; سنڌي شخصيتون: منٺارُ سولنگي

25 June, 2019

منٺارُ سولنگي


منٺارُ سولنگي
منهنجو يارُ
منظور منگي
منهنجي يارَ منٺار سولنگيءَ ۽ منهنجي وڏڙن جو پاڻ ۾ تمام ويجهڙائپ وارو تعلق ته اسان ٻنهي جي پئدائش کان به ڪافي اڳ جو هيو جنهنڪري منٺار سولنگيءَ سان ننڍڙي هوندي کان ئي ميل ملاقات ته ٿيندي رهندي هئي پر منٺار سولنگيءَ سان گهاٽي ويجهڙائپ هر گز ڪو نه هئي.


منهنجي ۽ منٺار سولنگيءَ جي وچ ۾ وڌيڪ ويجهڙائپ ۽ دوستيءَ جو سبب منهنجو مُحسن استاد سنڌ جو ناميارو شاعر قاضي مقصود گل ۽ شاعر مختيار گهمرو بڻيا ۽ هنن ۱۹۸۶ع ۾ آثم ادبي سنگت جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ منٺار سولنگيءَ سان منهنجي پهرين ادبي ملاقات ڪرائي. ان زماني ۾ گهايل ادبي سنگت نئون ديرو ۽ آثم ادبي سنگت نئون ديرو سرگرم هونديون هيون. سال ۱۹۸۶ع ۾ آثم ادبي سنگت نئون ديرو جون گڏجاڻيون منٺار سولنگي جي رهائشگاه تي منعقد ٿينديون هيون. انهن ڏينهن کان وٺي منٺار سولنگي ۽ مان ويجها يارَ ٿي وياسين ۽ ۲۴ سال مسلسل روزانو ٽن چئن ڪلاڪن تائين ڪچهريون قائم رهيون ۽ جيسيتائين منٺار سولنگي حال حيات هيو اهو سلسلو جيئن جو تيئن جاري رهيو.
اهو هڪ عجيب اتفاق آھي ته اسان ٻنهي يارن جو جنم ڏينهن ۱۵ جُونِ آھي. البت منٺار سولنگي عمر ۾ مون کان ۶ سال ننڍو هو. منهنجو جنم ۱۹۶۱ع ۽ منهنجي يار منٺار سولنگيءَ جو جنم ۱۹۶۷ع آھي. انسان گڏ هي به هڪ وڏو اتفاق آھي ته قاضي مقصود گل شاعريءَ جي فني توڙي فڪري حوالي سان نه صرف منهنجو استاد هيو پر منٺار سولنگيءَ، مختيار گهمرو، امام راشدي، اياز جانيءَ، مختيار ڪٽپر، برڪت جيهو، قاضي انجم، محمدخان مسرور سيال سميت نئون ديرو ۽ نئون ديرو جي ڀر پاسي جي ڪافي شاعرن ۽ سگهڙن جو استاد هيو. قاضي مقصود گل کي نئون ديرو جي ادبي تاريخ ۾ هميشھ سُنهري اکرن ۽ لفظن سان ياد ڪيو ويندو.
نومبر ۱۹۸۷ع ۾ خاص طور تي منٺار سولنگيءَ ۽ اسان سڀني دوستن جي گڏيل صلاح سان آثم ادبي سنگت نئون ديرو کي سنڌي ادبي سنگت ۾ ضم ڪيو ويو. ان ڏينهن کان منٺار سولنگي سنڌي ادبي سنگت ۾ تمام گهڻو متحرڪ ٿي ويو ان زماني ۾ تاج جويو سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل هيو. تاج جويو ۽ نئون ديرو سنگت جي سينيئر ميمبر ”ظھيرالدين” خادم حسين شاهاڻيءَ جي نگرانيءَ ھيٺ ميونسپل ڪاميٽي نئون ديرو جي هال ۾ شام جي وقت چونڊون ٿيون. سيڪريٽري جي عهدي تي مقابلو اسان ٻنهي يارن جي وچ ۾ ٿيو. مونکي ياد ٿو اچي ته شايد منٺار سولنگي ۱۹ووٽ جڏھن ته مان ۱۷ ووٽ حاصل ڪري سگهيس. اهڙي طرح منٺار سولنگي ۲ ٻن ووٽن جي سرسيءَ سان سنڌي ادبي سنگت شاخ نئون ديرو جو پهريون سيڪريٽري چونڊجي ويو جڏھن ته جوائنٽ سيڪريٽري اياز جاني، خزانچي اڪرام ساگر عباسي ۽ آڊيٽر جي عهدي تي اشرف گهمرو ڪامياب ٿيا. ٻن ٽن مهينن جي اندر ئي اياز جاني ڪراچيءَ شفٽ ٿي ويو ۽ منٺار سولنگيءَ جي ئي اصرار تي مان سنگت نئون ديرو جو جوائنٽ سيڪريٽري بڻيس.
اهڙيءَ طرح منٺار سولنگي ۽ اسان زندگيءَ جا ۲۴ سال ڀائرن وانگر گڏ گذاريا. هت ڪنهن ڪنهن جا نانوَ کڻان منٺار سولنگيءَ سان سنڌي ادبي سنگت جي هر معاملي ۾ مان ۽ سائين امام راشدي هر موڙ تي ٻانهن ٻيلي رهياسين ۽ هن يارَ جي محبت، سنگت ۽ صحبت ۾ سڄي سنڌ پڻ گهمياسين. علمي ادبي ۽ فڪري حوالي سان هڪٻئي سان اصولي تضاد رکڻ جي باوجود پاڻ ۾ ٻُٺُ ۽ گڏ رهياسين. اسان ٽنهي دوستن سميت ”ظھيرالدين“ خادم حسين شاهاڻي،ابراهيم، خليل، فدا حسين سومرو، غلام علي سولنگي، امر ميراڻي، برڪت جيهو، زاهد مهراڻوي، امتياز سومرو، بيتاب سولنگي، صدرالدين قاضي، غلام حسين ڪٽپر، اسد ڪٽپر، عباللطيف ڪرٽيو، عبيد ڪٽپر، انجم قاضي، صاحب خان شيخ ۽ ٻين ميمبر دوستن گڏجي نئون ديرو جي ادبي تاريخ ۾ وڏا وڏا پروگرام ڪرايا.
منٺار سولنگي هڪ فڪر انگيز ترقي پسند ۽ روشن خيال شاعر هئڻ سان گڏ نثر به تمام سٺي انداز ۽ اسلوب سان لکندو هو ۽ هو ادبي صنفن جو علم ۽ ڄاڻ رکندڙ شاعر ۽ اديب هيو. ان سان گڏ تنظيمي جوڙڪ جڪ کان به وڏي حد تائين با خبر ۽ قابل انسان هو. شخصي اعتبار کان سنگت ۾ ڏاڍو ملنسار ۽ موتبر انسان هو. خوش پوش رهڻ پسند ڪندو هو تمام گهڻو مهمان نواز ۽ ھٿ جو کليل ۽ سخي انسان هو. سنڌي ادبي سنگت سان ته عشق ڪندو هو. ھو سنگت جو انتهائي سرگرم جاکوڙي ڪارڪن ۽ اڳواڻ ھو.
هاڻ سنگت ۾ منٺار سولنگيءَ جهڙن مخلص ۽ سچن ڪارڪن جي وڏي کوٽ آھي. جنهنڪري سنڌ سنگت وڏي بحران ۽ انتشار جي ور چڙھي وئي آھي.
مطلب ته منٺار پنهنجي من موهيندڙ نالي جيئن مٺو ماڻھون هيو. اڄ سندس سالگره جي موقعي مون تي تڙ تڪڙ ۾ ھن سان پنهنجي هِنن ڪچن ڦڪن لفظن سان پنهنجي عقيدت ۽ محبت جو مختصر طور تي اظھار ڪيو آھي.



منٺار سولنگيءَ جو انٽرويو

انٽرويو وٺندڙ: رضوان گل

اڄ کان سترهن سال اڳ ۲۰۰۵ سال جو ڪو گرميءَ وارو مهينو هو شام جو هلڪي هوا گهلي رهي هئي جو مهراڻ هوٽل لاڙڪاڻي ۾ پياري منٺار سولنگيءَ سان يادگار ڪچهري ٿي هئي هونئن به ساڻس ڪيتريون ئي روح رهاڻيون رهنديون هيون جو لاڙڪاڻي جي مهراڻ هوٽل تي سندس هڪ ڪمرو ورتل هوندو هو جتي اديب دوستن جي اچ وڃ رهندي هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ مون کيس هيٺين سوالن وارو هڪ پنو ڏنو هو جيڪو چند ڏينهن کانپوءِ سچل ادبي مرڪز تي کڻي آيو ان سان گڏ جوابن وارا ٻه ٽي پنا به هئا. تن ڏينهن ۾ عوامي آواز اخبار جي ادبي صفحي ۾ مان بي تڪلف ڳالهين وارو سلسلو هلائيندو هوس. . . اڄ فيس بوڪ جي يادگيرين وسيلي اهي بي تڪلف ڳالهيون سامهون آيو جيڪي اوهان سان به ونڊجن ٿيون. (رضوان گل)

سوال: نالو؟

جواب. ۔۔ منٺار علي سولنگي

سوال: جنم جو هنڌ ۽ ڏينهن؟

جواب. ۔۔۔ ۱۵ جون ۱۹۶۷ نئونديرو۔۔۔

سوال: پهرين ملاقات ۾ ماڻهوء جي ڪهڙي ڳالھ جو جائزو وٺندا آهيو؟

جواب: مان ماڻهپو ڳولهيندو آهيان . پهرين ملاقات ۽ آخري ۾!

سوال: توهان جو مزاج؟

جواب: انتهائي ٿڌو، انتهائي گرم

سوال: فخر جوڳو ڪم؟

جواب: اهڙو ته موقعو اڃان مليو ئي ناهي

سوال: دولت شهرت ۽ محبت مان چونڊ ڪرڻي پوي ته ڇا چونڊيندؤ؟

جواب: شايد محبت، نه نه، شايد دولت يا وري شهرت

سوال: زندگي توهان جي نظر ۾؟

جواب: اڻ کٽ جدوجهد، جنهنجو انت موت ئي آهي .

سوال: ڏک توهان جي نظر ۾؟

جواب: اٽل حقيقت جنهن کان چاهيندي به پاڻ بچائي نه ٿا سگهون

سوال: خوشي توهانجي نظر ۾؟

جواب: خواب وانگر، اکيون کليون ته کيل ختم!

سوال: پيار توهان جي نظر ۾؟

جواب: پيار ڪائنات جو وڏو سچ آهي . منهنجي ڇا؟ اهو سڀني جي نظر ۾ عظيم آهي بلڪ عظيم تر آهي۔

سوال: ڪنهن کان نفرت؟

جواب: پاڻ کان، پنهنجي طبيعت کان، پنهنجي خواهشن کان مطلب ته پاڻ کان!

سوال: اداس لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟

جواب: ڊرنڪ ڪندو آهيان، موسيقي ٻڌنڌو آهيان يا وري صفا خاموش ٿي ويندو آهيان.

سوال: زندگي جي وڏي ۾ وڏي حاصلات؟

جواب: مون جهڙي بي ترتيب ماڻهوء کي انتهائي سادي، انتهائي همدرد ۽ انتهائي پيار ڪرڻ واري منهنجي سڳي ماسات، سڳي سؤٽ سان شادي مان سمجهان ٿو ته اها زندگي جي وڏي حاصلات آهي.

سوال: رهجي ويل خواهش؟

جواب: هزاروں خواهشں ایسی که هر خواهش پر دم نکلے (غالب)

سوال: ڪنهن کان متاثر آهيو؟

جواب: هر ان هستي کان، جنهن، زندگي کي سفل بڻائڻ واسطي جاکوڙيو، لوڙيو، لوچيو، سوچيو ۽ لکيو!

سوال: زندگي ۾ سڀ کان پياري شيءِ؟

جواب: پنهنجي اولاد، پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي ڌرتي،

سوال: جيون جي ڪا کل جهڙي ڳالھ؟

جواب: منٺار سولنگي س. ا. س جو اڳوڻو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري شاعر، اديب الاء ڇا ڇا پر! آهي فقط روينيو کاتي ۾ تپيدار! حالانڪ سنڌي ادب ۾ فرسٽ ڪلاس ايم اي ڪيل اٿس!

سوال: ڪنهن سفر جي تمنا؟

جواب: هندستان ۽ ايران گهمڻ جي بي حد خواهش آٿم .

سوال: ڪا شخصيت جنهن جي جدائي جو احساس ٿيندو هجي؟

جواب: هن وقت ته پنهنجي سس / چاچي / ۽ ماسي جي بيحد ياد ايندي آهي جيڪا تازو وفات ڪري وئي . جيڪا مون کي تمام گهڻو ڀائيندي هئي.

سوال: اهي ماڻهو جن تي اوهان کي رشڪ آيو؟

جواب: جيڪي لوئي ۽ لوء جي حفاظت ڪندي شهيد ٿيا .

سوال: ٻيهر زندگي مليو ته؟

جواب: وري به ساڳيا ڪم!

سوال: ظلم ڏسندي ڇا محسوس ٿيندو آهي؟

جواب: ظلم ته قائم آهي پر ظلم ڪندڙ قائم نه ٿو ٿي سگهي.

سوال: مستقبل ۾ اوهان دنيا کي ڪيئن ٿا ڏسڻ چاهيو؟

جواب: مان ته چاهيان ٿو ته ايندڙ وقت جي دنيا پر امن هجي پر سڪون هجي پر ائين ٿيندو؟

سوال: اهو خواب جيڪو هن وقت تائين پورو نه ٿيو هجي؟

جواب: توکي ڳولهيندي منهنجا سارا خواب، وکري ويا واٽ ۾. (منٺار سولنگي)

سوال: سماجي تبديلي لاء ڪا صلاح؟

جواب: پڙهيل طبقي جو پاڻ ۾ اتحاد

سوال: زندگي جي هائيڊ پارڪ لاء ڪو ڪڙو سچ؟

جواب: وکر بدران وڪجن پيا، اڄڪلھ درد دڪانن ۾. (واجد)

سوال: جيڪڏنهن توهان کي پنهنجي دل جي ڳالھ ڪنهن شعر ۾ ٻڌائڻ لاء چئجي ته ڪهڙو شعر ٻڌائيندا؟

جواب: مون کي هڪ منٺار تي افسوس آ، اڄ به هو چنچل ادائن جي پٺيان آ.

سوال: وڻندڙ موضوع؟

جواب: ادب حسن ۽ عشق!

سوال: اهڙو ڪتاب جيڪو هن وقت تائين ذهن تي ڇانيل آهي؟

جواب: “بک ادب ۽ عشق” آٽو بايو گرافي موهن ڪلپنا .

سوال: ڪلا جي دنيا ۾ پسند جي شخصيت؟

جواب: سنجي ڪمار، شرميلا ٽئگور

سوال: موسيقي ۾ پسند جي شخصيت؟

جواب: خان صاحب استاد منظور علي خان (سنڌي ۾) ۲. خان صاحب استاد حسين بخش گلو (اردو ۽ سرائيڪي ۾)

سوال: پسند جا اديب؟

جواب: امر جليل، نسيم کرل ۽ علي بابا

سوال: پسند جا شاعر؟

جواب: ايم ڪمل، واجد ۽ وفا ناٿن شاهي.

سوال: وڻندڙ لباس؟

جواب: شلوار قميص

سوال: وڻندڙ خوشبو؟

جواب: رابيل

سوال: آٽو گراف پليز؟

جواب: ڪوئي ڪنهن جي ٻانهن ۾، آ اڪيلو راهن ۾.

 

(رضوان گل جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۴ اپريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)



منٺار سولنگي

نئين ديري جي جديد ادبي ماحول جو بنياد وجهندڙ.

غ ح ڪٽپر

نئين ديري جو ادبي ماحول مختلف دورن مان گذريوآھي. ھن شھر جي شروعاتي دور۾ مرحوم خدابخش “خدن ويراڳي”، استاد ڪريم بخش گهايل، محمد آچر “مخمور” ڪٽپر ۽ محمد سليمان “سالم” ڪٽپر بھترين شاعر ٿي گذرياآھن جيڪي سڄي سنڌ۾ ڄاتا سڃاتا ويندا ھيا. ٻئي دور ۾ نئين ديري جي ع غ تبسم ۽ ڪجھ ٻين شاعرن وڏي شھرت ماڻي.ھنوقت بہ تبسم کي سڄي سنڌ ھڪ خوبصورت شاعر جي حوالي سان سڃاڻي ٿي.

نئين ديري جي جديد ادبي ماحول جي بنياد وجهڻ جو ڪريڊٽ منٺار سولنگيءَ ڏي وڃي ٿو.

منٺار سولنگيءَ نئين ديري ۾ شروعات ٻالڪ ادبي سنگت کان ڪئي، جنھن ۾ سندس ساٿ ۾ فدا سومرو، ابراھيم خليل کوکر، اسد ڪٽپر ۽ منور سومرو وغيرہ ھيا. جنھن کان بعد ۾ ھنن آثم ناٿن شاھيء کان متاثر ٿي آثم ادبي سنگت نئون ديرو جو بنياد وڌو، جنھن کي منٺار سولنگيءَ جن آثم ناٿن شاھيءَ جي مشوري سان سنڌي ادبي سنگت شاخ نئون ديرو ۾ تبديل ڪيو.

س ا س نئين ديري شاخ جو بنياد وجهڻ جو ڪريڊٽ بہ منٺار سولنگيءَ ڏانھن وڃي ٿو. ھو شاخ جوپھريون سيڪريٽري ھيو ۽ عجيب ڳالھ آ تہ وري ھو پنھن جي حياتيءَ جي آخري لمحن ۾ بہ شاخ جو سيڪريٽري رھيو. ان وچ ۾ ھو سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري بہ رھيو، انوقت سيڪريٽري جنرل ادل سومرو ھيو. س ا س سنڌ جي ھر مرڪزي اليڪشن ۾ منٺار جو مک ڪردار رھندو ھيو، اميدوار ڄڻ تہ منٺار سولنگيءَ جي حمايت جا محتاج رھندا ھيا.

نئين ديري جواڄوڪو ادبي ماحول منٺار سولنگيءَ جو مرھونِ منت آھي. منٺار سولنگيءَ جي دور ۾ س ا س شاخ نئون ديرو گولڊ ميڊلسٽ شاخ جو اعزاز ماڻيو. منٺار سولنگيءَ س اس شاخ نئون ديرو جي پليٽ فارم تان رسول بخش پليجوصاحب، عادل عباسي ۽ ٻين ڪيترن ئي دانشورن کان ليڪچر منعقد ڪرايا.

منٺار سولنگيءَ جو دور نئين ديري جي ادبي سرگرمين جو نشاط ثانيہ وارو دور رھيو. سندس ادبي خدمتن بابت جيترو بہ لکجي اھو سندس ادبي خدمتن جو احاطو ڪرڻ کان قاصر ھوندو.

منٺار سولنگيءَ کي نئين ديري جي ادبي ماحول جوڙڻ جي ڪري ھميشہ ياد رکيو ويندو.

ھو جوانيءَ ۾ وڇوڙو ڏئي ويو، کيس ڪڏھن بہ وساري نہ ٿو سگهجي.

 

(پروفيسر غلام حسين ڪٽپر جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۸ جنوري ۲۰۲۳ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا