استاد مٺو ڪڇي
سندس ۲۲ هين ورسيءَ جي حوالي
سان
ذوالفقار علي
قريشي
خصوصًا رمضان شريف
جي نعت گوئي ۽ نج سنڌي موسيقيءَ جي ادائيگي ۾ داستان گوئي جنهن ۾ ڀڳتي واري انداز
کان بالڪل نئين نموني سان مسلمان گائيڪي جي اهڃاڻ سان هڪ پيرين پنڌ ڪندڙ حاجين جي
قافلي جي منظر ڪشيءَ ۾ استاد مٺو ڪڇي جي آواز جي ڪمال سان گڏوگڏ سنڌ جي اعليٰ مهان قرآن پاڪ جي پهرين منظوم ترجمي ڪندڙ
حاجي مولوي احمد ملاح جي ڪلام.
’هو منارا هو
منارا مير جا.‘ اهو ڪلام مولوي احمد ملاح جي پهرين ڇاپن ۾ ڪونهي. استاد مٺو کي بر
زبان ياد هو، ان کانپوءِ سندس فرزند خدا بخش ڪڇي ۽ اسد علي ڪڇي جي مدد سان پروفيسر
ضرار رستماڻي روشني پبليڪيشن مان ۲۰۱۶ ۾ ٻن ڀاڱين ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. مٺو ڪڇي (۱۹۲۲-۱۹۹۷) داستان گوئي جو هنڌ سنڌ ۾ يڪتا ڳائڻو هو. سندس ڀائر
هاشم ڪڇي ۽ عثمان ڪڇي ملي ڪري سنگ جي انداز ۾ سنڌي ڪلاسيڪي گائيڪي اڳواڻ ٿي گذريا.
جنهن ۾ هاشم ڪڇي
بهترين ڍولڪ نواز، جنهن کي ان دور ۾ پڪواز چوندا هئا ۽ عثمان ڪڇي وڄتو به هو، ڳائڻ
۾ جوڙ جو ڪم به سر انجام ڏيندو هو، سندس وڏا ڪڇ ڀڄ جا هئا، سنڌ ۾ هندستان الڳ ٿيڻ
کان پوءِ پهرين بدين ماتلي ۽ آخرڪار ٽنڊو محمد خان وسايائين. آخري دم تائين ۷۵ ورهين جي ڄمار ۾ به سندس مڙهه اتي ئي مٽي
ماءُ حوالي ڪيو ويو.
مٺو ڪڇي جا وڏا به
موسيقيءَ جي فن سان واڳيل هئا، پر ان دور جي مهان ڪلاسيڪي گائيڪ گواليار گهراڻي جي
استاد مبارڪ علي خان ۽ ان جي وفات کانپوءِ سندس ئي فرزند استاد قدرت الله خان کان
راڳ جي تعليم وٺندا رهيا.
اهي ٽيئي ڀائر تمام
مراد وند شاگرد ثابت ٿيا. ائين استاد مبارڪ علي خان دل و جان سان، ايمانداري،
سخاوت، سجاڳيءَ سان پنهنجو راڳداري جو عملي خزانو انهن جي حوالي ڪيو.
بندر مون ڏور ٿيا،
پراڙ ڪيئن پڄان،
نه مون وٽ هڙ نه
هنجڪي ريجهئي ڪيئن چڙان،
ڪارن ٿي ڪريان تو
در اُڀي ناکئا.
اڳئين دور ۾ حج تي
ماڻهو پنڌ ويندا هئا قافلن جي صورت ۾، سو انهي دؤر ۾ هڪ قافلو بدين شهر کان نڪتو
جنهن ۾ مولوي حاجي احمد ملاح به هو، هلندي هلندي ڪاهيندي اچي احد جبل جي پاس رسيا،
حاجين کي اتي رات پئجي وئي ترسي پيا. صبح جو اک کوليائون ته مديني جون نيلون نظر
آين ته هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏيڻ لڳا، ’هٰذا مدينو‘ هو مدينو، مولوي احمد ملاح ڏٺو ته
اتي ويهي ڪلام لکيائين.
هو منارا هو منارا
هو منارا مير جا،
اڄ ڪيا اوٺين
اشارا، هو منارا مير جا،
مولوي حاجي احمد
ملاح جا اهي آئيٽم جيڪي رسالي ۾ اڃان نه آيا هئا ۽ استاد مٺو ڪڇي کي بر زبان ياد
هئا، جيڪي پوءِ ڪليات احمد لاءِ پروفيسر ضرار رستماڻي، استاد مٺو جي پوٽي خدابخش ڪڇي
کان لکرائي ورتا.
۱. مهرباني ٻي ته مُئي پر منهن ڏيکارڻ کان به وئين.
۲. هو منارا هو منارا، هو منارا مير جا.
۳. هٽ هٽ حبيب آيو، هو ڪو هٽي هٽي ۾.
۴. نهاري، سير ۾ سيران، سڄڻ ٿي سج لٿي ساريا (مورڙي جي داستان مان)
اسان وٽ هتي سنڌ ۾ تمام
وڏا شاعر اولياءِ ٿي گذريا آهن، جن ۾ وڏو نالو کڻجي ته پهرين شاهه عبداللطيف ڀٽائي
رح جو ايندو، ان کانپوءِ ڪافي سارا مصري شاهه امام، مهدي سرڪار، سچل سرمست، زمان
شاهه، اميد علي شاهه، محمد شاهه، حاجي شاهه ۽ ٻيا کوڙ سارا شاعر جن جي نالي چوندا
آهيون ته اسان وٽ لفظ ناهن جو اسين انهن لاءِ ڳالهايون، پر استاد مٺو ڪڇي اها هستي
هئي، جنهن کي اهي سڀ شاعر حفظ هئا، ته ان کي توهان ڪهڙي مشابهت ڏيندا.
استاد مٺو ڪڇي
پنهنجي حياتي ۾ ڪڏهن به ڪچي لفظ واري شاعري نه ڳائي. هن پنهنجي هڪ انٽرويوءَ ۾ ٻڌايو آهي ته بلاول اوٺو مونکي پنهنجي شاعري
جا ٻه پنا ڏيئي ويو ته استاد منهنجي شاعري ڳاءِ، پر استاد مٺو اها شاعري نه ڳائي
ته وري ٻي دفعي ملاقات ٿي ته بلاول اوٺي پڇا ڪئي ته استاد منهنجي شاعري توهان نه ڳائي
ته استاد وراڻيو ته تنهنجي شاعري مون کان زرو آهي، پر هو نه مڙي وري ٻيا پنا ڏنائين
۽ چيائين ته استاد هي وري توهان کي ڏيان ٿو، هاڻ جي نه ڳائيندا ته آئون پٽيندس. ته
استاد وراڻيو ته مونکي ڇو پٽيندين، پنهنجو خير گهُر. وري ڪجهه وقت کان پوءِ ملاقات
ٿي ته استاد ڏٺو ته بلاول تمام ڪمزور نظر آيو، بلاول اوٺو استاد سان اچي مليو ۽
معافي گهريائين ۽ چيائين استاد مون توهان کي چيو پر بيمار آئون ٿي پيس، مونکي (سِلِهه)
ٿي وئي آهي پر هاڻي ڪجهه ٺيڪ آهيان، پوءِ اوٺي جي گهڻي اسرار تي استاد مٺو هن جا ڪجهه
ٻول پڙهيا، جن ۾ هڪ هو.
اڳين ڪيئن هياسين،
وري ڪيئن ٿياسين،
زماني ۾ وڇڙي جدا ٿي
وياسين.
”هو منارا“
جا ٻول ڪمال جا آهن. هي عام جهڙا لفظ ٿا لڳن، پر انهن کي شاعري جي شڪل ۾ آڻي مولوي
حاجي احمد ملاح لکيو. شاعر پنهنجي اکين ڏٺي داستان کي شاعري جو روپ ڏيئي ظاهر ڪندو
آهي، پر ان ۾ روح ڦوڪڻ وارو وري راڳي هوندو آهي، جيڪو ان کي سُرن جي مالها ۾ پروئي
پيش ڪندو آهي، ته ائين ئي هن شاعري جي لفظن کي استاد مٺو ڪڇي اهڙو سهڻو ڪري پيش ڪيو،
جنهن سان ماڻهوءَ کي تصور ڪرائي ڇڏڻ ته هو منارا ڄڻ ته سامهون ڏيکاري پيو، اها
استاد مٺو ڪڇي جي قابليت ڏسي ماڻهو حيران رهجي ويندا هئا، اها ڏات استاد کي مالڪ
حقيقيءَ جي طرفان مليل هئي.
No comments:
راءِ ڏيندا