; سنڌي شخصيتون: مير اعظم علي ٽالپر - مٺل جسڪاڻي

25 May, 2019

مير اعظم علي ٽالپر - مٺل جسڪاڻي


مير اعظم علي ٽالپر
اڌ صدي کان لکندڙ
مٺل جسڪاڻي
پڙهندڙن مير اعظم علي ٽالپر جو نالو گهڻو تڻو صرف هڪ روزاني سنڌي اخبار ۾، ڪڏهن هڪ ٻن ڏينهن جي ته ڪڏهن ڪجهه هفتن جي ساهيءَ سان پئي پڙهيو هوندو،  پر ائين نه آهي. هو مختلف اخبارن ۾ پڻ ڇپبو رهيو آهي. سندس ڪجهه لکڻيون هڪ دفعو هڪ اخبار ۾ ڇپجڻ کان پوءِ ٻين اخبارن، ان اخبار جو ٿورو ڄاڻائڻ کانسواءِ ٻيهر پڻ پئي شايع ڪيون آهن! جيستائين منهنجو اندازو آهي، ته مير اعظم جو هڪ ڪتاب پڻ ڇپيو، جنهن جي حال حيات پڙهندڙن مان وڏي اڪثريت کي خبر نه آهي ۽ ممڪن آهي ته خود مير اعظم ٽالپر کي به ياد نه هجي! مون جڏهن کانئس پڇيو ته “اوهان لکڻ جي شروعات ڪڏهن ڪئي؟” ته هن وراڻيو “لکڻ لاءِ شروعات ڪڏهن ڪئي، ان جي يادگيري نه آهي، البته اهو سال ۱۹۶۷ع جي آخر يا وري ۱۹۶۸ع جو سال هوندو”. سندس پورو نالو پڇيم، ته هن وراڻيو “سائين پورو نالو سينما اسڪوپ (نالو) مير اعظم علي ٽالپر آهي”. سندس جنم جي تاريخ پهرين جنوري ۱۹۵۶ع آهي، پر مختلف اخبارن ۾ جنم ڏينهن جي حوالي سان ڇپجندڙ سلسلن موجب، شايد هي اڪيلو ليکڪ آهي، جنهن جي ڄمڻ جي تاريخ هر سال ٻه ٽي دفعا وري ايندي آهي.  ڄمڻ جا اطلاع ڇپبا رهندا آهن!


مير اعظم حيدرآباد سنڌ جي هڪ پراڻي ڳوٺ، “ٽالپر ڳوٺ”، جيڪو هاڻي ٽنڊوڄام شهر جو وارڊ نمبر هڪ، يعني ٽنڊوڄام شهر جو هڪ پاڙو آهي، ان ۾ ڄائو، نپنو، وڏو ٿيو، مير محمد خان ٽالپر جو فرزند آهي. پرائمري تعليم مير پاڙي جي مين پرائمري اسڪول مان، ميٽرڪ سائنس ۾، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊوڄام فارم مان، انٽر آرٽس ۾ ۽ بي اي پڻ سچل ڪاليج حيدرآباد مان ڪري، ايم اي “سماجيات (سوشولاجي) ۾”، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان ڪئي.
هڪ سوال جي جواب ۾ چيائين ته “هڪ موضوع کان ٻيو موضوع تبديل ضرور ٿيو، پر صفا لکڻ بند نه ڪيو آهي، مطلب ته گهٽ ۽ وڌ سلسلو جاري آهي. شروعات ٻارن جي صفحي ۾ لکڻ سان ڪئي، ان بعد ٻاراڻي ادب طرف ڌيان ڏنو ويو، ته اياز پاٽولي ۽ لياقت يوسفاڻي جي رسالي ۾ به لکيو. جنهن بعد سائنس ۽ گل ڦل ۾ به لکيو. اخبارن ۾ لکڻ جو هڪ خاص سبب اهو آهي ته اخبار جي رسائي هر روز عوام ۾ آهي ۽ ٻيو اهو ته آڳاٽي زماني ۾ اخبار لاءِ لکيل مواد پوسٽ ذريعي موڪليو ويندو هو يا وري حيدرآباد وڃي پريس ۾ ڏيڻو پوندو هو، اڄڪلهه واري سهوليت گهر ويٺي مواد اداري کي پهچائڻ واري نه هوندي هئي، ان ڪري پهرين ٻارن لاءِ لکڻ وقت سائين پير مظهر الحق جي شاگردي ۾ لکڻ جو هنر سکيو. اهو زمانو ۱۹۶۸ع جي آخر ۾ ۽ ۱۹۶۹ع جي ابتدا جو هو. ٻارن جي صفحي ۾ ۴ اپريل ۱۹۷۰ع تي هڪ مضمون “سنڌي به بهادر قوم آهي” لکڻ تي، ان وقت يحيٰ خان جي حڪومت ۾ گورنر سنڌ رحمان گل مارشل لا جي ڪري، اهو مضمون پريس اينڊ پبليڪيشن جي خلاف ورزي جو سبب ڄاڻائي تنبيهي نوٽيس ڏنو ويو”.
مير اعظم جي چوڻ موجب “عوام جي پسند ۽ دلچسپي سان ڀريل طنز ۽ مزاح وارا موضوع” سندس پسند جا موضوع آهن”. هن چيو ته “ڪتاب ڇپرائڻ سان هڪ بنيادي ڳالهه اها آهي، ته هڪ ليکڪ جو باقاعدي وجود دنيا ۾ رهي ٿو، پر ڪتاب نه ڇپرائڻ ۾ ڪا مالي دشواري ۽ عدم دلچسپي ممڪن آهي يا عام پڙهندڙ تائين رسائي نه هجي”. مون پڇيو “ليکڪ جي حيثيت ۾ مڃتا طور اوهان کي ڪهڙا ايوارڊ مليا؟” ته هن وراڻيو “سائين نه مڃتا ملي آهي، نه ايوارڊ مليو آهي، دعا ڪريو، ٻنهي مان ڪا هڪ شي ته ملي”. جڏهن ته “اوهان سنڌ کانسواءِ ٻاهر ڪنهن رسالي، اخبار ۾ ڪڏهن ڪو لکيو؟” جي جواب ۾ ٻڌايائين ته “جي ها، ۱۹۷۲ع ۾ پاڪستان ۽ هندستان ۾ شملا ٺاهه وزير اعظم ذوالفقار ڀٽو ۽ مسز اندرا گانڌي وچ ۾ ٺاهه ٿيڻ کانپوءِ ٻنهي ملڪن درميان ٽپال جي اچ وڃ شروع ۽ رابطا بحال ٿيا، ته هندستان جي صوبي مڌيه  پرديش جي شهر اندور مان سنڌ واسي (سکر) ديپڪ ڪوڏواڻي ايڊيٽر ماهوار شڪنتلا ۽ هفتيوار هند ۾ لکڻ جو چيو، جيڪي مادر ڀومي پريس مان نڪرنديون هيون. شڪنتلا ۾ مون هتان اداڪارن ۽ اداڪارائن جا انٽروويو، جن ۾ مشتاق چنگيزي، سعيده، ابو بلاول، انور سولنگي، گلوڪار استاد غلام رسول نواب شاهي، روبينا حيدري، غلام حيدر صديقي وغيره جا انٽرويو وٺي موڪليا ۽ هندستان ۾ ڇپيا. ان کانسواءِ سنڌي فلمن جون خبرون چارون، حال احوال شايع ٿيندو هو. ان کانسواءِ ڪيرت ٻاٻاڻي جي سنڌ سجاڳ (بمبئي) ۾ به مضمون لکيا”.
مير اعظم علي ٽالپر سان ڳالهيون ڳچ به ٿي پئي سگهيو، پر مون چيو “ڪو اهڙو سوال، جيڪو مون کي پڇڻ کپندو هو، پر نه پڇيم. اوهان سمجهو ته مون اهو سوال پڇيو آهي، هاڻي ان سوال جو جواب ڏيو؟”، ته هو کلندي وراڻيو “جي، ها سائين، مون سمجهيو ته اوهان ڇا ٿا پڇڻ چاهيو، ان جو بلڪل آسان جواب آهي، ته پسند جي شادي، مائٽن جي مرضي سان ڪيم، ٽي فرمانبردار فرزند آهن ۽ ٽي ئي اولادي آهن، ان ڪري ڏاڏو به آهيان”. پهرين جنوري مير اعظم علي ٽالپر جو جنم ڏينهن آهي، سندس جنم ڏينهن تي کيس جنم ڏينهن جون واڌايون، نيڪ تمنائن سان گڏ قبول پون.

No comments:

راءِ ڏيندا