; سنڌي شخصيتون: ولي محمد وفا پلي

19 April, 2019

ولي محمد وفا پلي


ولي محمد وفا پلي
وڇوڙي ۾ ورهين جي هڪ رات ٿيندي
اظھر امر
تنھنجو مشتاق ديد ساري ٿو،
آ وڇوڙي جو موت ماري ٿو.
سنڌي شاعري جو هڪ وڏو نانءُ ولي محمد وفا پلي، جنھن جو جنم ۷ ڊسمبر ۱۹۴۴ ئي تي، ناري جي هڪ نواب عطا محمد پليءَ جي گهر ۾ ٿيو. سندس تعلق زميندار گهراڻي سان هيو. ڪنھن کي اُھا ڄاڻ ڪا نه هئي، ولي محمد اڳتي هلي سڄي سنڌ ۾ وفا پلي جي نانءَ سان هڪ سٺو شاعر ٿي اُڀرندو.


اُھو ولي محمد وفا پلي سنڌي شاعري ۾ غزل جو بادشاھه شاعر ٿي ويو. کيس ۲۰۰۴ ۾ ننڍي کنڊ جي وڏي سنڌي ادبي سنگت طرفان وفا پلي کي غزل جي بادشاھه واري ايواڊ سان نوازيو.
وفا پلي جا غزل موجود دور جي شاعرن کي بيحد پسند آھن، اُھو انهي ڪري جو سندس غزل ڪنھن خوبصورت اپسرا جهڙو ڏيک ڏين ٿا.
وفا جون سنڌي ادب لاءِ پيش ڪيل خدمتون ساراھه جوڳيون آھن. وفا پلي سنڌي ادبي سنگت کي ٻه شاعري جا مجموعا ڏنا. جنھن مان هڪڙو “لئون لئون منجھه لغار” ٻيو “درد هزارين هڪڙي دل” جيڪي بيحد منفرد ڪتاب آھن.
تنھن کان سواءِ سنڌي ڪافي ۽ غزل جي مشھور راڳي سينگار علي سليم، راڳ جي راڻي عابده پروين ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪلاسيڪل فنڪارن وفا جي شاعري ڳائي خوب داد حاصل ڪيو.
وفا پلي جي شاعري مون نوجوان کي به تمام گهڻو متاثر ڪيو وفا جا ڪتاب مون کي هٿ ناهن اچي سگهيا باقي وفا پلي جي شاعري مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ٻُڌي آھي ڪڏھن ڪڏھن سوشل ميڊيا جي دوستن جي مهربانين سان وفا پلي جي شاعري پڙھندو رهان ٿو.
سندس وڇوڙي جو ٻُڌي تمام گهڻو ڏک ٿيو فجر جو وقت مان ننڊ ۾ هئس گهر جي ٻاهران ايندڙ آواز تي سڄاڳ ٿي پنھنجو سيل فون کڻي ڏٺم فجر جا ٺيڪ ساڍا چار ٿي رهيا هئا. سيل فون تان نيٽ جي ڊيٽا کلو فيس بڪ تي نظر ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪيم جيئن مون فيس بڪ آن ڪيو تي ڪنھن دوست جي پوسٽ تي نظر پئي. سنڌي غزل جو بادشاھه شاعر وفا پلي اسان کان همشه لاء موڪلائي ويو.
تڏھن اکين مان لڙڪ لاڙي پيا پنھنجي پاڻ کي ڏوراپا ڏيندي چيم سنڌي شاعري هڪ بيباڪ شاعر کان محروم ٿي وئي.
اپريل جي اُھا گرم رات، جنھن ۾ ماڻھو پوئين پهر پوندڙ ٺار سبب، سڪون جي ننڊ ۾ هيو ته هي ڏک جي خبر ننڊ مان ڇرڪ ڀري اُٿاري چيو؛ اوهان اڄ ڪنھن دلربا شاعر کان محروم ٿي ويا آھيو.
وفا پلي جو وڇوڙو سنڌي ادب جو وڏو نقصان آھي، سندس وڇوڙي جو خال ڪڏھن ڪون ڀربو. مان رب پاڪ کان دعاڳو آھيان وفا پلي کي جنت جاء عطا فرمائي آمين.
ڪو به ايندو نه ريگذارن ۾
راھه ڪنھن جي وفا نهاري ٿو!




ولي محمد وفا پلي
ڪنڊائتو ٿي ويل ھڪ بھترين سنڌي شاعر
نور محمد سمون
ناري جي هڪ وڏي زميندار خاندان سان واسطو رکندڙ سنڌي ٻوليءَ جي هن شاعر ولي محمد وفا پليءَ جو جيءُ سال ۱۹۹۱ع ۾ تڏهن جُهري پيو هو جڏهن سندس ۲ وڏا ڀائر، مشهور شاعر ۽ ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ عمرڪوٽ ۽ ڇاڇري تعلقن واري تڏهوڪي گڏيل صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تان ۲ ڀيرا چونڊيل ايم پي اي عبدالڪريم پلي ۽ مشهور محقق ۽ اديب راڄ محمد پلي صرف ۴۰ ڏينهن جي وقفي سان ڦوھ جواني ۾ راھ رباني اختيار ڪيائون، اهو ڏينهن اڄوڪي گهڙي، چوٿائي صدي گذري وئي پر انهن ڀائرن جو هي لاڏلو ننڍو ڀاءُ ۽ حساس شاعر ان صدمي مان اڄ تائين ٻاهر ناهي نڪري سگهيو ۽ پنهنجو پاڻ کي پنهنجي گهر ۾ لڳاتار ڊگهي اڪيلائيءَ جي حوالي ڪري ويٺو آهي.
شاعري جي ڪتابن، ”لونءَ لونءَ منجھ لغار“ ۽ ”درد هزار، هڪڙي دل“ جي سرجڻهار وفا پلي توڙي سندس ٻنهي وڏن ڀائرن کي روايتي وڏيرن وانگر رِڇ، ڪتا يا ڪڪڙ پالي، انهن جون ويڙهون رکي لطف اندوز ٿيڻ بدران سموري زندگي سنڌي ٻولي، ادب، شاعري، موسيقي ۽ تاريخ تي تحقيق سان چاھُ رهيو آهي. سال ۱۹۶۰ع کان ۱۹۹۰ع تائين لڳاتار ۳ ڏهاڪا هي ۳ پلي ڀائر سنڌ جي علمي، ادبي، تحقيقي، اشاعتي ڪمن، شعر و شاعري ۽ سنڌي موسيقي جي آسمان جا چمڪندڙ چنڊ تصور ڪيا ويندا رهيا هئا. سنڌ جي مشهور ٿرواسي ڊراما نويس ۽ اديب عبدالقادر جوڻيجي جي ان دور ۾ پرائمري استاد طور سندن ڳوٺ ۾ مقرري هڪ اتفاق هو، ڊاڪٽر اسد جمال پلي موجب، عبدالقادر جوڻيجي پي ٽي وي تي ٽيليڪاسٽ ٿيل پنهنجي هڪ مشهور ڊرامي ۾ وڏيري علي نواز جي نالي سان سنڌي وڏيري جو هڪ غريب پرور ۽ مثبت ڪردار ڏنو هو، جنهن بابت ڏسندڙن جو خيال هو ته اهو ڪردار لاڙ جي خير محمد نظاماڻي يا اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي سان مشابهت رکي ٿو سو ان جي ڪردار کي سامهون رکي پيش ڪيو ويو آهي پر ليکڪ عبدالقادر جوڻيجي بعد ۾ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چٽائي ڪئي ته اهو ڪردار عمرڪوٽ جي زميندار عبدالڪريم پلي کان متاثر ٿي لکيو ويو هو ۽ ڪيترا ئي ڊائلاگ به جيئن جو تيئن ڪريم پلي جا لفظ ورجايا ويا هئا. مشهور محقق، تاريخدان ۽ اديب محترم معمور يوسفاڻي پلي، لطف الله حساماڻي پلي ۽ يار محمد چڱاڻي پلي سندن ويجها مائٽ ۽ ساڳئي تر ۾ ٿوري فاصلي جا رهواسي هئا باقي شمشير حيدري، علي بابا، مولانا گرامي ۽ ٻيا انهن جي جوڙ جا سڄي سنڌ جا گهڻا چوٽيءَ جا اديب، شاعر، صحافي ۽ موسيقاراڪثر سندن مهمان هوندا هئا، سنڌ ۾ ان وقت عملي ۽ ادبي لڏو ساڄي ۽ کاٻي ڌر ۾ ورهايل هو پر پلي ڀائرن ان ورهاست ۾ پوڻ بدران پاڻ کي ٻنهي ڌرين جي وچ تي رکيو هو، ان دور ۾ هن علائقي ۾ آمد و رفت جو وڏي ۾ وڏو ذريعو حيدرآباد _ کوکروپار ريلوي لائين هئي سو سندن ڳوٺ جي ويجهو واري ريلوي اسٽيشن ڍورونارو تي پلي ڀائرن جون جيپون سندن مهمانن کي کڻڻ يا ڇڏڻ لاءِ روزانو ڀرجي اينديون ۽ واپس به ڀرجي وينديون هيون.
مشاعرا، موسيقي جون محفلون، ادبي ۽ تحقيقي موضوعن تي ويهڪون، بحث مباحثا ۽ مچ ڪچهريون هنن جي اوطاق جو روزانو جو وهنوار هو، پنهنجين ادبي تخليقن تي پنهنجي باذوق ڀائرن ۽ دوستن جي راين تي حد کان وڌيڪ ڀاڙيندڙ هن شاعر جو چوڻ آهي ته ”ادا عبدالڪريم ۽ راڄ محمد جي وڇوڙي کان پوءِ مون شاعري به ڇڏي ڏني ڇاڪاڻ ته هاڻي اهڙو ڪو ماڻهو ئي ناهي رهيو جنهن کي آئون پنهنجا شعر ٻڌايان ۽ هو انهن تي ڪا راءِ ڏئي سگهي“
”وقت وارن جا وار سهبا پر،
دوستن جو سلوڪ ماري ٿو.......“
جهڙا درديلا غزل لکڻ واري هن شاعر جو چوڻ آهي ته ”ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ جو سبب به عشق هو ۽ ايئن ئي ان جي تباهي جو سبب پڻ عشق ئي هوندو، ٻار، پوپٽ ۽ چنڊ به سُونهن جو اُهڃاڻ آهن پر عورت الائي ڇا آهي؟ عورت جڏهن وهنجي وار ڇنڊيندي آهي ته چوڏسائن ۾ موسم جهڙالي ٿي ويندي آهي، عورت جون ٻيون سموريون ادائيون به مون مٿان هميشه ڪيئي قيامتون برپا ڪنديون رهنديون آهن، ڀنڀا وار منهنجي مجبوري آهن، آئون چاهيندو آهيان ته اهي وار منهنجي ڇاتيءَ تي کُليل هجن ۽ سڄي ڄمار انهن ڀنڀن وارن جي وڪڙ ۾ هجان، هن عمر ۾ به ڪو اهڙو حسين ماڻهو ڏسندو آهيان ته دل چوندي آهي ته سموري ڄمار ان جي ئي پُوڄا ڪجي، شاھ لطيف ڀٽائي توڙي پُورڀ جي سموري رومانوي شاعري ۽ خاص طور غزل ته آهي ئي عورت، لمحو محبت ۽ خوشيءَ جو هجي يا ڏاڍ ۽ جبر جو، اهو مون کي لکڻ تي اُتسائيندو آهي ۽ آئون چاهيندو آهيان ته لکان پر منهنجي ڀائرن ڪريم ۽ راڄ محمد کان پوءِ مون کي ڪير ٻڌڻ وارو ئي ناهي سو مون لکڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ پنهنجي گهر جي هڪ ڪمري ۾ رهان پيو، جتي ٽي وي، ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا وغيرھ آهن ۽ ٻيو آئون آهيان، ڏاڙهي ٺهرائڻ لاءِ هفتي ۾ صرف هڪ ڀيرو ان ڪمري مان ٻاهر نڪرندو آهيان، اڪيلائي وڏو عذاب آهي، هر ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ اڪيلائي ۾ خوب روئڻ ڪري اڃا تائين زندھ آهيان“
سنڌ، سنڌي شاعرن ۽ شاعري بابت سندس خيال آهي ته ”سنڌ سدائين سُورن ۾ رهي آهي ۽ اڄ به اهڙين ئي حالتن مان گذري رهي آهي پر پاڻ هر دور کي عبوري چئي پنهنجو پاڻ کي دوکو ڏيندا رهيا آهيون، شاعرن جي حساب سان ڏسان ٿو ته سنڌ جو هر ننڍو وڏو شهر توڙي ڳوٺ مون کي لکنئو لڳي ٿو پر شاھ لطيف ڀٽائي کان پوءِ اسان سمورن شاعرن لفظن تي هلر هلائي آهي، معاشرا ارتقائي عمل مان گذرن ٿا پر اسان انهن تي ڌيان نٿا ڏيون“ پنهنجي وڏن ڀائرن بابت سندس چوڻ آهي ته ”عبدالڪريم کي سنڌ ۾ غزل گُو شاعر ڪوٺيو وڃي ٿو جڏهن ته ادا اصل ۾ مصري شاھ ۽ طالب الموليٰ کان پوءِ ڪافي ۽ وائي جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي ۽ ادا راڄ محمد جڏهن ڪجھ تحقيقي مقالا لکي ۳ ماهي مهراڻ ۾ اشاعت لاءِ موڪليا ته مولانا گرامي اهي ڇپجڻ کان پوءِ اتان خط لکي پڇيو هو ته ”ٿر ۾ راڄ محمد پلي جي نالي وارو اهو ٻيو گرامي ڪير پيدا ٿيو آهي؟ گراميءَ جي ان پهرئين خط بعد اسان ٽيئي ڀائر ۽ گرامي صاحب دوستي جي ڌاڳي ۾ تسبيح جي مڻين وانگر پروئجي ويا هئاسين“
”ڪڏهن تنهنجي وارن سندي رات ٿيندي، ڪڏهن محب ملندين، ملاقات ٿيندي......“
وفا جو هي مشهور غزل جيڪو مرحوم استاد سينگار علي سليم ڳايو هو ۽ بعد ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيندو رهيو هو سو هاڻ ٻيهر نشر ٿيڻ بند ٿي ويو آهي پر جن ماڻهن تڏهن اهو ٻڌو هو اهي اڄ به ان جا ڳولائو آهن ۽ هاڻ ريڊيو پاڪستان کان ان جي رڪارڊنگ هٿ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. مشهور محقق ڊاڪٽر اسد جمال پلي جي تحقيق موجب عابدھ پروين، استاد منظور علي خان، سينگار علي سليم، غلام قادر لنجواڻي ۽ ڍول فقير سميت ۳۲ ڀلوڙ راڳين ٻنهي پلي شاعر ڀائرن، ڪريم ۽ وفا جو ڪلام ڳايو آهي، جيڪو ريڊيو پاڪستان سنڌ جي سمورين اسٽيشنن تان نشر ٿيندو رهيو آهي. ڊاڪٽر اسد جمال پلي توڙي سندس والد برک دانشور، اديب ۽ محقق مرحوم معمور يوسفاڻي جي ڪوششن سان قائم ڪيل اشاعتي اداري نوائي ادب پاران ٻين ڪيترن ئي ڪتابن سان گڏ گذريل ڪجھ سالن دوران هنن ۳ پلي ڀائرن جا ۵ ڪتاب، عبدالڪريم جي شاعري جا ۲ ڪتاب ”ڪيا سانگ سانوڻ“ ۽ ”چنڊ جهڙا پرين“، وفا جي شاعري جا ۲ ڪتاب ”لُونءَ لُونءَ منجھ لغار“ ۽ ”درد هزار، هڪڙي دل“ ۽ راڄ محمد پلي جي صوفي محمد صديق فقير ”صادق“ جي زندگي ۽ صوفيانه شاعري تي تحقيقي ڪتاب ”وڙهيا، واڳيا، وچڙيا“ سهيڙي ۽ ترتيب ڏئي ڇپايا ويا آهن، جڏهن ته ڊاڪٽر اسد جمال پلي موجب ”عطائي پلي خاندان جي تاريخ“ جي نالي سان هڪ ڪتاب تي ڪم هلندڙ آهي.
وفا پلي سان تندرستي جا مسئلا چوٿائي صدي کان رهندا پيا اچن پر سندس پٽ ميڪائيل پلي ۽ ڀائٽو حاجي اصغر پلي ٻڌائين ٿا ته ڪجھ عرصو اڳ جڏهن سندس پوڙهي جسم جو هڪ هڏ ٽُٽي پيو هو ۽ پاڻ ڪافي عرصو اُٿڻ ويهڻ کان لاچار هو تڏهن به خوش هو، هاڻ وري هو صحتياب ٿي پيو آهي ۽ صرف سندس منظور نظر ملاقاتون هڪ ڀيرو ٻيهر بحال ٿيون آهن.


ولي محمد وفا پلي
(دوستن جو سلوڪ ماري ٿو)
احساس ميرل
ڪنهن شاعر چيو هو ته
شاعري جا روح گرمائي نٿي
منزلي مقصود کي پائي نٿي
ٻالڪ پِڻ جي ڌنڌلين يادن جي دريء مان ڪجھ ياد پوي ٿو ته سنڌ جو امر آواز ميڊم عابده پروين جا لفظ سماعتن تائين پهچن ٿا جنهن جا ٻول روح سان چنبڙي وڃڻ کان پوءِ اکيون ائين ٽمن ٿيو ڄڻ ته نيڻن جا بند ڀڄي پيا هجن. جڏهن هنن لفظن جو درد محسوس ڪجي ٿو ته سڏڪن کي روڪڻ مشڪل ٿيو وڃي
تنهنجو مشتاق ديد ساري ٿو
آء وڇوڙي جو موت ماري ٿو
آئون سمجهان ٿو هنن ٻن سٽن ۾ زندگيء جو سڄو درد سمايل آهي ۽ هنن سٽن جو خالق اهو معتبر نالو آهي جنهن غزل جو ڳاٽ اوچو ڪيو جي ها ولي محمد وفا پلي. جنهن سان ملڻ جي حسرت اڌوري رهجي وئي. هن غزل جو ٻيو بند آهي.
وقت وارن جا وار سهبا پر
دوستن جو سلوڪ ماري ٿو
محترم وفا پليءَ جي شاعريءَ ۾ جيڪا حقيت لڳي ٿي اها ڪمال آهي سندس تخليق ۾ درد جو درياءُ محسوس ٿئي ٿو.
وفا پلي پاڻ پنهنجي محبوب سان مخاطب ٿيندي ڪجھ هيئن چوي ٿو.
ڪڏهن تُنهنجي وارن سندي رات ٿيندي،
ڪڏهن مُحب ملندين ملاقات ٿيندي!
ڪڏهن ڇوڙي ڪاڪُل ڪڪر ڇانو ٿيندين،
ڪڏهن ورندين بادل ٿي برسات ٿيندي!
نه تون ويڙھ وارن کي رُخ تي رهڻ ڏي،
نه ئي رات رڙهندي نه پرڀات ٿيندي!
نه هئي آس ايئن ڪا پرين اوچتو ئي،
سرِ رهگذر پڻ ملاقات ٿيندي!
وفا ڄاڻ اڳ ۾ نه هرگز هئي سون،
وڇوڙي ۾ ورهين جي هڪ رات ٿيندي!
ڏسو ته سھي شاعري جو مقام ڪٿي آهي وفا جي جيڪا به شاعري مون پڙھي يا ٻڌي آهي انتهائي اعليٰ پائي جي لڳي آهي وفا چوي ٿو
تنهنجي در جي قريب هو ڪوئي،
تنهنجو ئي بدنصيب هو ڪو ئي
ڪجھ نه ھوندي بـه سڀ ڪجھ هيو،
رشــتو ھُن سان عجيب ھو ڪوئي.
ها پر يار اڄ وفا اسان کان تمام گهڻو ڏور هليو ويو. وفاپلي جو وڇوڙو سنڌي ادب ۾ وڏو خال ڇڏي ويو، جيڪو شايد ئي ڀرجي سگهي. سنڌ جي برک اديب غزل جو خانصاب وفا پلي ۱۹۴۴ع ۾ عطا محمد پلي جي گهر ۾ جنم ورتو. وفا صاحب وارا پاڻ ۾ ٽي ڀائر هئا؛ راڄ محمد، عبدالڪريم ۽ وفا پلي. سندس ڳوٺ سندس والد عطامحمد پلي جي نالي عمرڪوٽ کان ڪجھ مفاصلي تي واقع آهي. هنن ڀائرن ۾ تمام گهڻي محبت هئي. وفا کي پنهنجي ڀائرن جي وڇوڙي جو تمام گهڻو صدمو پهتو هو. راڄ محمد ۽ عبدالڪريم سندن حياتي ۾ فوت ٿي ويا هئا. وفا صاحب پندرهن سورهن سال بيماري جي حالت ۾ گذاريا ۽ پاڻ گوشه نشين هئا. وفا صاحب کي ٽنگ ۾ تڪليف هئي، تنهن ڪري پاڻ هلڻ ڦرڻ کان محروم هئا. شايد تڏهن هي شعر لکيو اٿن ته؛
ڪا تمنا ڪا آرزو ڪونهي
زندگي ائين به ڪو گذاري ٿو
وفا جهڙا اديب صدين ۾ پئدا ٿيندا آهن
اڄ وفا اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو پر سندس تخليقون هر دل ۾ ڌڙڪن ٿيون وفا جو نالو ته وفا هو پر پاڻ سدائين وفا جي تلاش ۾ رهيو ۽ چيائين
اي دلِ بيقرار پيار نه ڪر
بي مروت جو اعتبار نج ڪر
پنهنجو روئداد غم ٻڌائي وفا
سونهن وارن کي سوڳوارنه ڪر
اڄ سنڌي غزل جو روح روئي چوي پيو وفا الوداع الوداع 

No comments:

راءِ ڏيندا