نياز حسين ڀٽو
هڪ هڏ ڏوکي اڳواڻ
عزيز بروهي
پاڪستان اندر پيراميڊيڪل
اسٽاف جي حقن لاءِ پيراميڊيڪل تنظيمن جو بنياد تمام پراڻو آهي. هي ملڪگير توڙي
علائقائي تنظيمون رهيون آهن، جن پنهنجي وت ۽ وس آهر پيراميڊيڪل اسٽاف جي حقن لاءِ
جدوجهد، جاکوڙ، توڙي قانوني جنگيون وڙهيون آهن. سنڌ اندر هڪ دؤر هيو جڏهن ڊاڪٽرس توڙي ڪامورا، پيراميڊيڪل ۽ ٻئي اسٽاف کي،
انسان ئي تصور ئي نه ڪندا هئا ۽ خاص ڪري هيٺين گريڊ جي اسٽاف سان مائٽيجي-ماءُ-وارو-سلوڪ
ڪيو ويندو هيو. ايتري تائين جو هو ڪنهن ڪرسي تي به ويهي نه سگهندا هئا. کين پٽ تي
يا مخصوص ٿيل اسٽول تي ويهڻو پوندو هيو. اتفاق سان جيڪڏهن ڪنهن کي ڪرسي تي ويٺل ڏٺو
ويندو هيو ته اهڙي ملازم کي سخت ترين سزائون ڏنيون وينديون هيون. ملڪ ۾ پاڪستان
پيراميڊيڪل اسٽاف توڙي ٻين پيراميڊيڪل تنظيمن جي جدوجهد ۽ ڪوششن کان پوءِ سينيٽر،
وفاقي وزير صحت نصيرالدين جوگيزئي گريڊ ۱ کان ۱۶ تائين جي اسپتالن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي پيراميڊيڪل اسٽاف
قرار ڏيندي ۱۲ فيبروري ۱۹۸۴ تي هڪ نوٽيفڪيشن NO:F2-1/84m (HSERSW) جاري ڪيو، جنهن تحت پيراميڊيڪل تنظيمون
قانوني طور مٿي ذڪر ڪيل عملي جي قانوني حقن لاء جدوجهد ڪري سگهنديون. جنهن سان ڪنهن حد تائين پيراميڊيڪل
اسٽاف کي تحفظ جو احساس ٿيو پر سندن مسئلا اڃا تائين اتي جو اتي موجود هئا. سنڌ جي
پيراميڊيڪل جي ان وقت جون سمورين تنظيمن ۽ باشعور اڳواڻن وٽ هڪ تصور هيو ته سنڌ جي
پيراميڊيڪل جو هڪ مڪمل سروس اسٽرڪچر هجڻ گهرجي، جنهن تحت هو مرحليوار ترقي ڪري
سگهن. ڇو ته ترقين جو اهڙو ڍانچو نه هجڻ ڪري ملازم، جنهن گريڊ ۾ ڀرتي ٿئي ٿو، وري
رٽائرڊ به ساڳي گريڊ ۾ ٿي رهيو آهي! سڀ کان پهرين اهڙو ترقين وارو ڍانچو ڊي جي هيلٿ
ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي صاحب واري دؤر ۾ پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف جي ان وقت جي
عهديدارن جي صلاح مصلحت سان ڊي جي صاحب پنهنجي لکيل هڪ حمايتي نوٽ سان گڏ ان وقت
جي سيڪريٽري هيلٿ ۽ حڪومت سنڌ ڏانهن روانو ڪيو، جنهن سان سنڌ جي پيراميڊيڪل اسٽاف
۾ سرهائي ٿي. پيراميڊيڪل اسٽاف سان شروع کان بغض رکندڙ بيوروڪريسي کي اها ڳالھ نه
آئڙي ۽ هنن ان جي منظوري جي راه ۾ روڙا اٽڪايا ۽ اهو ڪم رولڙي جو شڪار ٿيو. اهڙي
صورتحال ۾ سنڌ جو پيراميڊيڪل اسٽاف مايوسين جي ڪُن ۾ ڦاسي پيو.
اهڙي مايوسي جي
عالم ۾ هڪ آواز گونجيو. هڪ مرد مجاهد، جيڪو عمر ۾ ته اسان جي پيراميڊيڪل جي ڪهنه
مشق اڳواڻن کان ته ننڍو هيو پر سندس همت ۽ حوصلو، هماليه جي پهاڙن کان به وڏو هيو،
جيڪو هو نياز حسين ڀٽو. جنهن جو جنم ۱۱-۱۰-۱۹۵۷ ۾ لاڙڪاڻي ڀرسان، هڪ تاريخي ڳوٺ ميرپور ڀٽو ۾ ايريگيشن
انجنيئر محمد نواز ڀٽو جي گهر ۾ ٿيو. جنهن شروعاتي تعليم ميرپور ڀٽو، سيڪنڊري ۽
هاير سيڪنڊري اسڪول رتوديرو ۽ گريجوئيشن ميرو خان مان ڪئي. محمد نواز خان جي گهر ۾
جنم وٺندڙ نياز حسين ڀٽو، ننڍي هوندي کان ئي نهايت سٻاجهڙو، سلڇڻو ۽ هوشيار هوندو
هيو ۽ ان ۾ هميشه ڪجھ ڪرڻ جي لاءِ تڙپ هوندي هئي، جنهن ۾ ٻين جي ڀلائي هجي. هن ۾
پنهنجي ذات لاءِ نه پر ٻين لاء ڪجھ ڪري وڃڻ جي سوچ ۽ لوچ هوندي هئي.
هو نهايت کلمک ۽
انسان شناس ماڻهو هيو، هو ڪنهن سان به ناانصافي تي تڙپي اٿندو هيو. اهو ئي سبب هيو
ته ڪراچي ۾ سروس دوران هن پيراميڊيڪل اسٽاف جي اهنجن ۽ تڪليفن کي تمام ويجهي کان ڏٺو
۽ پوءِ پنهنجي فطرت موجب ميدان عمل ۾ ڪُڏي ڪاهي پيو. هي سنڌ پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ پوءِ
پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف ۾ سرگرم عمل رهيو، هن شخص پيراميڊيڪل اسٽاف جي حقن واري
جدوجهد کي آفيسرن جي ٽيبلن ۽ آفيسن مان ٻاهر ڪڍي روڊن ۽ رستن تي آندو. ڪاموراشاهي
جي اهڙي ڏاڍ ۽ بغض کي للڪاريندي، نياز حسين ڀٽو پنهنجي جانثار ساٿين سان گڏجي پيراميڊيڪل
اسٽاف جي تاريخ جو هڪ انوکو ۽ اهم ترين اعلان ڪيو، جنهن موجب پيراميڊيڪل اسٽاف جي
سروس اسٽرڪچر ۽ ٻين مسئلن جي حل لاء ڪشمور کان ڪراچي تائين پيدل لانگ مارچ جو
اعلان ڪيو. هن جو اهڙو فيصلو نهايت ئي جوکائتو هيو، جنهن سان لانگ مارچ ۾ شامل ڪنهن
به رڪن جي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي پئي. سندس نوڪري وڃڻ جي جوکم وارو ڪم ٿي سگهيو
پئي ۽ سندس زندگي کي پڻ خطرو لاحق هيو. پر هن مرد مجاهد انهن سمورين خطرن جي پرواه
ڪرڻ کان سواء ئي تاريخ ۲۵ سيپٽمبر ۲۰۰۴ تي ڪشمور کان ڪراچي تائين، پيدل لانگ مارچ جو آغاز ڪري ڇڏيو. هن جدوجهد ۾
هڪ ڳالھ انتهائي اهم هئي ته هن ڀيري لانگ مارچ ۾ ڪارڪنن بدران پيراميڊيڪل اسٽاف جا
عهديدار شامل هئا. ٻي ڳالهه جيڪا هن جدوجهد کي ماضي جي ڪيل جدوجهدن کان مختلف ڪري
رهي هئي سا هئي نياز حسين ڀٽو صاحب جي اعلان موجب ته اسپتالن کي بند نه ڪيو ويندو،
ڇو ته اسپتالن جي تالابندي سان غريب ۽ بي پهچ مريض تڪليفون سهندا آهن. انڪري
جدوجهد جو سمورو بار، صوبائي عهديدارن تي رکيو ويو. سندس اها حڪمت عملي نهايت ئي ڪامياب
رهي. جدوجهد به هلي، ڪا اسپتال بند به نه ٿي ۽ ڪو مريض به ڊسٽرب نه ٿيو. پر پوء به
ڪامورا شاهي ۽ سندس ڇاڙتن پيراميڊيڪل اسٽاف جي گريڊ ۱ کان ۱۶ تائين جي ترقين کي ديواني جو خواب سڏي،
پيراميڊيڪل اسٽاف ۾ مايوسي ڦهلائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي.
دنيا ڏٺو ته پيراميڊيڪل
اسٽاف، نياز حسين ڀٽي جي سرواڻي ۾ ڪامياب جدوجهد ڪري، ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڇڏيو. جدوجهد
جي اهڙي اعلان سنڌ جي پيراميڊيڪل اسٽاف ۾ ڄڻ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو. هر طرف کان پيدل
لانگ مارچ جي حمايت ٿيڻ لڳي. مايوس ٿيل پيراميڊيڪل اسٽاف، لانگ مارچ ۾ شرڪت توڙي
ان جي استقبال جي تيارين ۾ لڳي ويا ۽ اها تاريخي لانگ مارچ، سنڌ جي تاريخي شهر ڪشمور
کان ۴۵ ڏينهن ۾ ۷۵۷ ڪلو ميٽر پنڌ ڪري، جڏهن ڪراچي پهتي ته
هزارين پيراميڊيڪل اسٽاف جا ساٿي، عورتون ۽ مرد، هن قافلي ۾ شامل هئا، جنهنجي
نتيجي ۾ ۹ گريڊ جي ملازم کي ۱۶ گريڊ، ۲ گريڊ جي ملازم کي ۶ گريڊ ۽ ۱ گريڊ جو ملازم ۴ گريڊ تائين رسيو. اهڙي اپگريڊيشن ڪاموراشاهي
جون وايون بتال ڪري ڇڏيون، جن هڪ دفعو وري پنهنجون سازشون شروع ڪيون. ڪڏهن ڪهڙي ته
وري ڪڏهن ڪهڙي بهاني سان پيراميڊيڪل اسٽاف جي حقن جي راه ۾ رڪاوٽ بڻيل رهيا ۽ هنن
جي سازشن هڻي وڃي هنڌ ڪيو.
اڄ هڪ ليٽر ذريعي
نه صرف اهي ترقيون روڪيون ويون آهن پر رڪوري جون ڳالهيون پڻ هلي رهيون آهن. اهڙي
ماحول ۾ اڄ اسان وٽ نياز حسين ڀٽو بظاهر موجود ناهي پر سندس ڇڏيل تنظيم پاڪستان
پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشنKAR 041 ميدان عمل ۾ آهي. اڄ به اها
سندس ڇڏيل اڌوري خواب جي تڪميل لاءِ پيراميڊيڪل جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي سنڌ سان گڏجي
جدوجهد ۾ سرگرم عمل آهي ۽ اڄ به بيوروڪريسي ۽ سندس ڇاڙتا سنڌ جي پيراميڊيڪل اسٽاف
جي هن وسيع تر اتحاد کي نقصان پهچائڻ ۽ مڃيل مطالبن جنهن ۾ رڪوري ليٽر جي واپسي، ٽائيم
اسڪيل جي منظوري %۳۰ هيلٿ پروفيشنل الائونس، جنهن لاءِ ڪامياب مذاڪرات ٿي چڪا
آهن، تنهنکي سبوتاز ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. پر اسين هر صورت ۾ سنڌ جي سموري پيراميڊيڪل
اسٽاف جي ٻڌي ۽ اتحاد جا حامي آهيون، جيڪا JAC جي شڪل ۾ موجود آهي، جنهن سان مرحوم قائد
نياز حسين ڀٽو جو اهو خواب پورو ٿي سگهي ٿو ته سنڌ جي پيراميڊيڪل اسٽاف کي به باقي
ملڪ جي اسٽاف جيان سهولتون ۽ مراعتون ملڻ گهرجن، جيڪو سندن اخلاقي ۽ قانوني حق آهي.
اڄ اسين قائد نياز
حسين ڀٽو صاحب جي ۱۸ اپريل ۲۰۱۹ تي ملهائجندڙ پهرين ورسي جي موقعي تي اهو عهد ڪريون ٿا ته سندس ڇڏيل اڌوري
مشن کي تڪميل تائين پهچائي پوءِ ئي ساه پٽينداسين.
No comments:
راءِ ڏيندا