; سنڌي شخصيتون: جمن دربدر

16 May, 2019

جمن دربدر

جمن دربدر

تعارف

ڄم



وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو“ جهڙو لافاني گيت سرجيندڙ شاعر ۽ قومپرست جمن ’دربدر‘ ساند قبيلي سان تعلق هو. هن عمرڪوٽ ضلعي ۽ تعلقي جي ڳوٺ روحل واءِ ۾ عبدالرشيد ساند جي گهر ۾ ۱۲ مئي ۱۹۴۴ع تي جنم ورتو. سـنـدس والـديـن بنـيـادي طـور مسڪين ۽ مال تي گذرسفر ڪندا هئا. سندس والد هاري هو.


شروعاتي تعليم

پرائمري اسڪول عمرڪوٽ مان حاصل ڪيائين. بعد ۾ سندس والد ڳوٺ ۾ اسڪول کولرايو ته چار درجا سنڌي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيو. ان بعد مڊل اسڪول صاڀي ۾ اٺين ڪلاس تائين پڙهيائين. ان دوران والد جي عزيز صاڀي جي مدرسي ۾ به پڙهيو، جتي قومپرست دانشور ۽ سياستدان عبدالواحد آريسر به ساڻس پڙهندو هو، ۱۹۶۲ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي. ان Budder جو ڪورس هارٽيڪلچر ميرپورخاص مان (۶ مهينن جو) ۽ فيلڊ اسسٽنٽ جو ڪورس پاس ڪري فيلڊ اسسٽنٽ مقرر ٿيو. ۱۹۷۰ ع کان جاتيءَ، سجاول، باران فارم، غلام نبي شاهه، ڍوري ناري ۽ ڇور ۾ فيلڊ اسسٽنٽ طور نوڪري ڪيائين.

عـمـرڪـوٽ ۾ پـڙهـڻ دوران ڪـاليج جي اسـتاد خادم حسين شر کان قومي ۽ سوشلسٽ خيالن جا ڪتاب وٺي پڙهيائين، بعد ۾ ”بزم صوفياءِ سنڌ“ جي سفر دوران سجاول ۾ هن جي سائين جي. ايم. سيد سان ملاقات ٿي ۽ هن جي خيالن ۾ قومپرستيءَ وارو لاڙو پيدا ٿيو. بعد ۾ عبدالواحد آريسر سان ويجهڙائيءَ سبب قومي تحريڪ ۾ شامل ٿيو.

فن ۽ فڪر

جمن دربدر هڪ ئي وقت شاعر، فنڪار، ڊراما آرٽسٽ ۽ ڊراما نويس رهيو. هن زرعي ڪاليج سڪرنڊ ۾ تعليم دوران ڪيترائي ڊراما اسٽيج ڪيا، جن ۾ هن اداڪار، صداڪار ۽ هدايتڪار طور حصو ورتو. جهڙوڪ: (۱) بدنصيب ٿري، (۲) سکن وارو سج، (۳) گلن واري ڇوڪري، (۴) آس، (۵) ڏک ۽ ڏڪار، (۶) چنڊ لڳي ٿو لولو، (۷) ٽرڙو عاشق، (۸ لڱ به منهنجا لوهه، (۹) جابر وڏيرو. آخري ٻه ڊراما هن سڪرنڊ زرعي ڪاليج ۾ ڪيا، جڏهن ته سندس طبعزاد ڊرامن ۾: ’آس‘، ’سکن وارو سج‘ ۽ ’ٽرڙو عاشق‘ شامل هئا.

جمن دربدر لاجواب شاعر هو، هن شاعريءَ جي شروعات ۱۹۶۸ع ڌاري عشقيه شاعريءَ سان ڪئي ۽ پوءِ عوامي ڏک سک ڏسي قومي شاعري ڪئي. جمن دربدر جو هيٺيون ڪلام سنڌ ۾ ڏاڍو مشهور ٿيو. جنهن کي سائين جي. ايم. سيد اڪثر ورجائيندو هو.

سندس شاعري مشهور فنڪارن شفيع فقير، صادق فقير، سرمد سنڌيءَ ۽ ٻين ڳائي آهي. جڏهن ته جمن دربدر خود به سٺو فنڪار هو، هو اسٽيجن تي سازن توڙي بنا سازن سان ڳائي محفلون مچائيندو رهندو آهي.

هن ۱۹۸۷ع ۾ سنڌي عورتن جي سنسٿا (تنظيم) مارئي، دهلي پاران منعقد ٿيل ”شاهه لطيف انٽرنيشنل ڪانفرنس“ ۾ فنڪار جي حيثيت ۾ شرڪت ڪئي ۽ اتي ڳايل سندس ڪلام آل انڊيا ريڊيو دهليءَ تان نشر ٿيندو رهيو. هن ڊراما آرٽسٽ طور ڪيترائي ميڊل ۽ ڪپ حاصل ڪيا. سائين. جي. اي. سيد کان سواءِ ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ سان به ويجهڙائي رهيس. قومي سرگرمين کانسواءِ ادبي، سماجي ۽ فلاحي ڪمن ۾ به حصو ورتائين.

سنڌ حڪومت ثقافت کاتي ساڻس "ڪيفي ثقافت" واري اسيج سجائي تاريخي ڪچهري رڪارڊ ڪئي، اها ڪچهري يوٽيوب تي ڏسي سگهجي ٿي.

سندس جيون ڪٿا نامياري شاعر علي زاهد، سندس زندگيءَ ۾ "وٺي هر هر جنم وربو" نالي سان سھيڙي.

وفات:

نامور شاعر جمن دربدر، ۲۰ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

 

(انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان کنيل)


 

جمن دربدر

سنڌ جو هڪ يگانو ڪردار

رسول بخش درس

سنڌ ۾ تمام وڏا عالم، اڪابر، شاعر ۽ دانشور پيدا ٿيا. سنڌ سان محبت ڪندڙ قومي اڳواڻن ۽ رهبرن جي ته کوٽ ڪانهي. بقول غلام حسن رنگريز جي البت رهبري ڪا نه ٿي ٿئي. هن سڄي قومي تحريڪ يا جدوجهد ۾ باهه جو ٻارڻ ويچارو ڪارڪن ۽ عام ورڪر ٿئي ٿو ۽ عام ورڪر بنا ڪنهن شهرت، ٺٺ ٺانگرجي دِل ۾ نج محبت ۽ سچائي سان قومي خدمت ڪندو اچي. “لڪا ڀڻن لوڪ ۾” جي مصداق سندس نالو پاٽ تي به نه هوندو آهي. مطلب “کٽيو کائي خديجان، بوسا ڪڍي بصران. ” وانگر مائوزيتنگ جي قول تي عمل ڪندي (ڪم ايئن ڪريو جيئن اوڙ ۾ ٻج ٿو ڪم ڪري) پاڻ اوڙ ۾ دفن پر سلو نڪري ته سنگ ۾ ڪئين داڻا پيدا ٿين- ايئن قومي ڪارڪن عام ماڻهو وانگر پنهجي زندگي سڄي ارپي ٿو ڇڏي. اهڙا ڪيترا ئي سنڌ جا سپوت گمنامي ۾ گهاري رهيا آهن.

ضياءَ جي مارشل لاجي سخت دور ۸۲/ ۱۹۸۱ع ۾ ايل ايم سي جي لطيف هال ۾ هڪ شاندار لطيف جو ڏينهن ملهايو ويو. اسان به اتي موجود هئاسين. اسان کان اڳين پهرين صف ۾ ان وقت جو وائيس چانسلر سنڌ جو عظيم شاعر شيخ اياز به ويٺو هو. تمام وڏو ميڙ هو. اسٽيج تي ۽ ڊاڪٽر نسرين جوڻيجو انائونسمينٽ پئي ڪئي. اوچتو هڪ قومي فنڪار کي سڏ ٿيو. ڪارڙو، ڪوجهو مٺ ماس جي، مائيڪ تي آيو ته ڪير ڌيان نه پيو ڏي جڏهن سندس سُر گونجيا (ليڙون ليڙون ڦاٽل منهنجي لوئي ڙي) ته سناٽو ڇانئجي ويو. سڀ ماڻهو سن ٿي ويا. گيت پورو ٿيو ته وري (ونس مور ونس مور) ۽ ٻيا گيت ٻڌائي لٿو ته تاڙيون ئي تاڙيون.

مون پهريون ڀيرو اهڙو مٺو ۽سريلو آواز جنهن ۾ ٿر جي مور جي ڪوڪن، ٻاٻيهي جي ٻولين ۽ ڪوئل جي ڪوڪ جهڙو سُر ٻڌڻ نصيب ٿيو. ها “محمد جمن دربدر” شيءِ ئي اهڙي آهي. عاجز، نياز نوڙت، انڪساري جو مجسمو. جمن دربدر اهڙو ته سنڌ تي ڇانئجي ويو جو سنڌ جو سائين جي ايم سيد ت مٿس عاشق ٿي پيو. سندس ئي شاعري (وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو) جڏهن سائين جي ايم سيد ٻڌي ته مستقل سن جي محفلن جي جمن جان بڻجي ويو. جمن دربدر سيد جي فڪر جو پانڌيئڙو ۽ جيئي سنڌ هلچل جو تمام محنتي ۽ جفا ڪش فرد ثابت ٿيو. سندس ڳوٺ روحل واءِ لڳ عمر ڪوٽ ۽ سڄو ٿر جمن دربدر جي محنت ۽ پورهئي سان قومي تحريڪ جو ڳڙهه بڻجي ويو. اسان کي جتي به مليو ته محبتون ۽ بي انتها پيار ڏنائين. سندس خاندان به سڄو سنڌ جو عاشق، سيد جي فڪر جو مشتاق. حليم باغي ڪير سڏائي- سنڌ جو تمام خوبصورت شاعر سندس ڀاڻج، حاجي ساند هن دور ۾ نظم جو تمام خوبصورت شاعر ۽ ٻيا سڀ نوجوان قومي قافلي جا ورڪر مطلب (روحل واءِ) ساندن جو ڳوٺ سنڌ لاءِ بي مثال نگري آهي. شايد روحل فقير جي سڳنڌ هن مٽيءَ کي مهڪائي ڇڏيو آهي.

حليم باغي جي شادي تي ۸۰ واري ڏهاڪي ۾ وياسين ٿر جي واري تي، اسان جا ڀاڳ ڪي بوندون برسي پيون هيون صفا ٿڌڪار ۽ تمام مدهوشي جو ماحول.

رات جو جيڪا سنگت رهي پئي ان ۾ ڪافي اهل ذوق دوست گڏ هئا. تاج جويو، نذير چانڊيو، ڪوي، اقبال رند، مظهر لغاري، مير حسن آريسر ۽ ٻيا کوڙ دوست هئا. اتي روحل واءِ جو روح ۽ مزاح کل ڀوڳ جو بادشاهه ڀلو فقير به موجود هو. ڀلو مرحوم تاج جويو ۽ ٻين کوئنس ڪندڙ يارن سان چرچن ۾ هاجون لاهي ڇڏيون. کلي کلي همراهه ته نانجها ٿي پيا،پوءِ وري فقير شفيع جي محفل شروع ٿي. ان رات فقير شفيع دل ته بيهي ويو ۽ اڄ تائين دل تي راڄ ڪري ٿو. جمن دربدر کان به ڪافي ڪلام ٻڌوسين. اها رات زندگي جي يادگار رات هئي. جنهن ۾ جمن دربدر سڀني يارن تان گهور گهور پئي ٿيو.

سائين جي ايم سيد سان جمن دربدر بي انتها عقيدت ۽ محبت رکندڙ آهي ۽ سيد به سندس بهترين مداح هو. هڪ ڀيري مٽياري جي ڄاموٽ سيدن جو ڪو ڪاڄ هو. سيد شهاب الدين شاهه وزير هجي، هزارين ماڻهو هجن ڄاموٽ ڪُل سيدن جا سردار - وڏن ماڻهن مان مراد (خوشحال) ماڻهن جا هجوم هجن، سائين جي ايم سيد به ڪاڄ ۾ آيل هجي، سخت بيمار هجي ۽ ويل چيئر تي ويٺو هجي،وڏي هجوم ۾ سندس نظر وڃي جمن دربدر تي پئي، ماستر (سندس ۽ خادم) کي چيائين جمن کي وٺي اچ، پوءِ ايڏي وڏي پنڊال ۽ هجوم ۾سن جو سائين هجي ۽ جمن دربدر، سڄي لوڪ کي ڇڏي پاڻ ۾ روح رهاڻ ڪرڻ لڳا.

سيد جي وفات تي ڄام شورو ڪانڌي ٿي حليم ۽ پاڻ رانڀاٽ ڪندا، منهن مٿو پٽيندا وري واپس هليا ويا. پاڻ ۾ اڳتي هلڻ جو ست نه ساري سگهيا. اها هئي محبت ۽ سچائي.

جمن دربدر سان هڪ دلچسپ واقعو تڏهن پيش آيو جڏهن ڪنهن ادبي ڪانفرنس ۾ هندستان شريڪ ٿيڻ ويو. پروگرام تيار هجي، جمن جي فلائيٽ ليٽ ٿي وئي. مائيڪ تان انائونس پيو ٿئي سنڌ جو تمام مهان ڪلاسيڪل راڳي محمد جمن بس پهچڻ وارو آهي. جمن پهتو ته کيس پتلون پائڻ جو چيو ويو، پوءِ پتلون هٿ ڪري پاتائين ته بيلٽ نه هجي. مڙئي رسي سان پتلون ٻڌي پنڊال ۾ پهتو. مائيڪ تان هوڪا هلي ويا ته سنڌ جو تمام وڏو ڪلاسيڪل راڳي محمد جمن جو استقبال ڪريو. هي سادو سٻاجهو ٿريو، هٿ ٻڌي نماڻائي سان چوڻ لڳو؛ “بابا محمد جمن تمام وڏو راڳي آهي، آئون ان جي پير جي پڻي برابر ناهيان. آئون جمن دربدر ٿر جو لوڪ فنڪار آهيان” تڏهن وڃي ماحول ٺريو پر جمن دربدر اتي به قومي گيت ۽ ٿري رنگ اهڙو ڄمايو جو سڄو هال تاڙيون ئي تاڙيون ٿي ويون. وڏو داد حاصل ڪيائين.

محمد جمن دربدر اڄ به محفلن جو مور آهي. هن سال ئي اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ ننڍڙو ڪاڄ هجي سنڌ جي سداملوڪ نوجوان راڳي رفيق فقير کي مون فون ڪئي، سڄي سنگت سان اچي پهتو. جمن دربدر به گڏ، تمام مختصر محفل هئي، هن وقت رفيق فقير اهڙو آواز آهي جو سنڌ جي نوجوان نسل جو نمائنده گائيڪ آهي. مون کي ته خريد ڪري ڇڏيو اٿس. جمن دربدر به ساڻس گڏ پيو ڳائي، مزو ان مهل ٿيو جو بشير خان قريشي، ارباب احسان ۽ ٻي سنگت محفل ۾ اچي وئي. پوءِ ته محفل جو رنگ ئي ٻيو ٿي ويو. بشير خان قريشي اسٽيج تي وڃي جمن دربدر کان ڳائڻ جي فرمائش ڪئي ته اسان جي سنڌ جي تمام اهل دل نوجوان ارباب احسان داد ڏيڻ لاءِ اسٽيج تي چڙهي محمد جمن جي قدمن تي هٿ رکي هزار جو نوٽ رکيو. بشير خان تمام خوشي وچان اٿي مٿان گهورون گهورڻ لڳو. فقير رفيق ته صفا ملنگ صفت فنڪار آهي ٽي وي ريڊيو تي گهٽ شوق پر اسان وٽ اوچتو طبعيت پڇڻ ايندو ته باجا ڍولڪ گڏ. جمن دربدر گڏ جهمپير ۾ اسان فقيرن جي جهڳي تي راڳ شروع، وڃي صبح ٿيئي بسن پنهنجا پاڻ ۾ جمن دربدر جا آلاپ ۽ قومي گيت حاضرين لاءِ وڏوي وٿ آهن.

ڪجهه عرصو اڳ ميرحسن آريسر جي ڪتاب جي مهورت روحل واءِ لڳ عمرڪوٽ ۾ ٿي سخت سيءُ هجي، منهنجي طبيعت تمام خراب هئي پر سنگت جي حاضري ضروري هئي، جامي چانڊيو، حفيظ ڪنڀر، تاج جويو، سردار شاهه، ذوالفقار شاهه ۽ ٻيا تمام خوبصورت شاعر حاجي ساند، فراق هاليپوٽو، اشرف پلي، انعام جهنجي، منور هاليپوٽو، اياز امر شيخ، نور چاڪراڻي، اقبال رند تمام گهڻا دوست هئا. ان وقت مونکي روحل واءِ جو روح ڀلو فقير ڏاڍو ياد آيو. روحل واءِ جو هڳاءُ جمن دربدر آهي.

ان سڄي پروگرام جو انتظام جمن دربدر جي هٿ ۾ هو، اصل ڄڻ گهوٽ پيو پرڻائي. ڏاڍو پيار پاٻوهه سان مقالن جي نشست ٻه اڍائي بجي ختم ٿي. مونکي ٻانهن کان وٺي هڪ هنڌائتو ڪري ويهاريائين. سيءَ ۾ ٿڙڪان پيو ته مچ ٻاريائين، ماني کڻي آيو. چيائين يار تون بيمار ماڻهو ماني ته کاءُ، مون به تنهنجي ڪري ماني نه کاڌي آ، وري ٻين سان محفل هلي جمن دربدر هر مهمان اڳيان ٻانهون ٻڌي بيٺو هو. ايڏو پيارو انسان اسان لاءِ هڪ وڏي وٿ آهي.

گذريل ٻوڏ ۾ سرڪار جن ماڻهن جي مدد نه ڪئي. روحل واءِ تي جيڪي ڪئمپون لڳل هيون ان ۾ جمن دربدر، حاجي ساندڳوٺ جي انهن ڏتڙيل ماڻهن لاءِ سر جي بازي لڳائي کين ماني ڳڀو ۽ اجهو مهيا ڪيو. وڏي همت ۽ جرئت ڪري ڪئمپ هلايائين.

اسان جڏهن وياسين ته چوڌاري ٻوڏ ستايلن جون جهڳيون هيون. مچ ٻريا پئي ۽ جمن دربدر ڪٿان ڪٿان پٽي سٽي سندن مدد ڪئي. اسان جي سنڌ ۾ اهڙا ماڻهو ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هوندا جي رڳو لفاظي ۽ ٻٽاڪ کان سواءِ سنڌ لاءِ جان جي بازي لڳائي ٿا ڇڏين. جمن دربدر سائين جي ايم سيد جي محبت ۽ فڪر مان رچي ريٽو ٿيو آهي ۽ سنڌ سندس ضمير ۽ خمير ۾ شامل آهي. شل وڏي حياتي ماڻي. اسان کي سندس ڪردار مان پرائڻ گهرجي. هي محبتي ماڻهو اسان جي مايوس زندگي لاءِ مثال آهي.


 

ماما جمن دربدر

لوڪ گيتن جو ڪوي ۽ راڳي

ڀارومل امراڻي

روح جي سرزمين تي جڏهن ڀٽائي جي سٽ ‘سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار’ سانوڻ جي مينهن وانگر وسڻ لڳندي آهي، تڏهن مون کي ٿرمان رڳو روحل واءِ جو ڳوٺ اکين اڳيان ڦرندي محسوس ٿيندو آهي. روحل واءِ سوري مٿي سيڻ ڏٺا آهن ته ڪلهن وٽان ڪنڌ ڪپائيندڙ ڪونڌرن جي ارڏائي جو ساکي به آهي. هن ڳوٺ جي پڌر تي حسين ڪوتائن جا ٻول ٻڌڻ سان چانڊوڪي روح ۾ رقص ڪرڻ لڳندي آهي. صدين کان سنڌ جا جوڌا جوان پنهنجي من جي تازگي جي لاءِ روحل واءِ ڏانهن پنڌ ڪندا رهيا آهن. روحل واءِ جي رهواسين جي جيون ۾ پنهنجي ڌرتيءَ سان سچائي ۾جهريون نه پيون آهن. صدين هن ڳوٺ جي سچائي ۽ معصوميت کي برقرار رکيو آهي. انهن جي ڪچهرين ۾ سنڌ جي تاريخ جي خوشبوءِ ايندي آهي. ادب آرٽ ۽ راڳ جو فن ڦلواڙيءَ جيان هن ڀوميءَ مان ڦٽو آهي. ڪلهه هن ڳوٺ جي ڀٽ تي روحل فقير ۽ مراد فقير پنهنجي ڏات جي ونڊ ورهائي هئي، اڄ ماما جمن دربدر جي اڳواڻي ۾ حليم باغي، حاجي ساند، اسحاق ساند، انور ساند ۽ ٻيا پنهنجي انوکي ڏات جا ڏيئا ٻاري رهيا آهن. ماما جمن دربدر هاڪڙا وادي جي عظيم يادگار ولهار پتڻ جي ڀر سان شو مندر ۽ ڪنڊڙئي جي فقير روحل جي آستان جي وچ ۾آباد ساند سوڍن جي وستي ۾ عبدالرشيد ساند جي گهر ۾ ۱۲ مئي ۱۹۴۴ع تي جنم ورتو. پرائمري جا ٻه درجا عمرڪوٽ ۾ پڙهيو، پوءِ سندس والد صاحب جي ڪوششن سان ڳوٺ ۾ کولايل اسڪول ۾ چوٿين درجي تائين پڙهيو، وڌيڪ پڙهڻ جي لاءِ ڳوٺ صاڀي جي اسڪول ۾ داخل ٿيو، اتان ئي هن مڊل اسڪول مان اٺون درجو پاس ڪيو. صاڀي ۾ رهڻ دوران جمن اتي جي مدرسي مان ديني علم ڪيائين. ۱۹۶۲ع تي هن مئٽرڪ ڪري هارٽيڪلچر سينٽر ميرپوخاص مان Buddar جو ڇهه مهينن وارو ڪورس ڪري هن فيلڊ اسٽنٽ جو ڪورس ڪيو. ڪورس ڪرڻ سان هن کي فيلڊ اسٽنٽ جي نوڪري ملي ويئي. ۱۹۷۰ع کان مامي جمن دربدر جاتيءَ، سجاول، باران فارم، غلام نبي شاهه، ڍوري ناري ۽ ڇور ۾ فيلڊ اسٽنٽ طور ڪم ڪيو.

ماما جمن هڪ ئي وقت شاعر، فنڪار، ڊراما آرٽسٽ، ۽ ڊراما نويس به آهي. ماما جمن ڪيترائي سٽيج ڊراما ڪيا آهن جن ۾ اداڪار، صداڪار ۽ هدايتڪار پاڻ رهيو آهي. انهن ڊرامن ۾ بدنصيب ٿري، سکن وارو سج، گلن واري ڇوڪري، آس، ڏک ۽ ڏڪار، چنڊ لڳي ٿو لولو، ٽرڙو عاشق، لڱ به منهنجا لوه، جابر وڏيرو شامل آهن. آس، سکن وارو سج ۽ ٽرڙو عاشق هن جا طبعزاد ڊراما آهن.

ماما جمن جي شاعري ڌرتي جي دکن، سکن، آسن، امنگن ۽ احساسن سان هم آهنگ ۽ هم قدم آهي. ماما جمن دربدر جي شاعري ۾ سندس تخليق ‘وٺي جنم هر هر وربو، مٺا مهراڻ ملبو’ ڌرتي سان محبت جي مهانتا ۾ امرتا پائي ويئي آهي. پر اها ٻي ڳالهه آهي جو هن تخليق جي ايتري هاڪ ۽ ڌاڪ تي شاعري جي ديس جا ڪيترائي ‘ڪنور’ ۽ ’ڪمار’ سڙي پيا پر هي فقير منش ماما جمن ڪنهن جي پرواهه ڪرڻ جي بدران ڪوتا جو ٻيجل چارڻ بڻجي سر جي صدا سُر ۾ هڻي ڏيهه ۾ ڏياچ ڳوليندو رهيو آهي. هن وٽ انسان ذات جو احترام اول آهي. هن جو من ماڻهو ۽ مٽي سان محبت ۾ سرشار آهي. پنهنجي مٽي ۽ ماڻهن سان محبت جي پنڌ هن کي پنهنجي دور جو چمڪندڙ ستارو بڻائي ڇڏيو آهي.

هن جي شاعري جي جڙ پنهنجي ڌرتي ۾ آهي. هن جي ضمير ۽ خمير جي خوشبوءِ لوڪ گيتن ۾ نکري نروار ٿئي ٿي. ٿر لوڪ گيتن جي سرزمين آهي. ماما جمن کي هڪ ٿر جي ڀٽن جو رهواسيءَ ڪوي هئڻ جي ناتي پيارا لوڪ گيت چوڻ ۽ ڳائڻ اچن ٿا. هن پيار، اميد ۽ اتحاد جا گيت چيا آهن. هن جي لوڪ گيتن ۾ ٻوليءَ جو وسيع پهلو آهي. ٻوليءَ جي جماليت جو اعليٰ روپ سامهون اچي ٿو. صدين جي ساک ‘بادليو’ لوڪ گيت ۾ بادل کي منٿ ميڙ ڪئي ويئي ته ‘اي بادل تون امراڻي جي ديس مٿي وس’ ڍاٽڪي ۾ چيل گيت جي وراڻي آهي ته؛ ‘بادليا تون برس امراڻي ري ڏيس مٿي’ ماما جمن پنهنجي لکيل لوڪ گيت ‘بادليو’ ۾ ٿري ماڻهن جي مينهن جي لاءِ آس ۽ اميد بيان ڪندي حوصلو ڏنو آهي ته پنهنجي ڌرتي تي بادل وسندو رهندو. ۽ جڏهن ماما جمن اهو گيت ڳائيندو آهي ته، راڳ جي رم جهم ۾ محسوس ٿيندو آهي ٿر تي مينهن وسي رهيو آهي.

بادليو پيو وسندو

گاجڙلو گجندو

ملڪ موهر تي

بادليو پيو برسندو

کاهوڙي کيتن ۾،

خوش ٿي ويٺو کلندو

بادليو پيو برسندو

ماما جمن جي لوڪ گيت ‘اسين ماڻهو ٿر جا’ کي پڙهندي تصور ۾ رسول حمزا جو ڪتاب ‘ ميرا داغستان’ تري ايندو آهي. پر رسول حمزا توف جهڙي شاعر کي ‘اسين ماڻهو داغستان جا’ ٻڌائڻ جي لاءِ پورو ڪتاب لکڻو پيو. جڏهن ته ماما جمن پنهنجي هڪ لوڪ گيت جي مختصر مصرعن ۾ اها ڳالهه بهتر انداز ۾ ڪري ٿو وڃي ته ٿرجي ماڻهو جي ڪل ڪائتات ‘ساڻيهه، سانوڻ ۽ سڄڻ’ آهي؛ جنهن کي وقت جو ڪو به وهڪرو ٽوڙي نٿو سگھي.

اسين ماڻهو ٿر جا، ڀٽن جي هن ڀر جا،

الا ڪڪريو ٿو وسي،

الا وڏڙڦڙو ٿو وسي

سانوڻ آيو سرتيون، سٺڻ ڪيم رسي،

الا ڪڪريو ٿو وسي،

الا وڏڦڙو ٿو وسي

اوڍڻ منهنجي انگ جو پلريي سان پسي

الا ڪڪريو ٿو وسي.

الا وڏڦڙو ٿو وسي

‘ڪلجيو’ ٿر جو مشهور لوڪ گيت آهي. ماما جمن ان ڪجليو گيت جي تسلسل ۾ ڪجليو چيو آهي. ماما جمن هن گيت کي ائين ڳائيندو آهي، جيئن ‘تاراڻي جي ريل ۾ ٿري ناري پنهنجي پريتم ڪاڙينڌي (ڀيل) کي ساري ڳايو هو.

ميهه برسيو مهراڻي تي،

ميهه برسو امراڻي تي،

مريڙو چونڊڻ جائون

هون تان ڪجليو تي گائون

ڪاڙي نا ڪجليو تي گائون

(مهراڻي تي مينهن وٺو آهي، امراڻي تي مينهن وٺو آهي، آئون مريڙو چونڊڻ وڃان ٿي، آئون ته ڪجليو ٿي ڳايان، ڪاري کي ڪجليو ٿي ڳايان. )

ساجنئي ري روٽي پگا، گهرٽي منڏڻ جائون،

ڪاڙي نا ڪجليو تي گائون. . . . .

(ساجن جي ماني ڪارڻ آئون جنڊ پيهڻ وڃان ٿي، ڪاري کي ڪجليو ٿي ڳايان. )

سمهلي پاڙي ڍولڪ باجي، مٽڪو رمڻ جائون

هون تان ڪجليو تي گائون

ڪاڙي نا ڪجليو تي گائون. . . . . . . .

(سامهون واري پاڙي ۾ دهل وڄي وهيو آهي، آئون مٽڪو رمڻ وڃان ٿي. ڪاري کي ڪجليو ٿي ڳايان)

واء وڙيو واهوندي رو پيلوُ چونڊڻ جائون،

هون تان ڪجليو تي گائون

ڪاڙي نا ڪجليو تي گائون

(واهوندي جو واءُ وريو آهي، آئون پيرون چونڊڻ وڃان ٿي. ڪاري کي ڪجليو ٿي ڳايان)

پلرئي سين ٽوڀا ڀريا، ٻيڙلو ڀرڻ جائون،

هون تان ڪجليو تي گائون

ڪاڙي نا ڪجليو تي گائون

(پلر سان ٽوڀا ڀريا آهن، آئون ٻيڙلو ڀرڻ ٿي وڃان، ڪاري کي ڪجليو ٿي ڳايان. )

کيتر پڪا کاهوڙ را، هون چڀڙ چونڊڻ جائون،

هون تان ڪجليو تي گائون

ڪاڙي نا ڪجليو تي گائون

(کاهوڙ جا کيٽ پڪا آهن، آئون چڀڙ چونڊڻ ٿي وڃان، ڪاري کي ڪجليو ٿي ڳايان. )

‘لوئي’ به هڪ ٿري لوڪ گيت آهي. شادي جي موقعي تي ڳايو ويندو آهي. هن گيت جا ٻول آهن ته ؛

هي منهنجي لاکيڻي لوئي،

مارو تو رات رڱائي لوئي

لطيف سائين سر مارئي ۾ ٿري لوئي (شال) جو ذڪر ڪندي بيت ۽ وايون چيون آهن. ماما جمن به سُر مارئي ۾ ‘لوئي’ لوڪ گيت چيو آهي. اهو گيت عمرجي ڪوٽ ۾ قيد مارئي جي پڪار آهي.

لوئي ليرون لوئي وو،

منهنجي ڦاٽل ساٽل لوئي وو،

منهنجي لڄ آهي، منهنجي پت آهي،

سا پت ڪيئن وڃان ڌوئي وو

تو ڏاڍ ڪيا، پر مون ته ڏس ڪين رنو،

مون کي جهانگين هڪڙي جهڻڪ ڏني

مون ته ڏنو آ روئي وو

تو کي منهنجن پنهنجن ڏس ڏنو

نه ته ڪيئن ڏسين ها ڏيهه منهنجو

پنهنجا جو غدار ٿيا،

تڏهن مان به ٿيس هت ڏوهي وو

مون کي ويڙهيچن جو ور ڏنو،

ڪيئن ڪر لڄايان ڪوٽن ۾،

آئون واپس ويڙهيچن ڏي ويندس

ماءُ ڏني آ ڊوهي وو

ڪوٽ هي ڪرندا ڪڙڪا ٿيندا

باهيون لڳنديون ڀڙڪا ٿيندا

ٽنهين پاسي ٽڙڪا ٿيندا

ڪين ڪندين تون اوئي وو

مان جمن جهانگيڙن ڏي ويندس

آزادي او نيٺ ته ماڻي

مارو مونکي کيرون ڏيندا

لعنت ڏيندا تو ئي وو

ماما جمن جو لوڪ گيت ‘اوسيئڙو’ ترنم سان ڀرپور اندر جو آواز آهي؛

سج لٿي اڱڻ مٿي چنڊ کڙي ٿو،

الا ڪوئي چت چڙهي ٿو. . . . .

ڀيج ڀني ۾ ڪا وني واٽ نهاري، پريتم پڪاري

ڪڪر وسن، نيڻ ٽمن لڙڪ ٿو.

الا ڪوئي ياد اچي ٿو. . .

رنگ رچي موج مچي، نينهن نچي ٿو

الا ڪو ئي ياد اچي ٿو. . . . .

ڪونج اڪيلي کي ڏسي روح رڙي ٿو

الا ڪوئي ياد اچي ٿو. . . . . .

جمن کي پنهنجي پسي ۽ پيرون جي ڌرتي پياري آهي، جنهن جو پاڻ ڏٿ به آهي، ته ڏوٿيئڙو آهي، مارئي جي ڪردار تي هن جو ڪنڌ فخر سان اونچو ٿئي ٿو. جمن جو چيل لوڪ گيت ‘مارئي’ ٿر جا سگهڙ سياڻا مچ ڪچهري ۾ منفرد انداز ۾ چئي حوصلي، ۽ همت جو سبق ڏين ٿا ؛

هي مارئي ٿر ڄائي آ

جنهن لوئي لڄ بچائي آ،

هي ڏاڍ ڏمر کان ڪين ڏڪي

ڪنهن جابر اڳيان ڪين جهڪي

هن نيٺ ملير ملهائي آ

هن کيت قبوليو ساڻ کٿي

ڪين سيڻ مٽائين سون مٿي

پٽ ريشم ڪين هرکائي آ

چس کاڌن تي ٿي ڪا نه چري

ويئي نيٺ ته پنهنجي ويڙهه وري

جنهن جي لوچ ۽ سوچ سچائي آ

هئي هيڻي پر ٿي ڪا نه غلام

تنهن سانگياڻي کي لک سلام

جنهن جوءِ جمن جرڪائي آ

ڪانگڙو ٿر جو مشهور لوڪ گيت آهي، جمن ٿر جي ڪانگڙي لوڪ گيت ۾ ڪانگ کي ڀٽائي ڏانهن قاصد ڪري موڪلي ٿو ته؛

ڪانگا چئه هي ڳالهه ڀٽائي،

مارو ٿيا بي حال ڀٽائي

جهوپا ويا تن جهانگين کان

سڀ ساٿ ويا سانگين کان

لڄ رکجان تون لال ڀٽائي

بالمو درد فراق ۾ ڀريل ٿر جو لوڪ گيت آهي، جنهن ۾ ناري ٽيج سانوڻ جي تهوار تي بئراج مزدوري تي ويل پنهنجي ور کي ساري ڳائي ٿي، ٿري لوڪ شاعري ۾ عورت جو محبوب هُن جو ور آهي. جمن جي لوڪ گيت ۾ ٿرياڻي پنهنجي بالم کي پيار مان ‘بالميون’ سڏيو آهي.

بالميو ني آيو، مانهجي ساسو جي رو جايو،

ماء! مانهجو بالميو ني آيو،

بالميو ني آيو،

(منهنجو بالم نه آيو، اي منهنجي امان منهنجي سس جو ڄايل منهنجو بالم نه آيو. )

آئي سرامڻ ٽيجڙي، مين ڏانڙو منگايو،

ماء! مانهجو بالميو ني آيو،

بالميو ني آيو،

(سانوڻ جي ٽيج آئي آهي، مون اناج گهرايو آهي. ، اي منهنجي امان منهنجو بالم نه آيو. )

ٻيجيا سکيان سينگار ڪريا، مين ٽم ٽم ڪاجل باهيو،

ماء! مانهجو بالميو ني آيو،

بالميو ني آيو،

(ٻين سهلين سينگار ڪيا آهن، ٽم ٽم نيڻن مان ڪجل وهايو آهي، اي منهنجي امان منهنجو بالم نه آيو. )

تانهجي ڪارڻي صاحبا، مين مارگ مروئو بهايو،

ماء! مانهجو بالميو ني آيو،

بالميو ني آيو،

(اي منهنجا بالم تنهنجي ڪارڻ مون مارڳ ۾ مروئو پوکيو آهي. اي منهنجي امان منهنجو بالم نه آيو. )

ڪالهه اڏي گيا ڪانگيا، ڪوئي سنديس نا لايو

ماء! مانهجو بالميو ني آيو،

بالميو ني آيو،

(ڪلهه جيڪي ڪانگ اڏري ويا، انهن مان ڪوئي نياپو کڻي نه ِآيو، اي منهنجي امان منهنجو بالم نه آيو. )

ورساڙو لوڪ گيت کي چوماسو به چيو ويندو آهي. ورساڙو ٿر جي خوشي جو لوڪ گيت آهي. ماما جمن به ورساڙو لوڪ گيت ۾ وسڪاري جا منظر چٽيا آهن

آج اتريئي ۾ ڇايو ري ڇايو،

بيجان چمڪين برساڙو آيو،

(اڄ اتر کان ڪڪر ڪارونڀار ڪري اُپڙيو آهي، وڄون چڪمي رهيون آهن، وسڪارو آيو آهي. )

رم جهم آئي رت بسنتي،

گونڍ ملهار گايو،

(رم جهم جي رت بسنتي آئي آهي، گونڍ ملهار ڳايو)

ڇائي گهٽا گهنگهور گگن ۾،

آڀي سيس نمايو ري،

(گگن ۾ گهنگهور گهٽا ڇانئي آهي، آڀي سيس نمايو آهي)

مور پپهيا ميٺا ٻولين،

ڪوئل شور مچايو،

(مور پپيها مٺڙا ٻولي رهيا آهن، ڪوئل شور مچايو آهي)

 

(ڀارومل امراڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۲ مئي ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)


 

جمن دربدر

سنڌ جو يگانو ڪردار - ۲۰ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع

ڊاڪٽر محمد علي محمدي

جمن دربدر پنھنجو وقت پورو ڪري وڃي پنھنجي رب سان پرتو. رب پاڪ سندس مغفرت فرمائي کيس جنت الفردوس عطا فرمائي.

سنڌ ۾ نظرياتي ڪارڪنن جي اڻاٺ آهي. وقت جي وھڪري ۾ سڀ وھيا وڃن. . سائين جي ايم سيد جي زندگي تي نظر وجهبي ته سندس گھڻ پاسائين شخصيت تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالھائي سگھجي ٿو. سندس ڪثير المطالعي، مشاھدي، سيد ھئڻ جي ناتي سنڌي سماج ۾ سندس عزت ڪنھن کان لڪل ناهي. سندس سياسي سفر پين اسلامزم، ننڍي کنڊ جي مذهب جي بنياد تي تقسيم، ٻه قومي نظريي جو جذباتي طور حامي. قائد اعظم جو اھڙو عاشق جو جڏهن ڪنھن مبينه طور خاڪسار تحريڪ جي ڪارڪن قائداعظم تي قاتلانه حملو ڪيو ته، سائين خبر پوڻ تي ڍاڍيون ڪري روئندو رھيو. سنڌ ۾ ٽڪيٽن جي تقسيم تي ناراض ٿي سادات جي سرواڻي تي سرھو ٿي،مسلم ليگ کي ٽي اخر چئي مرڻ گهڙيءَ تائين پنهنجي واٽ ئي بدلائي ڇڏيائين. سندس سوين تقريرون (جن کي گشت دوران خطبا چون ٿا)، سندس خيالن ۾ تضاد رھندو آيو. ھندوستان جي يو پي جي مسلمانن کي خط لکي سنڌ اچڻ جي دعوت ڏيندڙ، ته اچي سنڌي. مسلمانن کي واپار ۾ ھٿي ڏيو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ وري اچي جمھوري تحريڪ جو حصو بڻيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ھو صالح ھو، ڪرپشن کان ڪوھين ميل پري. ۱۹۷۰ع جي عام اليڪشن ۾ موٽ نه ملڻ، سندس ڪئي ڪمائي کي سنڌ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ٻھاري ويو. ان کان پوءِ شيخ مجيب جي ڪاميابي کيس تسلي بخشي ته شايد پاڪستان ۾ ۱۹۴۰ع جي قرارداد مطابق حق ملندا پر جلد ئي پاڪستان ٽٽي ويو. پاڻ گادي نشين به ھو پر ھو پير نه بڻيو. ايوب خان جي آمريت جي دور ۾ بزم صوفياءِ سنڌ جي پليٽ فارم تان خانقاھي نظام جي اوٽ ۾ پاڻ وري سجاده نشين ٿي ھر صوفي بزرگ جي درگاه تي ميڙا مچايائين. . انھن ميڙن جي پيداوار ۾ پليجو صاحب به پلئه پيس. پليجو ھڪ ذھين ۽ Geo Political حالات جو ادراڪ رکندڙ ھو. اھڙن ميڙن ۾ جمن دربدر به سيد ء سنڌ جي عشق ۾ پنهنجي ڄمار کپائي، خالي ھٿين ھليو ويو. مون کي جيتري قدر ڄاڻ آهي ته جمن کان علاوه مومن مليرائي، رسول بخش درس به ھڪ قومي ڪارڪن طور، سڃاتا وڃن ٿا.

"مٺا مھراڻ ۾ ملبو" کان وڌيڪ جمن دربدر جو ھي نظم سگهارو آهي،اچو ته ٻڌون.

هي دنيا هلچل جي بستي آھي۔۔

هي دنيا هلچل جي بستي

هت ماڻهو ايندا ويندا آهن

چـار گهڙيون مهـمان رهـي

پر لوڪ پـڌاري وينداـ آهن

اڪثر ماڻهو بعد مرڻ جي

ياد نه ڪنهن کي ايندا آهن

ڪي ڪي ماڻهو تاريخن ۾

نقـش اڀـاري ويندا آهـن

اڪثر ماڻهو موت جي ڊپ کان

هـرهـر مـرنـدا جـيئـنداـ آهـن

ڪي ڪي ماڻهو جيئندي جيئندي

موت کـي ماري ويندا آهـن

اڪـثر ماڻهـو پاڻ جـيئڻ لاءُ

قـوم کـي مـاري ويـندا آهـن

ڪي ڪي ماڻهومرندي مرندي

قـوم جيئـاري وينـدا آهــن

اڪثر ماڻهو مت جا موڙهـا

پاڻ نه پنهنجاٿيندا آهن

ڪي ڪي ماڻهو نسلن جي

تقدير سنواري ويندا آهن

اڪـثر ماڻـهو مستانن تي

ڪوڙي فتواي ڏيندا آهن

ڪي ڪي ماڻهو انا الحق جي

تـند تنواري وينـدا آهـن. .

 

(محمد علي محمدي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۰ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)


جمن دربدر

ھڪ سچي عاشق جي موڪلاڻي

مشڪور ڦلڪارو

جن ماڻهن جو منهن ڏسي عشق کي اتساھ ملندو آهي ـ انھن خوشنصيبن مان سنڌ جو مامون ۽ منھنجو اڌ صدي کان مٿي عرصي تائين سچو ساٿي ۽ دوست رھندڙ جمن دربدر به ھڪ ھو :

ھو رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سن جي مڪتب عشق ۾ رھي عشق جا سمورا آداب سکيو ۽ عشق کي سلامت رکندي وڃي مٽيء ماء جي ھنج ۾ ستو ـ

 منھنجو ساڻس رشتو به سن جي مڪتب عشق ۾ سکيا ۽ حضرت عشق جي سمورين البيلاين ـ ارڏاين ۽ سچاين سکڻ دوران جڙيو ـ پر ھو مڪتب عشق جي رھبر کان وٺي اسان سمورن جو پيارو ھو ـ

ھو اسان سمورن جو عشق جي آتش نمرود مٿان پيرين اگھاڙين پنڌن دوران وڏو اتساھ ھو ـ آئون عشق جي انهيَ سمورن پنڌن ۾ اھو اعتراف ٿو ڪريان ته ھو اسان سڀني کان وڌيڪ پاڻ ارپيندڙ ۽ اتساھ جون سموريون توانايون بخشيندڙ شخص ھو: سندس وڇوڙي جو درد سنڌ جو درد آهي. شال! سنڌ سندس وڇوڙي جو درد برداشت ڪري سگهي.

(مشڪور ڦلڪارو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۰ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)


ڇا ته شخص هو!

يادگيريون

. . . . . ۽ جڏهن عبدالواحد آريسر ۽ جمن دربدر کي بس جو ڪرايو نه هئڻ ڪري ڪنڊيڪٽر گاريون ۽ ٿيلها ڏئي لاهي ڇڏيو. . . . . !!!

هڪ ڀيري عثمان بجير وارن نندي شھر تعلقو بدين ۾ لطيف جو ڏهاڙي ملهائڻ جو سٽاء سٽيو، جيڪا صدارت آريسر کي ڪرڻي هئي، سو اسان ٻئي گڏجي پروگرام ۾ پهتاسين۔ تقريرون ٿيون، ٻئي ڏينهن اسان کي وڏا وڳڻ وڃڻو هو، آئون ۽ آريسر صبح جو سوير اٿياسين ته جيئن اتي مهل سان پڄون. اسان لاريء ۾ چڙھياسين، حڪمت عمليء تحت هو اڳيان ويٺو آء پٺينء سيٽ تي وڃي ويٺس، بس نندي کان هلي ٻه ٽي ميل پنڌ ڪيائين ته ڪنڊيڪٽر مون وٽ آيو ڀاڙو وٺڻ مون اشاري سان چيس ته اڳيان همراھ ويٺو آھي اهو ڀاڙو ڏيندو ڪنڊيڪٽر ويو آريسر وٽ، هن کان ڀاڙو گهريائين ته آريسر چيس ته بابا پوئتي همراھ ويٺو آھي، اهو ڀاڙو ڏيندو. وري آيو مون وٽ تيز ۽ رکي لهجي ۾ چيائين؛ ´يار ڪرايو ڏيو، تنهنجو همراھ چوي ٿو ته تو کان وٺان`. مون چيو ´هن ڪونه ڏنو ڇا؟ چيائين ´نه` مون مسڪرائيندي چيو ته ´ٻيلي ڀاڙو ته مون وٽ به ڪونهي. اسان جي ايتري ڳالھ ٻولھ ٿي، همراھ باھ ٿي ويو۔ ڪجھ ڪڇيو ڪو نه رڳو بس کي زور سان ڌڪ هڻي روڪيائين،

اسان ٻنهي کي هڪ اڌ گار ڏئي ڌڪا ڏئي لاريء مان لاٿائين`

طريقي ڪار طئي اهو هو ته رات جتي پروگرام ڪيوسين، اتان کان ٻئي هنڌ رسڻ جو ڀاڙو انهن کي ڏيڻو هو. پر رات سڄي ڪم ڪار ڪرڻ جي ڪري ڪي ويچارا ٿڪجي پيا، جو کين ياد ئي نه رهيو ۽ سمهي پيا اسان به هڪٻئي جي آسري نڪتا هليا آياسين۔ مون سمجهيو ته آريسر کي پيسا مليا هوندا، هن سمجهو ته مون ورتا هوندا.

هاڻي اسين ٻئي پيادا هلندا رهياسين، ميل کن پنڌ ڪيو هوندوسين ته اڳيان شھناء جو آواز منهنجي ڪنن ۾ گونجيو ٿورو اڳتي وڌياسين ته رستي جي ڀر ۾ شاميانا لڳا پيا هئا، مون آريسر کي چيو؛ ٻيلي! سنڌي ماڻھن جي شادي آھي، صبح جي مهل آھي، ٻه ٽي سهرا ڳائينداسين ته ٻه ٽي روپيا ٺھي پوندا، بدين جيترو ڀاڙو ٺھي پوندو. بدين پهچنداسين ته اڳتي جي لاء سنگت پاڻ ڀاڙي جو بلو ڪري وٺندي، ´آريسر جا پويان پير؛ ´چوي ڇڏ يار! بس پنڌ ٿا هلون` پر مون زوريء درويش کي آماده ڪيو ۽ شاميانن ڏانهن لاهي ويومانس، ڇني ۾ داخل ٿياسين ته سامهون گهوٽ موڙ ٻڌيون ويٺا هئا، تازو نڪاح پڙھجي چڪو هو. راڄ جا فقير ڳائيندا گهور وٺندا ٿي ويا. اسان به اچي هٿ ٻڌا ۽ عرض ڪيو ته بابا ٿر جا فقير آھيون، ٻه ڪلام ڳائڻ جي اجازت گهرجي، لاڙ جا ماڻھو، راڳ شوق سان ۽ جام ٻڌندا آھن، پر ماڻھن چيو ته ´سڄي رات ڳائڻن اسان جو مٿو کاڌو آھي، وري اوهان اچي نڪتا آھيو، اسان چين ته ٻيلي اسين هينئر پڳا آھيون سو مڙئي مهر ڪريو، همراهن جو راڳ ٻڌڻ جو موڊ ته ڪونه هو، پر وچ مان ڪنهن کي ڪهل پئي جو چيائين ته اڙي! ڇڏيو ويچارن کي ته ٻه ڪلام ڳائن، الائي ويچارا ڪٿان هليا آھن، اجازت ملي وئي مون فقيرن کي منٿ ڪئي ته ٿورو باجو وڄايو ۽ مون ڳائڻ شروع ڪيوته:

هن اڱڻ تي مور لڳي وئي بهاري،

ميندي ادل جي ميهڙ مان گهرايان،

اسان کي ٽي روپيا گهور پئي مون ڏٺو ته ڀاڙو ته اسان جو نڪري آيو پر سامهون ٽي گهوٽ ويٺل هئا، انهن جي ڀر ۾ نوجوان ڇوڪرا پڙھيل لکيل ٿي لڳا، مچلو ڪيون ويٺا هئا، سوچيم ڀاڙي جو ڪم ته ٿي ويو ڇونه هاڻ ڪجھ قومي ڪم به ڪجي سو مون سهرن بجاء ٻيو ڪلام شيخ اياز جو ڳائڻ شروع ڪيو۔

"ساري شھر وسايا پٿر جن سان چڪنا چور هيو،

پوء به هن ٿي نعرا ماريا، مڙس ته ڪو منصور هيو. "

مارشل لا جو ڇتو دؤر هو سو سنڌ جي ٻھراڙين ۾ ڪو ڳائڻو قومي گيت ڳائيندو ئي ڪونه هو، ڇوڪرن ويچارن ڪو سڄي رات پئي ڳائڻن کي فرمائشون ڪيون، پر ڪنهن به سندن فرمائش پوري نه ڪئي هجي، مون جو اهو غزل ڳاتو ته ڇوڪرا مستي مان اٿي پيا، اچي جهمريون وڌائون، جو بس ئي نه ڪن، ڪلام پورو ٿيو ته چيائون ته بابا ٻيو ڪلام ياد آ؟ مون چيو ها، وري نياز همايونيء جو ڪلام ڳايوسين، پوء ته فرمائش مٿان ٻي فرمائش، کوڙ سارا ڪلام ڳاتاسين، گهور به جام ٿي، آئون ڳايان ويٺو ۽ آريسر ٻٽ ٻڌي پيسا ميڙڻ تي آخر ۾ ڳڻياسون ته اسان کي ٻارهن سؤ روپيا پيا، ڳڻي اڳتي روانا ٿياسين۔

هڪڙو نوجوان اسان جي پويان پويان آيو، جنهن جي هٿن ۾ آريسر جو رسالو، ´پيغام` ان رسالي جي پٺيان آريسر جي تصوير به هئي، هن کي شڪ پيو ته هي ڳائڻا ڪونه آهن، منهن جي ڀر ۾ اچي مونکان هوريان پڇيائين ته ادا اوهان ڪير آھيو، مون چيو ادا اسين ٿر جا فقير آهيون. آء مائي ڀاڳيء جي ڪڙم منجهان آهيان ۽ هي مراد فقير جي خاندان مان آھي، پر همراھ مطمئن نه ٿيو، چوڻ لڳو ´نه لڳي ٿو ته اوهين فقير نه آھيو، هي همراھ ته پڪ سان آريسر آھي مون کيس چيو، ´ٻيلي معاف ڪج، آھي برابر آريسر پر ڀاڙي ۾ کٽا آھيون، قومي ڪم سان نڪتل آھيون، سو ڪنهن کان گهرڻ کان ڀلو آھي ته فن مان ڪمائي اڳتي وڌون، ان ڪري هتي آياسون،´ ڇوڪرن ويچارن اسان کي سڃاتو، ڏاڍي عزت ڏنائو، اسان کي اوطاق تي وٺي ويا، سٺي نموني سان کارايائون ۽ اسان کي اتان کان بدين ڇڏي آيا.

بدين کان پوء اسان وڏا وڳڻ تائين يڪي گاڏي بڪ ڪرائي، هونئن ڀاڙو ڪونه هو جو لاري واري واٽ تي ئي لاهي ڇڏيو هو، پر هاڻ ٻن چئن ڪلامن ڳائڻ جي ڪري ايترا پئسا ساڻ هئا جو پئسن جي ڳڻتي نه رهي هئي رڳو وقت بچائڻ جو الڪو هو۔وڃي منزل تي پهتاسين.

حوالو: وٺي هر هر جنم وربو(آتم ڪٿا) ليکڪ جمن دربدر، صفحو ۱۲۱.

(حفيظ چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۰ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)


جمن دربدر

چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو!!

غفار سومرو

 تڏھن پهريو ڀيرو سنگت ڏھرڪيء جي ساٿين ساڻ سائين جي ايم سيد جي سالگره جي پروگرام ۾ شريڪ ٿيو هوس.

مزار جي پيراندي کان بيهي سائين عبدالواحد آريسر جي لرزندڙ سگريٽي ڪلر جي چپن, ڳوڙھا ڳاڙيندڙ اکڙين کي ڏسندي سندس هٿن جي منڊي ۾ پنهنجو هٿ ڏيئي سنڌ جو قومي ترانو جهونگاريو هو.

واپسي تي بس جي ٻن ماڻھن واري سيٽ تي مون سان گڏ هڪ ٿلهڙو سانورو گول سنڌي ٽوپي پهريل شخص اچي ويٺو هو ۽ پنهنجي موج ڀري مهراڻ ۾ لهرون ۽ لوڏا کائي رهيو هو.

تڏھن مون کي ڄاڻ نه هئي ته هيءُ ئي سنڌ ۽ سيد جو عاشق صادق ماما جمن دربدر آهي جنهن جي شاعريء جي سٽن سموري سنڌ ۽ سن جي سيد کي جهومائي ڇڏيو آھي.

وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو

ختم اونداھ ٿي ويندي، چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو!

ويجهڙائي واري هڪ ساوڻي رت ۾ جڏھن شامڙيء جو امرڪوٽ جي قلعي جون ڏاڪڻيون لهي گاڏيء تي چڙھي امرڪوٽ جي اتر اوڀر ۾ شايد هڪ ڪلوميٽر کن پنڌ پٽي ننڍڙي ڳوٺ روحل واء جي هڪ ڪمري واري اوطاق جي اڱڻ تي پهتا هئاسين ته سائين حاجي ساند جي ڀر ۾ هن خوبصورت سٽن

جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ

پوء توکان منھنجي دوري آ

جو خالق سائين حليم باغي ۽ سندس ڀر ۾ اهو ساڳيو سادڙو سانورڙو سنڌي ٽوپي پهريل جهونڙو پر جوان جذبن وارو شاعر ماما جمن دربدر به آڌرڀاءُ لاء بيٺو هو.

هن ڀيري مون کيس جهٽ سڃاتو هو ڇو جو سوشل ميڊيائي دور سبب سندس شاعري پڙھي ٻڌي هئي ته وڊيوز ڦوٽو به ڏٺا هئا.

اسين سڀ سنگتين پريم پتافي, فدا ملڪ, اڪرم قاضي ۽ مون کيس جهڪي هٿ ملايو هو ۽ پاڻ سائين جي ايم سيد جي سنڌو ڪناري سن واري اوطاق جهڙي ويڪري ڀاڪر ۾ ڀري ورتو هئائين.

خوش خير. تعارف. حال احوال. هلڪي ڦلڪي ڪچهري شروع ٿي وئي.

تڏھن ماني به اچي لڳي هئي ۽ سنگت سان گڏ ٿر ديس جي ڌرتيء تي ويهي هڪ ئي پليٽ ۾ ماما جمن سان گڏ مون پهريون گرھ واپرايو هو.

هاڻي مون کي چڱي پر ڄاڻ هئي ته اڄ مان ڪيترو ڀاڳ وند آهيان جو ان شخصيت سان گڏ ويٺو ماني کايان جنهن جي لاء آڌي رات جو پنهنجي اوطاق تي سائين جي ايم سيد ڇٻيء ۾ ٻه چار مانيون ۽ کير جي چونري ڀري کڻي آيو هو.

 ٿر جي وارياسي پٽ مارئي جي ملڪ ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جي يگاني ڪردار سنڌ ۽ سيد جي عاشق ماما جمن دربدر سان تفصيلي ڪچهري, قومي تحريڪ جون خبرون,ادب تي ڳالهيون, سائينء جون ساروڻيون هلنديون رهيو ته ٻاهر کنوڻ, هلڪي گجگوڙ ۽ وسڪارو به شروع ٿي ويو هو.

 صبح جو هڪ ڀيرو ٻيهر اوطاق واري برسات ۾ ڀڳل اڱڻ تي ويٺي ڪچهريء جو ٻيو دور هلي رهيو هو, اڪرم قاضي جا تکا مٺا سوال هئا ماما جمن جا آزاديء جي ڳاڙهي جهنڊي جهڙا جواب هئا. منهنجي هٿ ۾ جهليل موبائيل تان تصويرون ڇڪبيون رهيون.

جڏھن ماما جمن پنهنجي مخصوص انداز ۾ پنهنجي مشهور گيت جون سٽون جهونگارڻ لڳو هو ته مون چند منٽن لاء ساھ روڪي وڊيو ريڪارڊ ڪئي هئي ۽ پوء فيس بڪ تي فخر وچان ڇڏي ڏني هئي ته دوستو ڏسو! مان به اڄ ماما جمن کان روبرو سندس مشهور گيت ٻڌي رهيو آھيان!

ته دوستو!

 هاڻ رهي ٽئين ملاقات جيڪا به اوس هڪ ڏينهن ضرور ٿيڻي آهي. ڪيئن! ڪٿي!

اها به ماما جمن پاڻ ئي ٻڌائي ويو آھي!

وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو

ختم اونداھ ٿي ويندي، چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو!

 

(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۰ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)


جمن دربدر جو وڇوڙو

وٺي ھر ھر جنم وربو، مٺا مھراڻ ۾ ملبو

نور سنڌي

سال ۲۰۲۱ع ۽ ۲۰۲۲ع اڀاڳا سال آھن. ھنن سالن ۾ اسان جا ڪيترائي پيارا اسان کان وڇڙي ويا آھن، جن ۾ ناميارا اديب، شاعر، سگھڙ، فنڪار، اداڪار، صحافي، سياستڪار، سماجي ۽ ساڃاھ وند شخصيتون شامل آھن. ۲۰ آڪبوبر تي جيئن فيس بوڪ تي آيس ته سنڌ پرستي ۽ سنڌيت سان انيڪ محبتون ۽ چاھتون رکندڙ، سنڌ سان وفائون ڪندڙ يگانو شخص مشھور قومي شاعر جمن دربدر جي وڇوڙي جي پوسٽ ڏسندي ڇرڪ نڪري ويو. يقين نه پيو اچي ته ماما جمن دربدر اسان کي ائين ڇڏي ھليو ويندو. جمن دربدر کي ھڪ شاعر ۽ قومي ڪارڪن جي حيثيت ته کيس ڪافي وقت کان سڃاڻندو ھئس، ھو منھنجي پسنديده شاعرن مان ھڪ ھو. منھنجي ملدسيءَ ۾ رھائش دوران اسان ۸۵ع ۾ نور آرٽ ڪلچر ويلفئر اڪيڊمي جو بنياد رکي ملدسي جھڙي پسمانده ڳوٺ جتي ان دور ۾ نه روڊ نه رستو، ان ڳوٺ کي ۸۵ع کان ۹۸ع تائين علمي ادبي ثقافتي پروگرامن جو مرڪز بنائي ساھتڪارن، ڪلاڪارن ۽ علمي سماجي شخصيتن جون ورسيون، جنم ڏينھن، اسٽيج ڊراما ۽ مڃتا ايوارڊن جا شاندار پروگرام ڪيا، جن ۾ سڄي سنڌ جا اديب شاعر شريڪ ٿيندا ھئا. انھي دور ۾ خواھش ٿي ته جمن دربدر سان ملدسيءَ ۾ سروھي سانجھ ملھائجي. مون ان حوالي سان پير بخش ڏيرو، گل لاکو ۽ ٻئي سنگت سان مشورو ڪري تاريخ به طئي ٿي، جمن دربدر کان اجازت وٺي ڪارڊ به ڇپائي تي ڏنا، پر انھن ڏينھن ۾ منھنجي امڙ جي لاڏاڻي جي ڪري تاريخ ملتوي ڪئي پر ان بعد چاھيندي به اھو پروگرام نه ڪري سگھياسين. ان بعد آئون شھدادپور لڏي آيس ۽ شھدادپور ۾ جمن دربدر سان شام ملھائڻ جي تياري ڪئي، جڏھن جمن سان رابطو ٿيو ته ان ٻڌايو ته کيس دل جي تڪليف آھي، جلد ھو دل جي آپريشن لاءِ ڪراچي ويندو، ان ڪري ساڻس شام نه ملھائي سگھياسين، وري تازو ساڻس ڀٽ شاھ ۾ شام ملھائڻ جو ارادو ڪيو، پر برساتي ٻوڏ جي ڪري اھو پروگرام نه ڪري سگھياسين. جڏھن سندس دل جو آپريشن ڪراچيءَ جي دل جي بيمارين واري اسپتال ۾ ٿيو ته سندس عيادت ڪندڙن جا اسپتال ۾ ميلا متل ھئا. سڀني جي ملاقات ته ڪونه پئي ٿي سگھي پر سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ ساڃاھ وند شخصيتون سندس عيادت لاءِ گلدستا ڪيڪ فروٽ کڻي اچي رھيا ھئا. گل حسن لاکو ۽ آئون جڏھن سندس عيادت ڪرڻ وياسين ته ڏٺوسين ته جمن دربدر جي مائٽن عيادت ڪرڻ لاءِ ايندڙن لاءِ اسپتال ٻاھران ھڪ ڇپري ھيٺان رليون وڇائي ديرو ڄمايو ھو، اتي ماما جمن جي عيادت لاءِ ايندڙ شاعر روز مشاعره ڪندا ھئا، جيڪي عيادت لاءِ راڳي ايندا ھئا، اھي جمن دربدر جا ترنم ۾ گيت ڳائيندا ھئا. سندس عيادت ڪندڙن جو تعداد ايڏو وڏو ھو، جو اسپتال جي انتظاميه ۽ ڊاڪٽر پريشان ٿي ويا ته ھڪ غريب شاعر جي عيادت لاءِ ماڻھن جون ايڏيون محبتون.

جمن دربدر شاعر ۽ قومپرست سماجي ورڪر مھمان نواز به ھو، پاڻ عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ روحل واءَ جي ساند قبيلي سان تعلـق رکندو ھو. پاڻ ۱۲مئي ۴۴ع ۾ بنيادي طور غريب مسڪين مارو ماڻھو جن جي گذر سفر جو ذريعو چوپايو مال ھو، ان خاندان جي ساڃاھ وند عبدالرشيد ساند جي گهر ۾ جنم ورتو. ھن خاندان ۾ پھريون فرد جمن دربدر ھو، جنھن ان دور ۾ مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي. ھن پرائمري تعليم عمرڪوٽ مان حاصل ڪئي. بعد ۾ سندس والد ڳوٺ ۾ اسڪول کولرايو ته چار درجا سنڌي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيو. ان بعد مڊل اسڪول صاڀي ۾ اٺين ڪلاس تائين پڙهيائين. ان دوران والد جي عزيز صاڀي جي مدرسي ۾ به پڙهيو، جتي قومپرست دانشور ۽ سياستدان عبدالواحد آريسر به ساڻس پڙهندو هو. ۱۹۶۲ع ۾ مئٽرڪ ميرپورخاص مان پاس ڪئي. عـمـرڪـوٽ ۾ پـڙهـڻ دوران کيس ادبي شوق ٿيو ۽ ڪـاليج جي اسـتاد خادم حسين شر کان قومي ۽ سوشلسٽ خيالن جا ڪتاب وٺي پڙهيائين. بعد ۾ ”بزمِ صوفياءِ سنڌ“ جي سفر دوران سجاول ۾ عبدالواحد آريسر جي معرفت هن جي سائين جي ايم سيد سان ملاقات ٿي. ان بعد سندس خيالن ۾ قومپرستيءَ وارو لاڙو پيدا ٿيو ۽ قومي تحريڪ ۾ شامل ٿيو. جمن دربدرBudder جو ڪورس هارٽيڪلچر ميرپورخاص مان (۶ مهينن جو) ۽ فيلڊ اسسٽنٽ جو ڪورس پاس ڪري فيلڊ اسسٽنٽ مقرر ٿيو ۽ مختلف علائقن ۾ نوڪري ڪيائين. جمن دربدر هڪ ئي وقت بھترين شاعر، فنڪار، ڊراما آرٽسٽ ۽ ڊراما نويس ھو. هن زرعي ڪاليج سڪرنڊ ۾ تعليم دوران ڪيترائي ڊراما اسٽيج ڪيا، جن ۾ هن اداڪار، صداڪار ۽ هدايتڪار طور حصو ورتو. انھن ۾ بدنصيب ٿري، سکن وارو سج، گلن واري ڇوڪري، آس، ڏک ۽ ڏڪار، چنڊ لڳي ٿو لولو، ٽرڙو عاشق لڱ به منهنجا لوهه، جابر وڏيرو، آخري ٻه ڊراما هن سڪرنڊ زرعي ڪاليج ۾ ڪيا، جڏهن ته سندس طبعزاد ڊرامن ۾، ’آس‘، ’سکن وارو سج‘ ۽ ’ٽرڙو عاشق‘ شامل آهن. جمن دربدر اڳوڻي ٿرپارڪر ضلعي ۾ جيئي سنڌ محاذ جو آرگنائزر به رھيو، بعد ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ به تمام گھڻو سرگرم رھيو. جمن دربدر ڪچھرين ۾ ٻڌايو ته هن شاعريءَ جي شروعات ۱۹۶۸ع ڌاري عشقيه شاعريءَ سان ڪئي ۽ پوءِ عوامي ڏک سک ڏسي قومي شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. سندس شاعري سنڌ جي تقريبن اخبارن رسالن ۾ شايع ٿيندي رھي آھي. سندس ڪافي شاعري محفوظ نه ٿي سگھي آھي، سندس ھڪ گيت، ”وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو/ ختم اونداهه ٿي ويندي، چٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو“ تمام گھڻو مشھور ٿيو. جيڪو سائين جي ايم سيد اڪثر جھونگاريندو ھو. اھو شعر سائين جي ايم سيد جي مزار واري احاطي جي دروازي تي به لکيل آهي. جمن دربدر کي ننڍا وڏا پيار مان ماما سڏيندا ھئا. جمن دربدر پنھنجي ڪتاب ۾ لکيو آھي ته آئون مخدوم طالب الموليٰ وٽ جڏهن پنهنجي لاءِ ٽي چار تخلص لکي کڻي ويس، جن ۾ ”موج ٿري“، ”گهايل ريگستاني“، ”سائل“ ۽ ”دربدر“ هئا، مخدوم صاحب ”دربدر“ تي ٽڪ ڪري چوڻ لڳو ته ”فقير! تنهنجو تخلص دربدر ٿا رکون. سنڌي وارو دربدر نه، پر عربيءَ ۾ بدر چوندا آهن چنڊ جي سهائيءَ کي ۽ در جو مطلب چهرو، سو اهو تخلص توکي تڪليفون جام ڏيندو، پر نالو وڏو ڪمائيندو ۽ مخدوم طالب الموليٰ جي اھا دعا قبول پئي ۽ پاڻ وڏو نالو ڪمايو. سندس آخري سفر ۾ عوام جو وڏو سمنڊ اٿلي پيو ھو. جڏھن مشھور صوفي راڳي مانجھي فقير پنھنجي سُنگ سان جمن دربدر جا قومي گيت ڳائي رھيو ھو ته عوام جي سمنڊ جون اکيون اٿلي پيون، ھر ماڻھوءَ جي اک آلي ھئي. ھر طرف سڏڪا ھئا، آھُون دانھون ھيون، ھرطرف قيامت خيز منظر ھئا. روحل واءُ جو راڻو سنڌ جو عاشق، جنھن سنڌ جي عشق ۾ تڪليفون سھي، نگر نگر گلي ۾ سنڌ جي سجاڳيءَ جا گيت ڳائي سنڌ جي ماڻھن کي سجاڳ ڪيو.

ٿر جو گونجندڙ آواز ڳاءِ انقلاب ڳاءِ آلاپيندڙ سنڌ جو کاھوڙي ڪردار قومي تحريڪ جي جاکوڙ ۽ جدوجھد جو اھڃاڻ قومي شاعر ماما جمن دربدر ثابت ڪيو ته ڪردار وڏي شيءِ آھي، پئسو وڏي شي ناھي. اڄ سنڌ جو عاشق سڄي سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي وڇوڙي جا وڍ ڏئي ٿر کي سڃو ڪري روحل واءَ ۾ ماتم برپا ڪري ڏورانھين ڏيھ ڏي راھي ٿي ويو، جتان وري ڪير واپس نه آيو آهي. اڄ سڄي سنڌ سوڳ ۾ ورتل آھي سنڌ ۽ سيد جو عاشق ڏھاڳ جا ڏک ڏئي، سنڌ کي روئڻھارڪو ڪري ابدي دنيا ڏانھن راھي ٿيو پر سندس عزم حوصلو ھمٿ جاکوڙ جدوجھد سدائين اسان جي رھنمائي ڪندا رھندا. ھو رڳو حليم باغيءَ جو مامو نه ھو پر سڄي سنڌ جو مامو ھو. سندس وڇوڙي تي سندس عزيزن ۽ قومي ورڪرن سان ھن ڏک جي گھڙيءَ ۾ برابر جا شريڪ آھيون. اسان سندس ئي ھڪ خوبصورت گيت سان کيس ڀيٽا ڏيون ٿا،

هي دنيا هل چل جي بستي هتِ ماڻهو ايندا ويندا هِن،

چار گهڙيون مهمان رهي پرلوڪ پداري ويندا هِن،

اڪثر ماڻهو بعد مرڻ جي ياد نه ڪنهن کي ايندا هِن،

ڪي ڪي ماڻهو تاريخن ۾ نقش اڀاري ويندا هِن.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۱ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

جمن دربدر

وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو

علي زاهد

جڏهن وقت جي هڪ وار سبب هڪ ڪارڪن جام شهادت نوش ڪيو ته آواگون جي گمنام غفائن مان اها سدا اڀري ته ”وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو“ تڏهن اها سدا پهرين سن جي سيد ٻڌي، سمجهي ۽ خود مامي جمن دربدر کي سمجهائي ۽ پوءِ جمن دربدر جي ئي آواز ۾ اها سدا سڄيءَ سنڌ ۾ ايئن گونجڻ لڳي جو ان جي سرگم ۽ سنيهي تي سڄي سنڌ سراپا رقص بڻجي وئي. ها. . . جمن دربدر جي اها سدا جنهن آواگون واري اوائلي تصور کي جدت جا زيور پارائي اهڙو ته عام ڪيو جو ان ماڻهن کي آجپي لاءِ جاکوڙڻ وارو عمل سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، پوءِ سنڌ جي ڪيترن ئي نسلن آجپي جي واٽ تي هلڻ لاءِ دربدر جي ان سدا تي پنهنجون جوانيون واري ڇڏيون، ان اميد سان عمل جي ميدان ۾ ڪڏي لٿا ته جي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ هي جنم گهور ٿيو ته ڇا ٿيو؟ ”وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو“!

سنڌ جو اهو ڪهڙو ڳوٺ هوندو جنهن ڏانهن ويندڙ پيچرن مامي جمن دربدر جي دربدر پيرن کي بوسا نه ڏنا هوندا، يا اهو ڪهڙو شهر هوندو جنهن جون ڳليون ان درويش جي درويشيءَ جون ساکي نه هونديون؟ اهو ڪهڙو اوتارو هوندو جتي ڌرتيءَ جي ڳالھ جي ڪا جهيڻي لاٽ ٻرندي هجي ۽ اتي هي دربدر پتنگو نه پڳو هجي؟ اهو ڪهڙو سراءِ هوندو جتي هن لطيف جي کاهوڙيءَ جُتي پائي سمهي کن پل لاءِ وسرام نه ڪيو هوندو ۽ ٿڪ ڀڃڻ لاءِ جڏهن هن اکيون پوريون هونديون ته ننڊ جي آغوش ۾ وڃڻ کان اڳ لطيف سرڪار سدائين سندس ڪنن ۾ سرگوشيون ڪري ياد ڏياريو هوندو ته:

کرڪڻا لاهي، سک نه ستا ڪڏهين،

اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.

جمن دربدر سچ ته لطيف سرڪار جي ان بيت جو هو به هو عڪس هو، سندس ڪيل پنڌ سندس دربدري سندس نالي سان گڏ سندس ذات سان ايئن ئي سلهاڙيل رهي جيئن سندس ذهن جي ڪينواس تي سدا لاءِ سنڌ ۽ سيد سان عشق جا عڪس پينٽ ٿيل رهيا آهن. جوانيءَ ۾ هن سنڌ ڏانهن جيڪي پنڌ ڪيا، سندس پيريءَ ۾ سنڌ انهن پنڌن جو قرض ايئن لاٿو جو سڄي سنڌ وٽس پنڌ ڪري ايندي رهي، کيس محبتن جا گل آڇيندي رهي ۽ هن سدائين مرڪندي نه رڳو اهي گل پنهنجو جهول جهلي ورتا پر موٽ ۾ هن سنڌ کي ائين ئي گل آڇيا جيئن بهار رت ۾ آرائين مند جي آمد جي نويد ڏيندي گل ورهائيندو هو. امر ڪوٽ جا رستا ۽ امر ڪوٽ جا اوتارا جيڪي سڄيءَ سنڌ کي پنهنجي اکين سان روحل واءِ جو مهمان ٿيندي ڏسندا رهيا آهن، روحل واءِ جي ان ڀٽ سان ضرور رِيس رکندا هوندا. مامو جمن دربدر جنهن پنهنجي سڄي حياتي سيد جي نظريي سان سلهاڙي گذاري ڇڏي، پر روحل واءِ ڏانهن ويندڙ واٽ تي کڄندڙ قدمن، ڪڏهن به اهو سوچي وکون نه کنيون هونديون ته انهن جو ڪهڙي نظريي، جماعت، فرقي، مذهب يا گروھ سان تعلق آهي ۽ نه ئي اهو ته جنهن سان ملڻ لاءِ اهي قدم روحل واءِ ڏانهن کڄي رهيا آهن، ان جو تعلق ڪهڙي سوچ، فڪر، نظريي يا مسلڪ سان آهي. مامي جمن سان ملڻ لاءِ ايندڙ سنڌ جي سوچ ۾ رڳو هڪ ئي ڳالھ جي هڪجهڙائي هئي، اها آهي ”جمن دربدر“. . . جنهن روحل واءِ جي تڏي تي ڪهي آيل هر مهمان کي هڪ ئي نظر ۽ نظريي سان ڏٺو، ساڳيءَ دل سان سڀن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ هر ڪنهن کي ساڳي ۽ هڪ جيتري ئي محبت ڏني، مامي جمن جي دل به ڄڻ محبتن جي ساهمي هئي، جيڪا سڀن لاءِ هڪ جيتري ئي پئي ڀري ۽ پلٽي.

مامي جمن دربدر جي زندگيءَ جا کوڙ پاسا آهن، آنءُ سمجهان ٿو ته سندس هر پاسو سگهارو آهي، هر پاسي جي پنهنجي اهميت ۽ سڃاڻپ آهي، هر پاسي جي پنهنجي خوشبو به آهي ته جوت به، پر مون وٽ مامي جي جنهن پاسي جي لاءِ تمام گهڻي اهميت به آهي ته عقيدت به، سو آهي مامي جمن جو عشق، مامو جمن عاشق نه هو پر سراپا عشق هو ۽ اهو عشق سندس زندگيءَ جي هر پاسي جو بڻ بڻياد پڻ آهي. مون کيس تمام ويجهي کان ڏٺو، پرکيو ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سندس ڪيترا ئي راز اڄ به منهنجي سيني ۽ ليپٽاپ ۾ محفوظ آهن جيڪي سندس امانت آهن، جيڪي هن عام سان سلڻ لاءِ مون کي منع ڪيو هو، ظاهر آهي ته اهي آئون ڪڏهن به عام ڪونه ڪندس پر رڳو ايترو ضرور چوندس ته هن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان عشق ڪيو آهي ۽ عشق کي عيب نظر ناهن ايندا، جي نظر ايندا به آهن ته عشق کي اهو هنر به ايندو آهي ته انهن عيبن کي ڪيئن نظرانداز ڪبو آهي، لڪائبو آهي. ان عشق وٽ ته رڳو اهو ئي درس هوندو آهي ته ”ميرو ئي محبوب، اسان مارو من ۾“.

انسان سان محبت ڪرڻ جو انداز به عجيب آهي، انسان سان محبت جڏهن انتهائن کي رسندي آهي ته پوءِ اندر ۾ درويشي لهي ايندي آهي، اها درويشي ان انسان جي زندگيءَ جي هر پاسي مان لياڪا پائڻ لڳندي آهي، جمن دربدر ته درويشيءَ جي مامري ۾ ڄمندي ئي ڄام آهي، ڪي ماڻهو عظيم ڄمندا آهن، ڪي ماڻهو پاڻ پنهنجي عظمت ثابت ڪندا آهن، ڪن ماڻهن تي عظمت عاشق هوندي آهي، جمن دربدر درويشيءَ جي دڳ تي رولاڪيون ڪندڙ اهو مسافر آهي جنهن تي عظمت عاشق آهي، سندس عظمت ۽ درويشيءَ جو ساکي روحل واءِ تي بيٺل اهو نم جو وڻ پڻ آهي جنهن سنڌ جي وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ کي پنهنجي ڇانو ۾ جمن دربدر جي درويشي، عظمت ۽ ڏاهپ مان ڍڪ ڀريندي سائو ۽ ڍائو ٿيندي ڏٺو آهي. جيڪو به آيو اهو اگهيو آهي، اهو ممڪن ئي ناهي ته جنهن روحل واءِ جو ڀيرو ڀڳو هجي، اهو اڃارو واپس وريو هجي. نم جو اهو وڻ ڪيترن ئي ميڙن جو پڻ ساکي آهي جيڪي باغيءَ، حاجيءَ ۽ سگهڙ سان گڏ ساند خاندان جي سمورن ڀاتين جي سنگت ۾ مامي جمن سنڌ جي ساڃاھ لاءِ سجايا آهن، اڄ پڻ اتي هڪ تمام وڏو ميڙو متل آهي، چون ٿا ته جمن دربدر کي مٽيءَ ماءُ جي هنج حوالي ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ اتي گڏ ٿي آهي، اڄ روحل واءِ تي مامي جمن پاران کلي کيڪارڻ ۽ ڀاڪر ۾ ڀري آڌرڀاءُ ڪرڻ وارا منظر ته ڪونه هوندا پر جمن دربدر هر هنڌ آهي، هئو ۽ هميشه رهندو.

مون کي ڌنڌلين اکين سان لکڻ جو تجربو اڳي ڪونه هو، پر اڄ ٿي ويو آهي، آئون هي جيڪو ڪجھ لکي رهيو آهيان، ان جا اکر جيتوڻيڪ ڌنڌلائجي رهيا آهن، پر مون کي خبر آهي ته آنءُ مامي جمن لاءِ ”هئو“ جو لفظ استعمال ڪرڻ جي همٿ نه پيو ساريان، اهو ئي ڪارڻ آهي جو مون هتي هر هنڌ ”آهي“ جو لفظ لکيو آهي، ڇو ته آواگون واري نظريي تي منهنجو ايمان هجي نه هجي، پر ايتري پڪ اٿم ته مامو جمن ڪيڏانهن به ناهي ويو، هو اتي ئي آهي، اسان منجھ موجود آهي، جي کن پل لاءِ عالم ارواح ڏانهن هليو به ويو آهي ته پڪ اٿم ته هو ضرور واپس ورڻو آهي، ڇو ته هن پاڻ ئي ته چيو آهي ته ”وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو“ سو مهراڻ جا اهي ميلا سدا آباد رهڻا آهن ۽ آباد رهندا.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۲۱ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


جمن دربدر

ڇڏي شھر تنھنجو مٺا اڄ وڃون ٿا

احمد علي صابر چانڊيو

وٺي هر هر جنم وربو مٺا مھراڻ ۾ ملبو۔ ختم اونداھ ٿي ويندي چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو۔ اسانجي جنگ آ جاري۔ ٿيندي سا نيٺ سوڀاري۔ مري ويندا مڙئي ماري۔ رتي لا لاڻ ۾ ملبو۔ مٺا مھراڻ ۾ ملبو ۔۔۔ هن امر گيت جو تخليقار جمن دربدر امرڪوٽ ٿرپارڪر وارو ۸۰ سالن جي ڄمار ۾ هميشه لاء اسان کان جسماني طور اڄ وڇوڙو ڪري ويو آھي۔ جمن دربدر اهو ناياب گيت ۱۹۸۳ع ۾ ان وقت ٺاهيو هو جڏهن سنڌ يونيورسٽي تي ٿيل پوليس آپريشن ۾ ۲۶ مئي تي قومپرست شاگرد احسان ميمڻ شھيد ٿي ويو هو۔ان جي شھادت تي هن هي گيت ٺاهيو هيو ۽ سائين جي ايم سيد جي ۱۹۸۴ع واري سالگره ۾ سن ۾ سائين جي ايم سيد آڏو اسٽيج تي جمن دربدر اهو گيت جهونگاريو هو۔ جڏهن اهو گيت جمن دربدر پڙھي رهيو هو ته سائين جي ايم سيد روئي پيو هو ۽ سائين جي ايم سيد جمن دربدر کي سڏ ڪري ڀرسان ويھاري چيو هو ته جمن تو لطيف وانگر نئون نياپو ڏنو آھي ته پاڻ ھر هر جنم وٺي وري وري مھراڻ ۾ ملنداسين تنهنجي هن تخليق مونکي ٻئي جنم جي پڪ ڏني آھي تنھنجو گيت امر آھي جنھن ڪري تون ۽ اسان مرڻا ناهيون پر ويس مٽائي ورڻا آھيون ۔مان ان وقت عمر ۾ ڪافي ننڍو هيس پر اهو ياد آھي ته مون ڏٺو هو ته ايڏي عظيم تخليق جي بانيڪار جمن دربدر کي پاتل ڪوٽ جا کيسا به ڦاٽل هئا۔ڇوته اهڙا ماڻھو ظاهري ملڪيت جا مالڪ نه هوندا آھن پر هنن جي ملڪيت سندن تخليق هوندي آھي ۽ مان سمجهان ٿو جيئن سائين جي ايم سيد پنهنجي فڪر ذريعي قيامت تائين زنده آھي تيئن ئي هي غريب قومي شاعر جمن دربدر به جسماني طور اسان کان وڇڙيو آھي پر سندس هن عظيم تخليق هن کي به تاحيات زنده ڪري ڇڏيو آھي۔

 

(احمد علي صابر چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۱ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)


جمن دربدر

ريتون، رسمون، رواج ڪافر مسلمان ناهن ٿينديون، هر هڪ قوم جون الڳ ٿينديون آهن.

حافظ سڪندر تنيو

اڄ سنڌ جو قومي ۽ عوامي شاعر ماما جمن دربدر سنڌ وطن جي سرزمين ۾ آرامي ٿيو آهي، سندس جنازي ۾ سندس قومي شاعري ڳائي کيس دفنايو ويو آهي، جنهن تي ڪن مُلن مانڌاڻ مچايو آهي ته اهو ڪفر ڪيو ويو آهي، ان لاء عرض آهي ته جنازو پهريان ته نماز آهي ئي نہ، اها هڪ رسمي دعا آهي جيڪا عرب پنهنجي زبان ۾ ميت لاءِ گهرندا آهن، ميت جي لاءِ جمعاڻا، ٽيجها، چاليها، ٻارها جون مانيون يا خيراتون هو ڪين ڪندا آهن، ميت دفنائڻ بعد هو روئڻ پٽڻ ڪين ڪندا آهن، قبر تي قبا ڪين اڏائيندا آهن، ڪوئي جمال ناصر، انور سادات، زيد بن سلطان النهيان، ياسر عرفات، شاھ فيصل جي مزار يا قبو ڏيکاري ڪين سگهندو،عربن منجھ مڪي جي مشرڪن ۽ مڪي جي مومنن جون ريتون رواج ساڳيا ئي رهيا، ڏاڙهي ابوجهل کي به هئي ته مومن ٿيندڙن پڻ ساڳي ڏاڙهي رکي، لباس جهڙو مڪي جا مشرڪ پائيندڙ هئا ساڳيو لباس مومنن جو پڻ هيو، جنازو جهڙي طريقي سان مشرڪن جو دفنايو ويندو هيو ساڳيو رواج طريقو مومنن جو پڻ هيو، زبان جيڪا ابو جهل ڳالهائيندو هيو ساڳي زبان مومن پڻ ڳالهائيندا هئا، ابوجهل ۽ مشرڪن جي زبان کي ڪافرن جي زبان ڪو نه چيو ويو، نڪي مومنن ڪا نئين زبان لاڳو ڪئي، جيئن هتي سنڌي زبان کي ڪافرن جي زبان چئي کيس ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ اردو کي مسلمان زبان چيو ٿو وڃي، پر عربن وٽ زبان پڻ ڪافر ۽ مسلمان نه بڻائي ويئي.

پر اسان وٽ هندوستان ۽ سنڌ جون ميت لاء ريتون رسمون پنهنجون آهين، سندس ايصال ثواب لاء مُلن کي، مائٽن کي، پاڙي وارن کي سنگت ساٿ کي چڱو چوکو کارائي وڏي چهر ڪرائي ويندي آهي، انڪري ملان چوندا آهن ته مالڪ سائين ننڍو وڏو مار پر ڏينهن نه کار، سو جمن جي جنازي ۾ جيڪدهن ساز سرود وڄائي کيس دفنايو ويو آهي ته ان ۾ ڪائي قباحت ڪانهي، دنيا جي حڪمرانن جا جنازا پڻ توپن، بندوقن، بينڊ باجن وڄائي دفنايا ويندا، پر اتي مُلن جي فتوا ڏيڻ کان مُٽُ وهي ويندو اٿن، باقي جمن فقير جهڙن مسڪينن تي يڪتارو وڄيو ته سندن وٽ ڪفر ٿي پيو، هرهڪ قوم جي مرڻي پرڻي جي رسمن کي ڪفر اسلام جو نالو نه ڏيڻ کپي، کيس سنڌي رسمن موجب دفنايو ويو آهي، سندس وارثن، سندس سنڌي قوم جنهن ۾ آؤن پڻ شامل آهيان کين سلام پيش ڪريان ٿو،جمن هڪ ڀيري ڪراچيءَ ۾ جمن شاعري ٻڌائي رهيو هيو، نوجوانن سندس شاعري تي جهومي رهيا هئا، چونس پيا اڃا ڳاء اڃا ڳاء، اسٽيج تي نوجوان چڙهي ويا کيس چميون ڏيڻ لڳا، جنهن تي جمن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا چيائين مون هڪڙيون چميون امڙ ڏنيون هيون، ٻيون چميون هي نوجوان ڏيئي رهيا آهن، مون ڏانهن پنهنجي آتم ڪٿا جو ڪتاب وٺي هر هر جنم وربو هٿ اکرن سان لکي سائين تاج جوئي معرفت موڪليو هيس، جمن سدا ئين حيات رهندو وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو، جمن جي حياتي ۽ موت سڦلائتو ٿيو، پاڪ کيس اعلي مرتبو عطا ڪيس آمين

 

(حافظ سڪندر تنيو جي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۱ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)


ماما جمن دربدر

ڳالھه ڪيان ڪيهي!. . مهراڻ ۾ موٽي اچي ملجان. .

شوڪت ميمڻ

“ماما جمن منهنجي وڏي ڀاءُ جو دوست هو، ادا پاڻ ته آهي ڪونه، ان ڪري سندس بدران جمن جو ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ آيو آهيان. ” عبدالواحد آريسر جو ننڍو ڀاءَ محمد هارون ان کان اڳتي ڪجھه ڳالهائي نه سگهيو. گيتن جي گونجار ۾ جمن دربدر جي ميت کي جنهن مهل سندس گهر واريءَ جي قبر ڀرسان دفن ڪيو پئي ويو ان ويل سندس پٽ “سگهڙ” کان وٺي جمن دربدر جي ڪانڌپي جو ڀت کائيندڙ ڪامريڊن تائين ڪيئي ماڻهو سڏڪڻ سان گڏ سوچي به رهيا هئا ته ٻوڏن جي ٻوڙيل هيلوڪي سنڌ پنهنجي هڪ فقير پٽ کي جيڪو پيار ڏئي رهي آهي، ڇا اهڙو پيار هن دور جو ڪو زورآور زردار پئسي ۽ پاور جي زور تي خريد ڪري سگهي ٿو؟

سندس ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ کان پوءِ روحل واءَ جي واٽ تان موٽندي سوچي رهيو آهيان، سج لهڻ جي هن سمي جهڙي ريت پکي پنهنجن آکيرن ڏانهن موٽي رهيا آهن، ماما جمن به پنهنجي ماڳ ڏانهن موٽي ويو آهي، پر ماما جمن وڃڻ کان اڳ هڪ واعدو به ڪري ويو آهي ته هو هر هر جنم وٺندو ۽ وري واپس ايندو رهندو.

مهراڻ ۾ ٻيهار ملڻ جو وچن ڪري ويل ماما جمن دربدر جنهن نم جي وڻ هيٺان ويهي محمد رفيع جا گيت ڳائي پنهنجي پراڻي پيار کي ساريندو هيو، نم جي انهيءَ وڻ کان سڏ پنڌ پري ديويءَ جي وڻ هيٺان کيس دفن ڪيو ويو.

هالن واري اصلي اجرڪ ۾ ويڙهيل ماما جمن دربدر جي دفن ٿيل جسم مان پرواز ڪري ويل ساھه وانگر سندس سپنا به آزاد پرديسي پکين وانگر آسمان ڏانهن اڏامي ويا آهن.

ماما جمن جي مرتئي تي ڄامشوري ۾ بام جي ڊگهن وڻن جي ڇانو ۾ خيالي اپسرائڻ سان نينهن جا ناتا جوڙيندڙ شاعر حليم باغيءَ جون سڪي ويل اکيون به سنڌ جي نامڪمل سم نالن وانگر اٿلي پيون هيون، جنهن مهل ماما جمن جي ميت کي قبر ۾ لاٿو پئي ويو ته ان مهل تڏي تان اٿي حليم باغي چيلھه ڀڳل مريض وانگر ٻن نوجوانن جي ڪلهن جي سهاري گهر وڃي رهيو هو.

ماما جمن جو ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ مهل ڪنن تي پيل سندس نياڻين جون دانهون به ٻڌڻ ۾ اچي رهيون هيون، اهي نياڻيون جن هڪ انٽرويو ۾ مون کي ٻڌايو هو، “امان جي مرڻ کان پوءِ بابا اسان کي ماءُ وانگر پيار ڏنو آهي”

مون کي ياد اچي رهيا آهن اهي پل، جڏهن ٽي سال اڳ آئون صحافي دوست ڌڻي بخش سان گڏ تمام گهڻي تيز برسات ۾ ماما جي ڳوٺ پهتو هئس، ماما جمن ان وقت مهمانن کي ماني کارائي واپس گهر ويو هو. اسان جي اچڻ جي نياپي تي هو جنهن مهل واپس وريو پئي ته سندس هٿ ۾ لسيءَ جو گهالو ۽ رومال ۾ ٻڌل ماني هئي.

مون کي خبر ناهي ته اها سندس عادت هئي يا اهو سائين جي ايم سيد جو مٿس اثر هو پر پڇا ڪرڻ تي چيائين،

“ابا ايترو پري کان آيا آهيو ته بک ته ضرور اوهان کي لڳي هوندي. ”

پوءِ سندس دوست ڊاڪٽر جوڌي مل ماما جمن جي مهمان نوازيءَ جا قصا ٻڌايا، جنهن کان پوءِ اسان جو اهو ايمان پختو ٿيو ته سنڌ ۾ سخي ماڻهو ناياب ضرور آهن پر اهو نسل اڃان مڪمل طور ختم ناهي ٿيو.

پر خبر ناهي ته بنا پڇڻ جي ماني کڻي ايندڙ ماما جمن جي مري وڃڻ کان پوءِ سنڌ جي مهمان نوازيءَ واري اها ريت ۽ رسم اڃان ڪيترو وقت جيئري رهي سگهندي؟

برسات جي موسم ۾ کنڀين جي ٻوڙ تي ڪيل ڪچهري ۾ هو پنجابي ڇوڪريءَ سان اڙايل اکين جو قصو ٻڌائي محمد رفيع جي گيتن تي اسان کي رئاڙيندو رهيو.

سنڌ ۾ ڪوبه “هرمن سنگھه” ناهي، نه ته ماما جمن پاران خانپور ڪٽورا کان لاهور جي داتا دربار تائين ڪيل ارڙهن ڏينهن واري پنڌ تي “ليليٰ مجنون” جهڙي اهڙي مووي ضرور ٺهي ها جنهن کي ڏسي هن دور جا نوجوان پراڻي دور جي الف ليلوي عشق جي داستانن تي به اعتبار ڪري سگهن ها.

ماما جمن جي عشق واري انهيءَ فلم جي ان سين تي گلزار کان “اس موڙ سي جاتي هين، ڪچھ سست قدم رستي، ڪچھه تيز قدم راهين. . ” جهڙو الڳ نظم لکرائڻو پوي ها جنهن سچي سين ۾ لاهور جي مال روڊ ڀرسان هڪ پارڪ ۾ جڏهن فلم جي هيرو کي سندس محبوبه واپسي جو ڪرايو ڏئي واپس وطن وڃڻ لاءِ چوي ها.

نه فقط ليلي’ مجنون فلم جهڙو ڊائريڪٽر هرمن، پر هيلوڪي سنڌ ۾ شاهه لطيف جهڙو ڪو شاعر به ته ڪونهي جيڪو پيار جي پيچ ۾ اڙجي پيرين پنڌ نڪتل سسئي واري سلسلي جي هڪ سچي عاشق تي اهڙا بيت لکي ها جن کي ترتيب ڏيڻ سان “جمن دربدر” جي عنوان سان هڪ الڳ سر بڻجي وڃي ها.

ماما جمن دربدر عشق ۽ انقلاب جو اهڙو شاعر هيو جيڪو محبت جي مامرن ۾ الجهي پيرين پنڌ ڪندو رهيو.

هن سنڌ جي سياست ۾ روايتي بحرو ڪونه ورتو پر هو سنڌ سان عشق جي اهڙن ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو جن کي ۲۰ آڪٽوبر تي رات جو ساڍي ٽين وڳي کيس پيل دل جو دورو به ٽوڙي نه سگهيو.

امرڪوٽ جي اوسي پاسي مان سنڌ اسيمبلي جي سيٽ تي چونڊجي اچڻ کان پوءِ وزارتن جون ڪرسيون ماڻيندڙ سيد سردار علي شاھه پاران ماما جمن جو ڪلهي ڪانڌي نه ٿيڻ جو اسان کي ڪوبه افسوس ڪونهي، نه ئي اسان کي بشير خان جي ان پٽ سان ڪا معيار آهي جنهن جو پيءَ ماما جمن سان اهڙي احترام واري انداز سان ملندو هو جيئن هو پنهنجي رهبر سان ملڻ وقت جهڪي پوندو هو.

ڇا اهو ڪافي ناهي ته ماما جمن جي مرڻ تي سڄي سنڌ سوڳوار آهي.

ڇا اهو ڪافي ناهي ته سوشل ميڊيا واري هن دور جي سموري سنڌ جيڏي نئين اوطاق تي ماما جمن جو تڏو وڇايل آهي.

ماما جمن جي موت تي سنڌ جو هر ماڻهو ايئن سوڳوار آهي جيئن ڪوئي پنهنجي ويجهي عزيز جي مرڻ تي ڏکارو ٿي پوندو آهي.

ماما جمن روحل واءَ جي واري تي اڏامندڙ مور هيو جيڪو اوچتي پيل دل جي دوري کان اڳ ڪيترو ئي عرصو پنهنجي ڳوٺ تائين محدود هو ۽ بيمار هو، پر هن وقت جي سردار شاهن اڳيان هٿ ڪونه ٽنگيو،

هن ته پنهنجو حال به ڪنهن سان ڪونه اوريو. . .

جمن دربدر اڄ کان ۷۸ سال اڳ ان وقت اکيون کوليون هيون جڏهن سنڌ هڪ غلاميءَ مان آزاد ٿي ان کان به بدتر ٻي غلاميءَ جي سنگهرن ۾ ڪونه جڪڙي هئي.

سنڌ سان ازلي عشق جي پاداش ۾ جمن جي دربدري ڏسي سموري سنڌ کيس ماما سڏيندي هئي.

جمن دربدر ويٽنام جي انقلابي اڳواڻ هوچي منھه جهڙيون جنگيون کڻي نه به وڙهيو پر سندس اشراف ڪردار جي ڪري هو به هوچي جيان سموري قوم جو انڪل بڻجي ويو.

“هر هر جنم وٺي مهراڻ ۾ ملڻ” واري گيت تي سائين جي ايم سيد جي اکين مان ڳڙيل ڳوڙهن جهڙي اڇي اجري ماڻهو جي موت تي سنڌ پاران کيس ڏنل ڀيٽا ڏسي اکين ۾ لڙڪ ۽ دل ۾ خوشيءَ وارو احساس آهي.

ماما جمن دربدر مال ملڪيت ميڙڻ واري ڌنڌي کان آخر تائين اڻ واقف رهيو،

سنڌ جي مڪار ۽ سياڻي سياست ۾ هن جو اميج ڪل ٿڙيل هڪ ديواني شخص جهڙو هيو، پر اڄ ان ديواني انسان جي مرڻ تي سنڌ جو ساڃاھه سڏڪا ڀري روئي رهي آهي ۽ کيس ارپي رهي آهي اها محبت جنهن جي تلاش ۾ هو امر ڪوٽ کان لاريءَ ۾ چڙهي لاهور لاءِ روانو ٿيو هو ۽ خان پور ڪٽورا وٽ ڀاڙو ختم ٿيڻ تي پيرين پنڌ نڪري پيو هو.

سستي پبلشر پاران سندس شاعريءَ جو ڇپيل مجموعو ۽ ڪلامن جي هڪ ڪيسٽ کان سواءِ ڪجھه اسٽيج جا ڊراما ۽ روڊن رستن تي ڪيل مشڪريءَ جي محفلن کان سواءِ باقي ته هن جي زندگيءَ جو سمورو سفر سنڌ لاءِ هيو.

ماما جمن دربدر جي اها سڃاڻپ نه هئي ته هو مزاحمتي شاعر حليم باغي ۽ حاجي ساند جو مامو ھو، نه ئي ماما جمن کي ماڻهو فقط ان ڪري سڃاڻندا هيا ته هن استاد شفيع فقير سميت مختلف فنڪارن سان گڏجي گيت ڳاتا هئا پر ماما جمن عشق جو اهڙو اهڃاڻ هو جنهن کي فقط عاشق ئي پرکي ۽ پروڙي سگهن ٿا.

اڄ جڏهن ماما جمن جي مرڻ تي سموري سنڌ سڏڪي رهي آهي تڏهن ئي اهو احساس ٿي رهيو آهي ته ماما جمن جا عاشق هزارن ۽ لکن ۾ آهن.

ماما جمن سنڌ سان جنهن عشق جي ابتدا ڪئي هئي سو هاڻ نئين نسل جي رڳن ۾ رت بڻجي ڊوڙي رهيو آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۱ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


پاڻ کي جمن ڇو وڻندو ھو!

ھڪ ٻوگھلڙي من جي ننڍڙي ڀيٽا

نيمُون. . .

سندس پنھنجي وطن ۾ ھڪ نگاھه کانپوءِ ٿيل ان ھڪ طرفي عشق جي الھام کانپوءِ، ھو جيڪو پرديسڻ پار لاھورڻ جي عشق ۾ سنڌ وطن مان اڏري وڃڻ کانپوءِ سندس پويان بُلا شاھه ۽ ماڌو لال حسين جي ان ديس، پيرين پنڌ سنڌ مان نڪتو ھو. جتي جي گلين ۾ عاشق ڪڃرين جان گنگھرو پائي نچي پنھنجا محبوب راضي ڪندا آھن.

سوين ڪوھه پنڌ، کيسا خالي، پيٽ خالي، ڪپڙا ميرا ليڙون ليڙ بس چت ۾ فقط سندس محبوب.

عاشقن جا پنڌ بس محبوبن جا آستان ھوندا آھن. پاڻ ڪڏھن لکيو ھو ۽ پاڻ سان به ايئن ٿي گذريو ھو ان ڪري جمن دربدر مون کي ڏاڍو وڻندو ھو.

ٻنھي جو نتيجو پاڻُ پلي ھڪ مستقل الوداع جي صورت پاڻُ سميٽي رھڻو ھو. بلا شاھه، ماڌو لال حسين جي نگريءَ ۾ اسان جي ھن محبوب مستو مست فقير کي به خالي جھول موٽڻو ھو جو محبوب جي منزل پھچڻ تي جمن ان ماءُ جي جھليل جھوليءَ کي مانُ ڏئي جنھن ۾ ھوءَ کيس سندن عزت خاطر ڌيءَ جي پچر ڇڏڻ جو چئي ٿي. ماني ڳڀو کارائيس ٿي ۽ ھو ميرو ليڙان ليڙ عاشق سخي سندس جھوليءَ ۾ اھو سڀڪجھه رضا سان وجھي ڇڏيندي، وطن طرف موٽ کائي ٿو، جنھن جي به ھوءَ کانئس اميد ڪندي صدا ھڻي ٿي. تنھن مھل ھو ڪڇ- ڪاٺياواڙ جي راجا راءِ ڏياچ جو جثو ٿي جاڳيو ھو.

پر پاڻ جمن جان نه ھئاسون، نه پرديسي پرين جي پچار رھي نه سندس جھڙا ديوانگيءَ ڀريا پنڌ نه اوجاڳا ھا. جمن چريو ماڻھو ھو پاڻ ڪجھه ڪجھه ماڻُھپي ۾ ٻوگھلائپ ڀريا وائڙا. . .

سنڌي ته ازل کان ڪنھن جي ڌيئرن جي سربازار پوتي لاھڻ جا مجرم ناھن رھيا. پنھنجي پڳ جا پلو ڦاڙي نياڻين جي اگھاڙن مٿن رکيا آھن. ھي مگر اڄ جي سنڌ جو ھي بي حياءُ نسل، پوش جيڪو به ايئن ڪري ٿو پڪ سمجھو ان جو تخم ڪنو آھي.

جمن ڀاڳن ڀريو ھو انڪار جي آڙاھه سمي به سندس پيار مليو ھو ۽ پنھنجو سماجي ڀاڳ اھڙو نه ھو پنھنجي جھوليءَ ۾ آڙاھه پيا مگر نام نھاد اناپرستيءَ جا. ان ڪري جمن دربدر مون کي ڏاڍو وڻندو ھو.

ڇا ٿئي ھا جي سندس جي پيار جھليل جھوليءَ ۾ قبوليت جي محبتن جا موتي ڀري سيني سان لائجي ھا. ھن جھان جون ھڙئي مائرون محبتن جون ويري،ظالم، يزيد،شمر، فرعون نمرود ابليس ٿين ٿيون. ( منھنجي ڌيءَ جي ماءُ ايئن ٿيندي مون وٽ ھڪ وڏو سوال آھي؟ ان جو جواب في الحال سئو سيڪڙو انڪار ۾ آھي جو مونکي ڌيءَ ناھي)

لاھورڻ ماءُ جي جھوليءَ ۾ سخاوت جي دائمي ٿڌي ڇانوَ اوتي آيل سخي منش جمن کي انکانپوءِ روحل واءَ جي رھگذرن، سرزمين سنڌ جي ھوائن ۾ آخري ساھن تائين نٽھڻ اس ۾ رھڻو ھو، مگر ڪنھن ٿي ڄاتو ته ان انڪار بعد ھو اتان وطن قوم جي عشق جي ڀاڳن ڀري سڌوري سنڌوءَ ڇانورن ۾ ھميشه رھڻ وارو پڻ آھي، جنھن سفر جي ھر منزل ڏکن مصيبتن عذابن جا پٻ، پھاڙ آھن ۽ ھو شاعر بڻجي سنڌوسڀيتا جي سرن سازن موسيقي ۾ سدا ڳايو ويندو، ڳائبو رھندو. مان شاعر ناھيان نه ٿيڻ جو چاھه، پر پنھنجي ٻوگھلي ارڌلي مزاج کانپوءِ وطن قوم جي نجات لاءِ چت ۾ ٻرندڙ چراغ پاڻ وٽ به ايئن جليا جيئن جمن جي ھنئين ۾ ھرکر ٿي ٽم ٽم ٽانڊاڻا بڻجي ٻريا ھوندا. ان ڪري جمن دربدر مون کي ڏاڍو وڻندو ھو.

پاڻ سماجي وطني قومي عمل جي گلقاريءَ جي راھن ۾ مڪمل معزور بڻيل فقط حوالي جيوَ آھيون مگر جمن کي ھر ساعت، ھر گھڙيءَ مسلسل پنڌ، جاڳ، جدوجھد ۾ رھندو پسندو ڏسي، سندس پيرن، پنڌن، اوجاڳن، ٽھڪڙن، آلين اکڙين ۾ پنھنجا نيڻ رکي ڇڏبا ھا ۽ ھن ڪڏھن مايوس نه ڪيو. ان ڪري جمن دربدر پاڻ کي وڻندو ھو.

عبدالقادر جوڻيجو کانپوءِ جمن دربدر ھن واھيات سماجي جانورن جي جھان ۾ ٻيو ماڻھو ھو، جنھن سان پنھنجي حياتيءَ ۾ سرزمين سنڌ جي ڪنھن سرد صبح ماڪ ويلا، آرھڙ جي مند سمي ڪنھن ٽاڪ منجھند پھر ڳيرن ڪبوترن جي گٽرگون گٽرگون صدائن سنگ يا ڪنھن لھندڙ سج، سانجھيءَ سمي ڳئن مينھن ٻڪرين جي ڳچيءَ ۾ وڄندڙ ٽلين، چڙن جي وڄٽن، ڌمالن سنگ ھن سان ڀاڪر پائي ملڻ، گل تي چمي ڏيڻ جي آس وري اڌوري رھجي وئي.

مين تي هڪ خيال هان

هڻ لڀسان نال خيال دي.

پر پنھنجو ٻوگھلو، ارڌلو، ڪلڇڻو، اڻ گھڙيل ھَردو ميل ملاقات جي حساب ڪتاب کان پري رھندي فرحت ۾ ضرور آھي، اداس ڏکارو ناھي جو پنھنجا محبوب ته جمن جھڙا رھندا پئي آيا آھن ۽ اڃا به رھندا.

جمن جي ھڪ ماءُ جي مان رکڻ واري سخاوت، وطن قوم سان عشق جي موٽ فطرت ان کان وڌيڪ ٻئي ڪھڙي ڏئي سگھندي جوايندڙ صدين جي ھر پل اھُو گيت جيسين ھڪ به سنڌي ھن جوءِ ۽ جھان ۾ زندھه رھندو سندس زبان تي رھندو، جمن سدا جو جيئرو رھندو.

 ۽ جڏھن جڏھن به وطن قوم جي عشق ۾ سرشار جيوَ ڪنھن به قومي ڪردار جي آخري آرامگاھن طرف محو سفر ھوندا، سندن زبانن تي، تاڙين جي تال ۾، سندن رقص ۾ جمن جو گيت رھندو ئي رھندو!

وٺي ھر ھر جنم وربو

مٺا! مھراڻ ۾ ملبو. . .

پاڻ سندس موڪلاڻيءَ کي ھڪ ڀرپور پيار سان ملھائڻ وڃي رھيا آھيون

سنڌي دھل شرناءِ جي واڄٽ ۾ بي خود جھمر سان. جو پاڻ وٽ سندس موڪلاڻي سمي روئڻ پٽڻ جو ڪو جواز ناھي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۱ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


جمن دربدر

وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو

ھدايت الله قريشي

جمن سائين سان ملاقات سڪرنڊ زرعي ڪاليج ۾ ۱۹۶۸ع ڌاري ٿي. روزانه ميل جول ملاقاتون ڪلاس ۾ يا سرڪاري فارم تي پريڪٽيڪل ڪم ڪرڻ وقت ويجهو ٿيندا وياسون اتي ڪاليج ۾ سڀ دوست کيس ڏاڏا جمن سان سڏ ڪندا هيا پو اڳتي هلي جيئن هي ۽ سندس ڀاڻج حليم باغي حاجي ساند شاعري جي ميدان ۾ اڀريا ته پو هي ماما جمن دربدر سڏجڻ لڳو.

ڪاليج ۾ ڊراما راڳ رنگ جون محفلون هلنديون رهيون هن يار کي انڊيا جس گيت غزل گانا نورجهان جا گانا ۽ مهدي جا غزل بر زبان ياد هوندا هيا هڪ جواني ٻيو لاهورڻ جي نه ماڻڻ جو ڏک ڇا ته آلاپ هوندا هيا خدا کيس گلي جو آواز اهڙو ته ڏنو هيو جو ڄڻ ٿر ۾ مور مٽڪو ناچ پيو نچي ۽ٽھوڪا پيو ڪري.

ڪاليج ۾ ويجهڙائپ کان پو هي يار دردن کي اندر ۾ سانڍي پنهنجا زندگيءَ جا لاها چاڙھا محنت مزدوريون تڪليفون ڏک ڏاکڙا جن مان هي گزريو هيو اهڙي ته انداز رنگ ڍنگ سان بيان ڪندو هيو جو ٻڌندڙ کي اکرن ۾ آنسو اچي ويندا هيا.

ڪاليج مان نڪرڻ بعد هرڪو نوڪري سان لڳو نه خط نه تار نه ڪا ائڊريس نيٺ اڳتي هلي هي رٽاير ٿيو مان به رٽاير ٿيس پو عمر ڪوٽ ڀرسان سندس ڳوٺ ۾ ڪچهريون ٿيڻ لڳيون ڪڏھن هي يار ۽ سندس ڀاڻج منهنجي ڳوٺ ته مان وري وسڪاري ۾ سندن جي ڳوٺ.

ڇا ته انسان هيو هي مسڪيني ۾ به امير هيو دل جو سخي مهمانواز محفل مچائڻ ته ڪو هن کان سخي هي هن واهيات جانورن جي ڌڻ کان ٻاهر رهيو ڪنهنجي اڳيان هٿ نه ٽنگيائين نه ڪنهنکي ستايائين هي منفرد آدرشي انسان هيو.

قومي ڪاڄ ۾ سلهاڙجڻ کان پوءِ سائين جي ايم سيد آريسر صاحب ۽ ٻين دوستن جي همعسري مان گهڻو پرايو ۽ آخري گهڙي تائين هي ان ڪاڄ سان سلهاڙيل رهيو.

پري پري کان هر مڪتبه فڪر جا ماڻھو زميندار بيوروڪريٽ صرف هن يار سان ڪچهري ڪرڻ ايندا هيا سڄو ڏينهن رات ميلو متل ئي هوندو هيو.

اسان جي پيار جي سفر کي۵۵ سال ٿي چڪا هيا جو يار بنا موڪلائڻ جي اهڙي سفر اسهيو جو اتان ڪو واپس وريو ناهي.

هي تصويرون ساڻس سان ۽سندس جي ڀاڻجن سان ڪچهري ڪندي ناشتو ڪندي يا استاد شفيع سائين جي ڪلب تي راڳ ٻڌڻ مهل ورتل آھن ڪجه سندس جي آخري آرامگاه ڀرسان ورتل آھن.

مان سندس جي گهر جو بلڪ خاندان جو دادلو ٻار ٿي رهيس سڀ ننڍا وڏا بي انت پيار ڏين پيا پيار ڏيڻ ته ڪو هنن ٿرين کان سکي.

اڄ سنڌ ٿر سميت اداس آھي هر اک اشڪبار آھي ٿر کي ڄڻ بر ڪري ويو ۽ هنن جي ٽمورتي جي تسبيح جو امام داڻو ٽٽي ويو.

هر ماڻھو ائين چوي پيو ته مونسان جمن واه جو پيار ڪندو هيو مان چوان ٿو ته مون سان پيار سوايو ڪندو هيو.

زندگي ائين گزارجي جو وڃڻ کان پو ڪو چڱي حوالي سان ياد ڪري سو هن يار کي سڀ گر ايندا هيا اداس دلين کي به آرام پهچائڻ وارو هيو.

 

(ھدايت الله قريشيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۱ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)


جمن دربدر جي جيون ڪٿا

اعجاز منگي

هو سادو هو. سٻاجهو هو. پر هن جو روح سرڪش هو. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته هو ان رستي تي قدم نه رکي ها، جنهن رستي تي ڪنڊا هئا. هو ڪنهن وڏيري جو واٺو نه پئي ٿي سگهيو. ڇو ته هن جي ضمير جي خمير ۾ اهو عنصر شامل ئي نه هو. هن سدائين بغاوتن جا گيت ڳاتا. هن انساني سورن کي سر عطا ڪيا. هن جي درد جو دائرو پوري دنيا جيترو هو. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته جڳ مشهور گيت ۾ اهي ٻول ڇو ٻولي ها:

”اهو يورپ يا لبنان

جتي ماريو ويو انسان

انهيءَ ماڻهوءَ سندي ارمان

جي رت ڇاڻ ۾ ملبو“

جنهن ماڻهوءَ جي دل ۾ احساس هوندا آهن، ان ماڻهوءَ جي شعور ۾ ان روشنيءَ جو به جنم ٿيندو آهي، جنهن روشنيءَ سان اندر جي اونداهه ختم ٿي ويندي آهي.

جمن درد بدر پوري دنيا جي درد جو اظهار ڪندو هو. پر هن جي احساسن جي ڪائنات جو مرڪز هن جو ديس هو. هن جو اهو ديس جنهن جي وڏين عمارتن ۽ قلعن جي شان ۾ هن ڪو گيت نه لکيو. هن لکيو ته پنهنجي ٿر جي پٽن تي لکيو. ڀٽن تي لکيو. درياهه جي ڇولين تي لکيو. پکين جي ٻولين تي لکيو. هو ڪنهن وزير، مشير جو ٻولڙيو نه هو. هو هن ديس جو سچو پچو فقير هو.

هو هڪ اهڙو انسان هو، جنهن تي فيض احمد فيض جا آخر ۾ لکيل لفظ ايئن لهن ٿا، جيئن پاڻيءَ مٿان پرديسي پکي لهندا آهن.

جمن جي پوري زندگي هڪ شعر جو عملي نمونو هئي. هن کي مال ۽ دولت سان ڪو لڳاءُ نه هو. هن پنهنجي مالڪ کان صرف دل جي دولت گهري هئي ۽ اها دولت هن وٽ ايتري هئي جو هن جي ان دولت تي وقت ۽ بخت سان سڪندر به هن سان ريس ڪندا هئا. هو ڪڏهن به ڪنهن به طرح سان پنهنجي مالي حالت جو ماتم ڪندي نه ٻڌو ويو. ڇو؟ ڇو ته هن وٽ ضمير هو. هن وٽ شعور هو. هن وٽ ان شعور جو غرور هو. هو عبدالواحد آريسر جو دل گهريو دوست هو. هن ڪتاب نه پڙهيا هئا پر هن آريسر جهڙي عالم کي ٻڌو هو. هو آريسر جي مڪتب جو سڀ کان ذهين شاگرد هو.

سائين جي ايم سيد سان هن جي عقيدت تمام گهڻي هئي. جي ايم سيد هن کي تمام گهڻو ڀائيندو هو. جي ايم سيد کي هن جي شاعري ۽ هن جي ڳائڻ جو انداز تمام گهڻو موهي وجهندو هو. پر هن جو جيڪو ناتو ۽ رشتو عبدالواحد آريسر سان هو، اهو ٻيو ڪنهن سان نه هو. هونءَ ته هن سان هر قدم تي ميلا هئا. پر سچي ڳالهه اها آهي ته عبدالواحد آريسر جي لاڏاڻي کان پوءِ جمن دربدر تمام گهڻو تنها رهجي ويو هو. هو پنهنجي ان اڪيلائيءَ جو اظهار به ڪندو هو ته ڪجهه ان طرح سان ته جيئن ٻڌڻ واري کي ڪا شڪايت محسوس نه ٿئي. هو تمام ڌيرج ۽ تمام محبت سان اهي ساروڻيون ساريندو هو، جن جي تنهائيءَ جي تند وڄندي هئي. هن جي ڳالهين ۾ هڪ ڳوري خوشبو هوندي هئي. اها درد جي مهڪ هن جو تعارف هئي. هو پاڻ هڪ درد هو. اهڙو درد جيڪو هن جي روح ۾ اوطاق بڻائي ويهي رهيو هو. ان ڪري جڏهن جمن لکندو به هو ته هن جي کل جي وٿين مان هن جو درد ليئا پائيندو نظر ايندو هو. پر هو پنهنجي درد جو ان طرح سان اظهار نه ڪندو هو جو ماڻهو هن تي رحم کائن. ماڻهو هن سان همدردي ڪن. هن کي همدردي ۽ قياس جي جذبن کان تمام گهڻي چڙ هئي. هو ته سراپا محبت هو. هن کي صرف ۽ صرف محبت وڻندي هئي. اها محبت ئي هئي، جنهن هن کي مور جهڙي رقص جو انداز ڏنو هو. جنهن هن کي اهڙي شاعريءَ جي ڏات ڏني هئي، جنهن شاعريءَ ۾ ڪي وڏيون ادبي عظمتون نه هيون. ان شاعريءَ ۾ سادگي هئي. سچائي هئي. جمن دربدر جي پوري زندگي هڪ سفر هئي. اهو سفر جيڪو منزل جي لاءِ نه ڪيو ويندو آهي. اهو سفر هن جي جيون جي سڀ کان وڏي مايا هو.

هو مسڪين ماڻهو هو. هن کي پنهنجي مسڪينيءَ تي ناز هو. ان حوالي سان هو لطيف جي انهن ڪردارن جهڙو هو، جن جي مٿان دولت جي دهشت مڙهي نه سگهندي آهي. جن مٿان موهه جو جادو نه هلندو آهي. اهي ڪردار جيڪا دنيا سان خوف يا لالچ سبب ڪو سمجهوتو نه ڪندا آهن. جيڪڏهن خوف ۽ سمجهوتو جمن دردبدر جي شخصيت ۾ هجي ها ته هو ان طرف قدم ئي نه وڌائي ها، جنهن طرف ويندڙ واٽ لاءِ هڪ اردو شاعر غضب جو شعر لکيو آهي ته:

”راهه وفا مين هر سو ڪانٽي

ڌوپ بهت اور سائي ڪم“

اها راهه هئي جمن دربدر جي! اها راهه جنهن جي لاءِ اياز به لکيو آهي ته:

”راهه انوکي سڀ کان چوکي

پيرا پيرا ناهي ڪڙ“

ان راهه جو راهي هو اسان جو جمن دردبدر! اهو جمن دربدر جيڪو ڪنهن به قسم جي شڪايت ڪرڻ ۽ ڪنهن به قسم جي مالي مدد ڪرڻ واري مطالبي ڪرڻ کان سواءِ پنهنجا ساهه پساهه پورا ڪري هن ڌرتيءَ ۾ سمائجي ويو. هو پنهنجي وجود ۾ ڌرتيءَ کان ڌار ٿيل هڪ ٽڪر هو ۽ هو وري پنهنجي جنم ڀوميءَ سان ملي هڪ ٿي ويو. هن کي پنهنجي مٽيءَ سان محبت هئي. هن کي مٽيءَ سان محبت هئي، ان ڪري هن کي مٽيءَ هاڻن ماڻهن سان به محبت هئي. هن ڪڏهن به ڪنهن شان مان ۾ ڪو قصيدو نه لکيو. هن ڪڏهن دولت واري جو دروازو نه کڙڪايو. هو ته سنڌ جي نوجوانن جي دلين تي دستڪ ڏيندڙ مسافر هو. هن وٽ شعور هو. هو ان شعور کي پنهنجي شاعريءَ ذريعي ائين ڦهلائيندو هو، جيئن ڪوئي گل پنهنجي سرهاڻ کي ڦهلائي پنهنجي ماحول کي مهڪائيندو آهي. هن پنهنجي دل کي هڪ گلاب وانگر بڻايو ۽ هن ان گلاب سان هي ديس مهڪائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي.

جمن دربدر قومي قافلي جو مسافر هو. هن جي فڪر ۽ هن جي سياست مٿان ڪو پردو پيل ناهي. هن ڪڏهن به ڪنهن کان ڪجهه به نه لڪايو هو. هن وٽ ڪمپرومائيز وارو مزاج ئي نه هو. هن جي اندر ۾ جيڪا جوت هئي، ان جا واسطو جنهن فڪر ۽ فهم سان هو، ان جي پوري سنڌ کي خبر آهي. ان ڪري هو سرڪار جي آڏو هٿ ٽنگڻ جي ڪڏهن سوچ به پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏني. هن ان سلسلي ۾ ڪنهن جي صلاح ٻڌڻ به گوارا نه ڪئي. ڇو ته هو پنهنجي مسڪينيءَ ۾ به تمام گهڻو سرڪش هو. هن کي معلوم هو ته هو جنهن فڪر جو پوئلڳ آهي. ان فڪر وارا ماڻهو ڪنڌ ڪٽائي ته ڇڏيندا آهن پر انهن کي ڪنڌ جهڪائڻ نه ايندو آهي. ان فڪر سان لاڳاپيل ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جو پورو سفر ان طرح سان ڪندا آهن جو انهن کي ڪنهن به موڙ تي مايوس نه ٿيڻو پوي. اهو ئي سبب آهي ته جمن دربدر کي ڪڏهن به ڪنهن ذاتي پيڙا ۾ شڪايت ڪندي نه ٻڌو. هو سنڌ جي نوجوانن سان جنهن دور ۾ مليو، اهو دور موبائيل فونن جو دور هو. ان ڪري هر نوجوان وٽ هن جي ڪا نه ڪا تصوير آهي. هو نوجوانن سان ملي هڪ طرح جي مسرت محسوس ڪندو هو. هن کي محسوس ٿيندو هو ته نئون نسل هن جي پاسي آهي. هو ڪنهن وڏي حساب ڪتاب ۾ پوڻ وارو شخص ئي نه هو. هن جي جيون جو جيڪو به پوتا ميل هو، اهو هن جي سادگي ۽ هن جي سچائي هئي. هو پنهنجي سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان هلندي پنهنجا پساهه پورا ڪري ويو پر اها ڳالهه هن جا مخالف به مڃيندا ته هن جي دامن مٿان ڪو داغ لڳل نه هو. هن ڪڏهن به پنهنجي فڪر ۽ فهم جو سودو نه ڪيو هو. هن جڏهن به ڪو قدم کنيو هو ته پنهنجي پوري سمجهه، سوچ ۽ ذميواريءَ جي احساس سان کنيو هو ۽ هن جي ان قدم جي قيمت هن ڪوڙي دنيا وٽ ٿي ئي نه ٿي سگهي. ڇو ته اهو قدم سچ ۽ حق جي طرف هو.

جمن دربدر پنهنجا ڏينهن پورا ڪري ويو پر هو پنهنجي ذات جي صورت ۾ هڪ مهان مثال ڇڏي ويو آهي ۽ جو اهو مثال ثابت ڪري ٿو ته انسان جيڪڏهن پاڻ مجبور ٿيڻ نه چاهي ته دنيا جي ڪا به طاقت هن کي مجبور ڪري نه ٿي سگهي. جيڪڏهن جمن دربدر پنهنجن پيرن تي پختگيءَ سان بيهي سگهيو ته ان ۾ هن جي سوچ جي اٽل ارادي واري قوت هئي. اها قوت هن کي ان سمجهه ڏني هئي، جيڪا دل ۽ دماغ کي روشن ڪري ڇڏيندي آهي.

جمن دربدر جو جيون ڪجهه لفظن ۾ به لکي سگهجي ٿو. اهي لفظ اسان کي فيض احمد فيض کان وٺڻا پوندا. اهي لفظ جن ۾ فيض لکيو آهي ته:

”جو تيري حسن ڪي فقير هوئي

ان ڪو تشويش روزگار ڪهان؟

درد بيچين گي، گيت گائين گي

اس سي خوشبخت ڪاروبار ڪهان؟“

اهائي جيون ڪٿا آهي، ان عظيم مسافر جي، جيڪو پنهنجي ابدي راهه جو راهي ٿي هليو ويو ۽ پويان ڪنهن به قسم جي مايوسي ۽ ڪنهن به قسم جي پيڙا نه ڇڏي ويو. اهو ئي سبب آهي ته هن جي لاڏاڻي تي به ساز ٻرندا رهيا ۽ هن جا ٻول ٻهه ٻهه ڪندا رهيا.

هن جي لاڏاڻي تي صوفي سنگ جي چپن مٿان جيڪو هن جو گيت هو، اهو گيت هن جي پوري زندگيءَ جو نچوڙ هو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو جمن دربدر کي هن مهل تائين نه سمجهي سگهيو آهي. جيڪڏهن ڪو به فرد جمن دربدر سان نه ملي سگهيو آهي ته هن کي سمجهڻ ۽ هن سان ملڻ جي سموري رمز هن جي ان گيت ۾ سمايل آهي، جيڪا ڪالهه کان وٺي هر قومي ڪارڪن ۽ مظلومن جي لاءِ سياسي جدوجهد ڪندڙ انقلابي ڪارڪنن جي چپ تي چمڪي رهي آهي. اهي ٻول صرف اهوئي انسان ٻولي سگهي ٿو، جنهن انسان کي يقين هجي ته هو فاني ناهي. هو ته پنهنجي ڏات سبب پنهنجي ذات ۾ امر آهي. ان ڪري ئي هن اهو علان ڪيو هو ته:

”وٺي هر هر جنم وربو

مٺا مهراڻ ۾ ملبو“

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۲۱ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



جمن دربدر

پنھل ساريو

موت انهن لاءِ ھجي ٿو جن ڌرتي وطن عوام ۽ سماج لاءِ ڪجھه ناهي ڪيو پر اهي ماڻهو جيڪي سماج جا موتي داڻا هجن ٿا سي قطعي مرڻا ناهن پر ماما جمن دربدر ته سنڌ توڙي هن سنسار جو انتهائي اهم انسان هو،

اڄ سندس جسماني وڇوڙي تي هر آلي اک تاريخ ۽ ڌرتيءَ جي هن دلبر انسان کي قومي سلام پيش پئي ڪري، هو تاريخ ۽ ڪائنات کي ڪلا سر سنگيت ۽ بي پناھه قومي پورهيو ڏيئي ويو. اهو شاھه لطيف جي بيتن، شاھه عنايت جي مزاحمت ۽ سيد جي ڏاهپ کڻي جهر جهنگ جيئي سنڌ جي تسبيح جو ورد ڪندي قومي تحريڪ کي منظم ڪرڻ لاءِ سڄي ڄمار پاڻ پتوڙيندو رهيو، هن هر ظلم جبر ۽ غلاميءَ جي ڪاري رات کي للڪاريو، هو انتهائي سادي طبيعت بلڪه بنهھ عاجزي پسند انسان ھو، بلڪل ايئن جيئن شاھه سائين جو هي بيت آھي ته

“ھڻڻ ھڪلڻ ٻيلي سارڻ مانجهيان ايءُ مرڪ،

وجهن تا نه فرق رڪ وهندي راند ۾ “

شايد موت کي اها ڄاڻ ڪانهي ته مهراڻ جا موتي ناھن مرندا اھي ته ٻين کي سدائين جيئڻ جو ڏس ڏيندا وتندا آھن، پر ھن جيءَ جهوري وڌو آھي. تاريخ جي نيڻن مان نير وهائي وڌا آھن. تنهن سبب هر اک آلي آھي.

ماما! جمن دربدر جي زندگيءَ ۾ جيڪي درد سور پَيڙاھون آيون، اھي ته وسارڻ تمام ڏکيو ۽ اوکو ڪم آھي.

ماما! جمن جڏھن ڪنهن جي عشق ۾ لاھور جو پنڌ ڪيو ھو، تڏهن به ھن واٽهڙو ڪيترين ئي ماڳن ۽ رستن تي رولاڪيون ڪيون پر جڏهن کيس سيد جي فڪر جي سڌ پئي آريسر سان ياراڻي ۾ آيو اياز کي پڙھيائين تڏهن کان هو ڌرتي جي ازلي عشق ۾ جڪڙجي مٽيءَ سان محبت ڪرڻ لڳو،

انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ماما! جمن دربدر جسماني طور تي اسان کان الڳ ٿي ويو پر اھو روحاني طور تي ڪڏھن ۽ ڪنهن به حالت ۾ جدا ٿي نٿو سگهي. ان لاءِ جان ڊيوئي جو قول به ڪجھه ھن طرح آھي ته

“جسم فنا ٿي سگھي ٿو پر روح با بقا رھندو آھي.“

ماما! ته ھونئن سدا سورن ۾ ھوندو ھو ڪڏهن ڪڏھن هو وري سنڌ کي سقراط سمجھندو ھو. ته سنڌ به ساري سقراط بڻجي پئي آھي.

ماما! جڏھن چيو؛

اڪثر ماڻهو ديوانن تي ڪوڙي فتوا ڏيندا ھن،

ڪي ڪي ماڻهو اناالحق جي تند تنواري ويندا ھن.

جڏهن جمن دربدر اهي سٽون جهونگاريندو هو تڏهن انهن مستانن، ديوانن محتاجن ۽ ھاتڪن ماڻهن جو قدر سامهون اچڻ اڻٽر هوندو هو،

هو روحل واءَ جو هيرو ۽ سنڌ جو عاشق هو. هو سيد جو حقيقي پيروڪار هو جنهن دولت کي لت هڻي علم ۽ شعور کي پنهنجو بڻايو خواهشن کي ماري ڌرتي ۽ مٽيءَ سان محبت ڪئي،

“ڪنهن ڏاهي چيو آھي ته شاعري ۽ تاريخ ئي ھر فرد کي بچائي سگھي ٿي، ان جي زندگي ۾ سنگيت پيدا ڪري سگھي ٿي،

ماما جمن دربدر جي روحاني نسبت روحل فقير سان جڙيل آھي ۽ روحل واءَ به ان تناظر جي تخليق لڳندي اٿم. ها هو اڪثر ڪري روحل فقير جي شاعريءَ ئي پڙھندو ھو،

“ھڪ ھندو ٻيا مسلمان، ٽيون وچ وڌائون وير. “

 ۽ ڪڏھن ڪڏھن ته بيدل سائين جون سٽون پڙھندو ھو ته

“اکران وچ جو هي اڙيا، عشق دي چاڙھي مور نه چڙھيا “

اي! ماما جمن دربدر

توکي سارڻ ته وطن سان وفاداري چئبي.

 ۽ توکي وسارڻ ته وطن سان غداري چئبي.

تون ته پنھنجو مٽ پاڻ ھئين

تو ۾ ته مهراڻ جون ڇوليون

ڇلڪنديون ھيون،

مون مکي، نيرڙي ۽ ڪينجھر ڍنڍ تنهنجي اندر ۾ ڪڪوريل ڀانئين ھئي.

 ۽ ها جڏھن ڪيف ڪڪورجي ويندا آھن ته زندگيءَ ۾ نئون تازو روح رقص ڪرڻ لڳندو آھي.

ماما جمن جڏھن پنھجي آواز ۾ شاعريءَ پڙھندو ھو

ته استاد منظور علي خان جو من به مندر بڻجي ويندو ھو.

ھاءِ! حياتي ماما اسان سان ھرپل ھردم ساھه جي رڳ کان به ويجھو رھڻو آھين.

بس ھو ته لبنان ۽ يورپ جو درد ھو.

ته سنڌ جو حقيقت ۾ سور سمائجي ويو ھو.

ماما! جمن جڏهن اسٽيج تي ايندو هو ته سندس جنون جوانن کي نئين جاڳرتا ڏئي ڇڏيندو ھو.

ماما جمن جو ساند قبيلي سان تعلـق هو. هن عمرڪوٽ ضلعي ۽ تعلقي جي ڳوٺ روحل واءَ ۾ عبدالرشيد ساند جي گهر ۾ ۱۲ مئي ۱۹۴۴ع تي جنم ورتو. سـنـدس والـديـن بنـيـادي طـور مسڪين ۽ مال تي گذرسفر ڪندا هئا. سندس والد هاري هو. هي پاڻ ۾ ٻه ڀائر ۽ چار ڀينرون هئا. شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول عمرڪوٽ مان حاصل ڪيائين. بعد ۾ سندس والد ڳوٺ ۾ اسڪول کولرايو ته چار درجا سنڌي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيو. ان بعد مڊل اسڪول صاڀي ۾ اٺين ڪلاس تائين پڙهيائين. ان دوران والد جي عزيز صاڀي جي مدرسي ۾ به پڙهيو، جتي قومپرست دانشور ۽ سياستدان عبدالواحد آريسر به ساڻس پڙهندو هو، هن ۱۹۶۲ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي. ان Budder جو ڪورس هارٽيڪلچر ميرپورخاص مان ۽ فيلڊ اسسٽنٽ جو ڪورس پاس ڪري فيلڊ اسسٽنٽ مقرر ٿيو. ماما جمن ۱۹۷۰ع کان جاتيءَ، سجاول، باران فارم، غلام نبي شاھه، ڍوري ناري ۽ ڇور ۾ فيلڊ اسسٽنٽ طور نوڪري ڪيائين.

عـمـرڪـوٽ ۾ پـڙهـڻ دوران ڪـاليج جي اسـتاد خادم حسين شر کان قومي ۽ سوشلسٽ خيالن جا ڪتاب وٺي پڙهيائين، بعد ۾ “بزم صوفياءِ سنڌ” جي سفر دوران سجاول ۾ هن جي سائين جي ايم سيد سان ملاقات ٿي ۽ هن جي خيالن ۾ قومپرستيءَ وارو لاڙو پيدا ٿيو. بعد ۾ عبدالواحد آريسر سان ويجهڙائيءَ سبب قومي تحريڪ ۾ شامل ٿيو.

جمن دربدر هڪ ئي وقت شاعر، فنڪار، ڊراما آرٽسٽ ۽ ڊراما نويس هو. هن زرعي ڪاليج سڪرنڊ ۾ تعليم دوران ڪيترا ئي ڊراما اسٽيج ڪيا، جن ۾ هن اداڪار، صداڪار ۽ هدايتڪار طور حصو ورتو هو. جهڙوڪ بدنصيب ٿري، سکن وارو سج، گلن واري ڇوڪري، آس، ڏک ۽ ڏڪار، چنڊ لڳي ٿو لولو، ٽرڙو عاشق، لڱ به منهنجا لوھه، جابر وڏيرو. آخري ٻه ڊراما هن سڪرنڊ زرعي ڪاليج ۾ ڪيا، جڏهن ته سندس طبعزاد ڊرامن ۾ “آس”، ”سکن وارو سج” ۽ “ ٽرڙو عاشق”شامل آهن.

اڳوڻي ٿرپارڪر ضلعي ۾ جيئي سنڌ محاذ جو آرگنائيزر رهيو، اهڙيءَ ريت هن پهرين باقاعدي جيئي سنڌ محاذ ۽ بعد ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ سرگرم سياست ڪئي.

 سال ۱۹۶۸ع ڌاري عشقيه ۽ مذھبي شاعريءَ ڪئي ۽ پوءِ عوامي ڏک سک ڏسي قومي شاعري ڪئي. جمن دربدر جو هيٺيون ڪلام سنڌ ۾ ڏاڍو مشهور ٿيو، هن پنهنجن ڪيترن ڪتابن ۾ حوالي طور ڏنو آهي، ۽ هڪ هنڌ ان جو انگريزي ترجمو به شامل ڪيو.

وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو،

سائين جي ايم سيد جي مزار واري احاطي جي دروازي تي به اهو شعر لکيل آهي. جمن دربدر جو ڪيترو ڪلام محفوظ نه رهي سگهيو آهي، سندس شاعري مشهور فنڪارن شفيع فقير، صادق فقير، سرمد سنڌيءَ ۽ ٻين ڳائي آهي. جڏهن ته جمن دربدر خود به سٺو فنڪار آهي، هو اسٽيجن تي سازن توڙي بنا سازن سان ڳائي محفلون مچائيندو رهندو هو. هن ۱۹۸۷ع ۾ سنڌي عورتن جي سنسٿا (تنظيم) مارئي، دهلي پاران منعقد ٿيل “شاھه لطيف انٽرنيشنل ڪانفرنس” ۾ فنڪار جي حيثيت ۾ شرڪت ڪئي ۽ اتي ڳايل سندس ڪلام آل انڊيا ريڊيو دهليءَ تان نشر ٿيندو رهيو آهي. هن ڊراما آرٽسٽ طور ڪيترا ئي ميڊل ۽ ڪپ حاصل ڪيا آهن. سائين جي ايم سيد کان سواءِ ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ سان به ويجهڙائي رهيس. قومي سرگرمين کانسواءِ ادبي، سماجي ۽ فلاحي ڪمن ۾ به حصو رهيو.

جڏهن ساماري جي سرهندين امر جليل جي قتل جي فتوا ڏني ۽ انعام اڪرام جا اعلان ڪيا ته سنڌ جي قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ سان گڏجي انهن کي اسان چئلينج ڪيو ۽ روحل واءَ تي وڃي ماما کي دعوت ڏني ته چيائين هي ته منھنجو سفر آھي اکيون پير ڪري پهچبو ۽ پوءِ جڏهن سنڌ ٻري اٿي ته امر ڪوٽ ۾ ماما جمن ئي هو جيڪو اسان جي سرواڻي ڪري رهيو هو،

سنڌ جو عاشق، نامور شاعر ۽ قومپرست ڪارڪن ماما جمن دربدر جسماني طور اسان کان وڇڙي ويو، سندس وڇوڙي تي سڄي سنڌ سان تعزيت جو اظهار ڪجي ٿو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۸ ۲۲ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


جمن دربدر

اميد پرست عاشق جو وڇوڙو

نثار کوکر

عام طور عاشق نااميدي ۽ مايوسي سبب بدنام هوندا آهن ۽ انهن مان جيڪڏهن ڪو شاعر ٿي اڀرندو آهي ته ان جي شاعري پڻ پڙهندڙ کي ايترو ته مايوس ڪندي آهي جو خدشو ٿي پوندو آهي ته ڪٿي اها شاعري پڙهي ڪو الهڙ نوجوان خودڪشي نه ڪري وجهي پر جمن دربدر جي ڳالهه ئي ڪجهه الڳ ۽ خاص هوندي هئي. عمرڪوٽ ڀرسان ٿر جي وارياسين ڀٽن سان سينگاريل ساندن جي ڳوٺ روحل واءَ جي رهواسي درويش دل جمن دربدر جي اها ڪيڏي خصوصيت هئي ته هو هميشه مرڪندي ملندو هو ۽ زندگيءَ سان نئين ڄاول ٻار جيان هر روز نئين انداز سان پيار ڪندو هو. سندس اميد پرستي جا هونئن ته ڪيترا ئي گواهه سنڌ ۾ موجود آهن پر هن پاڻ هڪ ڀيري قصو ٻڌايو هو ته قومي تحريڪ جي عروج وارن ڏينهن ۾ جڏهن اسٽيج تي مڙني مقررن کي عبدالواحد آريسر مات ڏيندو هو ۽ سندس لکڻيون نوجوان پنهنجي کيسن ۾ کڻي گهمندا هئا ۽ جڏهن سندس آڊيو ڪيسٽون ڪنهن منع ٿيل مواد جيان اسمگل ٿي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پهچنديون هيون ته انهن ڏينهن ۾ آريسر سندس ڳوٺ اچي ترسيو هو. سندس پراڻي پوٽوهار جيپ ڊرائيور اچي بيهاري ته هن جمن کي پنهنجون کٽون ڪجهه پرڀرو ڪري رکڻ جي فرمائش ڪئي. روحل واءِ جي شام هونئن ئي خمارن ڀري هوندي آهي

پر ان ڏينهن آريسر صاحب پنهنجو مڌ پاڻ آندو هو ۽ سندس ميزبان اڻ پيتي جا خمار ڪندڙ مامو جمن هو. رات هلندي رهي ڪچهري وڌندي رهي ۽ ڪچهري جا موضوع آسمان جي ستارن جيان ٽڙندا ٽمڪندا رهيا. ڪچهري هلندي جڏهن ڪڪڙن دس هنيا ته آريسر اٿي ڪري مامي کي چيو جمن ڀاڪر پاءِ ته مان هلان. مامي جمن موجب جڏهن هن آريسر کي ڀاڪر پاتو ته مدهوشي جي عالم ۾ ڳالهايل سچ سندس واتان اهو نڪتو ته جمن توکي خبر ناهي ته رات آئون توکان موڪلائڻ آيو هيس هميشه هميشه لاءِ الوداع ڪرڻ ڇو ته سياسي معاملن ايترو منجهايو ۽ دلي دوستن ايتري ته دل ڏکائي هئي جو دل خودڪشي ڪرڻ تي آتي هئي پر تنهنجي ڪچهري سبب مون اهو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي هاڻي جيئنداسين ڀلي دوست به ڏسن ته دشمن به ڏسن پر جيئنداسين ۽ جي ڏيکارينداسين. اهڙي اميد پرستي جي ڳالهه مونکي ڪجهه سال اڳ مامي جمن ڪراچي دل واري اسپتال ۾ ٻڌائي هئي جتي هو شايد ٽئين فلور تي جنرل وارڊ ۾ داخل ۽ آئون گرائونڊ فلور تي دل جي تڪليف سبب داخل ٿيو هئس پر سندس طبيعت پڇڻ مٿي چڙهي ويو هئس. جنرل وارڊ ۾ وٽس ايتري ڪچهري ۽ نوجوانن جا هر وقت هجوم ڏسي آسپاس جي مريضن کي به اتساهه مليو هو ته دل جو آپريشن هروڀرو موت کي دعوت ناهي.

هو تمام خوش مزاج ۽ هر حال ۾ اميد پرست ماڻهو هيو. شايد اهوئي سبب هو جو درياهه ڪناري سن جي ڌرتي تي ڪيئي ڪتاب لکندڙ ۽ عملي سياست مان مايوس زندگي گذاريندڙ سائين جي ايم سيد سندس سٽن کي بار بار دهرائيندو هو ۽ سخت نااميدي ۾ به کيس اميد جو ڏيئو جرڪندي ملندو هو. تڏهن ته هن پنهنجي قبر جي ڪتبي تي ڪنهن عالمي فلاسفر يا ڪنهن خانداني شجري واري سٽ بدران ٿر جي مورن جي ٽهوڪن جهڙيون سٽون لکرايو هيون ته وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو. سن جو سيد پاڻ بار بار ڪچهري ۾ ٻڌندڙن کي چوندو هو ته جمن ڇا ته سٽ چئي آهي ته ختم اونداهه ٿي ويندي چٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو. جمن دربدر جي وڇوڙي تي سموري سنڌ سوڳوار آهي. سندس ڪلهي ڪانڌي ٿيندڙن ۾ سموري سنڌ جا سياسي توڙي ادبي حلقا شريڪ ٿيا آهن جيڪا سندس زندگيءَ جي ڪل ڪمائي هئي. مامي جمن جي جنازي کي ڏسي ڪنهن دوست بي خوديءَ ۾ چيو هو ته هاڻي گهٽ ۾ گهٽ سنڌ کي ڪو به شاعر اديب بي قدريءَ جو مهڻو نه ڏئي ڇو ته سنڌ انهن سان والهانه محبت ڪندي آهي جيڪي سموري زندگي بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي سنڌ جي تسبيح سوريندا رهندا آهن. پر سنڌ کي سياست يا واپار جو وکر سمجهندڙ به ڏسي وٺن ته سنڌ جي نالي ۾ ٽپتايون ڪندڙن کي به سنڌ سڃاڻي ٿي انهن جو نالو نه اڄ ڪنهن عزت احترام سان ورتو وڃي ٿو نه مستقبل ۾ هو ڪا اهڙي اميد رکن ڇو ته نقلي يا اصلي محبت جي پرک سنڌ جا نوجوان پاڻ ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿا. سنڌ سنڌ ڪري سنڌ کي ڪمائي جو ذريعو سمجهندڙ هڪ فرعون جي گهر فوتگي ٿي

پر سندس قبر تي ڪو گل ڇٽڻ وارو به نه هو ۽ هن پنهنجي ذاتي ملازمن کي موڪليو. پر کيسي ۾ ٽڪو پئسو کڻي گهمندڙ فقير منش مامي جمن دربدر جي مرتئي تي نه رڳو سندس ڳوٺ ۾ تعزيت هلندي رهي پر اسلام آباد جي اعليٰ يونيورسٽي ۾ پڻ نوجوان شاگردن گڏجي قطار ۾ بيهي سندس تصوير اڳيان ميڻ بتيون ٻاري سندس ئي شعر پڙهي کيس ڀيٽا پيش ڪئي. مامي جمن دربدر بابت ڪيئي ڪهاڻيون ايتريون ته مشهور آهن جو هاڻي انهن جو ذڪر ڄڻ ته ورجاءُ ٿو لڳي. انهن ڪهاڻين ۾ شامل هڪ ڪهاڻي سندس اوائلي عشق جي چڪر ۾ لاهور تائين پيرين پنڌ وڃڻ جي به آهي جنهن ۾ ڪيتري صداقت آهي سا هن پاڻ ٻڌائي هئي پر ان ڳالهه جو چس نٿا ٽوڙيون پر جس آهي سندس محبوبه کي جيڪا کيس ان چوڪ تي اوچتو ملي وئي جتي فقيري انداز ۾ هو راڳ ڳائيندو هو بلڪل ايئن جيئن هاڻوڪي لاهور ۾ سائين ظهور ڳائيندو آهي. مامي جمن جي گهڻين خوبين مان هڪ خوبي اها به هئي ته سندس شخصيت ۾ وڏائي تڪبر يا آڪڙ ڪڏهن به نه آئي نه ئي هن ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي سنڌي اديبن جي اڍنگي علت جهڙي ان بيماري ۾ ملوث ڪيو ته هو ڪيترو وڏو شاعر آهي. حقيقت ۾ اهو ته وقت ئي ثابت ڪندو آهي ۽ عمل ئي ثابت ڪندا آهن ته قومن جي جواني ۾ ڪهڙا شاعر دل جيان ڌڙڪندا رهندا ۽ ڪهڙا ڪوتاهه قد پنهنجي مرتئي ساڻ ئي مري ويندا.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۸ ۲۲ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


مٺا مھراڻ ۾ ملبو!

عاقل ڪلھوڙو

سيد ۽ سنڌ جا سچا عاشق ۽ سنڌ جي آئيندي جا معمار نوجوان، جڏهن به مايوس ٿي ويندا هئا ته اهي امرڪوٽ جي ڀڪ ۾ بيٺل، آزادي جي اڪير سان جڙيل ڳوٺ روحل واءِ جو رخ ڪندا هئا. جتي پھچڻ سان ئي سفر ته ڇا پر زندگيءَ جا ٿڪ لھي پوندا هئا. ها انھيءَ روحل واءِ جي ڪاڪ جو مک ڪردار ماما جمن دربدر ئي هئو، جيڪو مٽيءَ سان ملي مٽيءَ جو ٿي ويو. هاڻي اهو باغي به هوندو، جنھن قومي انقلابي ۽ رومانوي شاعريءَ جو هڪ الڳ ملڪ اڏيو ۽ سنڌ جي شعور کي سوچڻ جا نوان گس ڏنا، اهو حاجي ساند به هوندو جنھن جي شاعري ٿر جي مورن جي پرن تي به اڪريل آهي پر نه هوندو ته اهو ماما جمن دربدر نه هوندو، جيڪو پوڙهائپ ۾ به سنڌ جي عشق ۾ نوجوانن کان به ڏهوڻ تي اڳتي هئو، جنھن جي جهونگار ۾ سنڌ رقص ڪندي هئي ۽ لاڙ جي پٽن کي نئين نرملتا جو هڪڙو الڳ احساس ۽ جذبو ملي ويندو هئو.

جمن دربدر ۽ عبدالواحد آريسر سنڌ جا اهي سچا موتي هئا جن کي دولت جي بوءِ ڪڏهن به نه آئڙي، پر هنن سڄي زندگيءَ ۾ سنڌ جو عشق پاتو، سنڌ جون محبتون ميڙيون ۽ سنڌين جي محبت جي ميراث ئي هنن لاءِ ڪل ڪمائي هئي، هنن ڦاڪا ڪٽيا ۽ بک تي ته گذاريو پر هنن ڪڏهن به سنڌ جي مٽيءَ جي ميار کڻڻ وارو کائتو ڪم نه ڪيو ۽ ڪنھن کي به پنھنجي ڪردار تي آڱر کڻڻ جيتري مھلت نه ڏني. اڄ ان ڪري ئي ته ٿر جي مورن ۽ هرڻين کان ويندي، سڄي سنڌ جا امن پرست پکي سندن ئي ڪردار جا نغما جهونگاريندي نظر اچي رهيا آهن.

۲۰ آڪٽوبر جو اڀرندڙ سج اهڙو ته اڀاڳو ثابت ٿيو جو، جيئن ئي فيسبڪ کوليم ته ماما جمن جي وڇوڙي واري خبر وڄ جيان ڪڙڪو ڪري منھنجي مٿان ڪري پئي، منھنجي کڄندڙ وک اتي ئي پنڊ پھڻ ٿي وئي، جنھن تي نواز پڇيو ته ڇا ٿيو؟ مونکان بي ساختا سڏڪي سان گڏ اهي لفظ ئي سسڪي سسڪي نڪتا ته، ماما جمن به هليو ويو،، !

ماما جمن، پھرين ۽ آخري ملاقات ۾ مونکي پنھنجائپ جو اهڙو ته احساس ڏياريو هئو، ڄڻ آئون جنم جنم سندس ڇانو ۾ رهيو هجان ۽ هو ڪنھن گهاٽي بڙ جيان منھنجي مٿان اس کان پناھ ٿي رهيو هجي. سنڌ سجاڳي فورم جي ساٿين سان روحل واءِ ۾، هوليءَ جو پروگرام ڪرڻ کان پوءِ، جڏهن آئون کيس پيرن تي هٿ رکي موڪلائي رهيو هئس ته هن منھنجي ڪلھي تي ٻانھن رکي چيو هئو ته،، ابا هاڻي اسانجون اکيون اوهان ۾ آهن ۽ مڙسي ڪري ڏيکاريو، اسان به توهان سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي هلنداسين، متان ائين سمجهو ته پوڙها ٿي وياسين،، مان مرڪندي کيس ٻيو ڀيرو پير ڇھڻ لاءِ جهڪيو هئس ته هن مونکي ڀاڪر ڀري ورتو هئو، جنھن ڀاڪر مان مونکي ائين محسوس ٿيو هئو ڄڻ سنڌ جي ڀاڪر ۾ هجان.

ماما جمن جي وڇوڙي کان هڪ ڏينھن اڳ ئي ته مون حاجي جي سالگرھ جي موقعي تي حاجيءَ کي لکيو هئو ته “حاجي! آئون روحل واءِ اچي، روحل واءِ جي ٽمورتيءَ جا پير ڇھي سرهائي محسوس ڪندس. “

پر مونکي ڪھڙي خبر ته، ايترو جلدي ئي روحل واءِ جي ٽمورتي ٽٽي پوندي ۽ هن جي ڪرنگهي واري هڏي ئي مٽيءَ ۾ ملي ويندي، باغي، حاجي، سميت روحل واءِ ۽ سنڌ ڇوري ڇني ٿي ويندي.

روحل واءِ واري اها نم ڪيڏي نه اٻاڻڪي ٿي وئي هوندي، جيڪا ماما جمن جو آڌار ۽ جنھن جو ماما جمن آڌار هئو ۽ پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته، هر هوا جي جهونڪي سان، ان جي پن پن مان اهو آواز ايندو رهندو هوندو ته،، جوڳي نه پسان سي، جي هئم هيئين ٿوڻيون، .

ها؛ روحل ۾ ٻه ڇانئون هيون، هڪڙي اها نم ۽ ٻيو هيو ماما جمن دربدر، جيڪو ته ورندي جنم تائين اسانجي سر تان سايو لاهي هليو ويو. اهو هن جو وڇوڙو نه هئو جنھن سنڌ کي اوڇنگارون ڏياري ڇڏيون، پر اهو هن جو پيار، سادگي ۽ سچائي هئي. هو مارويءَ جي مٽيءَ جو ماڻھو هئو، جنھن جي ڪپڙن کي ته ڪيتريون ئي چتيون ۽ داغ لڳل هوندا هئا پر هن پنھنجي ڪردار کي نه چتي هنئي نه وري ڪو داغ ئي لڳڻ ڏنو. هن جو جسم ڪمزور هجي ته هجي پر هن جي اندر ۾ صرف ۽ صرف سنڌ، سيد ۽ سنڌوءَ جو عشق هئو، جنھن جي سچائيءَ جي ڌرتي ته ڇا پر آسمان به بنا هٻڪ جي ساک کڻي سگهي ٿو. راڳ، رقص ۽ شاعري ته سندس لونءَ لونءَ ۾ پويل رهي، هو جتي به هوندو هئو ته ڳائڻ، وڄائڻ ۽ نچڻ ته سندس محبوب مشغلو رهندو هئو. سندس سادگي ۽ حاضر دماغي توڙي مجازي عشق واري دربدريءَ جي ساکي هن جي آتم ڪٿا،، وٺي هر هر جنم وربو،، موجود آهي، جنھن کي جمن دربدر جي دربدري، سچائي ۽ ايمانداري ڏسڻي هجي ته اهو هڪ دفعو سندس آتم ڪٿا پڙهي، ڏسي سگهي ٿو.

هن جي ميت کي سندس ۽ اياز جي گيتن ۽ سازن سان گڏ لھد ۾ لاھڻ وقت، سنڌ جي شعور اهو ئي پيغام ڏنو ته ماما جمن مري مات ناهي ٿيڻو، هو وري وري ورڻو آهي ۽ هيءَ ته هن جي رخصتيءَ جو جشن آهي، جيڪو اڄ به ملھايون ٿا ۽ سندس ورڻ وقت به ملھائينداسين.

ماما جمن دربدر خالي کيسن هوندي به وڏو ماڻھو هئو، جنھن جي آڏو منھنجو قلم هن جي پيرن جي اڏايل دز جي به پيرن ۾ بيٺل آهي. هن کي مان ڀلا ڪھڙي ڀيٽا ڏئي سگهندس؟ منھنجو من هن جي وڇوڙي تي سوڳوار آهي، منھنجون اکيون آليون آهن ۽ سڏڪا آهن جيڪي آئون سنڀالي رکندس، اوستائين جيستائين هو وري جنم وٺي مھراڻ ۾ ملندو ۽ آئون اهي سڏڪا، سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي بيھي سندس آڏو ئي ڀريندس ۽ ان کان پوءِ وڏا وڏا ٽھڪ ڏئي، سائين جي ايم سيد ڏي روانا ٿينداسين، اتي اهي سڀ شھيد به هوندا، عبدالواحد آريسر به هوندو ۽ سنڌ جي آزاديءَ جو جشن ملھائينداسين. جتي سائين جي ايم سيد، ماما جمن کي پاڻ سڏ ڪري اسٽيج تي گهرائيندو ۽ هو پنھنجو بوڇڻ ڪلھي تي رکي اهو ئي گيت ڳائيندو.

وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مھراڻ ۾ ملبو!

ختم اونداھ ٿي ويندي، چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو!

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۲ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 


 

جمن دربدر

جنھن جي وڇوڙي تي سنڌ سوڳوار آھي

ايڊيٽوريل

سنڌ جي قومي فڪر سان سلھاڙيل شاعر ۽ قوامي ڪارڪن جمن دربدر اسان کان ھميشھ جي لاءِ وڇڙي ويو. ھو ٿر جي ڏوانھن علائقي سان تعلق رکندڙ ھڪ انتھائي دلچسپ ڪردار جو مالڪ ھو. پنھنجي مزاج ۽ طبيعت ۾ انتھا درجي جو ھي سادو ماڻھون ڏکن ڏاکڙن کي منھن ڏيندي وڏي محنت سان رواجي تعليم حاصل ڪري سگهيو ۽ قومي سٿ سان شامل ٿيو، پنھنجي فن ۽ شاعريءَ سان سنڌ جي ڏکن ڏاکڙن کي پنھنجو درد سمجھي ان سان وڙھن جو درس ڏنو ۽ پاڻ پڻ ميدان تي موجود رھيو.

ھو پورھيو ڪري پنھنجو پيٽ پاليندو رھيو، سنڌ سان محبت ڪندڙ ماڻھن جي صحبت کيس قومي سجاڳي ڏني.

ابتدائي طور تي راڳ سان تعلق جڙڻ جي نتيجي ۾ ھن مٿان شاعريءَ جي ديوي وڏي مھربان ٿي. سندس شاعريءَ ھن کي سموري سنڌ ۾ مشھور ڪيو. ھن جي سادن لفظن ۾ جيڪو سنڌ جو درد سمايل آھي، تنھن کيس قومي سطح جي شاعرن ۾ شامل ڪري ڇڏيو. سندس وڇوڙي تي اڄ سموري سنڌ سوڳوار آھي.

ٿر جي مٽيءَ مان جنم ورتل ھن سادي شخص جي دل اندر ويٺل فنڪار کي حالتن سنورڻ ۽ نکرڻ ۾ مدد ڪئي ٿوري ئي وقت ۾ ھو ھڪ شاعر، بھترين اداڪار، ڳائڪ ۽ فنڪار طور مشھور ٿي ويو.

جمن دربدر عمرڪوٽ ضلعي ۽ تعلقي جي ڳوٺ روحل واءِ ۾ عبدالرشيد ساند جي گهر ۾ ۱۲ مئي ۱۹۴۴ع تي جنم ورتو. ۽ ۲۰ آڪٽوبر ۲۰۲۲ تي ھن جھان مان موڪلائي ويو. زندگيءَ جي ان وقفي دوران ھڪ شخص جيڪي ڪم ڪري سگھي ٿو ان لحاظ سان ھن پنھنجي حصي جو ڪافي ڪم ڪري ورتو.

شاعر، فنڪار ۽ اداڪار ماڻھن جي ذھن سازي ڪندا آھن، ماڻھن ۾ سجاڳي آڻيندا آھن، سماج ۾ نوان خيال ۽ فڪر پکيڙندا آھن، اھو ڪم ھن دل سان ڪيو جنھن ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب پڻ ٿيو.

سـنـدس والـديـن هاري ۽ مال تي گذرسفر ڪندڙ هئا. هن پرائمري تعليم عمرڪوٽ مان حاصل ڪئي. مڊل اسڪول صاڀي ۾ اٺين ڪلاس تائين پڙهيو. ۱۹۶۲ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي. ان وقت سنڌ ۾ تعليم جو حصول ڏکيو ھوندو ھو. اھو غربت جو دور بھ ھو، ماڻھن ۾ تعليم جو لاڙو بنھھ گھٽ ھو.

جمن دربدر ھارٽيڪلچر جو ھڪ ڪورس ڪري سرڪار ملازمت پڻ ڪئي. ان دوران ھن کي سنڌ گھمڻ جو موقعو پڻ مليو. مسافري ۽ لڏپلاڻ سان ھن کي زندگيءَ ۾ مختلف فڪر رکندڙ دوست ملندا رھيا جن سان ھو سنڌ جي قومي جدوجھد سان سلھاڙجي ويو. تعلمي ادارن ۾ ڪنھن دور ۾ ڊراما اسٽيج ڪرڻ جو پڻ رواج ھو، جنھن سان نوجوانن جي فنڪارڻين صلاحيتن کي اڀرڻ جو موقعو ملندو ھو.

هن ۱۹۶۸ع ڌاري عشقيه شاعريءَ ڪئي ۽ پوءِ عوامي ڏک سک ڏسي انھن جي مسئلن کي پنھنجي شاعريءَ ۾ چٽيو، سندس شاعريءَ جي خاصيت اھا آھي تھ اھا ھو پاڻ ڳائيندو رھيو آھي، جنھن تي کيس سموري سنڌ مان وڏي مڃتا پڻ ملندي رھي آھي. ان کانسواءَ ھن جي شاعريءَ کي ڪيترن ئي فنڪارن پڻ ڳايو آھي، سندس شاعريءَ ۾ نھ رڳو ٿر پر سنڌ جو سمورو درد سمايل ھئڻ سان گڏ شاعريءَ ۾ رواني گھڻي آھي.

جمن دربدر اھڙو فنڪار ھو جيڪو بنا سازن جي ڳائي محفل مچائڻ جو ھنر ڄاڻيندو ھو.

ٿرپارڪر جي علائقي سان تعلق رکندڙ ھن شخص جي سنڌ جا قومي سياسي اڳواڻ پڻ دل سان عزت ڪندا ھئا. ھو سائين جي ايم سيد، عبدالواحد آريسر، ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ ڄام ساقي سان پڻ ويجھو رھيو.

جمن دربدر، سنڌ دوست، وطن دوست ۽ انسان دوست شخص ھو. ھو عوامي مزاج رکندڙ ھو، ٿري ثقافت جي ورثي جو امين ھو، ھو نھ رڳو سياسي ۽ ادبي پر سماجي گڏجاڻين ۾ اڳڀرو رھيو، پنھنجي علائقي ۽ سنڌ جي مظلوم عوام جو ڀرجھلو رھيو. سندس ڪيترو ئي ڪلام اڄ به سنڌ ۾ ڳايو ويندو آھي. ھن کي پڻ ڪيترن ئي ٻين شاعرن جيان سنڌ جي قومي شاعر جو درجو حاصل آھي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۱ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

جمن دربدر

سنڌ، سيد ۽ سن جي عاشق جو لاڏاڻو

سليم جروار

۲۰ آڪٽوبر جي صبح جو سج سنڌ جي جوان دلين ۾ درد ۽ سوڳ پکيڙي ڇڏيو جڏهن عمر ڪوٽ جي ڀٽن ڀر ۾ آباد ڳوٺ روحل واء کان سنڌ جي ماما جمن دربدر جي وڇوڙي جي خبر سوشل ميڊيا ذريعي پوري دنيا کي پئي.

سياسي، سماجي ۽ طبقاتي شهرت پويان ڀڄندڙ سنڌ جي ماڻھن وٽ پنهنجن جي وڇوڙي تي به ڏک ونڊڻ جيتري واندڪائيءَ ناهي اتي جي فضا هڪ سادي سودي فقير صفت انسان لاء ڇو سوڳوار آهي؟ شايد اهو لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن نه هجي پر اهو يقين آهي ته هن سنڌ کي پنهنجي جند سمجهيو ۽ اياز جي ان سٽن جو ڀرم رکندي ڪڏهن طرم خان ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪئي.

“ڳڀو پاڻي ڍُڪ ۾ ٻوڙي جي کائين،

پنهنجي اوچي ڳاٽ کي مُور نه جهڪائين،

ته تنهنجي سائين، ڏات ڏهوڻي ٿي پوي”

هُو ڪڏهن به رينڪنگ ۽ شهرت جي چڪر ۾ شارٽ ڪٽ هڻڻ جي ڊوڙ ۾ لٿو هن جي سادگي ئي سڃاڻپ بڻجي وئي.

اهو ئي سبب آهن جو سنڌ جي هن سادي عاشق کي سيد جي محبوب سنڌ جي هر دل مان سندس وڇوڙي جي خبر تي درد جي هڪ دٻيل دانهن نڪتي ۽ ان دانهن کي سوشل ميڊيا ذريعي سموري دنيا محسوس ڪيو. ٽوال ڪنڌ تي رکي سادن ڪپڙن سان تن کي ڍڪي هلندڙ فقير صفت اهو جمن دربدر ڪير هو، سنڌ سندس تعارف کان واقف هئي، سندس هڪ ئي تعارف هو ته هن قومي شهيدن کي عظيم ڀيٽا هن لفظن ۾ ڏني.

“ٿيا جيڪي قوم تان قربان،

انهن جا آهن لکين احسان،

شهيدن جي ريٽي رت سان رتيءَ لالاڻ ۾ ملبو،

وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو”

ان گيت کي سائين جي ايم سيد بار بار ورجايو ۽ انهن سٽن جمن کي امر ڪري ڇڏيو ۽ هُو سموري سنڌ جو ماما جمن دربدر بنجي ويو.

عمر ڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ روحل واء ۾ عبدالرشيد ساند جي گهر ۾ جنم وٺندڙ جمن، پرائمري تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي ۽ پوء ڳوٺ” صاڀي” ۾ مدرسي ۾ پڙهيو جتي سندس ويجهڙائي عبدالواحد آريسر سان ٿي، مئٽرڪ ۱۹۶۲ ۾ پاس ڪري عمرڪوٽ ڪاليج ۾ پڙهيو جتي هن کي استاد خادم حسين شر کان قومي ۽ انقلابي ڪتاب پڙهڻ لاء مليا هو ۽ “ بزم صوفياء سنڌ” جي فڪري سفر ۾ شامل ٿيو، بزم صوفياء سنڌ جي ڪنھن ميڙاڪي دوران سائين جي ايم سيد سان سندس ملڻ ٿيو ۽ ائين هن قومي سفر ۾ پير پاتو ۽ آخر تائين شامل رهيو ان سفر دوران هو عبدالواحد آريسر صاحب ۽ تاج جويي صاحب سميت ڪيترن ئي اڳواڻن سان ويجهو رهيو. مذهب جي نالي تي وجود ۾ ايندڙ نئين ملڪ جي سرحد جون لڪيرون نڪتيون ان وقت هي ٽن سالن جو ٻالڪ هو پر هن سنڌ جي جند کي اڌ ٿيندي اکين سان ڏٺو ۽ سرحد جي ويجهو هوندي ٽن سالن جي ٻاروتڻ ۾ ئي ملڪي سرحدن جي نالي نڪتل لڪير جي ٻنهي پاسي مٽي ماءُ کان جدا ٿيندي هزارين لکين انسانن کي ڏٺو ۽ جدائي جا اهي دردناڪ منظر سندس اکين ۾ هميشه لاءِ عڪس بنجي ويا ۽ مٽي ماءُ کان جدا ٿيندڙ ٻنھي پاسن جي انساني قافلن جا پيرا سندس دل ۾ هميشه لاء نشان ڇڏي ويا جيئن جيئن جمن وڌندو ويو ائين ئي سندس اندر ۾ پلجندڙ اهو بظاهر اڻ ڄاڻ درد به ديرو ڪري ويو، کيس پنهنجي علائقي جون اهي ڀٽون ۽ ڀڏا به سوڳوار لڳندا رهيا جتان آزادي جي نالي تي وجود ۾ ايندڙ وطن تان صدين ۽ نسلن کان آباد انسانن جو جيئري وڇوڙو ٿيو.

جمن دربدر جدائين جا گهاءَ نه فقط ڏٺا پر هُن ٽوڙي ڦاٽڪ واقعي ۾ پنهنجي قافلي جي ڳڀرو جوانن جي وڇوڙي کان ويندي سن جي سيد کي لحد تائين لهڻ جا درد به ڏٺا ته پنهنجي ئي هٿن سان ننڍپڻ جي ساٿي عبدالواحد آريسر کي انڙ آباد جي مٽيءَ هنج ۾ پڻ سمهاريو.

جمن دربدر سنڌ جي قومي قافلي جو هر وقت بيدار رهندڙ اهو سپاهي هو جنهن وٽ هڪڙو ئي پيغام هو ته “ هڙڪ هلو ڌيما هلو” مطلب قومي سفر ۾ سمهڻ جي ڪا گنجائش ناهي، ان ڪري ئي هو پاڻ ۲۰ آڪٽوبر تائين جاڳيل ئي رهيو ۽ پوءِ سدائين لاءِ مٽي ماءُ جي هنج ۾ آرامي ٿيو، پر سندس مٿين سٽن کي ياد ڪندي ويساه ٿئي ٿو ته “وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو. “

شايد نماڻي سنڌيءَ جمن دربدر لاء ئي لکيو هو ته

“ڇر تي ڇڏيئي پيرڙا، ڪري هنج اُڏار. “

عشق کي امر ڪندڙ جمن دربدر لاء اهو يقين آهي ته جيسين، سنڌ، سيد ۽ عشق زنده آهن تيسين جمن دربدر مرڻو ناهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۱ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

جمن دربدر

هڪ عاشق جو وڇوڙو

اسحاق مڱريو

جيتوڻيڪ هن به برناڊشا وانگر اسٽريٽ لائيٽ جي بجلي تي پڙهي، مئٽرڪ ڪئي هئي. هو به لطيف وانگر چيچ ڏسي عاشق ٿيوهو. هن عشق ۾ پچي جيڪا شاعري ڪئي، انهيءَ شاعري وارو بوڪ برسات ۾ گهر ڪري پوڻ سان ڳري ويو. هن کي جيڪا شاعري ياد هئي اهائي سندس شاعري چوائي ٿي. سنڌ ۾ ڳايا ويندڙ ۱5۰ لوڪ گيتن مان 5۰ لوڪ گيت جمن دربدر جا آهن. سائين جي ايم سيد جي قبر تي به جمن دربدر جي شاعريءَ جي اها سٺ درج ٿيل آهي. سائين جي ايم سيد جهڙي فلسفي سياستدان به اها ڳالهه مڃي ته مونکي سياسي مايوسيءَ مان جمن دربدر جي شاعريءَ ڪڍيو آهي. اها ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ ماما جمن خاص ڪيفيت ۾ اچي ويندو هو. سرمون پيل ڳاڙهين اکين ۾ کيس چمڪ اچي ويندي هئي. چوندو هو “ وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو “ واري هن جي شاعري تي سائين جي ايم سيد کيس نالي سان سڃاڻڻ لڳو. هونءَ سائين نالا ڀلجي ويندو هو. پر هو ٻڌائيندو هو ته ان شاعري تي مون کي ان ڪري به فخر آهي، ته سائين مونکي نالي سان سڃاڻڻ لڳو هو. ماما جمن ان شاعري جو پسمنظر ٻڌايو هو ته ۱۹۸3 ۾ ڳڙهي ياسين جو احسان ميمڻ شهيد ٿي ويو هو. ان وقت هو حليم باغي سان يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ گڏ رهندو هو. احسان ميمڻ جي شهيد ٿيڻ کان هڪ رات اڳم مون ساڻس ڪچهري ڪئي. مونکي ان جي شهادت تي ڏاڍو ڏک پهتو ۽ وڏي تڪليف ٿي. ان جي شهادت تي مون اها شاعري ڪئي هئي. ۲۶ مئي تي شهيد احسان ميمڻ جي شهادت جي ڏينهن جي مناسبت سان سن ۾ سائين وٽ ويا هئاسين. سائين حسب دستور گيت ٻڌائڻ لاءِ چيو. مون جڏنهن “ وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو “ گيت ڳايو. “ شاعري ٻڌي سائين اڌ ڪلاڪ تائين چپ ٿي ويو ۽ پوءِ چيو ته اڄ تون منهنجو استاد آهين. ( ماما جمن ٻڌايو هو ته سائين اهڙي ڳالهه پنهنجي ڪنهن انٽرويو ۾ به چئي آهي)تو هن گيت ۾ آواگون جو فلسفو سمجهائي ڇڏيو آهي. ضروري ناهي ته ڪي اهڙيون ڳالهيون ڪنهن تي وحي ٿي لهن، پر ڪي وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪنهن ڌنارن کان به چوائي ويندو آهي”.

هن زندگي ۾ پهريون دفعو ٽانگو ۽ رڪشو تڏنهن ڏٺو هو. جڏنهن هو پنهنجي ڳوٺ مان مير پور خاص ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ ويو هو. هو ٽي رپيا گهران کڻي مير پور خاص ۾ امتحان ڏيڻ ويوهو. جنهن مان سوا رپيو هن جو ميرپور خاص پهچڻ تي ڪرايو ٿي ويو ۽ باقي پوڻن ٻن رپين تي هن مئٽرڪ جو امتحان ڏنو. هو امتحان جي تياري روڊ تي بجلي جي لڳل ٿنڀي جي هيٺان ويهي ڪئي ۽ پارڪن ۾ راتيون سمهي امتحان ڏنو. امتحان جي آخري ڏينهن ۾ هن جي ڳوٺ واسي جيڪو ڪنهن بنگلي تي بورچي هو، تنهن کيس ڏٺو ۽ پاڻ وٽ رهايو. جتي هن امتحان جو رهيل پيپر ڏنو هو.

جمن دربدر جي عشق جي ڪهاڻي:

هو وڏو عاشق مزاج هو. جهڙيءَ ريت لوڪ ڪهاڻين ۾ عشق مجازي کان حقيقي عشق تائين جو سفر ٿيندو آهي. اهڙي ريت هن جو عشق به مجازي مان شروع ٿيو، جيڪو پوءِ ڪنهن ماڻهوءَ جي بدران سنڌ ڌرتي ۽ قوم ۾ تبديل ٿي چڪو هو. هو اها ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ سندس مشڪي ڪلر ۾ ڳاڙهاڻ مائل رنگ چڙهي ويندو هو. ٻڌائيندو هو، ته عشق هن جي زندگي جا چوڏنهن طبق روشن ڪري ڇڏيا. هو مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ نوڪري لاءِ تر جي وڏيرن جي بنگلن تي ڪاغذ کڻي چڪر ڏيندو رهيو. انهن ڏينهن ۾ نوڪري ملڻ ايڏي ڏکي نه هئي، پر ان جي باوجود هو نوڪري وٺي نه سگهيو. هو همٿ ڪري تعليم کاتي جي ڊي اي او وٽ به پنهنجا ڪاغذ کڻي ويو. پر اتي به هن کي جواب مليو. هن بي روزگاري کان تنگ ٿي هوٽل تي ٻاهر واري جو ڪم شروع ڪيو. ٻئي ڏينهن هو ڊي اي او جي آفيس ۾ جڏنهن چانهه کڻي ويو، ته انهيءَ آفيس وارا مٿس ڪاوڙجي پيا ته وري آيو آهين؟ هن اهڙي ورتاءَ تي ڪاوڙجي کيسي ۾ پيل پنهنجا سرٽيفڪيٽ انهن جي اڳيان ڦاڙيندي چيو ته اوهان نوڪري ته نه ڏني، پر هوٽل تي ڪم ڪرڻ ڏيندئو يا نه. پوءِ هو ڏينهن جو هوٽل تي ڪم ڪندو ۽ رات جو لائبريءَ مان ڪتاب وٺي پڙهندو رهيو. هن انهيءَ عرصي دوران ڪئين ڪتاب پڙهي پورا ڪيا. هيءَ اهوئي دور هو جڏنهن هو عشق جي نون نيئرن جي پنجوڙن ۾ ٻڌجي ويو. عشق جي لڳل پيوند هن کي شاعر بنائي ڇڏيو. هن ٻڌايو هوته کيس پهريون دفعو سڄي دنيا نئين انداز ۾ ڏسڻ ۾ آئي هئي. جهڙي ريت چوندا آهن سياري ۾ لوڪڙ ٽن ٽنگن تي هلندي آ، جنهن بابت ماڻهو چوندا آهن. هيءَ سمجهي ٿي ته جيڪڏهن چار ئي ٽنگون زمين تي رکيم ته زمين غرق ٿي ويندي. انهن ڏينهن ۾ ساڳي صورتحال منهنجي هئي، جمن دربدر ٻڌايو هو. هن سان اها ڪيفيت ان وقت ٿي هئي، جو جڏنهن هڪ دفعي ڪنهن هنڌ هوٽل جي چانهن پهچائڻ ويو هو، ته در مان رڳو هڪڙي ٻانهن ٻاهر نڪتي، پر هن اها ٻانهن ڏسڻ سان ئي کيس ڪو اهڙو ڪرنٽ لڳو جو ڪٽلي هٿ مان ڇڏائي ويس. پوءِ هو انهيءَ عشق ۾ اهڙو ته وٺجي ويو، جو اونهاري جي موڪل ۾ هوءَ جڏنهن لاهور ويئي ته ٻئي ڏينهن هو به هوٽل جي نوڪري ڇڏي لاهور روانو ٿي ويو. ريل تي هو بنان ڪرائي جي فقط خانپور تائين وڃي سگهيو. ان کان پوءِ سترنهن ڏينهن جو پنڌ ڪري هو لاهور پهتو هو. لاهور جي شهر ۾ اڃو بکيو هوندي هو وڃي داتا جي درٻار تي پهتو. جتي هن هڪ ملنگ کي ماني کائيندي ڏٺو، ته بنان ڪنهن صلاح جي ان سان ماني کائڻ ۾ لڳي ويو ۽ هن اها ماني ايترو ته تڪڙو کائڻ شروع ڪئي، جو ملنگ ڏسندو ئي رهيو. هن ماني کائي ختم ڪئي، ان دوران ملنگ کيس غور سان ڏسندو رهيو. پوءِ ملنگ سندس دوست ٿي ويو. ملنگ ساڻس همدردي ڪري حال احوال ورتو. جمن دربدر کيس سڄي ڪهاڻي ٻڌائي. ملنگ چيس ته تنهنجو ڪيس ڏکيو آهي. تون هيڏي لاهور ۾ پنهنجي ماڻهوءَ کي بنان ڪنهن ڏس پتي جي ڪيئن ڳوليندين. ملنگ کيس صلاح ڏني ته لاهور ۾ پارڪ گهڻا آهن. تون ڪنهن پارڪ ۾ وڃي ويهه، متان اتي تنهنجي ملاقات ٿي وڃي. پوءِ هن ملنگ جي ڏنل صلاح تي وڃي لاهور جو هڪ پارڪ وسايو. انهيءَ دوران ملنگ کيس ٻڌايو ته جڏهن پنهنجو معاملو ڪنهن سان سلي نه سگهين. ته پنهنجي ڳالهه ڪرڻ ۾ فقط شاعري تنهنجي مدد ڪري سگهندي. پوءِ جمن دربدر انهيءَ ڳالهه کي ڳنڍ ڏيئي، پارڪ ۾ اچي پنهنجي منهن ڳائڻ شروع ڪيو. هن ٻڌايو هو ته پوءِ شاهه جي شاعري، مارواڙي ۽ سنڌي لوڪ گيت ۽ اردو جا ڪلام اکيون پوري پيو ڳائيندو هو. هڪ ڏينهن هو اکيون پوري ڳائي رهيو هو، ته جڏهن اکيون کوليائين ته ڏسي سوين ماڻهن هن جو راڳ ٻڌڻ لاءِ مٿس بيٺل هئا ۽ ماڻهن مٿس پئسا به مٿان اڇلايا هئا. اهو ڏينهن اهو پنڌ هن جيڪو ڳائڻ ۾ هٿ وڌو ته اڃان ڳائيندو اچي. پوءِ هو لاهور جي پارڪ ۾ روزاني ڳائڻ لڳو. راڳ دوران کيس پئسا به ملڻ لڳا ته ان مان هو ماني ۽ ٻيون ضرورتون پوريون ڪرڻ لڳو. هن جي راڳ ڳائڻ جي ڳالهه لاهور ۾ هنڌين ماڳين ٿيڻ لڳي، هن هڪ ڏينهن ڏٺو ته جنهن کي ڳولڻ لاءِ هو لاهور پهتو آهي، اها به هن جو راڳ ٻڌڻ لاءِ اچي پهتي. پوءِ هوءَ هن وٽ روز راڳ ٻڌڻ لاءِ پنهنجي سهيلي سان گڏجي اچڻ لڳي. هن کيس نوان ڪپڙا به وٺي پارايا. هو هن جي سڀني گهر ڀاتين سان ملي جلي ويو هو. پوءِ جڏنهن هن جي ٻن مهينن واري موڪل ختم ٿي، ته هو ساڳي ريل ۾ واپس مير پور خاص پهتا. هو عشق جي انهيءَ ڏاڪي تي هو، ته هڪ ڏينهن ان ڇوڪري جي ماءُ ايلاز ڪري کڻي پوتي پيرن تي وڌس ۽ چيائينس ته تون هوٽل تي ڪم ڪندڙ آهين. منهنجي ڌيءُ لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا نه ڪر. بس هن ڳالهه تان هٽي وڃ. هو هر وقت اها ڳالهه روئندي ٻڌائيندو هو. چيائين منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي. اکين اڳيان انڌ اچي ويو. ڇا ڪريان بس ان کي چمي ڏيئي موڪلايم ۽ ميرپور خاص ڇڏي اچي ڳوٺ نڪتس. ٻه سال ڪنهن سان به ڪون ڳالهايم. چاچي چيو هن کي ڪو زهريلو جيت کائي ويو آهي. زهر لهندس ته پوءِ ڳالهائيندو. انهيءَ عرصي ۾ مون رڳي پئي شاعري ڪئي.


 

ماما جمن دربدر جو وڇوڙو!

اي سنڌ توکي الوداع

حفيظ چانڊيو

هُو عمر جي اُن حصي ۾ رسيو هو، جنهن ۾ هُو ڪجهه نه ڪري ها ته به ڪو کانئس پُڇڻ وارو نه هو، نه ئي ڪو کيس ڪا ميار ئي ڏئي سگهيو پئي. هُو عمر جي اُن حصي ۾ وڃي پُڳو هو، جنهن ۾ اڪثر ڪراڙا تڏُو ۽ تسبيح کڻي مسجدون وسائيندا آھن، پر ڌرتيءَ جو هي عاشق ماما جمن دربدر سَڀني کان مُنفرد هو. جمن دربدر سنڌ جو اُهو يگانو ڪردار هو، جنهن زندگيءَ جا سَمورا پل سنڌ جي خوشحالي لاءِ ارپي پنهنجا وار چاندي ڪيا. هُو هِن پيرسني ۾ به سنڌ جي تسبيح سوريندو رهيو، هُن عشق جو معراج ماڻي ورتو هو، جنهن جي ڪري ڌرتيءَ جو ٻچو ٻچو ساڻس بي پناهه پيار ڪندو رهيو، جنهن جو من مڻيو دل دنبورو بڻجي سنڌ سنڌ ڪندو رهيو. اڄ هُو اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو، اهڙي ديس ويو، جتان ڪو به واپس ناهي وريو. هُن کي اُها پَڪ هئي ته هُو مرڻو ناهي، تڏهن ته هُن “وٺي هر هر جنم وربو” جهڙو لازوال گيت لکيو ۽ پنهنجي اندر جي احساسن کي لوڪ تائين رسائي ٻُڌائڻ چاهيو ته جيڪي ماڻهو ڌرتيءَ سان اٿاهه پيار ڪندا آهن، سي مري به مات ناهن ٿيندا. سنڌ جيتوڻيڪ سندس وڇوڙي تي ڏُکاري آهي، پر هِن جي سنڌ لاءِ ڪيل جدوجهد ۽ شاعريءَ کي حوصلو سَمجهي سندس مهراڻ ۾ ملڻ جو اوسيئڙو پئي ڪندي. هُن جنهن عوامي انداز ۾ مزاحمتي ادب سرجيو، تنهن جي سٽ سٽ مٿان سنڌ جا نوجوان جهومندي ڏٺا، سندس عزت ۽ احترام ايترو جو سندس اچڻ تي قومي نعرن سان هزارين نوجوان ۽ ناريون تاڙيون وڄائي اُٿي بيهي سندس ادبي ميلن ۽ ميڙاڪن ۾ ڀليڪار ڪندا هئا. هُو جديد سنڌي شاعريءَ ۾ قومي ۽ مزاحمتي شاعريءَ جي حوالي سان هڪ اهم نالو رهندو، جنهن جو ايندڙ نسل تاريخ ۾ حوالا به ڏيندو. سنڌ گذريل ستن ڏهاڪن کان جنهن استحصال ۽ جبر هيٺ رهندي آئي آهي، اُن پيدا ٿيل ڳنڀير حالتن جي عڪاسي سندس اُها شاعري ئي آهي، جنهن تاريخي، ثقافتي توڙي تهذيبي خوبصورتيءَ جي رنگ برنگي پوپٽي رنگن کي پَسي سگهجي پيو. سندس قومي عوامي گيت ۽ نظميه شاعري انقلابي راهه تي هلڻ لاءِ ڪارگر رهڻي آهي. هُن جي انقلابي شاعريءَ جون پاڙون قومي فڪر ۾ مضبوطيءَ سان کُتل هيون، سندس ڪمهلي وڇوڙي قوم کي ڏُکارو به ڪيو آهي، پر سندس شاعريءَ کي پڙهي درپيش مُشڪلاتن سان پاڻ نبيريندا ۽ مَظلوميت وارو ڪيس عالمي سطح تي پيش پڻ ڪري سَگهندا.

ماما جمن دربدر سَموري ڄمار سنڌ جي خوشحالي جا خواب ئي ڏٺا ۽ پنهنجي شاعري جو مرڪز به سنڌ کي ئي بڻايو هو. سنڌ هِن لاءِ محبوبه هئي، جنهن سان نينهن نڀائڻ هُن پنهنجو قومي فرض سَمجهيو. اُهو ئي سبب آهي جو مامي جمن دربدر پنهنجي سَموري حياتي خون مان ڪِلڪُون ٻوڙي ڌرتيءَ جا ترانا ئي لکيا. ماما جمن دربدر هڪ مڻيادار ماڻهو هو، ايتري سادگي اختيار ڪندڙ ماڻهو مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ناهي ڏٺو. هُن کي سنڌ سَڀ کان وڌيڪ عزيز رهي، جنهن جي نيم غلاميءَ واري تاريخ کي هِن قلم جي اک سان لوڪ تائين پهچايو. هُو سنڌ جي اهڙي خطي سان واڳيل رهيو، جتي جي سرزمين سدائين پاڻيءَ لپ لاءِ آسائتي رهي آهي. هُو سنڌ جي اهڙي خطي سان واڳيل رهيو، جنهن جو ماضي وطن سان وفاداريءَ کي ايمان جو جُز سَمجهڻ سان ڀريو پيو آهي. هُو خوشحال سنڌ جو اُهو مسڪين شاعر ٿي گذريو، جنهن انقلابي شاعر بڻجي انقلابي تحريڪن جي امامت ڪئي. هُو عبدالواحد آريسر جو ويجهو ساٿي رهيو، ساڻس مزاحمتي جدوجهد ۾ ڪُلهو ڪُلهي سان ملائي سنڌ جي وستين واهڻن ۾ پنهنجا انقلابي گيت جهونگاريا. هُو ڪڏهن به مايا جي موهه تي نه ڀليو، وٽس ديس سان اٿاهه پيار جو جذبو ايترو هو جو چڱي چوکي کائڻ کان پهرڻ تائين دنياوي سڀ عيش و عشرت قربان ڪري سادگي ئي اپنايائين. هُو دودي ۽ درياءَ خان جو دوست هو ۽ هلاڪو جهڙن هڙني حملي آورن خلاف وٽس مزاحمتي دڳ هو. سَموري حياتي لوڪ لاءِ لوچيندڙ انقلابي شاعر ماما جمن دربدر سنڌ جي ئي تسبيح سوريندو رهيو. جيتوڻيڪ مٿس رياستي دٻاءُ به رهيو، پر هِن آدرشي انسان بنا ڪنهن خوف جي مزاحمتي شاعري ڪئي. ڪيترن ئي رياستي سرپرستي ۾ سندس روح تي رهڙون ڏنيون، اهنج ۽ ايذاءَ رسايا، پر ڪٿي به سندس زندگي مايوسين جو مرڪز نه ٿي. سندس زندگي اُميدن ۽ آجپي جو محور رهي. ٿرپارڪر هونئن به مزاحمت جو مرڪز رهيو آهي، اُن مرڪز ۾ رهي مامي جمن دربدر ڌرتيءَ سان عشق ڪيو ۽ عشق جي آويءَ ۾ پچي رسي راس به ٿيو، سندس سڃاڻپ جو حوالو سندس مزاحمتي شاعري ئي بڻي. شروعاتي ڏهاڙن ۾ وٽس مجاز ديرو ڄمايو، جنهن جو ذڪر ڀائو علي زاهد جي ڪتاب ۾ به آهي، عشق کيس مختلف ماڳن ۽ شهرن ۾ گهر کان دربدر ڪيو، مجاز کانپوءِ وٽس ديس جي آجپي واري خواب ديرو ڄمايو. ديس ڌرتيءَ لاءِ سندس گيت، غزل، نظم ۽ وايون سنڌي ادب جو سرمايو رهڻا آهن. هُو ديس جي دکن تي دکندو ۽ مسلسل لکندو رهيو، ادبي ميڙاڪن ۾ سندس ترنم ۾ شاعري پڙهڻ وارو انداز به نج عوامي هوندو هو. هُو چاهي ها ته ڪنهن سياسي ڀوتار جو وڃي در جهلي ها، پر هُن پنهنجي انفرادي حيثيت مٿان اجتماعي زندگيءَ کي اوليت ڏني. هِن جاگيردارن ۽ ڀوتارن سان ملي ڀونءِ جي ڀيل ڪرڻ يا ڪرائڻ کي قومي ڏوهه سَمجهيو. ڀلا هُو اُنهن نام نهاد سياستدانن ۽ ڀوتارن جي شان ۾ ڊگھا ڊگھا قصيدا لکي پئي سگهيو، پر ھِن قومي فڪر سان سَلهاڙجڻ سبب اهڙي منافعي کي ڪُڌو ڪاروبار سَمجهيو ۽ اُن جاگيردارن خلاف مزاحمتي شاعري سرجي سنڌ ۽ سنڌين کان عزتون وصول ڪيائين.

ماما جمن دربدر آزاديءَ واري تحريڪ جو هڪ اهم شاعر رهڻو آهي، جنهن اونداهيءَ جي دڳن تان گذري به سنڌ جي خوشحالي ۽ آجپي لاءِ پتوڙيو. هُو انهن ڏکين پيچرن تان هلي جيتوڻيڪ گهائجي به پيو هوندو، سندس پير ڦٽجي پيا هوندا. هُن جي پيرن مان رت جا ريڳاڙا به وهي نڪتا هوندا، پر منزلن جي جدوجهد ۽ جستجوءَ ۾ ڪٿي به سندس مزاحمتي جدوجهد ماٺار جو شڪار نه ٿي. هُن ڪشمور کان ڪراچي تائين قومي سفر ۾ پيرين اگهاڙي پنڌ به ڪيو. ڌرتيءَ سان دل جي اٿاهه گهراين سان پيار به ڪيو، سندس سَموري شاعري هُن جي اندر جي آرسي ئي هئي، جنهن ۾ هُن زندگيءَ جي تلخين، تجربن ۽ مشاهدن کان وٺي فڪري اُڏام ۽ نظريو ٻُڌائڻ چاهيو. هُن ته سنڌ کي خوشحال ڏسڻ ٿي چاهيو، جنهن لاءِ هُن زندگيءَ جي گونج ٿيڻ گهريو، بيباڪ ٿي لکيائين، آجپي سان بي انتها پيار ڪيائين. وٽس آزاديءَ جو هڪڙو پل غلاميءَ جي هزارين ورهين کان بهتر ۽ مانائتو هو. سندس شاعري ۾ زندگي گونجندي نظر ايندي هئي، زندگي رقص ڪندي جهومندي نظر ايندي. سنڌ اڄ اُن بيباڪ شاعر جي وڇوڙي سبب اُداس آهي، جنهن ڌارين جي استحصال تي استعماري قوتن سان اکين ۾ اکيون ملائي سچ چيو ۽ گيتن ۾ وڏي واڪي چيو به کين للڪاريو به- بيشڪ! هُن لاءِ غُلامي سَڀ کان غليظ تَرين شيءِ هُئي!

 

(ڏھاڙي ڪوشش حيدرآباد ۾ ۲۲ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

ماما جمن دربدر

پيار محمد لغاري

ڏٺو وڃي ته هر ماڻهوءَ جا پنهنجا پنهنجا واسطا ۽ تعلق هوندا آهن، هونئن چيو وڃي ٿو ته رت جا رشتا ڏاڍا مضبوط ۽ پيارا ٿين ٿا پر منهنجي خيال ۾ روح جي رشتن جي ڳالهھ ئي الڳ آهي، تڏهن ته ائين ٿئي ٿو ته ڪو روح وار رشتو ٽٽي ٿو ته جيءُ جهري پوي ٿو مان سمجهان ٿو ته ته جيڪي روح عالم ارواح ۾ گڏ هئا اهي دنيا ۾ به هڪ ٻئي کي ضرور ڳولي لهن ٿا اڄ روحل واح ۾ گڏ ٿيل ماڻھو سڀ ماما جمن جا روحاني عزيز هئا. هونئن به معاشري ۾ ڪي انسان تاريخ جي ورقن ۾ پنهنجي اڻٿڪ جدوجهد، ڪوشش، محنت ۽ جاکوڙ جي ڪري ڪرادري انسان بڻجي نڪرندا آهن، جيڪي سوين، هزارين دلين تي پنهنجي جاءِ ٺاهي وٺندا آهن، جن جو هجڻ اسان جي لاءِ آٿت جو وڏو احساس ڏيندو آهي ۽ وري انهن جو اوچتو وڇوڙو جيءُ کي جھوري وجھندو آهي، موت به هڪ اٽل حقيقت آهي، جنهن کان ڪوبه انڪار ڪري نه ٿو سگھي ۽ نه ئي وري ان کي ٽاري سگھي ٿو، جيڪا ساهه واري شيء، مخلوق دنيا جي تختي تي آئي آهي، ان کي ضرور موت جو ذائقو چکڻو آهي. ان حقيقت کي سڃاڻيندي به ڪجهه ماڻهن جي وڇوڙي تي دل درد جو داستان بڻجي ويندي آهي ۽ انهن املهه ڪردارن کي ڪڏهن به وساري نه سگھندي آهي. اهڙن املهه ڪردارن ۾ ماما جمن دربدر به هڪ هيو. پاڻ اڄ ڌرتي ماء تي جياپي جي سفر کي پڄاڻي تي پهچائي سندس هنج ۾ ابدي آرامي ٿيا آهن . پرور دگار عالم جي در دعا آهي ته ماما جمن جا ڪبيرا ۽ ضغيرا گناه معاف فرمائي کيس جنت الفردوس ۾ اعلا مقام عطا فرمائي . آمين .

 

(ڏھاڙي ھلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ۲۲ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

دربدر

خالد ڪنڀار

پاڻ ڳالھ کي اتان شروع نٿا ڪريون جتي هو داتا درٻار تي هڪڙي فقير سان گڏ درٻار تان ڇڏايل چانور کائي رهيو آهي. پاڻ ڳالھ کي اتان به شروع نٿا ڪريون جتي هو پنهنجي سهڻي محبوب جي اکين مان ٿيندو دل ۾ لهي پيو. جيئن سهڻي دلو کڻي ميهار لاءِ درياءِ ۾ لهندي هئي. پاڻ هتي هن جي انهي سفر جو ذڪر به نٿا ڪريون جيڪو سفر هن پنهنجي هير جهڙي سهڻي محبوبا لاءِ ميرپور خاص کان وٺي لاهور تائين ڪيو هو. پوءِ انهي ڇوڪري جي ڪري ئي هو پنهنجي ماءِ جي هنج ۾ مٿو رکي رنو به هو. پاڻ ڳالھ کي اتان شروع ٿا ڪريون جتان هڪڙو مڱڻهار فقير ڇڳي واري پٽڪي سان گهوڙي تي سنوار آهي. هن کي ڦڪا چانور ڏنا ويا آهن. جيئن هوگهر گهر وڃي راڄ وارن کي ڳنڍين ۾ ٻڌي ڏي ته جيئن راڄ کي خبر پوي ته ڪاڄ جا ڏينهن ٻڌل آهن. جڏهن اڃان ڪارڊ ڪونه آيا هئا. تڏهن اهو ئي دعوت ڏئيڻ جو طريقو هو. هتي اهو ڌاڳو به پيل آهي. جنهن کي ڳنڍون ڏنل آهن. جنهن مان خبر پوندي آهي ته شادي جي انهي ڪاڄ ۾ هاڻ گهڻا ڏينهن بچيل آهن. انهن ئي پنن تي وري گهوٽ جي سس روشن ڏيئن سان ڀريل ٿالھ کڻي گهوٽ کي پرکڻ لاءِ بيٺي آهي. اتي ئي ڪنوار جون سهيليون ڪپھ جا ڦل ڪنوار جي ڪلهن ۽ سينڌ ۾ رکي رهيون آهن. سينڌ وارو ڦل سهاڳ جي نشاني آهي. انهي ڪري گهوٽ پنهنجي رومال سان ڪلهن وارا ڦل ته لاهي ٿو. پر سينڌ وارو ڦل ناهي لاهي. پاڻ هاڻ هن جي انهي سفر ۾ هن سان گڏ گڏ هلنداسين. هن جون انهي سفر ۾ جيڪي جيڪي ڳالهيون پاڻ جو ڌيان ڇڪائينديون اهي هتي ڪندا هلنداسين. هتي هي عثمان مري جي ڳالھ پئي آهي ته هو جڏهن به ٿر هرڻين جي شڪار تي ويندو هو ته ورندي پاڻ سان گڏ ڪجھ ٿري ٻار به وٺي ايندو هو. هو انهن ٻارن کي پڙهائيندو، ڪپڙا وٺي ڏيندو ۽ ماني به کارائيندو هو. هي انهي ٿر جي ڳالھ آهي جنهن جا ٿريا جيڪڏهن ڪا ڍڳي وڪڻي ڇڏيندا هئا. پر وري سالن پڄاڻان انهي ڍڳي جو ڦر ڏسندا هئا ته انهي کي به سڃاڻي وٺندا هئا ته هي اسان جي ڦلاڻي ڍڳي جو ڦر آهي. هو ٿر جي انهن ريتن رسمن ۽ سماجي زندگي مان ٿيندو ٿيندو پنهنجي انهي بچپن ڏانهن هليو ٿووڃي. جتي هو پنهنجي پيءِ جو ذڪر ڪندي ڪندي لکي ٿو ته جڏهن بابا سانجهي جو ڍڳن جو جوڙو ڪاهي پير واٽ تان گهر پئي آيو ته هن ڄارين جي ويڙهي ۾ ڪجھ پوڙها حر فقير ۽ انهن جون عورتون ويٺل ڏٺيون. هو انهن کي گهر وٺي آيو. هن جڏهن اها ڳالھ ڪئي ته منهنجي اکين اڳيان حر تحريڪ اچي وئي. انهن ئي حر عورتن مان هڪڙي عورت هن جي دائي ٿي. جنهن هن کي پهرئين ستي ڏئي دعاءِ ڪئي ته تون وڏو ٿي حر ٿيندين. هو پنهنجي انهي بچپن تي لکي ٿو ته هو ٿورو وڏو ٿيو ته ڌونري وڏو ڪنڙو کڻي چونري جي چوٽي تي چڙهي وڃي. ڌونرو کائي، ڪنڙو خالي ڪندو هو. هيٺان بيٺل ماءُ پئي ايلاز ڪندي هئي ته پنهنجي ڀاءِ لاءِ ڪجھ بچائي. هو پنهنجي بچپن جون اهي ڳالهيون ڪندو ڪندو جڏهن پنهنجي بيماري جو ذڪر ڪري ٿو ته الاهي ڇو ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ پنا رت ۾ ڀرجي ويا آهن. هو جڏهن چئن سالن جو هو ته هن کي ماتا جي بيماري لڳي. تڏهن اڃان ماتا جي ويڪسين ڪو نه آئي هئي. هن جي ماءِ هن کي پينگهي ۾ سمهاري هن جا ٻئي هٿ پينگهي سان ٻڌي ڇڏيندي هئي. هٿن تي پني چاڙهيندي هئي. جيئن هي هٿن سان خارش نه ڪري. هڪ ڏينهن اهڙي اچي خارش ٿي جو هن هٿ پينگهي مان ڇڏائي خارش ڪئي هن جو سڄو پهراڻ رت ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. هي اهو ئي پينگهو هو جيڪو ورهاڱي ۾ لڏي ويل هندن هن جي بابا کي ڏنو هو. هندن ته بنگلي جون چاٻيون به ڏنيون هيون. پر هن جي پيءِ اهي واپس ڪيون هيون. هو اهي رت سان ٻڏل ڳالهيون ڪندو ڪندو اڳتي وڌي ٿو. اسڪول کان ٿيندو ٿيندو مدرسي ۾ پهچي ٿو. جتي هن جي مٿي تي ڦڪر ڇڏائڻ وارو ٿالھ پيل آهي. هڪڙي ساٿي کي لوٽي هٿ ۾ آهي. اتي ئي هو هڪڙي ڄار ۾ مولوين کان ڪونڊار لڪائي رکن ٿا. سٺا سٺا طعام انهي ڪونڊار ۾ لڪائي باقي ڦڪر مدرسي ۾ کڻي وڃن ٿا ۽ اهو وري اچي لڪي کائن ٿا. اتان کان اڳتي وري انهي ڇوڪري جو ذڪر به اچي ٿو جنهن سان گڏجي هن ڪندرو راند ڪئي هئي. تڏهن هن کي پهريون ڀيرو جنس جو احساس ٿيو هو. اهو ڀاڪر اڃان هن جي ذهن ۾ ڪٿي پيو آهي. انهي کانسواءِ اهڙي هڪڙي ياد ڍوريناري واري ڪپھ جي ڪارخاني جي به آهي. هن جو جمن مان جمن دربدر ٿيڻ وارو سفر تڏهن شروع ٿئي ٿو. جڏهن هو پنهنجي نالي لاءِ چار تخلص گهايل، ريگستاني، سائل ۽ دربدر لکي پنهنجي مرشد مخدوم صاحب وٽ ويو هو. مخدوم دربدر تي ٽڪ ڪيو هو. پر گڏوگڏ اهو به چيو هئائين ته سنڌي وارو دربدر نه پر عربي ۾ بدر چنڊ کي چوندا آهن ۽ در چهري کي چوندا آهن سو هي تخلص تڪليفون جام ڏيندو پر نالو به وڏو ڪمائيندين. اها مرشد جي هن لاءِ ڪيل ڳالھ به سچي ثابت ٿي. هن جون تڪليفون هن جي هن ڪتاب ۾ پيون آهن پر وري به هن نالو وڏو ڪمايو. عمرڪوٽ ۾ هن وقت جيڪو ڪاليج آهي. انهي ۾ هن جي آرٽ جو به ڪمال آهي. جڏهن ڪاليج جي ڊپازٽ گڏ ڪرڻ لاءِ هنن ڊرامو ڪيو هو. جنهن ۾ هن هڪڙي ڌوتي عورت جو ڪردار ڪيو هو. هو انهي ڊرامي تي لکندي لکي ٿو ته انهي ۾ گهڻا ڪردار مزدورن هوٽلن جي بيرن ادا ڪيا هئا. هي انهن ڏينهن ۾ پنهنجي دوستن سان گڏجي وڃي انهن هوٽلن تي ويهي چانھ پيئندو هو. جيڪي خاص ڪري ڪولهين ۽ ڀيلن لاءِ مخصوص هونديون هيون. تڏهن اڃان اڪثر هوٽلن تي ڪولهين ڀيلن ۽ مينگهواڙن جا ڪوپ الڳ پيل هوندا هئا. هن پنهنجي شادي جي ڪاڄ ۾ به انهن ئي ڇوت ڇات وارن دوستن سان گڏ کاڌو هو. پنهنجي شادي ۾ هن پاڻ ڳايو به هو. هي اهو دور هو جڏهن اڪثر ڪري طبقاتي سماج جي ڪري هيٺين ذاتن وارا ماڻهو سنڌي ٽوپي يا پٽڪو ڪونه ٻڌندا هئا. پر جناح ٽوپي پائيندا هئا. هو ڪٿي ڪٿي اهڙيون دلچسپ ڳالهيون ڪري ٿو. هو چوي ٿو ته اسان کي لطيف جي نالي تي عمرڪوٽ شهر مان رڳو ٻاويھ سئو روپيا مليا جڏهن ته ٻي ڏينهن کدڙا فقير تاڙيون وڄائيندا سڄي شهر مان هڪ ڏينهن ۾ رڳو ڏيڍ لک روپيا ميڙي ويا. هو انهي هڪڙي جملي ۾ سنڌي سماج جي پوري نفسيات بيان ڪري ٿو وڃي. هو جڏهن پنهنجي هندستان ياترا جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ڪيئن هن دوستن کان پئنٽ شرٽ وٺي پاتي هئي. هن جي ميزبانن جي ذهن ۾ هو ته استاد محمد جمن آيو آهي. انهي ڪري هن کي سڀني ڳائڻ وارن گوين کان به مٿان گهرايو ويو. تڏهن هن اسٽيج تي چڙهي چيو هو ته آئون استاد محمد جمن نه پر جمن دربدر آهيان. انهي ياترا ۾ هن کي اهو سنڌي ديوان رولاڪ تخلص وارو به مليو هو جنهن صبوح سوير هڪري هڙ اچي هنن جي اڳيان رکي هئي. جيئن مقدس ڪتاب ويڙهيل هوندا آهن. ائين هئي. هو انهي هڙ جا ڪپڙا لاهيندو ويو. جنهن ۾ هڪڙي نسوار جي دٻلي جهڙي دٻلي پيل هئي. اها جيئن رولاڪ کولي ته هن جون اکيون سانوڻيون ٿي پيون. ڳوڙها لارون ڪري وهڻ لڳا. هن کي ڏسي چيائين دربدر منهنجا ڀاءِ هي منهنجي سنڌ جي مٽيءِ آهي. اسان جڏهن شڪارپور مان لڏپلاڻ ڪئي ته آئون هلندڙ گاڏي مان لهي پيس اتان مٽي لپ کڻي ورتم. هن جي جڏهن مون اها ڳالھ پڙهي ته الاهي ڇو ائين محسوس ڪيم ته اهو رولاڪ اها مٽي جي دٻلي کوليندي الاهي گهڻا دفعا رنو هوندو ۽ اهي ڳوڙها انهي مٽي تي ڪريا هوندا. دٻلي ۾ پيل اها شڪارپوري ديوان جي مٽي هاڻ ڳوڙهن ۾ پسي پسي درد جي علامت بڻجي وئي هوندي. هو روز صبوح اٿي پوڄا ناهي ڪندو انهي مٽي کي پرنام ڪندو آهي. مٿيون سموريون ڳالهيون جمن دربدر جي آٿم ڪٿا جون آهن. هن آتم ڪٿا ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن. هن آتم ڪٿا جي سياسي پاسي تي لکڻ کان مون پرهيز ڪيو آهي. ڇو جو اڃان اسان وٽ ڪتاب پڙهڻ جو رواج ئي ناهي پيو ته انهن پاسن تي ڪيئن ڳالهائجي. هن ڪتاب ۾ سائين جي ايم سيد سائين آريسر صاحب ۽ بشير خان سميت ڪيترن ئي نظرياتي سياست جي اهم ماڻهن تي ڳالھ ٿيڻ کانسواءِ تر جي وڏيرن جي سياست جو ذڪر به آهي. هي هڪڙي پورهيت جي آتم ڪٿا آهي. جنهن سياست جي واٽ تي به سفر ڪيو آهي. مون هيڪر سمجهيو ته جمن جهڙي ماڻهو جي آتم ڪٿا تي کلي ڳالهائي سگهجي ٿو پر هاڻ سوچيان ٿو ته اڃان اهو ممڪن ناهي.

 

(خالد ڪنڀار جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۲ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)


 

جمن دربدر

ٻين کي سڃاڻپ ڏيندڙ!

مٺل جسڪاڻي

ھڪ تہ تعزيت ڪرڻ ڪانہ اچي،

ٻيو تہ،

تعزيت ڪنھن ڪنھن سان ڪجي؟

وري وري جنم وٺي، وري وري مھراڻ ۾ ملڻ وارو واھرو، پاڻي تي پاڻي ڪرڻ وارو وڻجارو، جمن دربدر، ھن جنم ۾ ۱۲ مئي ۱۹۴۴ کان ۲۰ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تائين رھيو، يادن ۾ بہ رھندو، ڪتابن ۽ آوازن وسيلي ايندڙ پيڙھين ۾ بہ ھوندو. . .

جمن پنھنجي سڃاڻپ پاڻ ماڻي،

ڪنھن کان بہ سڃاڻپ ورتي نہ،

ٻين کي سڃاڻپ ڏنائين. . .

جمن دربدر جون ڳالھيون ھن پاڻ بہ پئي ڪيون، ٻين پئي لکيون آھن. جمن جي حوالي سان گهڻو ڪجهہ لکجي چڪو آھي. اھو سلسلو پيو ھلندو. . .

آئون صرف ايترو ئي لکندس، جيترو عنوان آھي:

جمن دربدرـ

ٻين کي سڃاڻپ ڏيندڙ!

 

(ڏھاڙي ”آجيان“ شڪارپور ۾ آچر ۲۳ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

ماما جمن دربدر

لوڪ گيتن جو ڪوي ۽ راڳي

اياز گل

روح جي سرزمين تي جڏهن ڀٽائي جي سٽ ‘سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار’ سانوڻ جي مينهن وانگر وسڻ لڳندي آهي، تڏهن مون کي ٿرمان رڳو روحل واءِ جو ڳوٺ اکين اڳيان ڦرندي محسوس ٿيندو آهي. روحل واءِ سوري مٿي سيڻ ڏٺا آهن ته ڪلهن وٽان ڪنڌ ڪپائيندڙ ڪونڌرن جي ارڏائي جو ساکي به آهي. هن ڳوٺ جي پڌر تي حسين ڪوتائن جا ٻول ٻڌڻ سان چانڊوڪي روح ۾ رقص ڪرڻ لڳندي آهي. صدين کان سنڌ جا جوڌا جوان پنهنجي من جي تازگي جي لاءِ روحل واءِ ڏانهن پنڌ ڪندا رهيا آهن. روحل واءِ جي رهواسين جي جيون ۾ پنهنجي ڌرتيءَ سان سچائي ۾ جهريون نه پيون آهن. صدين هن ڳوٺ جي سچائي ۽ معصوميت کي برقرار رکيو آهي. انهن جي ڪچهرين ۾ سنڌ جي تاريخ جي خوشبوءِ ايندي آهي. ادب آرٽ ۽ راڳ جو فن ڦلواڙيءَ جيان هن ڀوميءَ مان ڦٽو آهي. هن ڳوٺ جي ڀٽ تي ن صرف روحل فقير ۽ مراد فقير پنهنجي ڏات جي ونڊ ورهائي آهي، پر ماما جمن دربدر جي اڳواڻي ۾ حليم باغي، حاجي ساند، اسحاق ساند، انور ساند ۽ ٻيا پنهنجي انوکي ڏات جا ڏيئا ٻاريا آهن. ماما جمن دربدر هاڪڙا وادي جي عظيم يادگار ولهار پتڻ جي ڀر سان شو مندر ۽ ڪنڊڙئي جي فقير روحل جي آستان جي وچ ۾ آباد ساند سوڍن جي وستي ۾ عبدالرشيد ساند جي گهر ۾ ۱۲ مئي ۱۹۴۴ع تي جنم ورتو. پرائمري جا ٻه درجا عمرڪوٽ ۾ پڙهيو، پوءِ سندس والد صاحب جي ڪوششن سان ڳوٺ ۾ کولايل اسڪول ۾ چوٿين درجي تائين پڙهيو، وڌيڪ پڙهڻ جي لاءِ ڳوٺ صاڀي جي اسڪول ۾ داخل ٿيو، اتان ئي هن مڊل اسڪول مان اٺون درجو پاس ڪيو. صاڀي ۾ رهڻ دوران جمن اتي جي مدرسي مان ديني علم ڪيائين. ۱۹۶۲ع تي هن مئٽرڪ ڪري هارٽيڪلچر سينٽر ميرپوخاص مان Buddar جو ڇهه مهينن وارو ڪورس ڪري هن فيلڊ اسٽنٽ جو ڪورس ڪيو. ڪورس ڪرڻ سان هن کي فيلڊ اسٽنٽ جي نوڪري ملي ويئي. سال ۱۹۷۰ع کان مامي جمن دربدر جاتيءَ، سجاول، باران فارم، غلام نبي شاهه، ڍوري ناري ۽ ڇور ۾ فيلڊ اسٽنٽ طور ڪم ڪيو.

ماما جمن هڪ ئي وقت شاعر، فنڪار، ڊراما آرٽسٽ، ۽ ڊراما نويس به آهي. ماما جمن ڪيترا ئي سٽيج ڊراما ڪيا آهن جن ۾ اداڪار، صداڪار ۽ هدايت ڪار پاڻ رهيو آهي. انهن ڊرامن ۾ بد نصيب ٿري، سکن وارو سج، گلن واري ڇوڪري، آس، ڏک ۽ ڏڪار، چنڊ لڳي ٿو لولو، ٽرڙو عاشق، لڱ به منهنجا لوه، جابر وڏيرو شامل آهن. آس، سکن وارو سج ۽ ٽرڙو عاشق هن جا طبعزاد ڊراما آهن.

ماما جمن جي شاعري ڌرتي جي دکن، سکن، آسن، امنگن ۽ احساسن سان هم آهنگ ۽ هم قدم آهي. ماما جمن دربدر جي شاعري ۾ سندس تخليق ‘وٺي جنم هر هر وربو، مٺا مهراڻ ملبو’ ڌرتي سان محبت جي مهانتا ۾ امرتا پائي ويئي آهي. پر اها ٻي ڳالهه آهي جو هن تخليق جي ايتري هاڪ ۽ ڌاڪ تي شاعري جي ديس جا ڪيترا ئي ‘ڪنور’ ۽ ’ڪمار’ سڙي پيا پر هي فقير منش ماما جمن ڪنهن جي پرواهه ڪرڻ جي بدران ڪوتا جو ٻيجل چارڻ بڻجي سر جي صدا سُر ۾ هڻي ڏيهه ۾ ڏياچ ڳوليندو رهيو . هن وٽ انسان ذات جو احترام اول رھيو. هن جو من ماڻهو ۽ مٽي سان محبت ۾ سرشار رھيو. پنهنجي مٽي ۽ ماڻهن سان محبت جي پنڌ هن کي پنهنجي دور جو چمڪندڙ ستارو بڻائي ڇڏيو.

هن جي شاعري جي جڙ پنهنجي ڌرتي ۾ آهي. هن جي ضمير ۽ خمير جي خوشبوءِ لوڪ گيتن ۾ نکري نروار ٿئي ٿي. ٿر لوڪ گيتن جي سرزمين آهي. ماما جمن کي هڪ ٿر جي ڀٽن جو رهواسيءَ ڪوي هئڻ جي ناتي پيارا لوڪ گيت چوڻ ۽ ڳائڻ آيا. هن پيار، اميد ۽ اتحاد جا گيت چيا آهن. هن جي لوڪ گيتن ۾ ٻوليءَ جو وسيع پهلو آهي. ٻوليءَ جي جماليت جو اعليٰ روپ سامهون اچي ٿو. صدين جي ساک ‘بادليو’ لوڪ گيت ۾ بادل کي منٿ ميڙ ڪئي ويئي ته ‘اي بادل تون امراڻي جي ديس مٿي وس’ ڍاٽڪي ۾ چيل گيت جي وراڻي آهي ته؛ ‘بادليا تون برس امراڻي ري ڏيس مٿي’ ماما جمن پنهنجي لکيل لوڪ گيت ‘بادليو’ ۾ ٿري ماڻهن جي مينهن جي لاءِ آس ۽ اميد بيان ڪندي حوصلو ڏنو آهي ته پنهنجي ڌرتي تي بادل وسندو رهندو. ۽ جڏهن ماما جمن اهو گيت ڳائيندو آهي ته، راڳ جي رم جهم ۾ محسوس ٿيندو آهي ٿر تي مينهن وسي رهيو آهي.

بادليو پيو وسندو

گاجڙلو گجندو

ملڪ موهر تي

بادليو پيو برسندو

کاهوڙي کيتن ۾،

خوش ٿي ويٺو کلندو

بادليو پيو برسندو

ماما جمن جي لوڪ گيت ‘اسين ماڻهو ٿر جا’ کي پڙهندي تصور ۾ رسول حمزا جو ڪتاب ‘ ميرا داغستان’ تري ايندو آهي. پر رسول حمزا توف جهڙي شاعر کي ‘اسين ماڻهو داغستان جا’ ٻڌائڻ جي لاءِ پورو ڪتاب لکڻو پيو. جڏهن ته ماما جمن پنهنجي هڪ لوڪ گيت جي مختصر مصرعن ۾ اها ڳالهه بهتر انداز ۾ ڪري ٿو وڃي ته ٿرجي ماڻهو جي ڪل ڪائتات ‘ساڻيهه، سانوڻ ۽ سڄڻ’ آهي؛ جنهن کي وقت جو ڪو به وهڪرو ٽوڙي نٿو سگھي.

اسين ماڻهو ٿر جا، ڀٽن جي هن ڀر جا،

الا ڪڪريو ٿو وسي،

الا وڏڙڦڙو ٿو وسي

سانوڻ آيو سرتيون، سٺڻ ڪيم رسي،

الا ڪڪريو ٿو وسي،

الا وڏڦڙو ٿو وسي

اوڍڻ منهنجي انگ جو پلريي سان پسي

الا ڪڪريو ٿو وسي.

الا وڏڦڙو ٿو وسي

‘ڪلجيو’ ٿر جو مشهور لوڪ گيت آهي. ماما جمن ان ڪجليو گيت جي تسلسل ۾ ڪجليو چيو آهي. ماما جمن هن گيت کي ائين ڳائيندو آهي، جيئن ‘تاراڻي جي ريل ۾ ٿري ناري پنهنجي پريتم ڪاڙينڌي (ڀيل) کي ساري ڳايو هو.

ميهه برسيو مهراڻي تي،

ميهه برسو امراڻي تي،

مريڙو چونڊڻ جائون

هون تان ڪجليو تي گائون

ڪاڙي نا ڪجليو تي گائون

 (مهراڻي تي مينهن وٺو آهي، امراڻي تي مينهن وٺو آهي، آئون مريڙو چونڊڻ وڃان ٿي، آئون ته ڪجليو ٿي ڳايان، ڪاري کي ڪجليو ٿي ڳايان. )

ساجنئي ري روٽي پگا، گهرٽي منڏڻ جائون،

ڪاڙي نا ڪجليو تي گائون . . . . .

(ساجن جي ماني ڪارڻ آئون جنڊ پيهڻ وڃان ٿي، ڪاري کي ڪجليو ٿي ڳايان. )

سمهلي پاڙي ڍولڪ باجي، مٽڪو رمڻ جائون

هون تان ڪجليو تي گائون

ڪاڙي نا ڪجليو تي گائون . . . . . . . .

(سامهون واري پاڙي ۾ دهل وڄي وهيو آهي، آئون مٽڪو رمڻ وڃان ٿي. ڪاري کي ڪجليو ٿي ڳايان)

واء وڙيو واهوندي رو پيلوُ چونڊڻ جائون،

هون تان ڪجليو تي گائون

ڪاڙي نا ڪجليو تي گائون

(واهوندي جو واءُ وريو آهي، آئون پيرون چونڊڻ وڃان ٿي. ڪاري کي ڪجليو ٿي ڳايان)

پلرئي سين ٽوڀا ڀريا، ٻيڙلو ڀرڻ جائون،

هون تان ڪجليو تي گائون

ڪاڙي نا ڪجليو تي گائون

 (پلر سان ٽوڀا ڀريا آهن، آئون ٻيڙلو ڀرڻ ٿي وڃان، ڪاري کي ڪجليو ٿي ڳايان. )

کيتر پڪا کاهوڙ را، هون چڀڙ چونڊڻ جائون،

هون تان ڪجليو تي گائون

ڪاڙي نا ڪجليو تي گائون

(کاهوڙ جا کيٽ پڪا آهن، آئون چڀڙ چونڊڻ ٿي وڃان، ڪاري کي ڪجليو ٿي ڳايان. )

‘لوئي’ به هڪ ٿري لوڪ گيت آهي. شادي جي موقعي تي ڳايو ويندو آهي. هن گيت جا ٻول آهن ته ؛

هي منهنجي لاکيڻي لوئي،

مارو تو رات رڱائي لوئي

لطيف سائين سر مارئي ۾ ٿري لوئي (شال) جو ذڪر ڪندي بيت ۽ وايون چيون آهن. ماما جمن به سُر مارئي ۾ ‘لوئي’ لوڪ گيت چيو آهي. اهو گيت عمرجي ڪوٽ ۾ قيد مارئي جي پڪار آهي.

لوئي ليرون لوئي وو،

منهنجي ڦاٽل ساٽل لوئي وو،

منهنجي لڄ آهي، منهنجي پت آهي،

سا پت ڪيئن وڃان ڌوئي وو

تو ڏاڍ ڪيا، پر مون ته ڏس ڪين رنو،

مون کي جهانگين هڪڙي جهڻڪ ڏني

مون ته ڏنو آ روئي وو

تو کي منهنجن پنهنجن ڏس ڏنو

نه ته ڪيئن ڏسين ها ڏيهه منهنجو

پنهنجا جو غدار ٿيا،

تڏهن مان به ٿيس هت ڏوهي وو

مون کي ويڙهيچن جو ور ڏنو،

ڪيئن ڪر لڄايان ڪوٽن ۾،

آئون واپس ويڙهيچن ڏي ويندس

ماءُ ڏني آ ڊوهي وو

ڪوٽ هي ڪرندا ڪڙڪا ٿيندا

باهيون لڳنديون ڀڙڪا ٿيندا

ٽنهين پاسي ٽڙڪا ٿيندا

ڪين ڪندين تون اوئي وو

مان جمن جهانگيڙن ڏي ويندس

آزادي او نيٺ ته ماڻي

مارو مونکي کيرون ڏيندا

لعنت ڏيندا تو ئي وو

ماما جمن جو لوڪ گيت ‘اوسيئڙو’ ترنم سان ڀرپور اندر جو آواز آهي؛

سج لٿي اڱڻ مٿي چنڊ کڙي ٿو،

الا ڪوئي چت چڙهي ٿو. . . . .

ڀيج ڀني ۾ ڪا وني واٽ نهاري، پريتم پڪاري

ڪڪر وسن، نيڻ ٽمن لڙڪ ٿو.

الا ڪوئي ياد اچي ٿو . . .

رنگ رچي موج مچي، نينهن نچي ٿو

 الا ڪو ئي ياد اچي ٿو. . . . .

ڪونج اڪيلي کي ڏسي روح رڙي ٿو

الا ڪوئي ياد اچي ٿو. . . . . .

جمن کي پنهنجي پسي ۽ پيرون جي ڌرتي پياري آهي، جنهن جو پاڻ ڏٿ به آهي، ته ڏوٿيئڙو آهي، مارئي جي ڪردار تي هن جو ڪنڌ فخر سان اونچو ٿئي ٿو. جمن جو چيل لوڪ گيت ‘مارئي’ ٿر جا سگهڙ سياڻا مچ ڪچهري ۾ منفرد انداز ۾ چئي حوصلي، ۽ همت جو سبق ڏين ٿا ؛

هي مارئي ٿر ڄائي آ

جنهن لوئي لڄ بچائي آ،

هي ڏاڍ ڏمر کان ڪين ڏڪي

ڪنهن جابر اڳيان ڪين جهڪي

هن نيٺ ملير ملهائي آ

هن کيت قبوليو ساڻ کٿي

ڪين سيڻ مٽائين سون مٿي

پٽ ريشم ڪين هرکائي آ

چس کاڌن تي ٿي ڪا نه چري

ويئي نيٺ ته پنهنجي ويڙهه وري

جنهن جي لوچ ۽ سوچ سچائي آ

هئي هيڻي پر ٿي ڪا نه غلام

تنهن سانگياڻي کي لک سلام

جنهن جوءِ جمن جرڪائي آ

ڪانگڙو ٿر جو مشهور لوڪ گيت آهي، جمن ٿر جي ڪانگڙي لوڪ گيت ۾ ڪانگ کي ڀٽائي ڏانهن قاصد ڪري موڪلي ٿو ته ؛

ڪانگا چئه هي ڳالهه ڀٽائي،

مارو ٿيا بي حال ڀٽائي

جهوپا ويا تن جهانگين کان

سڀ ساٿ ويا سانگين کان

لڄ رکجان تون لال ڀٽائي

بالمو درد فراق ۾ ڀريل ٿر جو لوڪ گيت آهي، جنهن ۾ ناري ٽيج سانوڻ جي تهوار تي بئراج مزدوري تي ويل پنهنجي ور کي ساري ڳائي ٿي، ٿري لوڪ شاعري ۾ عورت جو محبوب هُن جو ور آهي. جمن جي لوڪ گيت ۾ ٿرياڻي پنهنجي بالم کي پيار مان ‘بالميون’ سڏيو آهي.

بالميو ني آيو، مانهجي ساسو جي رو جايو،

ماء! مانهجو بالميو ني آيو،

بالميو ني آيو،

(منهنجو بالم نه آيو، اي منهنجي امان منهنجي سس جو ڄايل منهنجو بالم نه آيو. )

آئي سرامڻ ٽيجڙي، مين ڏانڙو منگايو،

ماء! مانهجو بالميو ني آيو،

بالميو ني آيو،

(سانوڻ جي ٽيج آئي آهي، مون اناج گهرايو آهي، اي منهنجي امان منهنجو بالم نه آيو. )

ٻيجيا سکيان سينگار ڪريا، مين ٽم ٽم ڪاجل باهيو،

ماء! مانهجو بالميو ني آيو،

بالميو ني آيو،

(ٻين سهلين سينگار ڪيا آهن، ٽم ٽم نيڻن مان ڪجل وهايو آهي، اي منهنجي امان منهنجو بالم نه آيو. )

تانهجي ڪارڻي صاحبا، مين مارگ مروئو بهايو،

ماء! مانهجو بالميو ني آيو،

بالميو ني آيو،

(اي منهنجا بالم تنهنجي ڪارڻ مون مارڳ ۾ مروئو پوکيو آهي. اي منهنجي امان منهنجو بالم نه آيو. )

ڪالهه اڏي گيا ڪانگيا، ڪوئي سنديس نا لايو

ماء! مانهجو بالميو ني آيو،

بالميو ني آيو،

(ڪلهه جيڪي ڪانگ اڏري ويا، انهن مان ڪوئي نياپو کڻي نه ِآيو، اي منهنجي امان منهنجو بالم نه آيو. )

ورساڙو لوڪ گيت کي چوماسو به چيو ويندو آهي. ورساڙو ٿر جي خوشي جو لوڪ گيت آهي. ماما جمن به ورساڙو لوڪ گيت ۾ وسڪاري جا منظر چٽيا آهن

آج اتريئي ۾ ڇايو ري ڇايو،

بيجان چمڪين برساڙو آيو،

(اڄ اتر کان ڪڪر ڪارونڀار ڪري اُپڙيو آهي، وڄون چڪمي رهيون آهن، وسڪارو آيو آهي. )

رم جهم آئي رت بسنتي،

گونڍ ملهار گايو،

(رم جهم جي رت بسنتي آئي آهي، گونڍ ملهار ڳايو)

ڇائي گهٽا گهنگهور گگن ۾،

آڀي سيس نمايو ري،

(گگن ۾ گهنگهور گهٽا ڇانئي آهي، آڀي سيس نمايو آهي)

مور پپهيا ميٺا ٻولين،

ڪوئل شور مچايو،

 (مور پپيها مٺڙا ٻولي رهيا آهن، ڪوئل شور مچايو آهي)

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي ڪاوش دنيا ۾ ۲۳ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

ماما جمن دربدر

سنڌ جي چيڪي مٽيءَ جو مهان ماڻهو به سنڌ کان موڪلائي ويو!

زاهد علي ڀٽو

عمرڪوٽ جي ننڍڙي ڳوٺ روحل واء ۾ ۱۲ مئي ۱۹۴۴ تي هڪ غريب هاري عبدالرشيد ساند جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سنڌ سان ساھ وانگر پيار ڪندڙ ماما جمن دربدر

جنهن جو نالو ٻُڌڻ سان شايد گهڻن ماڻھن جي ذهن تي سندس تعارف رڳو شاعر طور اڀري ايندو هجي!

پرمنهنجي خيال ۾ ماما جمن جيڪو ڪنهن شو، شا ۽ گهڻي ڦون ڦان ۽ پاڻ پڏائڻ کان گهڻو. . . . . . ، گھڻو پري رهيو آهي.

 شاعر کان اڳ، تمام گهڻو اڳ پاڻ کي مٽيء جو ماڻهو سڏائڻ ۾ فخر ڪندو رهيو.

 ڌرتي جو دردرکندڙ ماما جمن جنهن شاعري جي شروعات ۲۴ سالن جي ڀرپور جواني ۾ ۱۹۶۸ ڌاري عشق جي چوٽ لڳڻ سبب محبوب جي محبت ۾ ڪئي پر اڳتي هلي سرتي کان وڌيڪ ڌرتي جا ڏک درد ڏسي سنڌ ڌرتي ۽ ماروئڙن جهانگيئڙن لاء شاعري ڪرڻ شروع ڪئي.

ماما جمن رڳو شاعر ئي ناهي پرهو پنهنجي اندر جي جذبن ۽ اڌمن جو اظهار جهومي، ڳائي به ڪندو هو. هو شاعرکان علاوه فنڪار به هو ته ڊرامه آرٽسٽ ۽ ڊرامه رائٽر به هو . زرعي ڪاليج سڪرنڊ ۾ تعليم دوران ڪيترا ئي ڊرامه اسٽيج ڪيا جن ۾ اداڪار، صداڪار، هدايتڪار طور نڀايو.

ان ڳالھ ۾ ڪوبه وڌ وڌاء ڪونهي ته ماما جمن سنڌ جي چيڪي مٽيء جو مهان ماڻهو آھي. ڀلي هو سادي طبيعت ۽ سادي لباس ۾ هوندو هو.

 پر ڪيترن مها اڪابرن کان، دولت جي پوڄاري دانشورن کان، قلم جو ڪاروبار ڪندڙ ڪيترن ئي ڪروڙ پتين کان سندس ڪردار اجرو، اعليٰ ۽ اتم آھي.

هو سن جي جهور پوڙھي پر جذبن ۾ جوان ۽ جبل جيڏي ارڏي انسان سائين جي ايم سيّد جو سچو پڪو پوئلڳ رهيو آھي . ساڻس بزم صوفياء سنڌ جي سفر ۾ به رهيو ته قومي تحريڪ جي سفر ۾ به ساٿي رهيو آھي.

ان کان علاوه سنڌ جي جاکوڙي ڪردارن ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ ڪامريڊغلام محمّد لغاري سان به ويجهڙائي رَهيّس.

 ۽ سنڌ جي ابوالڪلام آزاد، عبدالواحد آريسر سان هٿ جي آڱرين جيان گڏ گڏ رهيو.

ماما جمن محبوب جي ذلفن جي زنجيرن ۾ مقيد رهيو ايئن ئي سنڌ ڌرتي سان به ساھ جهڙو پيار ڪندو هو،

هو سنڌ جو به سچو عاشق رهيو آھي . ”ساري سنڌ، پرين جو پاڇو“ تي دل و جان سان عملي طور پيروي ڪندڙ ماما جمن سنڌ جي چپي چپي سان چاھ رکندڙ هو ۽ ساري سنڌ ۾ سندس ساھ هو.

سڄي سنڌ جي فطري سونهن جو پنهنجي اکين سان روبرو ديدار ڪندڙ ۽ سنڌ جي دردن جو مشاهدو ڪري پنهنجي شاعري وسيلي دنيا کي دانهن ڏيندڙ ماما جمن شايد پنهنجو تخلص دربدر به انهي ڪري رکيو .

 ماما جمن پنهنجي زندگي جو ڳچ عرصو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنڌ ڪيو.

سنڌ جي هن عظيم ڪردار، شاعر، ڳائڪ، آرٽسٽ، ڊرامه رائٽر، سيلاني روح، قومي ڪارڪن، ماما جمن دربدر ويهين آڪٽوبر ۲۰۲۲ تي جسماني طور سنڌ ڌرتي کان وڇڙي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو.

 ماما جمن جهڙي ڌرتي جي عاشقن جا روح مالڪ حقيقي وٽ پهچڻ بعد به ملائڪن کان موڪل وٺي پنهنجي ڌرتي سان روح جو رشتو برقرار رکندي ڌرتي تي ڀيرا ضرور ڏيندا رهندا آهن.

 

(زاھد علي ڀٽو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۳ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)

 


 

ماما جمن دربدر

چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو

ڪريم شيرازي

سنڌ اها ڌرتي آهي جنهن ڪيترا ئي انمول مڻيادار ماڻهو پيدا ڪيا آهن. جن پنهنجي آخري ساهه تائين سنڌ سان نڀايو آهي. ۽ سنڌ به اهڙن انمول ماڻهن کي پنهنجي تاريخ جي سونهري ورقن جي سيني ۾ سانڍيندي آهي. ماما جمن دربدر به اهڙن انمول پارسن مان هڪ هو. سندس سڃاڻپ سائين جي ايم سيد جو ويجهو ساٿي، عبدالواحد آريسر، حليم باغي جو سٺو دوست ساٿي ۽ همعصر آهي.

سندس پهريون جوڙ محترم عبدالواحد آريسر هو جنهن سان گڏ هن پوري سنڌ ۾ پيرين پنڌ، بکن، اڃن تي هلي سنڌ جي پرچار ڪئي، سنڌي ادب جي پرچار ڪئي ۽ پنهنجو قومي فرض خوب نڀايو. ان وقت کان وٺي ئي سندس ويجهو دوست، مائٽ ۽ قومي ساٿي حليم باغي به گڏ رهيو.

عبدالواحد آريسر کان پوءِ هر پروگرام توڙي مختلف محفلن ۾ ماما جمن دربدر ۽ حليم باغي جي جوڙي هوندي هئي.

حليم باغي پنهنجي شاعري رومانس جي گل ۾ ويڙهي نوجوانن ۾ جذبو جا ڳائيندو رهندو آهي ۽ ماما جمن دربدر پنهجي تقريرن ۽ پنهجي قومي شاعري وسيلي نوجوانن کي اتساهيندو رهندو هو.

ماما جمن دربدر جي اوطاق روحل واءِ تي پوري سنڌ مان مهمان هوندا ئي هوندا هئا، هي دل جو درياءَ ماڻهو سدائين سندن خوب خدمت سان گڏ اصلاح ڪندو رهندو هو. کين تاريخ، لطيف سائين ۽ قومي تحريڪ جون يادگيريون ٻڌائيندو رهندو هو.

اهو ئي سبب آهي جو جتي به ماما جمن دربدر جو نالو کنيو ويندو آهي ته نوجوانن ايئن ئي سندس احترام ڪندا جيئن هو سنڌ جو نالو کڻڻ وقت، لطيف سائين جو نالو کڻڻ وقت، جي ايم سيد جو نالو کڻڻ وقت يا عبدالواحد آريسر جو نالو کڻڻ وقت ڪندا آهن.

هو پنهنجي شخصيت ڪردار ۽ پنهجي قومي جدوجهد ۾ ايئن ئي هو جيئن سندس شاعري آهي، هي اها شاعري آهي جيڪا سائين جي ايم سيد به هميشه جهونگاريندو هو ۽ جڏهن ماما جمن دربدر سائين جي سامهون ايندو هو ته سائين به سندس آواز ۾ سندس شاعري ٻڌائڻ جي فرمائش ڪندو هو. هو جڏهن جهونگاريندو هو ته ڪنهن ساز جي ضرورت نه پوندي هئي، سندس مٺو، جهونو ۽ ڀرپور موسيقي ۽ رڌم جهڙو آواز ڪنهن سازيندي جي ضرورت ئي محسوس نه ٿيندي آهي.

ماما جمن دربدر پنھجي هنن سٽن تي پورو لهي ٿو ۽ هن پنهنجي پوري حياتي پنهنجي ئي چيل شاعري وانگر گذاري ڇڏي.

اڪثر ماڻهو بعد مرڻ جي ياد ڪنهن کي ايندا هِن

ڪي ڪي ماڻهو تاريخن ۾ نقش اڀاري ويندا هِن

اڪثر ماڻهو موت جي ڊپ کان هر هر جيئندا مرندا هِن

ڪي ڪي ماڻهو جيئندي جيئندي موت کي ماري ويندا هِن،

اڪثر ماڻهو پاڻ جيئڻ لاءِ قوم کي ماري ويندا هِن،

ڪي ڪي ماڻهو مرندي مرندي قوم جيئاري ويندا هِن،

اڪثر ماڻهو مَتِ جا موڙا پاڻ نه پنهنجا ٿيندا هِن

ڪي ڪي ماڻهو نسلن جي تقدير سنواري ويندا هِن

اڪثر ماڻهو مستانن تي ڪوڙي فتوا ڏيندا هِن

ڪي ڪي ماڻهو ان الحق جي تند تنواري ويندا هِن

اڪثر ماڻهو عهدي خاطر پاڻ وساري ويندا هِن

ڪي ڪي ماڻهو دربدر ٿي وقت گذاري ويندا هِن.

 ۽ هو شيخ اياز جي هن شعر جي بلڪل ابتڙ هو نه،

خُدا معلوم ڪنهن رنگين چمن ۾ ڇو نه ڄاواسين،

ٽڙياسين دامنِ صحرا ۾، خوشبو ئي اجائي ويئي

هو ڀلي سورن ڀري سنڌ ۾ ڄائو پر سندس خوشبو اجائي نه وئي، سندس علم، ادب، موسيقي ۽ قومي جدوجهد جي خوشبو هنڌين ماڳهين تائين وئي ۽ ان خوشبو مان جن جن به واس ورتو انهن جي نسلن تائين اها خوشبو رهندي. هو هن چمن کي ئي رنگين سمجهي ٿو ۽ وري وري جنم وٺي هتي ورڻ چاهي ٿو.

ماما جمن جي يادگيرين تي مشتمل سندس ڪتاب “وٺي هر هر جنم وربو” به شايع ٿيل آهي جنهن ۾ سندس سڄي جدوجهد ۽ يادگيريون شامل آهن، ماما جون جيتريون ڳالهيون ڪنداسين کٽڻ منجهان ئي ڪو نه آهن.

ماما جمن دربدر جو امالڪي وڇوڙي جيءُ جھوري وڌو آهي، سنڌ جو هر فرد ساڳئي ئي ڏک ۾ مبتلا آهي. ماما جمن دربدر پوري تاريخ هو، هو هڪ اداري جي حيثيت رکندڙ هو.

ماما جمن تي لکندي لطيف سائين جي هن سٽ جھڙي ڪيفيت ٿي وڃي ٿي.

لڙڪ نه لکڻ ڏين، ڪريو پون قلم تي،

پوري سنڌ جا نوجوان فون ڪال تي، ميسيجز تي هڪ ٻئي سان ڏک پيا ونڊين، سمجھه ۾ نه ٿو اچي ڪنهن ڪنهن سان تعزيت ڪجي، پوري سنڌ ۾ هن وقت ڏک واري لهر ڇانيل آهي.

اسان کي يقين آهي ته ماما جمن دربدر پنهنجو هي واعدو ضرور پورو ڪندو. ۽ وري موٽي مهراڻ ۾ ملندو.

وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو،

ختم اونداهه ٿي ويندي، چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۳ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا