; سنڌي شخصيتون: عاشق پهلوان، لاڙڪاڻو، لياقت راڄپر،
Showing posts with label عاشق پهلوان، لاڙڪاڻو، لياقت راڄپر،. Show all posts
Showing posts with label عاشق پهلوان، لاڙڪاڻو، لياقت راڄپر،. Show all posts

15 May, 2019

عاشق پهلوان - لياقت راڄپر


عاشق پهلوان
جنهن سيني تي هاٿي بيهاري!
لياقت راڄپر
اسان پنهنجن وڏن کان ٻڌندا هياسين ته اوائلي وقت ۾ پهلوانن جو قدر هوندو هيو، ۽ ماڻهو ميلن ۽ ملاکڙن ۾ انهن جي طاقت جو مظاهرو ڏسي داد ڏيندا هيا. خاص ڪري وڏا زميندار پهلوانن کي پاليندا هيا ۽ انهن جي کاڌي خوراڪ جو خرچ کڻندا هئا. پهلوانن جي لاءِ مينهن ڏني ويندي هئي، جنهن جو هو کير پيئندا هئا. مکڻ گهر استعمال ڪندا هئا ۽ ٻي خوراڪ ۾ انهن لاءِ گوشت ۽ خشڪ ميوو موڪلبو هيو ته جيئن هو طاقتور ٿين ۽ آکيڙي ۾ مقابلو ڪن ۽ ڪاميابي حاصل ڪن.