جاويد ڀٽو
جيڪو جمعو۱ مارچ ۲۰۱۹ تي واشنگٽن ۾ قتل ڪيو
ويو..
دانشور ۽ فلاسافر شھيد جي زندگي جو مختصر خاڪو
جاويد ڀٽو ولد لعل
خان ڀٽو جو تعلق شڪارپور سان ھيو. سندس والد لوئر مڊل ڪلاس سان واسطو رکندڙ
ھيو. کيس ٽن پٽن ۽ ٻن ڌيئرن جو اولاد ھيو. ھو صدر محلي ۾، ريلوي مال گودام سامھون،
رھندا ھئا. ھو وڏو محنت ڪش ۽ ذھين شخص ھيو. ھو عورت ۽ مرد جي تعليم ۾ ھڪ جيترو يقين
رکندڙ ھيو. ھو اکين جي بيمارين جو وڏو ڄاڻو ۽ تجربيڪار ھيو. ڇو جو وڏو
وقت شڪارپور جي مشھور پراڻي ڊاڪٽر آغا حيدر خان سان وابسته رھيو. سندس سڄو آپريشن ٿئيٽر
ھو پاڻ سنڀاليندو ھو. سندس وفات کانپوءِ، ھن پنھنجي ڪلينڪ قائم ڪئي ۽ اکين جا ڪامياب
آپريشن به ڪيائين جيتوڻيڪ کيس ڪا ڊاڪٽري ڊگري به ڪونه ھئي. پر جيئن چوندا آھن ته؛
تجربو طاقت آھي. ان وقت اکين جي شعبي کان علاوه شھر ۾ ڪواليفائيڊ ڪمپائونڊر ئي ڊاڪٽر
طور ڪم ھلائيندا ھئا. جيئن اول شاه پڌر ۾، تلسيداس. خانپوري در ۾، پيسو مل. ڀٽا
محلي ۾، پڃو مل. صدر ۾، نارائڻ داس. ھزارِي در تي، ٻلرام داس. ميھر شاھ قبي وٽ،
اتم چند وغيره. اھي ڊاڪٽرس جي نالي سان سڏبا ھئا. لوڪ کي ڪا لکا ڪو نه پوندي ھئي ته ڊگريءَ واري ڊاڪٽر ۽ ڪمپائونڊر ۾ ڪھڙو
فرق ھوندو آھي. ٻيو ته ان زماني ۾ ميڊيڪل ڪاليج به اٽي ۾ لوڻ برابر ھوندا ھيا.
