; سنڌي شخصيتون: رحيم بخش آزاد

28 June, 2019

رحيم بخش آزاد


رحيم بخش آزاد
کاٻي ڌر کان وسري ويل استاد ۽ ڪامريڊ – ۲۱ مئي ۲۰۱۹ع
ڊاڪٽر ايوب شيخ
اڄ صبح جو ملڪ جو نامور ۽ غريب دوست ڪامريڊ، هيٺئين طبقي سان واڳيل استاد رحيم بخش ”آزاد“ گذاري ويو. هن کي گهڻي وقت کان شگر جي بيماري هئي. رت ۾ شگر واڌ ۽ سماجي بدحالي کيس وڌيڪ ضعيف بڻائي ڇڏيو هو. پر هو ڪڏهن به ”آسرن“ جي پناري نه لڳو. هن ڪڏهن به آسرن ۾ زندگي نه گذاري ۽ پنهنجي پتيءَ جو ڪم ڪندو رهيو. هن جي وهمن ۾ آسرا نه هوندا هيا بس! جيڪي سندس سامهون آهي، اهو ئي اهم آهي ۽ ان تي اعتبار ڪري سگهجي ٿو. ايئن هن توڪل جي ترهي تي ترندي زندگي جو ساٿ نڀايو. جنهن هنڌ رحيم بخش آزاد کي دفنايو ويو ان هنڌ قبرن جي ترتيب هيءَ هئي ته سندس سيرانديءَ کان هڪ شخص نالي پير محمد ”مسافر“ جي قبر هئي، ان جي پاسي ۾ محمد اسحاق ”روزي“ پوريل هو ۽ انهن جي پاسي ۾ ٻه زال مڙس خدا بخش بلوچ ۽ لال بي بي بلوچ دفن هيا. انهن دفنايل انسانن جي پاسي ۾ آزاد پڻ دفن ٿيو هو، جيڪو سڄي ڄمار روزي روٽي لاءِ محنت ته ڪندو رهيو پر ڪڏهن به ان کي رڳو زندگي نه سمجهيائين. رحيم بخش بلوچ ”آزاد“ نامياري دانشور ڊاڪٽر فيروز احمد سان گڏجي ۱۹۷۰ع ڌاري جناب رسول بخش پليجي جي ”عوامي تحريڪ“ ۾ شامل ٿيو هو. قبرستان ۾ موجود ماڻهن ٻڌايو ته ”ايم آر ڊي جي دور ۾ ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد رسول بخش پليجي پنهنجي گهرواري ۽ لوڪ ڳائڻي جيجي زرينا بلوچ کي آزاد جي گهر ۾ لڪي رهڻ جو چيو هو ۽ جيجي ڪيئي مهينا اتي رهي هئي“. اهڙي طرح لياري عوامي تحريڪ وارن لاءِ ”پناهه گاه“ جو ڪم ڪندي هئي.


”آزاد“ کي معلوم هو ته علم ئي وڏو هٿيار آهي. علم ئي سوشلسٽ انقلاب جو بنيادي ٿنڀ آهي. آزاد علم لاءِ بيپناه ڪم ڪيا. رڳو لياري ۾ لائبررين ٺاهڻ لاءِ هن جيڏا ڪم ڪيا سي سندس زندگي ۽ موت کي لازوال بڻائڻ لاءِ وڏا پاسا آهن. ڀلا! ڪنهن کي خبر هئي ته سر عبدالله هارون جي جوڙايل لائبرري جي بقا به آزاد جي هٿن سان ٿيندي. گل حسن ڪلمتي پنهنجي تاريخي ڪتاب ؛ ”ڪراچي سنڌ جي مارئي“ ۾ لکيو آهي ته سنگو لين کان ويندي ميران ناڪا تائين، کڏي کان ويندي ماڙيپور تائين ڪيئي لائبرريون هونديون هيون. نامياري صحافي بينا سرور جي ڀيڻ صهبا سرور جي ورتل هڪ انٽرويو ۾ آزاد کين ٻڌايو ته ۴۰ لائبررين ۾ لکين ڪتاب هوندا هيا. آزاد جي وڏن مشغلن ۾ هڪ ڪم اهو به هيو ته جڏهن به ڀٽو صاحب لياري ۾ ايندو هو ته هي نوجوانن کي گڏ ڪري ڀٽي صاحب اڳيان آڻيندو هو ۽ اهي جناب ذوالفقار علي ڀٽي کان گهر ڪندا هيا ته ” لياري کي لائبرريون ڏيو“. ڀلا! لياري ۾ اهڙا مطالبا ٿيندا هوندا؟ اها ڳالهه ڪنهن سوچي ۽ ٻڌي هئي؟
آزاد سان اسان جي ملاقات تڏهن ٿيندي هئي جڏهن هو ڊاڪٽر فيروز احمد جي ايڊيٽريءَ ۾ اردو ۾ نڪرندڙ شاندار رسالي ”پاڪستان فورم“ جون ڪاپيون سنڌ ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهندڙ سنڌي شاگرد تحريڪ جي ميمبرن وٽ پهچائيندو هو. پاڪستان فورم اردو جو اهو تاريخي رسالو آهي جنهن ۾ عالمي انقلابن سميت پاڪستان جي سياسي ۽ سماجي جائزن ۽ مارشلائن ۽ انهن جي مخالفتن جا حساب ڪتاب لکيا پيا هوندا هيا. اڄ رحيم بخش آزاد اسان کان جدا ٿيو. اسان هن جي قبر تي ڳاڙها گل گلاب جا سجائي رهيا هئاسي. آئون اتي ماڻهن کي ڏسي رهيو هوس. نوجوانن ۾ آزاد جيئرو هو. سڀ آزاد جا مالڪ بڻيا بيٺا هيا. مون کي خوشي ٿي ته جناب ايڌيءَ جو فرزند فيصل ايڌي، جان بليدي، واحد بلوچ، سعيد بلوچ، عباس جلباڻي به اسان سان گڏ هيا. پر ان خوشيءَ سان گڏ اهو سوال مون سان ويڌن ڪري رهيو هو ته ”ڇا ڪنهن امير ڪامريڊ جي جنازي مان به کاٻي ڌر جا ڪامريڊ ايئن ئي غائب هجن ها؟“

رحيم بخش آزاد
آزاد به هليو ويو
رئوف نظاماڻي
آزاد گذاري ويو. هڪ ڊگھو عرصو بيمار رهڻ کانپوء هو هن دنيا مان هليو ويو. هو انهن ماڻهن مان هو جيڪي اهڙن وشال دريائن وانگر هوندا آهن، جيڪي هڪ ڊگھي عرصي تائين آبادين ڪرڻ، زرخيزي، آسودگي ڦهلائڻ کانپوءِ سرسوتي جيان آب گم ۾ تبديل ٿي هڪ ڏند ڪٿا بڻجي ويندا آهن. ماڻهن وٽ رڳو سندن قصا، ڪهاڻيون ئي رهجي وينديون آهن. اسان جو دوست رحيم بخش آزاد جنهن کي نه رڳو ڪراچي پر پوري ملڪ جي خاص طور تي کاٻي ڌر جي حلقن ۾ آزاد بلوچ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو پنهنجي ان بيماري جي عرصي ۾ شايد اهڙي ئي هڪ ڏند ڪٿا ٿي ويو هو. هن دنيا سان پنهنجو ناتو گھٽائي ڇڏيو هو پر سندس دوستن کيس هر طريقي سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. آزاد سان منهنجو تعلق جيتوڻيڪ سنڌي عوامي تحريڪ جي حوالي سان ٿيو پرپوء اهو هڪ ذاتي تعلق ۾ بدلجي ويو، عوامي تحريڪ کان ڌار ٿيڻ کان پوء به اهو هلندو، مضبوط ٿيندو آيو، اخري وقت تائين اهو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جاري هو.
هوهڪ اهڙو شخص هو جنهن جو گھر، جنهن جي دل ٻولي، نسل، نظرئي جي تفريق کانسواء ڪن خاص ماڻهن لاء نه پر سڀني لاء کليل هوندا هئا، اهو سندس زندگي جي آخر وقت تائين رهيو. گھڻن جي لاء هو استاد هو، گھڻا کيس پنهنجي پي جيان سمجھندا هئا. کيس گھڻن ماڻهن جيان زندگي جي ڪنهن هڪ خاني ۾ بند ڪرڻ انتهائي ڏکيو آهي، سندس شخصيت به اهڙي نه هئي جو رڳو هڪ خاني ۾ سمائجي سگھي. اهو چوڻ ته سندس واسطو رڳو سياست سان رهيو اڌوري ڳاله ٿيندي. هڪ ئي وقت ۾ ساڻس ملڻ وارن ۾ مختلف موضوعن، شعبن سان دلچسپي رکندڙ دوست موجود هونڌا هئا، هو انهن سڀني سان منهن ڏيندو هو، کين مطمئن ڪندو هو. سندس دوستن ۾ سياست سان گڏ ادب، ميوزڪ، ڊانس سان واسطو رکندڙ ماڻهو به شامل هئا جن کي انهن شعبن متعلق چڱي خاصي ڄاڻ هئي. آۡزاد وٽ پاڻ سٺو ميوزڪ سسٽم، گيتن، ڪتابن جو چڱو ذخيرو موجود هونڌو هو جيڪو سندس بيٺڪ ۾ هونڌو هو جتي دوستن سان ڪچهري ٿيندي هئي. انهن سڀني شين مان سڀ دوست فائدو حاصل ڪندا هئا، هو پاڻ ان ڳاله جي همت افزائي ڪندو هو. ڪتابن سان گڏوگڏ آئون کانئس ڊرامن، فلمن جون ڪيسٽون پڻ وٺي ويندو هوس. مون اهو ڏٺو ته کيس دوستن کي اهي شيون ڏيندي خوشي ٿيندي هئي، هو ان ڳاله جي پرواه نه ڪندو هو ته انهن مان گھڻيون شيون موٽن ٿيون. کانئس ورتل ڪجھ ڪتاب شايد مون وٽ اڃا به موجود آهن. ان وقت جڏهين ضياءالحق جي دور ۾ پاڪستان متعلق گھڻن ڪتابن تي بندش هونڌي هئي ته اهي ڪتاب يا انهن جون فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون آزاد وٽان ملي وينديون هيون جيڪي کيس پرڏيه ۾ رهندڙ سندس دوست ڪنهن ريت موڪليندا هئا.
آزاد لاء اهو چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته سندس واسطو کاٻي ڌر، سنڌي، بلوچ قوم پرست سياست سان هو. پر کيس ڪنهن هڪ خاص سياسي جماعت سان جوڙي نه ٿو سگھجي. ان سلسلي ۾ مٿس تنقيد به ٿيندي هئي پر هو ان جي پرواه نه ڪندو هو، کلي ڳاله ٽاري ڇڏيندو هو. لالا لعل بخش رند، يوسف نسڪندي سندس ويجھا دوست هونڌا هئا، سندس ان روئي تي سندس سرزنش به ڪندا هئا پر اهي ساڳي وقت ساڻس هڪ ويجھڙائي، قربت به رکندا هئا. هو انهن سڀني کي ٻڌنڌو هو پرِ پنهنجي ورتاءَ لاء ڪنهن جواز، دليل ڏيڻ جي بجائي بس هڪ زوردار ٽهڪ ان جو جواب هونڌوهو. اهو نه هو ته سندس مقصد پنهنجي ان ورتاءَ مان ڪي ذاتي فائدا حاصل ڪرڻ هو بس اها سندس طبيعت هئي، شايد ان ڪري ئي کيس آزاد چيو ويندو هو. سندس پيپلز پارٽي جي اڳواڻن، خاص طور تي لياري جي اسمبلي ميمبرن، وزيرن ستار گبول، رحيم بلوچ، ٻين اڳواڻن سان ذاتي ناتا هونڌا هئا، وٽس کانئن فائدا حاصل ڪرڻ جا گھڻا موقعا هئا جنهن جي لاء کيس چيو به ويندو هو پر هن نه پاڻ کي پابند ڪرڻ ٿي چاهيو، نه ئي پنهنجي برابري واري حيثيت تي ڪو ڪمپرومائز ڪرڻ لاء تيار هو. هو آخر وقت تائين سنگولين جي ساڳئي گھرءِ ساڳئي پاڙي ۾ رهيو، ساڳئي طريقي سان پنهنجي زندگي گذاريندو رهيو. ساڳي وقت هو سنڌي عوامي تحريڪ سان به لاڳاپيل هو، ڪراچي ۾ ان جي تنظيم ۾ هڙان، وڙان نه گھٽائيندو هو. بي ايس او عوامي، بلوچ ادبي تنظيمن جا دوست به مختلف معاملن، ڪراچي ۾ رابطن لاء ساڻس رابطي ۾ هونڌا هئا. لياري ۾ سنڌي ادبي سنگت کي متحرڪ ڪرڻ ۾ سندس اهم ڪردار هو. هن ان جي لاء پهرين مولوي عثمان پارڪ جي لائبريري، پوء چاڪيواڙي ۾ فٽ بال هائوس ۾ گڏجاڻين لاء جاء جو بندوبست ڪيو، پاڻ به، انهن گڏجاڻين ۾ باقاعدي شرڪت ڪندو هو. هر وقت متحرڪ شخص جيڪو ڪنهن به عوامي، انساني حقن جي تحريڪ ۾ شامل هئڻ لاء تيار هونڌو هو. بلوچستان ۾ جڏهين ذڪري فرقي خلاف مذهبي جماعتن هڪ مهم شروع ڪري کين هراسان ڪرڻ شروع ڪيو ته آزاد ڄڻ ان سڄي ناانصافي خلاف هڪ اڳواڻ جي طور تي سامهون آيو، هن سڄي ڪراچي ۾ جلسن، جلوسن، پريس ڪانفرنسن، مختلف سياسي، سماجي، انساني حقن جي اڳواڻن سان ملاقاتن وسيلي ان مسئلي کي نروار ڪيو، گھڻي حد تائين مذهبي جماعتن جي دٻاء کي گھٽائڻ ۾ ڪامياب ويو.
لياري جي حوالي سان آزاد کي هڪ حوالو سمجھيو ويندو هو. ان جو اندازو مون کي ساڻس تعلق جي شروع ۾ ئي ان وقت ٿيو جڏهين مون ۱۹۷۷ ۾ پي اين اي جي ڀٽو حڪومت خلاف تحريڪ وقت لياري جي سياسي صورتحال جي حوالي سان هڪ مضمون لکيو هو جيڪو عوامي تحريڪ جي ترجمان رسالي تحريڪ ۾ شائع ٿيو هو. ان مضمون جي سلسلي ۾ جيڪڏهين آئون ائين چوان ته وڌاء نه ٿيندو ته ان ۾ جيڪڏهين آزاد جي مدد، رايا شامل نه هجن ها ته اهو اڌورو رهجي وڃي ها. نه رڳو ڪراچي پر پاڪستان، پرڏيه جي صحافين کي به لياري جي مختلف سماجي، سياسي مسئلن جي حوالي سان ڪا اسٽوري ڪرڻي هونڌي هئي ته کين آزاد سان رابطي ۾ اچڻ لاء چيو ويندو هو جيڪو کين مختلف ماڻهن سان ملائيندو، مختلف علائقن ۾ وٺي ويندو هو. اهڙا حوالا ڪيترن انگريزي، اڙدو رسالن، اخبارن ۾ ڏسي سگھجن ٿا. لياري جي حوالي سان خاص طور تي سندس ڄاڻ انسڪلوپيڊيائي هئي.
لڳندو ائين هو ته هو بس مڙد ميدان هو جيڪو ڪتاب وغيره رکي، دوستن کي ڏيئي بس پنهنجي علم دوستي ظاهر ڪندو هو. پر ائين نه هو. ساڻس مختلف موضوعن تي ڳالهائي سگھجي پيو. هو ساڳي وقت بلوچي، سنڌي، اڙدو ۾ لکي سگھندو هو، انهن جي شاعرن، ليکڪن، ٻين اهم شخصيتن تي سير حاصل ڳاله ٻوله ڪري سگھندو هو. منجھس مون هڪ خاص ڳاله ڏٺي ته جڏهين کيس ڪنهن موضوع تي لکڻ لاء چيو ويندو هو ته اهو گھٽ ئي ٿيندو هو ته هو اڳواٽ ئي لکي اچي. پروگرام جي ڪاروائي شروع ٿيڻ کان ڪجھ وقت اڳ هو اتي پهچي هڪ پاسي ٿي ويهي رهندو هو. يڪي ڪجھ کيس لکڻو هونڌو هو اهو لکي وٺندو هو. اهو ساڳيو طريقو مون ڪنهن حد تائين فقير محمد لاشاري ۾ به ڏٺو هو.
آزاد جو اداره امن و انصاف، جنهن جو ملڪ جي ترقي پسندن سان ويجھو تعلق هو، جنهن هڪ ڊگھي عرصي تائين سنڌي ادبي سنگت ڪراچي کي گڏجاڻين لاء پنهنجي جاء استعمال ڪرڻ جي اجازت به ڏني هئي، سان هڪ خاص تعلق هو. هو هڪ ڊگھي عرصي تائين اداري پاران اڙدو ۾ نڪرندڙ رسالي جفاڪش جو ايڊيٽر رهيو، اداري جي مختلف سرگرمين ۾ پڻ حصو وٺندو رهيو. اها سندس خوش قسمتي هئي ته اداري تي جڏهين دهشت گردن جو حملو ٿيو جنهن ۾ اتي موجود سڀ ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا ان کان رڳو ڪجھ وقت پوء آزاد اتي پهتوهو جنهن ان سڄي ڪاروائي کان دنيا کي آگاه ڪيو. ان حملي کان پوء ادارو، رسالو جفاڪش ٻيئي بند ٿي ويا، حملو ڪندڙ ٻين گھڻن اهڙن حملن جيان نامعلوم جي ڌنڌ ۾ گم ٿي ويا.
لياري ۾ هئڻ وقت آزاد سان اڪثر ملاقات ٿيندي رهندي هئي. منهنجي گلشن حديد منتقل ٿيڻ کان پوء انهن ملاقاتن ۾ وقفو وڌي ويو. آزاد جو گھر پراڻي ڪنڀار واڙي جي پاڙي سنگولين ۾ آهي جيڪو هڪ لحاظ کان ڄڻ گينگ وار جي مختلف گروهن جو ڳڙه رهيو آهي. ان ڪري لياري جي صورتحال جي خراب ٿيڻ کان پوء اهو رابطو ڄڻ ختم ئي ٿي ويو. بس شهر ۾ ٿيندڙ ڪنهن ادبي، سياسي، ثقافتي پروگرام وغيره ۾ سرسري ملاقات ٿي ويندي هئي جيڪا وري ملڻ جي واعدي تي ختم ٿي ويندي هئي. پر پوء اهو سلسلو به ختم ٿي ويو. ڪجھ دوستن کان خبر پيئي ته آزاد پاڻ کي بلڪل گھر تائين محدود ڪري ڇڏيو هو. هو نه ته موبائل فون رکندوهو، نه ئي گھڻن دوستن سان ملڻ، ڳالهائڻ پسند ڪندو هو. ان جو هڪ ڪارڻ سندس صحت به ٿي سگھي پيئي. پرتازو هڪ گڏيل دوست کان اها خبر پيئي ته جڏهين سندس صحت ٺيڪ هئي تڏهين به هو پنهنجي گھر تائين ئي محدود ٿي ويو هو. هن دوست جو چوڻ هو ته آزاد جو ڏينهن شام چئين وڳي کان شروع ٿيندو هو، پوء هو رات جو دير تائين جاڳندو رهندو هو جنهن دوران هو اٽڪل سورنهن اخبار پڙهندو هو.
ان جي باوجود ته پنهنجن آخري ڏينهن ۾ آزاد پاڻ کي پنهنجي صحت وغيره جي لحاظ کان پنهنجي گھر تائين محدود ڪري ڇڏيو هو پرسندس دوست اڃا به ٻاهرين دنيا سان رابطي لاء سندس ذريعو هئا. سٺي ڳاله اها هئي ته آزاد کي اڪيلو نه ڇڏيو ويو هو. خاص طور تي سندس ٻار سندس جوڳي سار سنڀال لهندا هئا، سندس ذاتي دوستن مان گھڻا آخر وقت تائين به ساڻس گڏ هئا.




رحيم بخش آزاد
چڱو سنگتان سدائين گڏ
حسن مجتبيٰ
هيءَ جيڪا لياري، ڪراچي ۾ ويجهي ماضي تائين شايد اڄ‌ به هجي، ڀٽن ۽‌ پيپلزپارٽِي جو ڳڙهه بڻيل رهي هئي تنهن کي دادل ۽‌ شيرل رستي ماڻهن توڻي مخالفن کي دٻائي رکندڙ ٻاويهه خاندانن مان هڪ هارون خاندان کان کسي پي پي پي جو قلعو بڻائڻ‌ ۾‌ هٿ رحيم بخش‌ آزاد بلوچ جو به رهيو هو. رحيم بخش آ‌زاد بلوچ ئي هو، جنهن سندس ڪن ساٿين سان گڏجي لياري ۾‌ ايوب خاني آمريت کي للڪاريندڙ‌ ذُوالفقار علي ڀٽي جي تڏهن نئين جوڙيل پارٽي جون نه فقط آفيسون کوليون هيون پر ڀٽي کي لياري جي عوامي بلوچي توڻي سنڌي ڪڇي مزاج کان به واقف ڪيو هو. انهي لياري ۾‌ پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن داخل ٿيو هو ته هڪڙي جلسي ۾‌ هن چيو هو، “لياري ۾‌ دادل، شيرل، هارونن جا بدمعاش‌ آهن پر مون کان وڏو بدمعاش‌ ڪير ٿيندو؟” لياري ۾‌ ڀٽي، شيرل دادل رستي هارونن جي جيڪا مٿ ٽوڙِي هئي، تنهن جي پٺيان جيڪي دماغ‌ ها انهن ۾ رحيم بخش‌ آزاد بلوچ به هو، جنهن سياسي طور پوءِ گهڻا سال اڳ منهنجي دوست اسلم خواجي کي پُٽيلو ايڊاپٽ‌ ڪيو هو. ڪڏهن اهو لياري جيڪو هاڻ‌ عذير جان بلوچ ۽‌ رحمان ڊڪيت مان ڦري سردار عبدالرحمان بلوچ، بابا لاڊلا، غفار ذڪري جي نالن سان سڃاپجڻ‌ لڳو هو سو ڪالهه تائين رحيم بخش‌ آزاد بلوچ جهڙن سياسي نظرياتي جوڳين جي نالن سان سڃاپجندو هو. رحيم بخش‌ آزاد ۽ ‌هن جي گهٽي سنگهولين، جيڪا پوءِ گينگ وار جي ور چڙهي ويئي تنهن ۾‌ ڊاڪٽر فيروز جهڙي کاٻي ڌر جي دانشور کان وٺي رسول بخش‌ پليجي، ڄام ساقي، معراج محمد خان ۽‌ بزنجو توڻي منهنجي دوست عيني علي خان تائين دنيا ڀر جا کوجناڪار جيڪي به لياري جي سياست ۽‌ سماج کي سمجهڻ‌‌ چاهيندا هئا سي ڪتابن سان سٿيل ڪمري ۾‌ رحيم بخش‌ آزاد جي انهي گهر ۾‌ آيا هئا. وري پوءِ اڻويهه سو ستر جي ڏهاڪي ۾‌ بلوچستان ۾‌ ڀٽي خلاف ويڙهه ڪندڙ‌ نوجوانن رحمان برادران يا ٽالپر برادران مان ڪير ڪير نه رحيم بخش‌ سان ڪچهريون ڪري چڪو هو! رحيم بخش‌ آزاد بلوچ نه فقط لياري پر ٻنهي بلوچستانن پاڪستاني توڻي ايراني بلوچستان جي سياست، سماجيات، ادب شاعري سميت جيئرو جاڳندو انسائيڪلو پيڊيا هو، هو گوگل کان گهڻو اڳ پيدا ٿيو هو. هو پاڻ‌ گوگل هو.
رحيم بخش‌ آزاد بلوچ لياري ۽ بلوچستان تي انتهائي ڄاڻ‌ رکندڙ‌ توڻي اتان جي عوام لاءِ‌ درد رکندڙ‌ ٽمورتي مان هڪ هو. اها ٽمورتي ڪڏهوڪو ٽٽي پيئي هئي، اها ٽمورتي هئي لال بخش‌ رند باالمعروف لالا، يوسف نسقندي ۽‌ رحيم بخش‌ آزاد بلوچ. هي جيڪو به لياري ۽‌ بلوچستان تي ملڪي توڻي پرڏيهي سٺو سهيوڳي (همعصر)‌ مواد ملي ٿو، انهن جي کوجناڪارن جي پٺيان وڏن دماغن مان هڪڙو دماغ‌ رحيم بخش‌ آزاد رهيو. هو ڪراچي جي سمونڊ کان وٺي گودار، جيوني، پسني، اورماڙا واري نيري سمونڊن (سمونڊ‌کي بلوچ ندي چون) ‌جي پاڻين جي تهن ۾‌ مڇين توڻي مهاڻن تي نه رڳو ٻڌائي سگهندو هو پر سمونڊ‌ رستي بين الاقوامي روٽ ڏانهن ‌ ٿيندڙ‌ تاريخي اسمگلنگ بابت به ٻڌائي سگهندو هو. هڪ ڀيرو هن مونکي منهنجي ساحلي بلوچستان ۾‌ هڪڙي سر جي جوکم واري اسٽوري ڪرڻ‌ لا وڃڻ‌ کان اڳ هڪڙي فارسي واري بلوچستان جو نقشو ڪڍي سمجهايو هو، جيڪو هن ٻڌايو هو ته هن تهران جي فوٽ‌ پاٿ تان خريد ڪيو هو. ڏورانهان ڏاکڙن ڀريا سفر ڪرڻ‌ هن جو اهڙو شوق هو، جيڪو جيسين سندس جسم ۽ صحت اجازت ٿي ڏني، هن ڇڪي رکيو هو. مان هن کي مذاق ۾‌ چوندو هوس ته، “اهي سسئي وارا پنڌ جهاڳڻ‌ تون پنهون جي مائٽ‌ کي ڪيئن ٿا اچن!” لياري ۾‌ سياست ۽‌ ادب توڻي تاريخ جي شاگردن، ليکڪن، سياسي ڪارڪنن جو نسل کيس استاد رحيم بخش‌ سڏيندو هو. هو انتهائي بهادر انسان هو. دانشور، پورهيت، بهادر. هن جيلون به ڏٺيون ته ريلون به. هو ڪڏهن آل پاڪستان سئنيما گيٽ‌ ڪيپر ايسوسيئيشن جو مرڪزي صدر هو. ڪراچي ۾‌ سئنيما جي پورهيتن جي هڪڙي هڙتال دوارن چون ٿا ته هن سئنيما مالڪ حاڪم علي زرداري کي ڳلي کان جهليو هو. واجا رحيم بخش‌ بلڪل پنهنجي قد بت ۾‌ پراڻن زمانن جي دادن جهڙو لڳندو هو پر صفا ڪپهه جي ڪوڻِين جهڙو نفيس سوچ وارو انسان.
هو آل پاڪستان ذڪري ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري پڻ‌ رهيو. هن مارڪسوادي رحيم بخش‌ جو تعلق بلوچ مسلم ذڪري عقيدي وارن سان هو. ذڪري يا ذگري۔ تربت ڀرسان ڪوهه مراد تي ٿيندڙ‌ ذڪري مسلمانن جي وڏي اجتماع جا بندوبست ڪرڻ وارن مان هڪڙو رحيم بخش‌ آزاد به هو. مير غوث‌ بخش‌ بزنجو، توڻي سردار بهادر يار جنگ ۽‌ بلوچستان اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر سميت ڪيترين ئي مشهور شخصيتن جو تعلق ذڪري صوفي عقيدي سان هو. لياري ۾‌ ذڪري صدين سالن کان آباد آهن. رحيم بخش‌ بلوچ جيڪو پاڻ‌ انتهائي سيڪيولر ۽‌ ترقي پسند سوچ جو هو پر هو سماج جي ڪنهن به لتاڙيل حصي کي سندس حقن ڪاڻ‌ منظم ڪرڻ‌‌‌ ۾‌ وسان نه گهٽائيندو هو. پوءِ اها مسلم ذڪري ايسوسيئيشن هجي يا ڪراچي جا هيٺين طبقن جا مسيحي (ڪجهه سال اڳ هو 2002ع ۾‌ ادارا امن و انصاف طرفان نڪرندڙ‌ رسالي “جفاڪش”‌ جو ايڊيٽر هو، جڏهن ان جي ڪراچي ۾‌ رمپا پلازا واري جفاڪش‌ جي آفيس تي دهشتگرد حملو ٿيو هو. حملي وقت دفتر ۾‌رحيم بخش‌ به شايد موجود هو. هن جا ساٿي ڪارڪن مارجي ويا هئا، رحيم بخش‌ معجزاڻي طرح‌ بچي ويو هو. ڪيتري عرصي تائين رحيم بخش‌ ان حملي جي ٽراما مان گذرندو رهيو هو)
رحيم بخش‌ آزاد بنيادي طرح‌‌ پورهيت طبقي سان تعلق رکندڙ‌ هو ۽‌ هو پورهيتن جون ٽريڊ‌ يونينون منظم ڪرڻ‌ ۾‌ مهارت رکندو هو ۽‌ ان ڳالهه ۾‌ به يقين رکندو هو ته پورهيت لاءِ پرديس به ساڳيو، ديس به ساڳيو. هو ان ڪم ۾‌ ڪراچي کان گدون امازئي تائين ويو هو. آل پاڪستان سئنيما گيٽ ڪيپرس ايسوسيئيشن تڏهن منظم ڪئي هئائين، جڏهن پاڻ‌ به هو ڪراچي جي هڪڙي سئنيما تي گيٽ‌ ڪيپر هو. هن بلوچ ترقي پسندن ۽‌ وطن دوست نوجوانن ۽‌ ليکڪن کي پڻ‌ منظم ڪيو. هو بلوچي رسالي “لپزڪان” ‌جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن ۾‌ هن منهنجي ڪن سنڌي نظمن جو ترجمو پڻ‌ ڪيو. هن جي هڪڙي سڃاڻپ بلوچي ٻولي ۽‌ ادب تي سندس اٿارٽي هجڻ‌ پڻ‌ هو. هو ورلڊ‌ ڪلاس بلوچ دانشور هو. اصل سندس تعلق بلوچستان جي دشت علائقي سان هو. ڪئين صديون اڳ سندس وڏا ايراني بلوچستان مان لڏي لياري ڪراچي ۾‌‌ آباد ٿيا هئا. هو سنڌين سان بلوچي لياري واري لهجي ۾‌ سنڌي ٻولي ۾‌ ڳالهائيندو هو ۽‌ سنڌي ادب ۽‌ شاعري توڻي سياست تي سندس ڄاڻ‌ حيرتناڪ هئي. منهنجي هن سان پهرين ڏيٺ‌ ويٺ‌ پهريون ڀيرو مٺِي واري انهي بدقسمت ٿر ڪانفرنس ۾‌ وڃڻ‌ لاءِ گڏ سفر دوران ٿي هئي، جنهن ۾‌ نعري بازي تان فائرنگ ۾‌ هوٽل تي ڪم ڪندڙ‌ هڪڙو پورهيت مارجي ويو هو. رحيم بخش‌ پنهنجي دور ۾‌ فوٽ بالر به هو. لال بخش‌ رند جنهن کي لياري توڻي بلوچستان جا ماڻهو پيار مان لالا سڏيندا هئا، رحيم بخش‌ آزاد، نون ميم دانش، يوسف نسقندي، ڪامريڊ‌ رمضان بلوچ، اسانجو پيارو سائين جيئي سدائين نادر شاه عادل، سندس والده ۽‌ بلوچي شاعره بانل دشتياري، لطيف بلوچ ۽ صديق بلوچ توڻي عثمان بلوچ، لياري ڪڏهن ملڪ جي وڏي حزب مخالف پارٽي نعپ جو به مرڪز رهي ته ڪڏهن اتان جي عبدالله هارون ڪاليج ۾‌ فيض‌احمد فيض‌ جهڙا پرنسپال ۽‌ ڊاڪٽر ري حسان جهڙا استاد رهيا. لياري کي پنهنجي اهڙن سياسي سرچشمن هجڻ‌ جي سزا ڏيئي ان کي رياستي ۽‌‌ غير رياستي تشدد برقرار رکڻ‌ ڪاڻ‌ ان کي گينگ وارز جو مرڪز بڻايو ويو. لياري کي لياري هجڻ‌ جي سزا ڏني ويئي ۽‌ منهنجي دوست ۽‌ رحيم بخش‌ آزاد جي سوٽ‌ سعيد بلوچ کي گهڻي ڳالهائڻ‌ جي (هاهاها)۔ رحيم بخش‌ آزاد پنهنجي پٽ‌ جو نالو حسن ناصر رکيو. لياري ۾‌ منهنجي دوست ليکڪا ۽‌ صحافڻ‌ عيني علي خان ان وقت به راتين جو لياري ۾‌ چانهه خانن ۽‌ اتي ويهندڙن ۽‌ لياري جي عورتن تي لکڻ‌ لاءِ راتين جو به گهمندي رهي هئي، جڏهن اتي گينگ وارز هيون، تنهن مونکي چيو هو “لياري ۾‌ جڏهن نادر شاه عادل جهڙا ماڻهو به لڏي وڃن ته پو لياري، لياري نه ٿي رهي!” مان رحيم بخش‌ آزاد لاءِ به ساڳي ڳالهه ڪندس، “لياري وڌيڪ يتيم ٿي ويو. لياري ۾‌ باباءِ لياري نه رهيو. چڱو سنگتان واجا رحيم بخش‌ آزاد بلوچ، سدائين گڏ!”


No comments:

راءِ ڏيندا