪچرن ۽ انٽرويو
کي ٻڌي محسوس ٿئي ٿو ته هو اوريجنل سنڌي سوچ جي ٻيهر سجاڳي چاهيندو هو.
ائين به ڪونهي ته
سائين جاويد پاڻکي تصوف مٿان سند يا شاھ جو ماهر سمجھندو هو، جيئن عام طور ڪي دوست
کيس پيش ڪندا آهن. هڪڙي ڀيري مونکي چيو هئائين ته ’مان شاھ لطيف کي ائين ڏسندو
آهيان جيئن ڪو ماڻهو جبل جي پاڙ ۾بيهي مٿي ڏسندو آهي. ماڻهو جڏهن شاھ لطيف تي روان
ڳالهائيندا آهن ته مان انهن کي حسرت سان ڏسندو آهيان.‘
ماڻهن وٽ سائين
جاويد جا بيشمار قصا آهن جيڪي گڏ ڪجن ته ڪيئي ڪتاب لکجي وڃن. سائين جا ڪيترا ئي
شاگرد آهن جيڪي سائين لاءِ تمام گھڻو دلگير رهن ٿا. اردو اديب محمد علي ردولوي
پنهنجي هڪ دوست کي خط لکندي لکيو هو ته ’خبر ناهي ڪيترا نيازنامه توهان ڏي لکيا
هوندم، پر اهي پني تي اتاري نه سگھيو آهيان. ‘سائين جاويد جي گھڻن شاگردن سان ڪجھه
هي صورتحال به آهي.
کيس ياد ڪري، حافظي
مان سندس ڳالهين جا ٽڪرا ميڙيندو رهندو آهيان. ذرو هِتان، ذرو هُتان. ڪڏهن ڪڏهن جي
منجهي پوان ته تاريڪي ۾ سوال پڇندو آهيان. ڪنهن وقت انهي ۾ سندس چهرو ظاهر ٿيندو
آهي ۽ جواب ملندو اٿم. يادگيري ۾ سندس ڳالهين جو رِيل هلائي ڏسندو آهيان. ڪيئي ورهيه
اڳ ڪيل ڳالهيون. ڪڏهن جواب ملندو اٿم ڪڏهن ناهي ملندو. مولانا آزاد چوندو هو ته
’دل جي انهن واقعن کي هڪ ترتيب ڏنل صورت ۾ پيش ڪرڻ ممڪن ناهي. دل جي انهن ٽڪرن کي ٽڪرا
ٽڪرا رهڻ ڏي. ‘
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۲ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
جاويد ڀٽو
چَمڪي چِڻنگ سَمان. . .
تحرير: لياقت ٿهيم
ماڻهو لفظ مَنش مان
نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي من وارو، دل وارو. ٻين لفظن ۾؛ سوچيندڙ ذهن وارو.
ڪجھ سال اڳ عمر ڪوٽ
۾ هڪڙي نوڪري ڪيم. بالغن جي تعليم جو ڪم هو جنهن تحت ڳوٺاڻين عورتن کي لکڻ پڙهڻ ۽
ابتدائي حساب ڪتاب سيکاريا ويندا هئا. انهي مقصد لاءِ ڳوٺ جي هڪ گھر ۾ مرڪز ٺهيل
هوندو هو. اڪثر مايون ٽن- چئن مهينن ۾ فقط پنهنجو نالو لکڻ سکي سگھنديون هيون.
نالو لکڻ سکي ويون ته انهي کي ڪاپي ۾، وڏن اکرن ۾ لکي پنهنجي نالي کي ايڏي پيار
سان ڏسنديون هيون جو ڇا ڳالھ ڪجي.
ٽيهن-پنجٽيهن سالن
جي عمر ۾ صرف هڪڙو لفظ.
مان جڏهن ’جاويد ڀٽو‘
ڪٿي لکيل ڏسندو آهيان ته ائين لڳندو آهيم ته اهو نالو نه پر لفظ آهي. اهو لفظ هڪ
دور جو آئينه دار آهي. انهي لفظ جي هڪ شخصيت آهي. انهي لفظ جي معنيٰ ۽ مفهوم آهي.
الله ۾ اميد آهي ته
انهي لفظ جي وڏي ڄمار به ٿيندي.
صُوفين ۾ موت کي به
زندگي چون. مرڻ کي حياتِ نو يا نئين زندگي چون.
سائين جاويد جي هڪڙي
زندگي اها هئي جنهن ۾ هو زنده رهي سنڌ ۾ سياسي نظرين جي عوامي ۽ فلسفي جي تدريسي
ارتقا ۾ مُک ڪردار ادا ڪندو رهيو. يونيورسٽي سطح تي پڙهائي جي طريقي کي يڪسر تبديل
ڪيائين. فلسفي جهڙي ڏکئي ۽ ٿڪائيندڙ علم کي اهڙو عام فهم بنايائين جنهن کي ٻڌندي،
پڙهندي ۽ پڙهائيندي ماڻهو خوش ٿئي.
پر ڇاڪاڻ ته سائين
هاڻي اسان وٽ ناهي رهيو تنهنڪري سندس ٻي زندگي اها آهي جنهن ۾ کيس سمجھڻ، انهي جهڙو
باشعور ۽ باضمير ٿيڻ آهي. اسڪالر جي انهي وصف تي پوري لهڻ جي جستجو جاري رکجي جيڪا
سائين ٻڌائي ويو آهي. سندس شاگردن مان جيڪڏهن ڪو استاد آهي ته سائين جاويد وانگر
اعليٰ ڪردار، روشن ذهن ۽ گِھرائي سان پڙهيل استاد هجي- جيئن هو هُيو.
اُهو نه ٿيندو پر
اهڙا ٿي سگھن ٿا. اِها سندس نئين زندگي هوندي.
شيخ عبدالمجيد سنڌي،
اسي-نوي سال اڳ لکيل پنهنجي هڪ مضمون ۾ چوي ٿو ته ’خاڪي بدن ختم ٿي ويندو آهي پر
اعمالي بدن هڪ لطيف حالت ۾ زنده رهي ٿو. ‘ اعمالي بدن يعني توهان هتي جيڪي ڪم ڪري
ويوَ، تن جي ياد ماڻهن جي ذهن ۾ رهندي- ڌُنڌليَ خيالي انساني بدن جي صورت ۾.
سائين جاويد اهڙو
شخص هو جو هن سان ملي، ماڻهو پنهنجي اڻڄاڻائي ۽ ڪردار جي معمولي پڻي تي پشيمان ٿي
وڃي-ننڊ ڦٽي وڃي. پر ساڳئي وقت ذهن تي هڪ وڻندڙ بهاري به ڇانيل هوندي هئي. ڄڻ ته
اونداهي رستي ۾ هِڪ هِڪ ڪري بلب ٻرندا وڃن.
۽ دل چئي ته
اها روشني وري نه اُجهامي.
هو پيچيده سياسي ۽
سماجي نظرين کي ڪلاڪ سوا ۾ سموئي ويندو هو-اختصار ٻڌائي ويندو هو. اهي ڪتاب ۽ ماخذ
به ٻڌائيندو هو جيڪي انهي سلسلي ۾ پڙهڻ گھرجن. ڳالهائڻ روان، تمام سولو ۽ ٻڌندڙ تي
اثر رکندڙ. ڳُوڙها خيال پر صاف ۽ سلوڻي سنڌي ڳالهائيندو هو. اکر ڪَن تي ڪِريا ۽ سولائي
سان حافظي ۾ جذب ٿي ويا. هي شاعري، ادب ۽ تاريخ کي تشريح جي انهي افق تائين وٺي
ويندو هو جنهن تائين ڪنهن اهڙي تهڙي جي پڄڻ ڀيڻي ئي ڪانهي.
ڪامريڊ ڄام ساقي
کان هڪڙي ڀيري پڇيائون ته: ’ڪميونسٽ پارٽي ۾ ڪيئن آئين؟‘
چيائين ته: ’چق مق
فقط فولاد کي پاڻ ڏي ڇڪيندو آهي. ‘
اِها ساڳي مقناطيسي
ڇڪ مون سائينءَ ۾ ڏٺي. وٽس ڪيئي ضلعن جا شاگرد، سياسي ورڪر ۽ ليکڪ پيا ايندا هئا.
يونيورسٽي جي اها ڪنڊ جنهن تي ’شعبه فلسفه‘ جي پٽي لڳل هئي تنهن کي سنڌ يونيورسٽي
جو سڀ کان برجستو، سڀ کان عمدي علمي بحث مباحثي جو هنڌ بڻايائين. هو هر قسم جي ماڻهن
سان ملندو هو، کين تنگ نظر روباٽ بنجڻ کان بچائي وٺندو هو.
. . . . . .
. . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . .
. .
هونئن ته سائين
جاويد بلغاريه تائين پڙهڻ ويو پر حقيقت ۾ پراڻي سنڌي سماج جو سيکاريل ۽ پڙهايل ماڻهو
هو.
اڳيَن وقتن جي شڪارپور
۽ پوءِ ڪراچي.
صدين کان- اسٽريٽجڪ
اهميت هئڻ ڪري شڪارپور ۾ نوان ۽ پراڻا ڪلچر هڪٻئي ۾ ضم ٿيندا رهيا آهن. هتان جا ماڻهو
گذريل صدي جي به منڍ ۾ روس ۽ وچ ايشيا تائين پهتا ۽ انهن خِطن ۾ سندن ڪاروبار ۽ اچڻ
وڃڻ، ۱۹۱۷ واري روسي انقلاب تائين جاري رهيو. ذهين واپاري هئا. هڪڙي هنڌ پڙهيم ته
ادائيگي جو نوٽ ائين لکندا هئا جو ان ۾ ڪابه گھٽ وڌائي نه ڪري سگھجي، مثال طور
لکندا هئا ته رقم هيتري، اکرين هيتري، جنهن جو اڌ هيترو ٿيندو، جنهن جو چوٿون ڀاڱو
هيترو ٿيندو، هيتري ۾ ڏيڻا.
ارڙهين صدي ۾ رنجيت
سنگھ جو هدف به شڪارپور هئي. شڪارپور حاصل ڪرڻ لاءِ سموري ٽالپر فوج کي تباھ ڪرڻ
تي به تيار ٿي ويو هو پر انگريز وچ ۾ پيا جو افغانستان ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهڻ لاءِ
کين سنڌ ۽ پنجاب ۾ صلح جي ضرورت هئي. وري جڏهن انگريزن فيبروري ۱۸۴۳ ۾ ميرن سان جنگ ڪئي ته انهي جو وڏو سبب به
شڪارپور ۽ جيڪب آباد هئا- شڪارپور تي ڪنٽرول ۽ انهي رستي افغانستان فوج موڪلي ڪابل
۾ پنهنجِي ماتحت يا پراڪسي حڪومت ٺاهڻ. انهي لاءِ سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٺاھ به ڪرايائون.
برٽش ۽ افغان اثر ۾
هي شهر ٻاهرين رجحانن کان پهرين پهرين واقف ٿيو. لائبريريون، اسڪول، ڪاليج،
اسپتالون، ڊرامه سوسائٽيون ۽ ادبي سنسٿائون پهرين هتي کليا. رڳو سماجي ترقي نه پر ٻاهرين
دنيا ۾ اچڻ وڃڻ ڪري هڪ قسم جي ماڊرن ازم پيدا ٿي جيڪا سنڌ جي ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ هتي
اڳ ۾ آئي. ڪجھ انهن سببن ڪري هتي، الله بخش سومري جهڙا آل انڊيا سطح جا سيڪيولر ۽
نئين دور جا ماڻهو پيدا ٿيا.
سائين جاويد چوندو
هو ته ’شڪارپور شهر توهان کي ائين تيار ڪندو جيئن نه موٽر سائيڪل کي ڪِڪ هڻي اسٽارٽ
ڪبو آهي. رفتار پڪڙڻ کانپوءِ توهان پراڻي اسپيڊ تي نه ويندئو. ‘ يعني هي شهر
توهانکي ڪارائتي تعليم ۽ ڪامن سينس سيکاريندو- ڪِڪ اسٽارٽ ڏيندو.
شاگردن کي سائين
جاويد گھڻو انهي ڪري به وڻندو هو جو دل جو سخي انسان ۽ انهن سمورن شخصي عيبن کان
پري هو جن هاڻوڪي استاد ۽ دانشور طبقي جو ڏيوالو ڪڍي وڌو آهي. لالچ جي لات ۽ ذاتي
فائدن جي فِڪرات نه هئس. هي هڪڙي ئي وقت برک فلسفي، تاريخدان، پختو سياسي نظريي
دان، ٽين دنيا جي سياسي ۽ سماجي تحريڪن جو وڏو ڄاڻو-تمام وڏو ڄاڻو ۽ عالمي ادب جو
تمام سٺو پڙهندڙ شخص هو.
سندس شاگردن مان ڪي
ڪي امير، پر گھڻائي غريبن جي.
اهڙي خام لوھ کي
آبدار رُڪ ۾ ڪيئن بدلائبو، تنهن هنر کان ڀَليءَ ڀَت واقف هو.
. . . . . .
. . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . .
’هر ماڻهوءَ
۾ جيءُ به آهي،
تنهن ۾ هُن جو پيءُ
به آهي‘
(دودي سومري
جو موت)
سال کن ٿيندو،
سائين جاويد جي ننڍي ڀاءُ شاهد ڀُٽي سان ملڻ ويس. پاڻ پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي اسٽيشن
تي ميوزڪ ڊائريڪٽر آهي. پراڻن سياسي ورڪرن کي ’دا وائسِز گروپ‘ نالي ڳائڻن جو هڪ
گروپ ياد هوندو. ’ وائسز گروپ‘، پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽي ٺاهيو هو ته جيئن راڳ ۽
شاعري ذريعي معاشري ۾ ترقي پسند ادب ۽ طبقاتي سوچ جي ترويج ڪجي- انقلابي تحريڪ
لاءِ ذهني زمين کي شاعري سان نرم ڪجي.
هن گروپ جو اصل
تصور هندستاني ڪميونسٽ پارٽي جي ميوزڪ بئنڊ ’پرچم‘ تان ورتل هو. گانن جي شاعري شيخ
اياز جي ڪتابن ’وِڄون وَسڻ آئيون‘ ۽ ’ڪِي جو ٻِيجل ٻوليو‘ تان کنيل هئي. انهن گانن
جا آڊيو ڪيسيٽ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اسمگل ٿي ايندا هئا. تڏهن ڪميونسٽ پارٽي جو آڊيو
مواد خفيه طرح سان ڳوٺن ۾ پهچندو هو جنهن ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي جو جنرل ضياءَ واري
فوجي ڪورٽ ۾ بيان، هارين جا گيت، شاگرد جلسن جون تقريرون ۽ حبيب جالب جي آواز ۾
سندس شاعري جا آڊيو مونکي هينئر ياد اچن ٿا. مونکي ياد آهي ته هڪڙي ڀيري گھر ۾ ٻيڪڙيل
ڪمري جو در کولي اندر جو وڃان ته ڏسان ته منهنجا ٽيئي وڏا ڀائر ٽيپ رڪارڊر ڀرسان
ويهي ڪجھ ٻڌي رهيا هئا. هڪڙي ڳوري آواز واري ماڻهو آڊيو ڪيسيٽ ۾ پئي ڳالهايو. پوءِ
ٻڌايائون ته اهو ڪامريڊ ڄام ساقي آهي.
تن ڏينهن ۾ پاڪستاني
معاشري مٿان جنرل ضياءَ جي هيبتناڪ مارشل لاءَ جو هر پئي هليو. جيڪا پوک مشرف دور
۾ پچي تيار ٿي ۽ جنهن نسل پاڪستان کي دهشت جو آستانو بڻايو، ملڪ ۾ وطن دوست ۽
جمهوريت پسند ماڻهن جو قتل عام ڪيو ۽ پاڙيسري افغانستان کي تهس نهس ڪيو، تنهن جا
سلا انهي وقت پئي لڳا. جنرل ضيا هڪڙي سنڌي زميندار کي وزير اعظم ’رکي‘ نالي ماتر
مارشل لا هٽائي ملڪ پئي هلايو. اهو سيٽ اپ ٺاهي ڏيڻ ۾ پير پاڳارو کيس سڀني کان گھڻو
ڪم آيو. ٻئي نمبر تي جماعت اسلامي هئي؛ پاڪستاني يونيورسٽيون ۽ اعليٰ عدالتون
جماعت اسلامي جي حوالي ڪيائين.
’ وائسِز
گروپ‘ جا تقريبن سڀئي ميمبر سرڪاري ملازم هئا. تنهنڪري ڳائڻن ۽ ساز وڄائيندڙن جي
چونڊ فقط سندن آواز، موسيقي جي سمجھ يا ڳائڻ جي تجربي مطابق نه ٿيندي هئي- بلڪه
صرف اهڙا ماڻهو شامل ٿي پئي سگھيا جيڪي ڳائڻ سان گڏ پارٽي جو راز به رکي سگھن ۽
بزدل نه هجن. گروپ جي ميمبرن ۾ بيدل مسرور، شاهد ڀٽو، هوري نوراني، اڪبر زيدي،
مرتضيٰ سولنگي ۽ منصور سعيد (اداڪاره ثانيه سعيد جو پيءُ) شامل هئا. هوري نوراني
هن مهل دانيال پبلشنگ هائوس جي مالڪ آهي. اڪبر زيدي آءِ بي اي ڪراچي جو ڊائريڪٽر
آهي. مرتضيٰ سولنگي ڪجھ وقت پي ٽي وي جو ايم ڊي رهيو، هاڻي سينئر صحافي آهي. منصور
سعيد گذاري ويو آهي.
شاهد ڀُٽي پهرين اسٽيل
مل ۾ نوڪري ڪئي. هاڻي پي ٽي وي تي ڪم ڪري ٿو.
ڳالهيون ڪندي
پنهنجي خاندان بابت ٻڌايائين. سائين جاويد جي ننڍپڻ ۽ پنهنجي والد لعل محمد ڀٽي جو
به ذڪر ڪيائين. ٻئي ڀائر هڪڙي ئي گھر ۾ گڏ کيڏيا ۽ نپنا آهن تنهن ڪري انهي شروعاتي
زندگي ۽ گھر جي ٻين ڀاتين بابت به ٻڌايائين. هتي مان اهي ڳالهيون لکان ٿو جيڪي
سائين شاهد پنهنجي والد صاحب ۽ سائين جاويد جي شروعاتي زندگي بابت ٻڌايون. شايد
انهي احوال مان سائين جي شاگردن کي سندس علمي پس منظر بابت اڻڄاتل يا گھٽ ڄاتل
پهلوئن بابت وڌيڪ معلوم ٿئي.
ٻڌايائين ته:
’’اسانجو
پيءُ ڀاڳناڙي (رياست قلات-بلوچستان) مان نوڪري سانگي شڪارپور لڏي آيو هو. اکين جي
ماهر ڊاڪٽر حيدر پٺاڻ وٽ ڪمپائونڊر هو. بابا ڪو سنَد ورتل ڊاڪٽر نه هو پر ڊاڪٽر
حيدر جو مٿس وڏو اعتبار هو. پنهنجي اسپتال ۾ جيڪڏهن اک جو ڪو آپريشن ڪندو هو ته
آپريشن ٿئيٽر ۾ ڪنهن ٻئي جونيئر ڊاڪٽر کي نه پر بابا کي پاڻ سان گڏ کڻندو هو.
’بابا ڳالهائڻ
ٻولهائڻ ۾ هوشيار، ڪچهري جو شوقين ۽ ميل جول رکندڙ ماڻهو هو. گمنام ٿي گذارڻ پسند
نه هئس. چوندو هو ته شڪارپور، سکر ۽ بلوچستان ۾ مونکي ڏهن هزارن کان مٿي ماڻهو سڃاڻن.
منهنجي پٽ کي ويھ هزار ماڻهو سڃاڻيندا ۽ انهي جي پٽ کي هڪ لک ماڻهو سڃاڻيندا. تمام
سٺي فارسي ڄاڻيندو هو ۽ فارسي ڪتاب سولائي سان پڙهي ويندو هو. سرائيڪي ڳالهائيندو
هو.
گھر هيٺان اسانجي
اوطاق هئي. بابا صبح جو اڪثر پهرين اوطاق تي وڃي ويهندو هو. انهي اوطاق ۾ اسان وٽ ڪيئي
سياسي ۽ ادبي ماڻهو مهمان ٿي رهيا. رسول بخش پليجو، تحريڪ رسالي جو ايڊيٽر عزيز اڄڻ
۽ فاضل راهو شڪارپور آيا ته پهرين پهرين اسان وٽ اچي رهيا. فيض بخشاپوري (سنڌي ۽
فارسي جو شاعر) بابي جو دوست، ڪيئي ڀيرا انهي اوطاق ۾ رهيو.
سکر مان رحيمداد
خان مولائي شيدائي بابا کي خط پٽ پيو لکندو هو. اهي ڪي ادبي خط نه هئا پر اهڙيون چٺيون
موڪليندو هو جن ۾ چيل هوندو هو ته ’پنهنجي هن مائٽ کي توهان ڏي هڪڙي ڪم سان موڪليان
ٿو، جيڪو ڪم چئيوَ تنهن ۾ هن جي مدد ڪجو. ‘ اهي خط ڪيئي سال محفوظ رکياسين پر نيٺ
ضايع ٿي ويا. انهن اديبن، شاعرن، سياستدانن ۽ تاريخدانن سان ملڻ جلڻ ۽ سندن ڳالهيون
ٻڌڻ اها شروعاتي شعوري تربيت هئي جنهن ۾ جاويد به رهيو.
اسان جي والده سانئڻ
سکر جي هئي. ڀُٽن مان نه هئي. جاويد پنج مارچ ۱۹۵۵ تي سکر ۾ ڄائو. ڊاڪٽر ڇٻلاڻي واري جنهن
اسپتال ۾ ڄائو اها اڃان به معصوم شاھ جي مناري هيٺان موجود آهي (هاڻي ايس آءِ يو ٽي
ڊاڪٽر ڇٻلاڻي ميڊيڪل سينٽر جي نالي سان نئين سر ٺاهن اٿن. ڊاڪٽر لِيلا ٻائي ڇٻلاڻي،
سنڌ جي وزيراعليٰ عبدالستار پيرزادي جي زال ۽ عبدالحفيظ پيرزادي جي ماءُ هئي).
جاويد کي ڊاڪٽر مهرالنساءَ نالي هڪ ڊاڪٽرياڻي ڄڻايو.
’جاويد کان اڳ
به کين هڪ پٽ ڄائو هو. انهيءَ جو نالو سڪندر رکيو هئائون. سڪندر ٿورو وڏيرڙو ٿيو
ته گذاري ويو هو. پوءِ جاويد ڄائو ۽ جاويد کانپوءِ هڪ ٻيو پٽ ڄائو جنهن تي شاهد
نالو رکيائون پر اهو به سال ڏيڍ ۾ فوت ٿي ويو. اهي واقعا جاويد جي سانڀر ۾ ٿيا.
انهن دکدائڪ واقعن
تي’اڌ کوٽيل قبر‘ نالي هڪ ڪهاڻي لکي هئائين. انهي ڪهاڻي ۾ بلڪل ائين ئي ٻڌايل آهي
جيئن اهي واقعا ساڻس ٿيا هئا ته هڪڙي ٻارڙَي کي اسڪول ۾ ٻڌائڻ اچن ٿا ته تنهنجي
نئين ڄاول ڀيڻ گذاري وئي آهي. انهي بعد هو گھر اچي ٿو. ڪهاڻي ۾ گھر جو نقشو به
هوبهو اهوئي ٻڌايل آهي جيڪو اسانجي شڪارپور واري گھر جو آهي. هي ڪهاڻي’ٽماهي مهراڻ‘
جي جنوري-مارچ ۱۹۷۹ واري پرچي ۾ ڇپي. امداد حسيني تڏهن مهراڻ جو ايڊيٽر هو. امداد ٻڌائيندو هو
ته مونکي ڪهاڻي ملي، پڙهيم، سٺي لڳي ۽ ڇپجڻ لاءِ موڪلي ڇڏيم. ڪهاڻي جي لکندڙ جاويد
احمد جي مونکي خبر نه هئي ته ڪير آهي.
(انهي ڪهاڻي
۾ ٻارڙو پنهنجي نئين ڄاول ڀاءُ جي مرڻ تي سوچيندي چوي ٿو؛
’جيڪڏهن
مونکان اڳ ڪو ٻيو ڄمي ها ۽ مان انهن جي جاءِ تي هجان ها ته پوءِ؟ هن کي پنهنجي ان
سوال تي ڀئو ٿو ٿئي. چاهي ٿو ته ان بابت نه سوچي.
’جيڪڏهن مان
مئل هجان ها ته؟. . . . الائي. . . هو سڀ مري ڇو ويا؟ نيٺ به اسين مرون ڇو ٿا؟‘
موت جو تصور ذهن
مان نٿو نڪريس. هو تڪڙو تڪڙو سوچيندو ٿو رهي.
’مري ڪري
اسان ڪاڏي ٿا وڃون؟ اسان ڪيئن ٿا مرون؟ مرڻ وقت ڇا ٿيندو آ؟ مان مرندس ته مونکي ڇا
ٿيندو؟‘)
’بابا جي خواهش هئي ته سندس اولاد پڙهي لکي عقل
وارو ٿئي. سندس اها سوچ نه هوندي هئي ته ڪو آفيسر ٿين، چوندو هو ته منهنجا ٻار پڙهي
سٺا انسان ٿين. جاويد لاءِ خواهش هئس ته سندس پٽ ڊاڪٽر ٿئي جو بابا ڊاڪٽرن سان اٿندو
ويهندو هو ۽ اسانجي تر ۾ ڊاڪٽرن جي ڏاڍي عزت هئي.
جاويد ڪجھ سال ميڊيڪل
پڙهيو، پڙهائي ڇڏڻ جو پڪو ارادو ڪيائين پر ٻُڌائي نه پئي سگھيو. هڪ ڀيري شڪارپور
مان ميڊيڪل ڪاليج واپس ويو ته ڪوئيٽا ۾ لهي ريل ۾ ويهي بنان ٻڌائڻ ڪرڻ جي ڪراچي وڃي
نڪتو ۽ جنگشاهي تان پوسٽ ڪارڊ موڪليائين ته مان خيريت سان ڪوئيٽا پهچي ويو آهيان.
بابا چيو ته هي ويو ڪوئيٽا آهي ۽ ڪارڊ تي وري پوسٽ آفيس جنگشاهي جو ٺپو لڳل آهي.
ائين پڪڙجي پيو.
جڏهن کائنس پڇا ٿي
ته بابا کي چيائين ته مونکي ميڊيڪل نٿي وڻي، مان فلسفو پڙهڻ ٿو چاهيان. انهي ڳالھ
تان گھر ۾ چڱو جھيڙو متو. اسان جي امان ڏاڍو روڄ راڙو ڪيو ته هي ڊاڪٽري نه پڙهيو
ته ڇا ڪندو؟ پر بابا چيو ته جاويد صحيح ٿو چئي. جيڪڏهن نٿو پڙهڻ چاهي ته نه پڙهي.
بابا کي جاويد جي ڏاڍي
ڳڻتي هوندي هئي. کيس خبر هئي ته هي سڄي عمر ڪتابي ماڻهو رهندو ۽ هن کان ٻيو ڪو ڪم
نه ٿيندو. هڪ ڀيري مونکي سڏي چيائين، ’شاهد، ڳالھ ٻڌ! توکي آهن ته ٻه ڀيڻيون پر ٻه
نه ٽي سمجھجانءِ. ٽِين جاويد اٿئي. جاويد جو هر حال ۾ ساٿ ڏجانءِ. ‘
انهي وچ ۾ جاويد کي
گارڊن (ڪراچي) ۾ پرائمري ماستري ملي ته ڏاڍو خوش ٿيو.
جاويد بلغاريه ويو
ته پاڪستان مان کيس سڌو اوڏانهن خط نه موڪلبا هئا ڇو جو پاڪستان ۾ جنرل ضيا جي حڪومت
هئي ۽ بلغاريه ڪميونسٽ ملڪ هو. اهي خط پهرين انڊين اداڪار راج ببر جي گھرواري
نادره ظهير (ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي جنرل سيڪريٽري سجاد ظهير جي ڌيءُ) ڏي
ويندا هئا جيڪا لفافي کي ڦاڙي، اهو خط ڪڍي انهي کي ٻئي لفافي ۾ وجھي بلغاريه موڪليندي
هئي. جي بلغاريه مان پاڪستان خط ايندو هو ته انهي تي به ملڪ جو نالو نه هوندو هو.
جاويد ڊگھا خط نه لکندو هو. وڌ ۾ وڌ هڪ صفحو-جنهن ۾ ٻڌائيندو هو ته مان خيريت سان
آهيان. وڌيڪ ڪي احوال نه لکندو هو.
سندس خط اچي ته
بابا انهي کي پهرين اکين تي رکندو هو، پوءِ لفافي کي چمندو هو.
’ادا! حقيقت
هي آهي ته منهنجو پيءُ پنهنجي هن پٽ تي عاشق هو. کيس ’جاويد سائين‘ ڪري سڏيندو هو.
جاويد ننڍو هوندو هو ته کيس سڏي، ڀرسان ويهاري، سندس هٿ پڪڙي سندس ننڍڙين آڱرين مٿان
پنهنجا هٿ گھمائيندو هو. ‘
’گارڊن وارو
اسڪول-جتي جاويد پرائمري ماستر ٿي پڙهايو اهو اڃان اتي آهي. جيئن پگھار ملندي هئس
ته پهرين ڪتابن جي دڪان ٿامس ائنڊ ٿامس تي ويندو هو. يا وري هڪڙي بنگالي جو ڪتابن
جو دڪان هوندو هو. اتان ڪتاب وٺندو هو. انهن ٻنهي دڪانن تي ٻاهرين ملڪن جا ڪتاب
ايندا هئا. اڌ پگھار جا ڪتاب وٺندو. نوان ڪتاب کڻي، دڪان جي سامهون ايراني ريسٽورنٽ
تي ويهي ڪا ڀلي ماني کائيندو. ماني کائي پوءِ ڪا مهل انهي هوٽل تي نئون ڪتاب ويهي
پڙهندو. ڳپل حصو اتي ئي پڙهي وٺندو، پوءِ فروٽ جون ٽي چار ٿيلهيون ۽ سٺن سگريٽن جا
ڇھ ست پاڪيٽ وٺندو هو. خبر هئس ته پندرهين تاريخ کانپوءِ وٽس پئسا نه هوندا ۽ فاقا
ڪڍڻا پوندس تنهنڪري ڪافي ڏينهَن جو ثمر هٿ ڪري رکندو هو.
ڪتاب گھر مالڪن سان
چڱي دعا سلام هئس. ٿامس ائنڊ ٿامس جي مالڪ جو پٽ دوست هئس. انهي ڇوڪري جو چيل
هوندو هئس ته جيڪڏهن ڪتاب مهانگو هجي ۽ وٺي نه سگھي ته ڀلي دڪان تي ويهي پڙھي.
جاويد ڪنهن به ڪتاب
کي پڙهڻ جي شروعات انهي سان نه ڪندو هو ته هن ۾ ليکڪ سچ ڳالهايو آهي يا ڪوڙ لکيو اٿس.
پهرين چڱي طرح انهي کي پڙهي ويندو هو.
نوجواني ۾ به کائڻ
پيئڻ ۽ ٺاھ ٺوھ جو ڪو شوق نه هئس. جيئن اڄڪلھ اسان ماڻهو سوچيندا آهيون ته سٺا ڪپڙا
هجن ۽ انهن تي ڀلي سينٽ لڳل هجي-اهڙو ڪو شوق نه هئس. پئسا ختم ٿي ويندا هئس ته مون
ڏانهن ايندو هو. جڏهن فون ڪندو هو سمجھي ويندو هوس ته پئسا کٽي ويا اٿس. ‘
’تن ڏينهن ۾
شيخ اياز ڪراچي ۾ هو. مان ڏهين- پندرهين ڏينهن اياز سان ملڻ ويندو هئس. مهمانن جي
آڌرڀاءُ ڪرڻ ۾ صفا پڪو ماڻهو هو پر مان جڏهن به ويومانس ته چانهن ضرور پياريندو
هو. ڪڏهن ڪڏهن مونکي فون ڪري به گھرائيندو هو. هڪڙي ڀيري جاويد کي اوڏانهن وٺي
ويس. ڳالهيون ڪندي شيخ اياز جاويد کان پڇيو ته ’هن دور جي عالمي فلسفي ۾ ڪي نوان
بحث ۽ رجحان به آهن يا نه؟‘ جاويد جواب ڏنس ته ’نئين عالمي فلسفي ۾ ڪيئي نوان بحث
هلندڙ آهن پر توهان کي انهن جي ڄاڻ ناهي، توهان پڙهيا ناهن. ‘ پوءِ هڪ هڪ ڪري،
فلسفي ۾ نون رجحانن جو مختصر تعارف کيس ٻڌائيندو ويو. شيخ اياز، جاويد کي ڏاڍي ڌيان
سان، چپ ڪري ويهي ٻڌو. انهي ملاقات کانپوءِ شيخ اياز اڪثر مونکان جاويد جو پڇندو
هو. چوندو هو تنهنجو هو فلاسفر ڀاءُ ڪٿي آهي، وٺي اچينس نه.
چوندو هومانس، سائين اهو سولائي سان هٿ ناهي
ايندو، وري قسمت سان ملندو.
جاويد بلغاريه ويل
هو جو ۱۹۸۸ ۾ بابا تمام گھڻو بيمار ٿي پيو. کيس ڪراچي جي سوشل سيڪيورٽي اسپتال ۾ داخل
ڪرايوسين پر چاق نه ٿيو. بيهوشي جي حالت ۾ جاويد کي پيو سڏيندوهو. هڪ ڏينهن ڊاڪٽر
مونکي چيو ته توهان پنهنجي پيءُ کي ڪَن ۾ چئو ته جاويد آيو آهي. مان ڀرسان وڃي سندس
ڪن ۾ آهستي چيم ’بابا! جاويد اچي ويو آهي. ‘ هوش ۾ نه هو، اکيون بند هئس پر پوءِ
به ٻوٽيل اکين سان ڪنڌ هيڏانهن هوڏانهن ڦيرايائين ۽ جيئن ماڻهو وڏو ساھ کڻي ڳالهائي،
تيئن چيائين ’هان‘. . . ايترو چيائين ۽ اسانجي ڏسندي ڏسندي ساھ نڪري ويس. ‘
. . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . .
. . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . .
ڪجھ سال اڳ سائين
جاويد وارن جو اهو گھر ڏسڻ لاءِ شڪارپور ويو هوس. صدر واري علائقي ۾ ٻه- ماڙ جاءِ
اٿن جنهن ۾ هيٺ درزين جا دڪان ۽ مٿئين طبقي تي گھر آهي. پڪين سرن واري ڏاڪڻ چڙهي،
گھر جو ننڍڙو دروازو کولي سندن اڱڻ تي اچي بيٺس. سڄي گھر ۾ ڳاڙهين سرن جو فرش ٻڌل
هو. هڪڙي ڪنڊ ۾ سيمنٽ جي ٿَلهي تي نلڪو لڳل هو. پڌر تي، سامهون ئي سامهون اڱڻ جي
اوچائي کان ڪافي هيٺ هڪ رڌڻو ٺهيل هو. ننڍڙي ڪمري وانگر هو. رڌڻي جون ڏاڪڻيون لهي
هيٺ ويس. ڏٺم ته ڀتين ۾ طاق ٺهيل هئا ۽ ٿانون رکڻ لاءِ هڪ پراڻي دور جو خالي ڪٻٽ
رکيل هو. هيٺ زمين تي چلھ ٻاري چوڌاري ويهڻ جيتري جاءِ هئي. ڀتين تي گئس جا گولا لڳل
هئا. انهي رڌڻي جي ڀرسان هڪ وڏو ڪمرو هو. جنهن ۾ هاڻي فقط ٻه-ٽي ڪرسيون پيل هيون.
جنهن ڪمري ۾ سائين
سمهندو هو اتي سندس کٽ اڃان تائين پيل آهي. اها ڪاٺ جي ميز به انهي هنڌ رکيل آهي
جتي ڪتاب رکي پڙهندو هو ۽ اسڪول جا ڪم ڪندو هو. ٻڌايائون ته پڙهي پڙهي پوءِ اتي ئي
سمهي پوندو هو. ميز ڀرسان هڪ دري ٺهيل هئي جنهن مان هيٺ سموري بازار ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
انهي سادڙي، خالي ۽
اونداهي ڪمري ۾ ڪجھ وقت بيٺو رهيس. گذريل پنجن صدين ۾ سنڌ جيڪي چند اعليٰ ترين اسڪالر
پيدا ڪيا آهن، تن مان هڪ، هن ڪمري ۾ رهندو هو.
. . . . . .
. . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . .
. . . . . . . . . . . . . . .
’ڪير به توکي
بچائي نه سگھندو‘
سائين جاويد ۽ سندس
گھرواري ادي نفيسه ۲۰۰۲ ۾ جڏهن آمريڪا ويا ته پهرين ميساچوسيٽس ۾ هڪڙي ننڍي فليٽ ۾ وڃي رهيا.
نفيسه ايمهرسٽ ڪاليج ۾ پڙهائڻ لڳي. سال ۲۰۰۳ ۾ کيس وائيس آف آمريڪا ۾ اردو ٻولي جي پروگرامن جي
ميزبان طور نوڪري ملي جتي هاڻ هو ايڪسٽريم ازم ڊيسڪ (انتهاپسندي بابت سڌ سماءَ ۽
نقطه نظر وارو شعبو) ۾ لکندي آهي. ايمهرسٽ، واشنگٽن کان چار سئو ڪلوميٽر پري آهي.
ايمهرسٽ وارو گھر سائين پاڻ مينٽين ڪندو هو.
سندن ٻيو گھر واشنگٽن
۾ هو جيڪا سندس گھرواري سنڀاليندي هئي. انهن ڏينهن ۾ ٻڌائيندو هو ته ‘هر هفتي هزار
ڪلوميٽر سفر ڪندا آهيون، انهي ۾ پئسا ڏاڍا لڳندا آهن. ٻنهي پاسن کان ٽيهن هزارن جو
پيٽرول لڳي ويندو آهي پر اسان زال مڙس پاڻ ڊرائيو ڪندا آهيون ۽ ڊگھي سفر ۾ ڏاڍو
خوش ٿيندا آهيون. ‘
سائين جاويد سٺي نوڪري
لاءِ گھڻائي حيلا هلايا پر ڪميونسٽ بلغاريه جي ڊگري ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ جو
تجربو ڪنهن به آمريڪي يونيورسٽي وٽ قبول نه پيو. شروعات ۾ گھٽ پگھار واريون نوڪريون
به ڪيائين. پئسن خاطر سخت ڪم ڪرڻ کيس نه وڻندو هو. چوندو هو ’هتي ماڻهو سڄو ڏينهن
گڏهن وانگر ڪم ڪندا آهن، پوءِ شام جو گھر اچي ڊهندا آهن ۽ کين سمجھ ۾ نه ايندو آهي
ته ڇا ڪن، ڪاڏي وڃن. تنهنڪري مان ۽ منهنجي گھرواري هفتي جا صرف ٽي ڏينهن ڪم ڪندا
آهيون. ‘
سال ۲۰۱۲ ۾ ٻنهي ڄڻن کي آمريڪي شهريت ملي ۽ ٽن سالن
کانپوءِ ۲۰۱۵ ۾ سائين جاويد کي واشنگٽن ۾ سي آر آءِ نالي هڪ اداري پاڻ وٽ ملازمت ڏني.
هن اداري طرفان ذهني بيمارين جي مريضن کي تندرست بنائڻ لاءِ ري- هيبيليٽيشن سينٽر
(ٻيهر چاق ۽ صحتمند ڪرڻ جا مرڪز) هلايا ويندا آهن. سائين اهڙي هڪ مرڪز ۾ ڪم ڪرڻ لڳو.
سينٽر ۾ به سائين
جاويد پنهنجي محبت ۽ شفقت واري سڀاوَ سبب مريضن کي ڏاڍو وڻندو هو. هرڪو پيو ساڻس
کلي ڳالهائيندو هو. انهي دوران سال ۲۰۱۸ ۾ سخت بيمار ٿي پيو. کيس ’جِي بِي وائرس‘ نالي هڪ خطرناڪ
بيماري لڳي. هي بيماري هيپاٽائٽس جو هڪ قسم آهي ۽ ماڻهو کي ٿيندي به هيپاٽائٽس
وانگر آهي. جي بي وائرس ۾ رت جا ڳاڙها جزا ڪمزور ٿي وڃن ٿا-رت جي کوٽ ٿي وڃي ٿي ۽
هٿ پير سُڄي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن. ماڻهو ڳالهائي نه سگھندو، بينائي تي اثر ٿيندو
۽ ٽي ٽي شيون نظر اينديون. بيماري جي شروعات ۾ سائين جي جسم ۾ ايتري طاقت به نه
رهي جو اٿي بيهي سگھي يا گھر جون ڏاڪڻيون چڙهي سگھي. اٿي ويهي به نه سگھندو هو.
کيس اسپتال داخل ڪيائون جتي ڪيئي ڏينهن سندس علاج هليو.
علاج دوران کيس
(مختلف وقتن ۾) رت جو عطيو ڏيندڙ پنج هزار ماڻهن جو رت لڳو. هي بيماري ڪيئي مهينا
هلي ۽ سائين وڏيَ حوصلي سان انهي مان پار پيو. بچي ته ويو پر بيماري ۾ جيڪا جسماني
۽ روحاني تڪليف کيس پهتي سا بيان نٿي ڪري سگھجي.
چوندو هو ته مان ڪنهن
ٻار وانگر نئين سر هلڻ ڦرڻ ٿو سکان.
چاق ٿيو ته ٻيهر
پنهنجي سينٽر تي وڃڻ شروع ڪيائين. سنڌ ۾ شاگردن سان ڪنهن ڏينهن ڳالھائڻ ڪرڻ تي دل
گھرندي هئس ته فون کڻي ڪندو هو. وقت به وقت اسڪائيپ ليڪچر به ڪندو هو. ادي نفيسه
جي وائس آف آمريڪا ۾ نوڪري پئي هلي. سندن سُکيو وقت پئي گذريو.
سال ۲۰۱۵ جي آخري مهينن ۾، سندن گھر جي هيٺين منزل
تي ’هلمئن جورڊن‘ نالي هڪ شخص اچي رهيو.
هن ماڻهوءَ جو
مختصر پس منظر اسانکي سائين جاويد جي قتل ڪيس جي هاڻوڪي صورتحال سمجھڻ ۾ مدد ڏيندو.
. . . . . .
. . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . .
. . . . . . . .
هلمئن جورڊن اڃان
ننڍو ئي هو جو سندس پيءَ مري ويو هو. پوءِ سندس ماءُ ٻي شادي ڪئي. مائي کي اٺ ٻار
هئا. هلمئن کي سندس ويڳي پيءُ پاليو. هاءِ اسڪول تائين پڙهيو ۽ پوءِ تعميراتي کاتي
جي ڪنهن ننڍڙي نوڪري ۾ لڳو. ڪنهن ڪنهن مهل زمين جي سنوت ڪري انهي ۾ گل ٻوٽا پوکڻ
وارا ڪم به ڪندو هو. انهي کي انگريزي ۾ ’لئنڊ اسڪيپنگ‘ چون. ۱۹۹۸ ۾ هلمئن جنهن هوٽل تي مرمت ۽ سار سنڀال جو ڪم
ڪندو هو اتان کيس جواب مليو. وٽس ڪو ڪم ڌنڌو ڪونه هو. ٻيهر پنهنجي ويڳي پيءُ وٽ
اچي رهيو جيڪو پاڻ به ڪرايي جي هڪ گھر ۾ رهندو هو.
شروعات ۾ هن ماڻهو
جي چال چلت ٺيڪ هئي پر پنجويھن سالن جي عمر ۾ ساڻس نفسياتي مسئلا ٿيڻ لڳا. کيس سڄي
سڄي رات ننڊ نه اچي، هر هر وهنجڻ وڃي، ماني نه وڻينس ۽ رڳو گھر ۾ لڪو ويٺو هجي.
چئي: ڪي ماڻهو آهن جيڪي مونکي مارڻ لاءِ ڳوليندا ٿا وتن.
انهي اعصابي دٻاو ۾
چرس ۽ ٻيا نشا شروع ڪيائين. چرس ۾ ڪي ٻيا وزن به ملائي پيئندو هو. سندس بيماري بگڙندي
وئي ته مائٽن چيس ته ڊاڪٽر کي ڏيکار. مائٽن کي چيائين ته مڙئي خير آهي، مان پنهنجو
علاج پاڻيهي ڪندس. علاج اهو ڪيائين جو آفيم ۽ چرس اڃان ٻيڻي ڪري ڇڏيائين.
هلمئن وٽ ڪا نوڪري
وغيرھ ڪانه هئي سو ويٺي ويٺي پور پوندا هئس.
هڪڙي ڏينهن کيس وهم
اچي ٿيو ته سندس هڪ مائٽ ساڻس وڏي جٺ ڪري ويو آهي ۽ هن سان جنسي زيادتي ڪئي اٿائين.
نيٺ ارادو ڪيائين ته انهي بي واجبي جو پلاند ٿيڻ کپي. هڪ دفعي هلمئن جورڊن پنهنجي
انهي مائٽ ’ڪينٿ ليُوڪ‘ سان واشنگٽن شهر ۾ ڪيڏانهن ويو پئي ته اوچتو کڻي ريوالور ڪڍيائين
۽ ڪينٿ کي دسي، گولي هڻي ماري وڌائين. ماري اتان ڀڳو پر پوليس اچي پهتس ۽ پڪڙي
ورتائونس. مٿس سال کن ڪيس هليو ۽ انهي دوران هن کي جيل نه موڪليائون-اسپتال ۾
رکيائون. اهو واقعو سال ۱۹۹۸ ۾ ٿيو.
آمريڪا ۾ ذهني
بيمارين ۾ ورتل ماڻهن لاءِ ڏوهن وارا قانون اسان کان مختلف آهن. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو
لاءِ ثابت ٿي وڃي ته هو ذهني مريض آهي ۽ ڏوھ ڪرڻ دوران کيس اها خبر نه پئي ته هو ڇا
ڪري رهيو آهي، ته ان کي عام ڏوهارين واري سزا نٿي ڏئي سگھجي. کيس ذهني بيمارن واري
اسپتال موڪليندا ۽ علاج ٿيندس. کيس صحتمند ڪري، چڱي چال چلت جو سرٽيفڪيٽ ڏئي ماڻهن
۾ رهڻ جهڙو بڻائيندا. آزادي کانپوءِ اهڙي شخص تي نظرداري رکبي. اسپتال جو عملوٻه ٽي
ڀيرا وٽس دوري تي ويندو. انهي کي ’اِن سينٽي ڊفينس لا‘ يا ’چرين ماڻهن جي بچاءَ جو
قانون‘ چون.
ڪيس هلڻ کان سال کن
پوءِ، واشنگٽن جي عدالت فيصلو ڏنو ته هلمئن جورڊن ذهني طور بيمار آهي تنهن ڪري کيس
ڏوهي نٿو چئي سگھجي. کيس جيل بدران سينٽ ايلزبيٿ اسپتال موڪليائون.
سينٽ ايلزبيٿ
اسپتال سمجهو ته اُتان جي گِدو واري اسپتال آهي. هتي ڪي اڍائي سئو کن مريض آهن پر
انهن مان اڌ اهڙا آهن جيڪي ڏوھ ڪري آيا آهن. ڪن قتل ڪيا آهن ته ڪي وري ڌاڙي، ڦر ۽
جنسي حملن ۾ ملوث آهن. هي اسپتال، اسپتال گھٽ ۽ جيل وڌيڪ آهي. هلمئن جورڊن هتي
سترهن سال رهيو ۽ گھڻو وقت مار ڌاڙ ڪندي بند وارڊ ۾ گذريس.
’اِن سينٽي ڊفينس
لا‘ مطابق عدالت رپورٽون ڏسي پوءِ فيصلو ڪندي آهي. جيڪڏهن اسپتال اهو لکي ڏئي ته ٽيسٽ
نتيجن ۽ ڏوهاري جي چال چلت ڏسڻ بعد هي ماڻهو ڪنهن لاءِ خطرو ناهي ته عدالت اهڙي ڏوهي
کي آزاد ڪندي ۽ اسپتال کيس ڪنهن گھر ۾ رهائڻ جو بندوبست ڪندي (گھر جي مسواڙ ڀريندي).
آزاد ٿيل مريض، ٻين عام شهرين سان هڪ آئوٽ پيشنٽ طور اچي رهندو ۽ اسپتال جا ماڻهو
مٿس نظر رکندا. اهڙا سئو-ڏيڍ کن مريض ٻاهر عام شهرين سان رهن ٿا.
سال ۲۰۰۳ ۾ هلمئن کي انهي شرط تي آزادي ملي ته هو
هفتي ۾ هڪ دفعو پنهنجن مائٽن سان ملي وري اسپتال موٽي ايندو. پر وري نشو شروع ڪيائين.
اسپتال جي هڪ نرس سان بدڪارين ۾ به ملوث رهيو. هڪ ڀيري پنهنجي ويڳي پيءُ سان ملڻ
ويو ته اتان پستول چوري ڪري ان کي اسپتال جي ميدان ۾ پوري ڇڏيائين. هڪ ٻئي مريض کي
مارڻ جو پروگرام ٺاهيو هئائين پر پڪڙجي پيو. انهي واقعي بعد کيس اڻڄاتل مدي تائين
سخت پهري واري وارڊ ۾ بند ڪيائون. هي پورا پنج سال بند وارڊ رهيو.
بند وارڊ ۾ هوندي
به هلمئن، اسپتال جي ٻين مريضن سان وڙهيو، ٻن ڄڻن کي مرڻينگ ڪيائين پر سندس علاج
به هلندو رهيو. آهستي آهستي نشو ڇڏي ڏنائين. تان جو ۲۰۱۲ ۾ اسپتال انتظاميه عدالت کي چيو ته هلمئن
هاڻي گھڻو بهتر آهي ۽ عام شهرين ۾ رهي سگھي ٿو. سندس آخرين رپورٽ ۾ لکيائون ته
’هلمئن سان هاڻ ڪوبه ذهني مسئلو ناهي يا اهي مسئلا بلڪل معمولي نوعيت جا آهن. ‘
انهي بعد آمريڪي
عدالت کيس انهن شرطن تي آزاد ڪيو ته جيڪڏهن وري نشو ڪيائين ته کيس واپس اسپتال موڪليو
ويندو. اسپتال مان آزادي جو پروانو ملڻ کانپوءِ هاڻي کيس واشنگٽن ۾ هڪ گھر ڳولڻو
هو. انهي لاءِ هلمئن جورڊن، پنهنجي ننڍپڻ جي هڪ واقف ’جو هولسٽن‘ سان ڳالھ ڪئي ته کيس
رهائش لاءِ گھر کپي. انهي ٻڌايس ته هن وٽ ’سِٽي وِيو ڪانڊوز‘ نالي هڪ عمارت جي هيٺين
منزل تي مسواڙي گھر خالي آهي.
’سِٽي وِيو ڪانڊوز‘،
سينٽ ايلزبيٿ اسپتال سان ويجهڙائي ۾- هڪ ڪلوميٽر کن جي پنڌ تي آهي، تنهنڪري اسپتال
وارن کي به هي گھر بلڪل ٺيڪ لڳو جو هلمئن مٿان سولائي سان نظرداري ڪري سگھندا. گھر
جو ڪِرايو (پاڪستاني ٽي لک رپيا کن) اسپتال ۽ سماجي ڀلائي کاتي وارن کي ڀرڻو هو.
تنهن ڪري جاءِ جي مالڪ جو هولسٽن کي مسواڙ جي به ڪا ڳڻتي ڪانه ٿي. ائين ۲۰۱۵ ۾ هلمئن جورڊن سِٽي وِيو ڪانڊوز جي هيٺين
منزل تي ڪرايي دار ٿي اچي رهيو.
هن عمارت جي مٿين
منزل تي سائين جاويد جو گھر هو.
سائين جاويد جي
ملائڪن کي به خبر نه هئي ته هلمئن جورڊن ڪهڙا ڪارا ڪرتوت ڪري هتي پهتو آهي.
. . . . . .
. . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . .
آزاد ٿيڻ بعد هلمئن
جورڊن شادي ڪئي پر زال سان سندس نباھ نه ٿي سگھيو. اها ڇڏي هلي ويس. گھرواري جي
غير موجودگي ۾ هي همراھ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بالڪني ۾ ويهي چرس پيئندو هو. توهان کي
سائين جاويد جا ڪجھ فوٽو ياد هوندا جن ۾ هو پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو آهي ۽ پٺيان بالڪني
پئي ڏسجي. اهو ڪمرو سائين جاويد جي اسٽڊي هئي جتي هو ويهي پڙهندوهو. ڪن فوٽوئن ۾
انهي بالڪني جي دري کليل ڏسڻ ۾ اچي ٿي. انهي بالڪني جي بلڪل هيٺان هلمئن جورڊن
پنهنجي بالڪني ۾ سڄو ڏينهن نشو ويهي ڪندو هو.
نشي آور شين جي
دونهين ۽ بانس مان بيزار ٿي آخر جنوري ۲۰۱۹ ۾ سائين جاويد هيٺين منزل جي مالڪ جو هولسٽن کي اي- ميل
موڪلي جنهن ۾ کيس هلمئن بابت لکيائين. کيس لکيائين ته ’اسانجن چادرن ۽ پردن
ايستائين جو ڪپڙن مان چرس ۽ آفيم جي بانس ٿي اچي. ٻاهران ڪو ماڻهو اچي ٿو ته سمجھي
ٿو ته اسانجي گھر ۾ ڪو ماڻهو نشو ٿو ڪري. ‘
جو هولسٽن کيس جواب
۾ لکيو ته مان همراھ کي سمجھايان ٿو ۽ هلمئن کي چيائين ته ’ائين نه ڪر، مٿيان پاڙيسري
تنگ ٿا ٿين. ‘ انهي کانپوءِ ڪجھ عرصي لاءِ ٺاپر ٿي وئي پر وري فيبروري ۲۰۱۹ ۾ (قتل کان ٻه ٽي هفتا اڳ) هلمئن سُلفيون ٻاري
ويهي رهيو- دونهون سڄو پاڙي وارن ڏي.
سمجھ ۾ ائين ٿو اچي
فيبروري ۲۰۱۹ جي آخر ۾ هلمئن جورڊن، سائين جاويد کي مارڻ جو پڪو پھ ڪيو.
کيس مٿي رهندڙ
زال-مڙسن جي اچڻ وڃڻ جو وقت معلوم هو. سمجهيائين ته جڏهن سندس پاڙيسري شفٽ پوري ڪري
گھر موٽندو تڏهن کيس پورو وجھ ملندو. انهي مهل کيس ڪير روڪڻ وارو نه هوندو. اها سٽ
سٽي پهرين مارچ تي صبح جو بالڪني ۾ اچي ويهي رهيو. ڀريل سگريٽن جا سوٽا هڻي پنهنجي
اندر ۾ ويٺل جن کي جاڳايائين.
هلمئن بابت سندس پاڙيسرين
جا رايا پڙهيم. چون ٿا ته چرس- گانجو ڇِڪي، بالڪني ۾ گانا ويهي ڳائيندو هو. سندس ڪجھ
گانن جون وڊيوز يوٽيوب تي رکيل آهن جيڪي مون ڏٺيون آهن. هڪڙي گاني ۾ چوي ٿو:
’متان منهنجي
ويجهو آيو آهين! مونکي ڊائنامائيٽ سڏيندا آهن. ڪير به توکي بچائي نه سگھندو. ‘
. . . . . .
. . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . .
پهرين مارچ ۲۰۱۹ تي صبح جو تقريبن يارهين وڳي، سائين جاويد
ذهني معذورن جي مرڪز مان پنهنجي رات واري شفٽ پوري ڪري گھر آيو. گھر اچڻ کان پهرين
هڪڙي سپر مارڪيٽ تي بيٺو. وٽس سيڌي سامان جي هڪ لِسٽ هئي جنهن لاءِ گھرواري چيو
هئس ته وٺيو اچجانءِ. ادي نفيسه پاڻ وائس آف آمريڪا جي دفتر ويل هئي. اهو سامان وٺي
’سِٽي وِيو ڪانڊوز‘ پهتو. پنهنجي ٽويوٽا ڪار پارڪنگ لاٽ ۾ بالڪني جي هيٺان اچي
بيهاريائين. ڪار بيهاري، ڊگي کولي، خاڪي لفافن ۽ ٿيلهين ۾ وڌل گھر جو سامان ڪڍڻ لڳو.
ننڊ جو شوقين ماڻهو، اکين ۾ اوجاڳو کڻي گھر پهتو هو ته وڃي سمهندس.
هلمئن جورڊن، جيڪو
پنهنجي فليٽ جي بالڪني ۾ ويٺو هو سو اتان اٿيو ۽ هيٺ لهي پارڪنگ لاٽ ڏي، سڌو سائين
طرف آيو. هڪڙي هٿ ۾ سگريٽ هئس جيڪو پيتائين پئي، ٻيو هٿ ڪوٽ جي کيسي ۾ هئس. سائين
جاويد گاڏي جي ڊِگي مان سامان پئي ڪڍيو تنهنڪري کيس خبر ئي نه پئي ته پٺيان ڪو ماڻهو
آيو آهي.
پٺيان اچي، هلمئن
جورڊن سگريٽ جو ڪش هڻي سگريٽ ڦٽي ڪيو ۽ ڪوٽ جي کيسي مان ۹ ايم ايم وارو پستول ڪڍيائين. سائين جاويد
کان ٻه ٽي قدم پرتي بيهي، ريوالور کي ٻنهي هٿن سان پڪڙي مٿس فائر ڪيائين.
هلمئن جي پهرين
گولي گُسي وڃي گاڏي کي لڳي. ٺڪاو تي سائين جاويد پوئتي ٽپو ڏئي هٽيو ۽ هيسجي پارڪنگ
لاٽ ڏي ڀڳو. هلمئن ٻيهر مٿس پٺيان گولي هلائي پر ريوالور جام ٿي ويو. پوءِ ٻه ڀيرا
گھوڙو چاڙهي، جام ٿيل گوليون ٻاهر ڪڍي روڊ تي ڪيرايائين ۽ سائين جاويد پٺيان ڊوڙندو
ويو. کيس اڌ واٽ تي وڃي پڪڙيائين ۽ ريوالور جا بٽ هڻي هڻي کيس هيٺ ڪيرائي منهن ۾ ٿڏا
هنيائين. انهي بعد، سندس سيني تي، دل واري پاسي کان ريوالور ويجهو جھلي فائر ڪيائين.
انسان ويچارو ڇا سهندو. نوَ ايم ايم ريوالي جي گولي عام طور جسم مان آرپار ٿي
ويندي آهي.
قتل ڪرڻ بعد هلمئن
جورڊن پنهنجي فليٽ جي بالڪني ۾ وڃي ويٺو ۽ سامهون پيل سائين جاويد جي بي جان جسم
کي تڪي ڏسڻ لڳو. سندس ساڄي پير واري بوٽ جو ترو سائين جي رت سان ڀريل هو. سرن واري
روڊ تي، سائين جي باڊي وٽ رت جو تلاءُ ٺهي ويو هو.
ڪجھ دير ۾ پوليس
آئي- جانچ ٿي.
هن واقعي کي هاڻي
چار سال گذري ويا آهن، شنوايون هلن پيون. وريو ڪجھ به ناهي.
. . . . . .
. . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . .
هلمئن ۱۹۹۸ ۾ جڏهن پهريون قتل ڪيو هو ته سندس وڪيل
عدالت ۾ اها لائين ورتي ته:
’قتل ڪرڻ
وقت، هلمئن جورڊن نفسياتي دٻاءُ ۾ هو ۽ نشو ڪيو هئائين، هوش ۾ نه هو تنهنڪري هن
قتل کي سندس شعوري عمل نٿو چئي سگھجي. ‘
سائين جاويد جي قتل
کانپوءِ سندس هاڻوڪي وڪيل به اهائي لائين ورتي آهي ته: ’هلمئن جورڊن نفسياتي مريض
آهي ۽ سخت ذهني دٻاءُ جي نتيجي ۾ اهو خون ڪيو اٿس. تنهنڪري کيس عام ڏوهاري نه
سمجھيو وڃي. ‘
انهي جي جواب ۾ ادي
نفيسه جي وڪيل جيڪا پيٽيشن داخل ڪئي آهي تنهن ۾ چيو اٿس ته ’هڪڙو ذهني طور بيمار
ماڻهو جيڪو اڳ ۾ به خون ڪري چڪو آهي تنهن کي جيڪڏهن پاڙي ۾ اچي رهايو ٿا ته پاڙي
وارن کي خبردار ڇو نه ڪيوَ؟ جڏهن اسپتال انتظاميه کي خبر هئي ته هي ماڻهو ڌڙا ڌڙ
نشو ڪري رهيو آهي ته انهن ڪاروائي ڇو نه ڪئي؟‘
سائين جاويد جي سڄي
ڪيس جو دارومدار انهي فيصلي تي آهي ته ’ڇا هلمئن جورڊن قتل ڪرڻ وقت اهڙي ذهني حالت
۾ هو جنهن ۾ کيس خبر ئي نه پئي ته هو ڇا ڪري رهيو آهي. ‘ جيڪڏهن سندس ذهني صحت
بابت اسپتال اها رپورٽ ڏني ته هي ماڻهو ذهني طور بيمار آهي ته کيس ذهني مريض قرار ڏنو
ويندو. انهي صورت ۾ ’اِن سينٽي ڊفينس لا/ چرين ماڻهن جي بچاءَ جي قانون‘ هيٺ کيس
عام ڏوهارين واري سزا نه ملندي ۽ ٿي سگھي ٿو ته کيس ساڳي سينٽ ايلزبيٿ اسپتال موڪلن.
سائين جي قتل
کانپوءِ هيٺين منزل جو مالڪ جو هولسٽن ڪيڏانهن ڀڄي غائب ٿي ويو. سندس گرفتاري لاءِ
ادي نفيسه هڙئون پئسا ڀري، خانگي جاسوس (ڊِٽيڪٽو) هٿ ڪيا جن وڃي کيس ڳولي لڌو.
سائين کي عدالتي انصاف ڏيارڻ لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ ڪيئي پيٽيشنون لکيون ويون،
سوشل ميڊيا مهمون هلايون ويون ۽ سائين جي ڪيس جي عدالتي ڪاروائي ڏسڻ لاءِ گروپ ٺاهيا
ويا. انهن ڪمن جو مقصد هيءَ هو ته هلمئن جورڊن کي ٻيهر ڪا رعايت نه ملي. پر ڪجھ
چئي نٿو سگھجي ته هن ڪيس جو آخري نتيجو ڇا نڪرندو.
. . . . . .
. . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . .
علي محمد راشدي جي
’اهي ڏينهن اهي شينهن‘ ۾ هڪڙي سٽ آهي ته:’مهمير مڙس وڃيو مزارن ۾سمهن؛ ترارون وڃيو
مياڻن ۾ پون. ‘
سائين جاويد هاڻي چڻنگي
قبرستان جي هڪڙي ڪچي قبر ۾ ستل آهي. پر افسوس انهي ڳالھ جو ناهي. ڇو ته مرڻ هڪ عام
حقيقت آهي-’ڪو ڪيئن مري ڪو ڪيئن مري. ‘ پر سائين جاويد جهڙي انڊيا-پاڪستان سطح جي
اسڪالر کي اسان جيئن مختصر عرصي ۾ وساري ڇڏيو آهي تنهن ڳالھ کان ڏک پهچي ٿو.
سائين جاويد پورا ڏھ
سال يونيورسٽي ۾ پڙهائيندي، سنڌي سماج جي ڪيئي پهلوئن تي اثرانداز ٿيو- نظرياتي
سياست تي، فلسفي تي، ايستائين جو اسانجي گھريلو روين تي اثرانداز ٿيو. سنڌ جي
سياسي ۽ علمي ڪلچر تي اڻمٽ اثر ڇڏيائين. ڪجھ مهينا اڳ سندس هڪ شاگرد سان مليس. چوڻ
لڳو ته ’ادا! سائين جاويد سان ملڻ کانپوءِ مونکي برٽينڊ رسل به بور ڪرڻ لڳو، مونکي
پليجو ۽ شيخ اياز به صفا سطحي لڳڻ لڳا. ‘
سائين چوندو هو ته
انسانذات جن ڳالهين ۾ يقين رکندي آهي يا جنهن تصور سان محبت ڪندي آهي تن جي شايان
شان شيون ٺاهيندي آهي. دنيا جون ٻيون قومون جن هستين سان پيار ڪن ٿيون سي انهن
نالن سان تعليمي ادارا، روڊ، انسٽيٽيوٽ، يونيورسٽيون، ثقافتي ۽ سائنسي مرڪز ٺهرائين
ٿيون. سندن نالن سان علمي ڪانفرنسون ٿين ٿيون، مٿن ڪتاب لکيا وڃن ٿا، سندن زندگي،
جدوجهد ۽ ورثي تي علمي مقالا لکجن ٿا. وٽن اهو عمل هڪ ٻن مضمونن تائين محدود ناهي:
انهي ماڻهو جي تعارف ۽ ڪم جي نئين سر تشريح بابت به تحقيقي ڪم ڪيا وڃن ٿا.
هندستان جي علمي
ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ جن به ماڻهن هندستاني سماج لاءِ جيڪا به جدوجهد ڪئي آهي تن
تي ننڍا ننڍا پراجيڪٽ ڪيا وڃن ٿا يا وري سندن زندگي ۽ ڪم ڪن ٻين اهڙن پراجيڪٽن جا
حصا هوندا آهن جن جو مقصد هندستان جي شعوري ارتقا کي سمجھڻ آهي.
ائين ڪرڻ سان علم
جو ڦهلاءُ ٿئي ٿو ۽ سندن يادگيري به قائم رهي ٿي. پر سائين جاويد ڏانهن جنهن تڪڙي
لاتعلقي جو اظهار اسان وٽ ٿيو آهي سو ڏاڍو افسوسناڪ آهي.
اسان وٽ وري هر
شعبي ۾ هڪڙي ئي ٽائيپ جي ماڻهن جي ٻيگھي متل آهي. پنهنجي حياتي ۾ به سائين جاويد
تمام گھڻي دشمني جو نشانو بنايو ويو. پر ڏِسجي ته گذاري وڃڻ کانپوءِ، سائين جاويد
جي شخصي عظمت کي ڳاٽي ڀڳا ڌڪ سندس پنهنجن ئي پَٽايا آهن. سندس ويجهن دوستن جي اڪثريت
خود ساخته ليڊر بنيل آهي. سڄو زور ذاتي تونگري تي اٿن ۽ جتي به هوندا وڏيري ۽ ڪمدار
وارو ڪلچر جاري ساري رکندا. رڳو هتي نه، سنڌ کان ٻاهر يورپ ۽ آمريڪا ۾ به اسان ماڻهن
جو ساڳيو حال اٿوَ بلڪه اوڏانهن وارا اسانجا ڀائر اڃان ڏھ رتيون وڌيڪ آهن. سو سوشل
سائنس انسٽييوٽ ۽ علمي مرڪز ته پري رهيا، اهي ڪرم فرما جيڪڏهن هڪڙي ڪمري واري
لائبريري ٺاهي وڃن ته به گھٽ نه ڀائنجي.
ادي نفيسه هڪڙي ڀيري
ٻڌايو ته سائين جاويد ڪنهن ضرورتمند دوست کي پاڪستان پئسا موڪلڻ پئي گھريا. پاڪستاني
رپين ۾ پنج هزار کن. چيائين پئي ته جاويد چوندو هو ته مون جيڪڏهن ڪنهن ڏي پنجاھ ڊالر
موڪليا ته مون لاءِ مڙئي خير آهي، پر جنهن ماڻهو کي اهي مليا تنهن جي وڏي مدد ٿي
پوندي. چوندو هو ’ توکي اندازو به ناهي ته منهنجا دوست ڪيڏا غريب آهن. ‘ سائين بلڪل
صحيح چوندو هو. هتي رڳو غريبت ناهي، هتي ڀرپور ڀينگ ٿيل آهي.
هڪڙي ڀيري سائين
جاويد مونکي فون ڪئي. حال احوال- خير صَلَح. تڏهن مان شاهنواز لائبريري ۾ ملازمت ڪندو
هوس. چيومانس ’سائين توهان جڏهن پاڪستان اچو ته هي لائبريري به ڏسجو. توهان کي
هتان جي شاگردن سان ملائيندس. ‘ انهي تي پاڻ هائوڪار ڪيائون. کيس لائبريري جي نوڪري
ڏاڍي وڻندي هئي. پر سندس ڳالهين مان مونکي محسوس ٿيو ته سائين اتي اڪيلائپ ۾ آهي.
چوڻ لڳو ته ’واشنگٽن ۾ سرڪاري آفيسون تمام گھڻيون آهن. اتي ڪم ڪندڙ ماڻهو ٽيهن-
چاليهن ڪلوميٽرن کان هيڏانهن ايندا آهن، ڪم ڪري موٽي ويندا آهن. شام ٿيندي ئي چپ
چُپات ٿي ويندي آهي.
پوءِ چوڻ لڳو ته ’
هر باشعور ماڻهو اڪيلو رهجي ويندو آهي. لطيف به آخر ۾ بلڪل اڪيلو رهجي ويو هو. ڪڏهن
ڪڏهن مونکي لطيف جي شاعري ‘ليمينٽيشن آف اي لونلي مئن’ (اڪيلي ماڻهو جي گريه زاري)
لڳندي آهي.
آخر ۾ چيائين ته’ هڪڙي
ڏينهن ايڏانهن ايندس ۽ پاڻ لاءِ ائين جاءِ ٺاهي ويهندس جيئن ريلوي اسٽيشنن تي فقير
ڏٺا هوندئي، اهي پنهنجي پٿراڻي (بسترو) اوتري ٺاهيندا آهن جيترو سندن قد هوندو
آهي. انهي کان وڌيڪ نه ٺاهيندا. مان به ڪنهن ڏينهن ايڏانهن اچي ائين بسترو ٺاهي اچي
ويهندس. ‘
سائين پنهنجي سُخن
تي پورو لٿو. حياتي جي آخري اسٽيشن تي اوترو ئي بسترو ٺاهيائين جيترو ڪنهن ماڻهو
کي سمهڻ لاءِ کپندو آهي.
سائين جاويد اگرچه
چار سال اڳ هتان هليو ويو آهي-بلڪ کيس بيدردي سان ماريو ويو آهي، پر يادگيري ۾
سندس اعمالي تصور هڪ لطيف حالت ۾ موجود رهي ٿو. اسين سڀ آڍڙا ٻڍڙا ٿي مري
وينداسين، پر لفظ ’جاويد ڀٽو‘ سدائين جوان سال رهندو.
هم لوگ ملين گي تو
محبت سي ملين گي، هم نِزهتِ مهتاب هين، هم نورِ سحر هين (حبيب جالب)
(سائين جاويد ڀٽي
جي چوٿين ورسي تي لکيو ويو)
(لياقت ٿھيم جي
فيسبڪ ٽائيم وال تان کنيل)
جاويد ڀُٽو
سندس ياد ۾ قائم ڪيل ادارو ‘جي بِي ڪنيڪٽس’ - ورسيءَ جي مناسبت سان
لياقت ٿھيم
ڪجھ مهينا اڳ، ڪراچيءَ ۾ سائين
جاويد ڀُٽي سان منسوب هڪ اداري جي آفيس ڏسڻ ويس. اهو ادارو سائينءَ جي گھر واري
نفيسه هودڀائي جي سرڪردگيءَ ۾ ٺاهيو ويو آهي. پاڻ، هن اداري جون ٺاهيل دستاويزي
فلمون ڏيکارڻ ۽ ڪجھ ٻين ذميوارين بابت مونکي گھرايو هئائين.
مونکي ياد ٿو اچي ته، سائين
جاويد جڏهن نئين نئين شادي ڪري يونيورسٽي آيو هو ۽ نفيسه کي فلاسافي ڊپارٽمنٽ جي
شاگردن سان ملايو هئائين. انهيءَ ڏينهن سائين جاويد ۽ سندس گھر واري صرف انهن سان ڪچهري
ڪئي، جن کي جاويد صاحب پنهنجا پڙهيل لکيل ۽ سمجھدار شاگرد سمجھندو هو ۽ جيڪي کيس
تمام ويجها هوندا هئا. مان فلاسفي ڊپارٽمنٽ جو ڪو لائق ۽ محنتي شاگرد ڪونه هوس،
تنهنڪري اتي ويهڻ صحيح نه سمجھيم ۽ سندن ڳالهيون ٻڌي نه سگھيس.
سائين جاويد کي سنڌ ۾ تمام گھڻا
ماڻهو سڃاڻيندا هئا.علمي محفلن ۾ سندس نالو ڪنهن شمعدان وانگر پيو ٻرندو هو. ڪئين
اهڙا ماڻهو به هئا جيڪي سائين سان ڪڏهن مليا نه هئا پر هن بابت گھڻو ٻڌو هئائون ۽
انهي پرپٺ تعارف مان به ڏاڍا متاثر ٿيل هئا. سندس قتل کانپوءِ سنڌ ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي
وئي هئي ۽ جاويد صاحب جي تاريخ ساز علمي ڪردار جو تذڪرو ڪيئي هفتا هليو. مٿس تمام
گھڻو لکيو ۽ ڳالهايو ويو. مان سائين جاويد سان ۲۰۱۳ کانپوءِ نه ملي سگھيو هوس. تنهنڪري کيس آخري ڏينهن ۾ چڱي طرح ڏسي نه
سگھيس. دنيا ۾ ڪي ٿورڙا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي دلي طور توهان سان محبت ڪندا آهن.
جيڪي اوندھ ۾ چانڊاڻ بنجي توهانجي راھ روشن ڪندا آهن. اها روشني به وسامي وئي.
هتي مان، ادي نفيسه بابت به چند
لفظ چوڻ چاهيان ٿو: نفيسه هودڀائي گذريل ايڪيھ- ٻاويھ سال آمريڪا ۾ گذاريا آهن.
پهرين هڪڙي يونيورسٽي ۾ پڙهايائين، پوءِ وائيس آف آمريڪا جي پاڪستان- افغانستان ڊيسڪ
تي پروڊيوسر طور ڪم ڪيائين. شاگردي دؤر ۾ کاٻي ڌر جي نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ ڪم ڪيائين.
ڊان اخبار جي سينئر رپورٽر واحد خاتون رپورٽر رهي. هي انهيءَ وقت جي ڳالھ آهي، جڏهن
پاڪستان ۾ جرنيلن جي رات هئي ۽ بينظير صاحبه جي سياسي طاقت ٽوڙڻ ۽ کيس حڪومت تان هٽائڻ
لاءِ ڪراچي ۾ خونريزي جاري هئي. جڏهن سياسي ميدان ۾ بينظير کي پُڄي نه سگھيا ته
اليڪشن ۾ ماڻهن کي سَٽي ڪُٽي، ڄام صادق سنڌ تي مسلط ڪيائون. انهن وقتن ۾ ائين لڳندو
هو ڄڻ ايم ڪيو ايم ۽ پاڪستاني جرنيلن کي جهلڻ وارو اڃان ڄائو ئي ڪونهي.
نفيسه ۽ ٻين صحافين ۽ سياسي ورڪرن
کي هيسائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم ۽ ڄام صادق جيڪي طريقا استعمال ڪيا، تن جا ڪجھ مثال
سندس ڪتاب Aboard the Democracy Train (جمهوري ريل تي سواري) ۾ قلمبند ٿيل آهن پر هن مضمون ۾ ايتري
گنجائش ناهي جو ورجائي سگھان.
نفيسه جا وڏڙا جھرڪن جا سنڌي
هئا- خوجا اسماعيلي. سندس نانو فدا حسين خالقڏنو جهرڪن جو هو ۽ پوءِ واپار سانگي
حيدرآباد لڏي اچي ويٺو. انگريزن، ميرپور خاص ڀرسان سلطان محمد شاھ- آغا خان ٽئين
کي ٻه سئو ايڪڙ کن ٻني ڏني هئي. آغا خان اها زمين فدا حسين خالقڏني جي حوالي ڪئي،
جنهن وري سموري ايراضي پنهنجي اسماعيلي ڳوٺائين کي ورهائي ڏني. ميرپور خاص ڀرسان
سلطان آباد نالي جا ٻئي ڳوٺ انهيءَ فدا حسين خالقڏني جا ٻَڌايل آهن. نفيسه هڪ ڀيري
ٻڌايو هو ته جھرڪ ۾ سندن ناني جو گھر انهيءَ گھٽيءَ ۾ هو، جتي جناح صاحب جو والد
رهندو هو.
ان ڏينهن ادي نفيسه جي آفيس گھمڻ
جو مقصد کانئس هڪ اداري بابت معلوم ڪرڻ هو، جيڪو هن سائين جاويد جي نالي تي ٺاهيو
آهي. سائين جاويد جي نالي تي ٺهيل اداري ‘جي بِي ڪنيڪٽس’ يا جاويد ڀٽو ڪنيڪٽس-
جنهن جي هن مضمون جي منڍ ۾ ڳالھ ڪيم- تنهن جي شروعات ۲۰۲۳ع جي آخري مهينن ۾ ٿي آهي. نفيسه سڄي عمر صحافت ڪندي گذاري آهي، انهيءَ ڪري
جي بي ڪنيڪٽس ۾ صحافت تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو آهي. شروعاتي طور نوجوان صحافين ۽ لکڻ
پڙهڻ سان لاڳاپيل ماڻهن کي سندن پيشي جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ڪارائتيون ٽريننگون شروع ڪيون
ويون آهن. انهيءَ لاءِ آفيس ۾ ٽريننگ هال ٺاهيو اٿن، جتي نون صحافين کي ايڊيٽنگ،
رپورٽنگ، ايڊيٽوريل، فيچر لکڻ ۽ انٽرويو وٺڻ سيکاريو وڃي ٿو، وڊيو ۽ آڊيو مواد ٺهي
ٿو ۽ تربيتي پروگرام ٿين ٿا. ادي نفيسه پاڻ ٽرينر طور ڪم ڪري ٿي. سندن ٽيم ۾ سائين
محبوب انصاري صاحب به هڪ سٺو ميڊيا ٽرينر آهي. آڊيو- وڊيو مواد ٺاهڻ ۾ کيس خاص
مهارت آهي. ادي نفيسه موجب، زندگي جي پويَن ڏينهن ۾ جاويد چاهيندو هو ته پاڪستان
واپس وڃي ماڻهن جي ڪا مدد ڪجي، کين معاشي بدحالي مان ڪڍجي. انهيءَ ڪري ‘جي بي ڪنيڪٽس’
نوجوانن لاءِ نوڪرين جا ذريعا پيدا ڪرڻ، اهڙين نوڪرين لاءِ اهليت پيدا ڪرڻ لاءِ به
ڪم ڪري ٿو. هن اداري کي ٺهئي ٽي- چار مهينا مس ٿيندا، تنهنڪري اميد آهي ته اهي ڪم ڏاڍيان
هوريان هلندا رهندا ۽ ڪجھ وڌيڪ ڪم به شامل ٿيندا ويندا.
‘جي بي ڪنيڪٽس’ جي آفيس ۾ ويٺي
چار کن ننڍيون دستاويزي فلمون ڏٺيون سين. انهن فلمن لاءِ ريڪارڊنگ هڪڙي ٽيم ڪري ٿي
۽ وڊيو جا انگريزي سب- ٽائيٽل ادي نفيسه پاڻ لکي ٿي. انهيءَ کانسواءِ مختلف موضوعن
تي آڊيو پاڊ ڪاسٽ لاءِ گھربل سامان سان مُزيَن هڪ اسٽوڊيو ٺاهيو ويو آهي، جتي
مختلف قسمن جا آڊيو- وڊيو انٽرويو رڪارڊ ٿين ٿا. نفيسه وٽ اسٽوڊيو ۽ ريڪارڊنگ جو
سمورو سامان موجود آهي، جيڪو هوءَ آمريڪا مان خريد ڪري آئي آهي. انهيءَ لاءِ اداري
جي هڪ ويب سائيٽ ٺاهي اٿن، جتي اهي آڊيو- وڊيو مواد ۽ تربيتي پروگرامن جا اشتهار
رکيا ويندا. ويب سائيٽ جي مختلف حصن کي سائين جاويد سان واسطو رکندڙ شين سان
سينگاريو ويو آهي.
سائين جاويد کي ۲۰۱۸ع ۾ رت جي بيماري ٿي هئي. اها بيماري جلد ئي وڌي وئي ۽ پاڻ هلڻ چلڻ کان
عاجز ٿي کٽولي داخل وڃي ٿيا. ڪيئي هفتا علاج ٿيو. اسپتال ۾ رهندي کيس پينٽنگون ٺاهڻ
لاءِ چيائون ته جيئن هٿ- پير ۽ دماغ هڪڙي هنڌ بيهي نه وڃنس ۽ حرڪت ڪندا رهن.
تصويرن لاءِ رنگ، ڪئنواس ۽ برش به آڻي ڏنائونس. اسپتال ۾ رهندي ڪڏهن دري کان نظر
ايندڙ وڻن جون ۽ ڪڏهن خيالي تصويرون ويهي ٺاهيندو هو. ڪي اڌ ڊزن کن تصويرون ٺاهيائين
(جواني ۾ تمام سٺي ڊرائنگ ڪندو هو). سائينءَ جي تصويرن ۾ اها ڳالھ ڏٺي وئي آهي ته
انهن ۾ وڏن ٽُٻڪن کي پاڻ ۾ ملائي برش سان رنگ ڀريو ويو آهي. ٽٻڪن يا نقطن ذريعي
منظر ٺاهيا ويا آهن. پينٽنگ جي هن قسم کي ‘پوائنٽل ازم’ چئجي ٿو. هنن تصويرن ۾
توهانکي ڪوبه خوف يا نااميدي ڏسڻ ۾ نه ايندي، توڙي جو پاڻ خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا
هو. انهن تصويرن ۾ وڻراھ وارا رستا آهن، پاڻي جون صراحيون آهن، ميزن تي رکيل
گلدستا آهن، جيڪي وڻ گذريل سياري ساڙيا، تن جا نوان ڦُٽل گؤنچ آهن، ڇانودار وڻ
آهن، صوفين جي آستانن وارا باغ ۽ گلستان آهن. ‘جي بي ڪنيڪٽس’ جي ويب سائيٽ جي هيٺئين
حصي ۾ اهي پينٽنگون رکيون اٿن.
جاويد صاحب جي زندگي جا اهڙا ڪيئي
پهلو آهن، جن تي ڌار ڌار لکڻ گھرجي. هو اهڙو اسڪالر هو، جنهن ڪتابي علم کي زوردار
۽ زبردست گفتگو جي فن ۾ بدلايو هو. انهيءَ ڏينهن ‘جي بي ڪنيڪٽس’ جي آفيس ۾ سندس ٻولين
جي ڄاڻ ۽ فصيح زباني جو ذڪر نڪتو. ٻوليءَ جي چِٽائي ۽ انهيءَ جو اثر سندس شخصيت جي
خاص خوبي هئي. ڳالھ مان ڳالھ ائين ڪڍندو هو، جيئن هڪ شمع مان ٻي شمع ٻرندي وڃي.
چوندو هو ته، “ٻولي ائين هجي ته لفظ پڙهي ماڻهوءَ جي سموري اونداهي روشن ٿي وڃي.
تحرير جو مقصد ماڻهن جا ذهن روشن ڪرڻ آهي. ٻولي ائين هئڻ گھرجي، اها مُنجهائي نه.”
سندس انگريزي تي لاطيني جو اثر هو (شايد انهيءَ ڪري جو پڙهائي لاءِ اوڀر يورپ ويو
هو). انگريزي ۽ بلغاريائي ٻولين کان علاوه ٿوري گھڻي فرينچ ۽ بلوچي به اينديون
هئس. روسي ٻوليءَ تي چڱو عبور حاصل هئس. نفيسه پاڻ به روسي ڄاڻي. ٻڌايائين ته گھڻا
سال اڳ ڪراچي جي ساراوان هوٽل ۾ ويٺا هئاسين. ڪي روسي واپاري به اتي آيل هئا. روسي
ٻولي ۾ ويٺي ڳالهايائون. جاويد کين ٻڌي ورتو ۽ ساڻن وڃي مليو. بعد ۾ انهن ٻڌايس ته
ڪراچي پورٽ تي سندن سامان ڦاٿل هو. شهر ۾ ڪنهن سندن ڳالھ ئي ڪانه ٿي سمجھي ۽ ڏاڍا
پريشان ٿيا هئا. انهن واپارين جي ڳالھ ٻڌي، کين گھربل ماڻهن سان ملائڻ ۾ سندن مدد ڪيائين.
مان جڏهن به سائين سان ڳالهائيندو
هوس، ڄڻ ته نئين زندگي ملندي هئم. هو ڪڏهن به ڪنهن کي ڪمتر هئڻ جو احساس نه ڏياريندو
هو. پاڻ کان ننڍن ۽ گھڻي گھٽ اهليت وارن ماڻهن جي نيڪي ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن
شاگردن جي مالي مدد به ڪندو هو. خاص طور شاگردن ۾ اهي گروپ جيڪي ڪنهن سياسي يا
سماجي مقصد لاءِ متحرڪ هجن، تن جي مالي امداد ڪندو رهندو هو. عورت مارچ لاءِ پئسا
موڪلي ڏيندو هو. مون هي جيڪي جهڙا تهڙا مضمون لکيا آهن، سا به سندس مهرباني آهي.
منهنجا مضمون پڙهي مونکي فون ڪندو هو، صلاحون ڏيندو هو ۽ اي- ميل لکي شاباس ڏيندو
هو. حقيقت اها آهي ته شاگردي دؤر ۾ نه سهي پر هنن چند لکڻين جي ڪري مون سائين جي
دل ۾جاءِ ٺاهي هئي. مونکي پنهنجي هڪڙي ذاتي مسئلي تي جيڪو جواب ڏنائين، سو ننڍڙي
مثال طور هتي لکان ٿو:
اٺ- نَو سال اڳ، ذري گھٽ ٻن
ورهين تائين بيروزگار، دربدر ۽ خاڪ بسر رهڻ بعد مان تقريبن روڊ تي اچي بيٺس. نوڪريءَ
لاءِ ڏاڍا حيلا هلايم پر ڪٿان ڪا واھ نه نڪتي. حيدرآباد ڇڏي، ٻارڙن کي ميهڙ جي هڪڙي
معمولي اسڪول ۾ داخل ڪرائي، پاڻ وري هڪ پرائي گھر ۾ اوڌر تي رهي پيس. گذر سفر
ناپيد. اتي رهندي، ڏاڍو مجبور ٿي، ڪجھ واقفن ۽ ويجهن دوستن کي ڪم ڪار لاءِ منٿ ڪيم.
ڪنهن کان نوڪري گھرڻ انتهائي شرم ڏياريندڙ ڪم آهي. تنهنڪري اهڙا ڪم تمام ويجهن
دوستن کي چئبا آهن. جن جن واقفڪارن کي چيم تن ته جواب ڏنو. باقي رهيا ويجها دوست،
تن کي سٺي مسخري ملي وئي. سو نوڪري بدران پنهنجي گھٽتائي ڪرائي، پاڻ کي ڏِٺو ڪري،
پنهنجو نڪ ڪپرائي ماٺڙي ڪري ويهي رهيس. هڪڙي رات، سائين جاويد کي ميهڙ مان واشنگٽن
فون ڪيم. مونکي ياد آهي ته مان ڪڪول ڀرسان بيٺو هوس ۽ ۽ اتي موبائل جي روشني
کانسواءِ ٻي گھپ اوندھ هئي. دعا سلامن بعد، مون مٿان جيڪي وهيو واپريو پئي، سو کين
ٿورن لفظن ۾ ٻڌايم. کين چيم ته ٻيو ڪو واهر وسيلو ڪونه ٿو سُجھيم، توهان جي گھڻي
هلندي پڄندي آهي، سو توهان هتي پاڪستان ۾ مون لاءِ ڪنهن کي چئو. منهنجي ڳالھ ٻڌي
جاويد صاحب سخت رنجيده ٿيا. بلڪه ٿوري دير لاءِ چپ ٿي ويا. پوءِ مونکي دلاسو ڏنائون
۽ چيائون ته “منهنجا ڪجھ دوست آهن. مان انهن کي چوان ٿو. پر پهرين ڏسان ته ڪهڙي
دوست کي چوان. انهيءَ ۾ ڪجھ ڏينهن لڳي ويندا.”
سائين جاويد جي انهن دوستن کي ڪجھ
ڪرڻ جي نوبت نه آئي، ڇو جو انهيءَ کان ٻه ڏينهن پوءِ هڪڙي اداري ۾ منهنجو انٽرويو ٿيو
۽ ڪجھ ڏينهن کانپوءِ نوڪريءَ جو آفر ليٽر اچي ويو. ڳالھ اها ڪانهي ته بيروزگاري ڪا
اهڙي آفت هئي، جنهن کي مان منهن نه ڏئي سگهان ها. اهو وقت هر ڪنهن تي اچي ٿو ۽
گذري وڃي ٿو. چوڻ اهو ٿو چاهيان ته مون جاويد ڀُٽي کي ڪڏهن به صرف پنهنجي ايجنڊا ۾
ڦاٿل، خود غرض ۽ مطلب پرست نه ڏٺو. هو ڊٺلن، شڪست کاڌلن ۽ مارجي ويلن جو ساٿي هو-
پوءِ اهي فرد هجن يا نظريا. انهيءَ ڏينهن سائين، دل کي دلداري ڏيندي جيڪي چيو، سي
لفظ منهنجي دل تي نقش آهن.
سائين جاويد بابت لکندي آئون ڪڏهن
ڪڏهن سوچيندو آهيان ته هو جيڪڏهن هاڻوڪي سنڌ کي ڏسي ها ته ڪهڙي صلاح ڏئي ها؟ ڇا
چئي ها؟ اسانجن ڳوٺن کي ڏسو ته اسان ڪٿي اچي پهتا آهيون! ڄڻ ته ‘گينگس آف نيويارڪ’
وارا پاڙا هجن. ٻهراڙين ۾ وطن فروش ۽ بي ضمير طبقي جي بار هيٺان سنڌي سماج جي چيلھ
چٻي ٿي وئي آهي. اسانجن ڳوٺاڻن نوجوانن جي گھڻائي – تعليم پوري سوري، هنر ڪي به نه
۽ سياسي حڪومتون نوڪريون کپائڻ جا دڪان. رڳو حڪمران نه، هر مستقبل مفاد گروھه
غريبان مار مان مستفيد ٿي رهيو آهي. تعليم اسانجي واحد ‘لبريشن موومينٽ’ آهي پر جهڙي
تعليم اسانکي ملي رهي آهي، اها اسانکي نجات نه ڏياريندي، باقي چلڪندڙ ڪامورو بنجي
عوام مٿان حاڪم ٿيڻ وارو خواب سچو ثابت ضرور ٿي رهيو آهي. ٻهراڙين اندر معاشي
محرومي جي ٻِرن ۾ ڪهڙيون نانگ بلائون پلجي رهيون آهن- ڪنهن کي ڪا خبر ڪانهي. انهن
مونجهارن جا سائين جاويد وٽ ڪهڙاجواب هجن ها؟ خبر ناهي. ايترو سو معلوم آهي ته
سائين جاويد چاهيندو هو ته ماڻهو، بي روح ۽ بي دماغ مَٽ دِلا، گوشت ۽ آنڊن جا ڍير
نه بلڪه آزاد ذهن، بيدار مغز، فڪري طور متحرڪ ۽ باشعور انسان هجن. چوندو هو ته، “ڄاڻ
۽ شعور جو سفر هر حال ۾ ۽ هر حالت ۾ جاري رکجي.”
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱ مارچ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا