غُلام حُسين لغاري
جنھن جو ھڪ ھٿ به تاڙي وڄائي
سگھي ٿو!
مٺل جسڪاڻي
نالي سان ”غُلام
حُسين“ ته سڀني کي گھڻا سُجھن، پر جيڪڏھن ”غلام حُسين“ سان گڏ زات ”لغاري“ ملائجي،
ته به گھڻن جي ذھن ۾ گھڻا ”غلام حُسين لغاري“ نروار ٿي پوندا.
آئون جنھن ”غُلام
حُسين لغاري“ تي ٻه اکر لکان پيو، اُن جي تصوير ڏسندي ئي، گھڻا گھڻو پڙھندڙ، گھڻا
صحافي، تمام گھڻا زراعت سان لاڳاپيل آبادگار، آفيسر، ڪارڪن، ننڍا وڏا ملازم،
آبادگار ۽ ھاري ناري اُن کي سڃاڻي وٺندا، ته آئون ڪھڙي ”غُلام حُسين لغاري“ جي
حوالي سان لکان پيو؟ ۽ پوءِ گھڻا اھڙا به ھوندا، جيڪي منھنجي تحرير کي پڙھڻ بنا، پڙھيل
سمجھي، اڳتي نه پڙھندا! اِھڙن اڪابرن تي ڪنھن جي ميار نه ٿي ٺھي، آئون به اھڙن
لاءِ لکي ٿو ڇڏيان، ته ھن تحرير سميت، آئون جڏھن به لکندو آھيان، عاقل اڪابرن لاءِ
نه لکندو آھيان، ان ڪري نه پڙھندا آھن، ته ڀلي نه پڙھن، منھنجو ڪو به نقصان نه ٿيندو
آھي.
”غُلام حُسين
لغاري“ تي لکڻ ۽ اھو لکيل پڙھڻ، ان ڪري ڏکيو آھي، ڇاڪاڻ ته ھي ڪو عام رواجي ماڻھو،
انسان، فرد نه آھي! ھِن جي تمام گھڻي اھم حقيقت اھا آھي ته قربائتو آھي، ملنسار
آھي، ڏکوئڻ سکيو ئي نه آھي، چُست آھي، ننڍپڻ يعني ننڍي ھوندي، ٻالڪپڻ کان ئي محنتي
۽ اڻ ورچ آھي.
”غُلام حُسين
لغاري“ اخبارون وڪڻڻ کان، اخبارن لاءِ خابرو ٿيڻ کان، اخبارن ۾ لکڻ کان، جڏھن
تعليم پرائي، سکيا حاصل ڪري، زراعت کاتي ۾ مقرر ٿيو، تڏھن کان عام علمي، ادبي،
سماجي، معاشرتي ۽ اڳتي ھلي سياسي موضوعن تي لکڻ ڳالھائڻ سميت، زراعت جي حوالي سان
به گھڻن کان گھڻو سرگرم ته رھيو، رھيو سھيو ائين پورو ڪيائين، ته پاڻ ئي، پنھنجي
ستر سال گذاريل زندگي جون يادگيريون لکي، پڙھندڙن کي ايترو پڙھڻ لاءِ ميسر ڪري ڏنائين،
جو ھاڻي ٻيو ڪير ته ڇا، پاڻ به پنھنجي پاڻ تي لکڻ ويھندو، ته گھڙي پل ضرور
سوچيندو، ته باقي اھڙو ڇا رھيو آھي، جيڪو لکجي؟
”غُلام حُسين
لغاري“ کي مون شاگردي واري زماني، اٽڪل ۱۹۸۰ع کان پڙھڻ شروع ڪيو، ڪڏھن ڪڏھن کيس ريڊيو وسيلي ٻُڌڻ
شروع ڪيو.
ڪنھن سان به، ڪنھن
جي به، پھرين ملاقات ڪڏھن، ڪٿي ۽ ڪيئن ٿي، کي ڪير ڪير ياد ڪري سگھيو ھوندو؟ مون کي
به اسان جي پھرين ملاقات ياد نه آھي. ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿيو، ته جاري ساري
آھي، اميد ته جاري رھندو.
”غُلام حُسين
لغاري“ ھڪ اخبار جاري ڪئي ھئي، جنھن جو نالو ھو ”حيرت“، آئون ان اخبار جي آفيس ۾ به
ساڻس مليو ھئس، پر منھنجي خيال ۾ اھا ملاقات کيس ياد نه ھوندي! ڇو ته ان ملاقات ۾
ملڻ وارا صرف اسان ٻه ئي ھئاسين، پر اھڙو ڪجھه به غير معمولي نه ٿيو ھو، جنھن ڪري
اھا ملاقات ياد رھي. البت، اھا ملاقات مون کي ياد آھي، ياد رھندي، ڇو ته مون اتي
ويٺي ويٺي سوچيو ھو ته ”حيرت“ ۾ ھفتيوار ڪالم ”حيرت ھن ۾ آھيان حيران“ لکڻ شروع ڪريان!
مون اھو ارادو ساڻس نه اوريو ھو، پنھنجي منھن موضوع سان نڀائي سگھڻ يا نه تي
سوچيندي، ڪالم لکڻ تان ھٿ کڻي ويو ھئس، پر منھنجي اھا ويچار ڌارا وسري نه آھي، نه
وسرندي.
”غُلام حُسين
لغاري“ ستر سال عمر ته پوري ڪري چڪو، سدا صحتمند ۽ خوش ھجي، اڃا به بھتر ۽ سڦل
حياتي ماڻي (آمين)، پر ھي ھن عمر ۾ به ھلڻ گھمڻ، مٽن مائٽن ۽ سنگت ساٿ سان ڏک سک ۾
شريڪ رھڻ ۾ اڳي کان وڌيڪ اڳرو، اڳڀرو آھي.
مون کان ڪا ھڪ دفعو
نه، گھڻا دفعا سُستي نه، ڪاھلي ٿي آھي، چاھيندي به وٽس وڃي نه سگھيس، پر ھن جي اھڙي
طبيعت آھي، جنھن لاءِ چئجي ۽ مڃجي ته ”غُلام حُسين لغاري“ جو ھڪ ھٿ به تاڙي وڄائي
سگھي ٿو... سدا صحتمند، خوش ھجي، وڏڙو آھي، پارت ھجيس.
(ڇنڇر ۱۲ جنوري ۲۰۱۹ع جي صبح ۸:۴۵ تي، بستري ۾ ئي ھئس، ته سندس بھتر طبيعت جي خبر پئي، ھي
ٻه اکر لکجي ويا آھن، قبول پون)
No comments:
راءِ ڏيندا