عاصمه جهانگير
جدوجهد، اتساهه ۽ ويساهه
جو وڇوڙو
امير ڀنڀرو
هڪ ۶۶ سالن جو جياپو ايڏو وڏو اتساهه،
ويساهه ۽ جدوجهد جا مثال قائم ڪندو، اهو شايد ميڊم عاصمه جهانگير جي گهر وارن ئي
نه سوچيو هوندو ته هو هڪ زندگيءَ ۾ ايتري جدوجهد جو مثال قائم ڪري سگهي ٿي جو اها
جدوجهد هزارين جنمن ۾ ممڪن نه آهي، ملڪ جي لاءِ ڪهڙي به جدوجهد هجي، انسانيت جي
حقن لاءِ ڪهڙو به ميدان هجي، قانون جي بحاليءَ لاءِ ڪهڙي به قرباني هجي جمهوريت جي
جياپي لاءِ ڪهڙو به وقت هجي، هن پنهجي عمر صحت ۽ ذاتي زندگيءَ کي نه ڏٺو، بس جڏهن
به آواز ٿيو، هن انهن آوازن کي اهڙو ته ورنايو جو هن جو آواز نه صرف پنهجي پويان ڪاميابيون
کڻي آيو پر انهيءَ سان گڏوگڏ اهڙا مثال به قائم ڪري ويو جو اهي صدين تائين مثال
رهندا ته جدوجهد ان کي چئبو آهي، آواز ان کي چئبو آهي، هن پنهجي ۶۶ سالن جي مختصر سفر ۾صدين تائين قائم ٿيندڙ جدوجهد جا اهي حوصلا ڇڏيا آهن،
جيڪي نه صرف انسانيت پر اسان جي بهتر معاشري جي تربيت سفر بڻجي سگهن ٿا.
عاصمه
جهانگير هڪ انهيءَ جدوجهد جي علامت جو نالو آهي، جنهن علامت اسان جي ملڪ جي انساني
حقن، اسان جي ملڪ جي عدالتي نظامن ۽ اسان جي ملڪ جي جمهوريت جي بحالي ۾ اها ڪردار
ادا ڪيو جيڪو تاريخ ۾ شايد ڪنهن ادا نه ڪيو
هو، سڀ کان پهريان انساني حقن جي علمبردار هئي، شايد هن پهريون پنهنجي زندگيءَ جو
مقصد انهيءَ لاءِ پاڻ کي بڻايو هو ته اسان جي ملڪ ۾ انساني حقن جي بحالي وڏي
چئلينج هئي ۽ هن انهي چئلينج کي نه صرف قبول ڪري انساني حقن جي جدوجهد جو اهو مان
مٿانهون ڪيو، جيڪو تاريخ جي سنهري اکرن ۾ صدين تائين زندهه رهندو،
عاصمه
جهانگير ڪڏهن به ڪنهن ڏاڍ کان نه ڏڪي پر هن هر ڏاڍ ۽ ڏمر کي ڏڪايو. هوءَ جيئڻ لاءِ
حوصلو ۽ مسڪينن لاءِ مددگار هئي، هن جي آواز ۾ جيڪا گونج هئي اها گجگوڙ ڪيترن ئي
استحصالي قوتن جي منهن ۾ گهنج وجهي ڇڏيندي هئي، هن جو آوز سگهارو ۽ ساراهه جوڳو
هو، هن جي حق سچ واريون صدائون جابرن لاءِ وڏي گهٻراهٽ جو سبب بڻيون هيون. هوءَ
هميشه متحرڪ ڪردار طور آڏو آئي ۽ پوري زندگي هوءَ ثابت قدم رهي، هن ڪڏهن حوصلو نه
هاريو پر هن حوصلي جي بلندين جو اهو مثال قائم ڪيو، جيڪو صدين تائين ڳايو ويندو،
هوءَ ڪڏهن گهٻرايل نظر نه آئي، سدائين معاشري جو مثالي ڪردار رهي، هن بدترين حالتن
۾ به بهترين ڪردار ادا ڪيو، جيڪا دنيا جي وڏن ۽ عظيم انسانن جي سڃاڻپ رهي
آهي، انساني حقن جي علمبرداريءَ ذريعي هن
نت نئين تاريخ رقم ڪئي. هوءَ هئي ته هڪ عورت پر غيرتمند ۽ مڙس ماڻهن کان به وڌيڪ
پاڻ ملهايو، هن عورتن جو ڪنڌ مٿي ڪري، اهو مثال قائم ڪيو ته عورت به هيئن ٿيندي
آهي، ميڊم عاصمه جهانگير جي زندگي ۾ ڪيترا ئي لاها چاڙها آيا پر هوءَ ڪڏهن
به حالتن جي ٻوڏ ۾ نه لڙهي، هن وقت جي بي رحمين ۽ تلخين جي تاءَ باوجود وقت سان مڙس
ٿي مقابلو ڪيو، حالتن سان ٺاهه ۽ مفاهمت هن جي ضمير ڪڏهن قبول ئي نه ڪئي، هن مٿان
تنقيد جا تير به وسندا رهيا ۽ تهمتن جا طوفان به ايندا رهيا،
لاهور
۾ جنم وٺندڙ انساني حقن جي علمبردار عاصمه جو نالو ملڪي سياست جي افق تي ننڍي عمر
۾ ئي آڏو آيو هو، ڊسمبر ۱۹۷۲ع ۾
سندس والد ملڪ غلام جيلاني ان وقت جي آمر جنرل يحيٰ خان جي مارشل لا جي حڪومت کي
غير قانوني ۽ غاصب قرار ڏنو هو، جنهن تي کيس گرفتار ڪيو ويو، ان وقت عاصمه پنهنجي
والد جي آزادي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي، ان وقت هن جي عمر ۲۱ سال هئي، سڀني وڪيلن سندس والد جو ڪيس وڙهڻ کان انڪار ڪيو پر هن ننڍي عمر
۾ وڏي حوصلي جو مثال قائم ڪيو، جنهن بعد هن پاڻ عدالت ۾ پيش ٿي ڪيس وڙهيو ۽ هڪ سال
بعد يحيٰ خان جي حڪومت ختم ٿيڻ تي ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو، جنهن ۾ فوجي حڪومت کي
غير قانوني قرار ڏنو ويو، اها سندس زندگيءَ جي پهرين ڪاميابي هئي، عاصمه ۱۹۷۸ع ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ مان وڪالت جي تعليم مڪمل ڪئي، جنهن بعد هن ڪاروباري شخصيت
طاهر جهانگير سان شادي ڪئي، ۱۹۸۰ع ۾ هن
پنهنجي ڀيڻ حنا جيلاني ۽ ٻين عورتن سان گڏجي پاڪستان ۾ عورتن جو پهريون وڪالت جو
ادارو قائم ڪيو، ضياءَ جي آمراڻي دور ۾ هن ڪيترن ئي مظاهرن ۾نه صرف حصو ورتو پر
جدوجهد جي علامت رهي،
عاصمه
جهانگير يحيٰ خان کان وٺي جنرل مشرف تائين سڀني آمرن کي چئلينج ڪيو ۽ سندن خلاف
بغاوت جو علم بلند رکيو، انساني حقن ۽ جمهوريت لاءِ سڄي ڄمار جدوجهد ڪندڙ هن شخصيت
ڏيهه پرڏيهه ۾ شهرت ماڻي، آمريت خلاف آواز اٿارڻ تي عاصمه کي پنهنجي زندگي ۾ ڪيترا
ئي ڀيرا غداري ۽ توهين مذهب جي الزامن کي به منهن ڏيڻو پيو، پر پوءِ به هن پنهنجو ڪنڌ
نه جهڪايو، ايتري قدر جو سندس گهر تي به ڪيترا ئي ڀيرا حملا ڪيا ويا، پر هن اڏول ۽
بهادر خاتون انهن حملن ۽ الزامن جو بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ آخر تائين بهادري سان
ثابت قدم رهي، هن عورت اهو مثال قائم ڪيو ته اسان وٽ بهادريءَ جي علامت عورت به بڻجي
سگهي ٿي، هن ملڪ جي مظلوم عورتن سان گڏجي ناانصافين خلاف آواز اٿاريو،
ملڪ ۾
انساني حقن جي ٿيندڙ سنگين ڀڃڪڙين کي وائکو ڪيو، هن دفاعي ادارن کي به تنقيد جو
نشانو بڻايو، هن کي ڪيترا ئي ڀيرا جيل به وڃڻو پيو ۽ نظربندي جي سزا به کائڻي پئي،
دنيا ۾ انساني حقن جي علمبردار طور سڃاڻپ رکندڙ عاصمه وڏي عرصي تائين ايڇ آر سي جي
چيئرپرسن رهي ۽ ملڪ جي مظلوم عوام جا ڪيس وڙهيا، انهن جو آواز بڻجي سامهون آئي،
هوءَ ۲۰۰۷ع ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن
جي پهرين خاتون صدر به چونڊي وئي، عاصمه جهانگير ڊڪٽيٽر مشرف جي دور ۾ عدليه بحالي
تحريڪ ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪيو، توڙي جو آمر مشرف هن کي سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون
به ڏنيون ۽ هن مٿان ڪئي ظلم به ڪيا، پر هيءَ عظيم عورت پنهجي موقف ۽ جدوجهد تان
ذرو به پوئتي نه هٽي، انساني حقن لاءِ
بهادري سان خدمتون سرانجام ڏيڻ تي کيس ڏيهه پرڏيهه ۾ اعزازن سان نوازيو ويو، هن کي
۲۰۱۰ع ۾ هلال امتياز ۽ ستارا امتياز
جو ايوارڊ مليو، کيس يونسيڪو ۽ مارٽن اينيلز جا ايوارڊ به مليا، کيس ۱۹۹۵ع ۾ رامون ميگ ايوارڊ سان به نوازيو ويو، جيڪو ايشيا جو نوبل انعام تصور ڪيو
ويندو آهي، عاصمه جهانگير لاءِ وڏو اعزاز ته هوءَ هميشه انسانيت ۽ دلين جي
علمبردار رهي، عاصمه گڏيل قومن ۽ مذهبي آزادي لاءِ وڏو ڪم ڪيو، هوءَ جنيوا ۽ وائيس
چيئرپرسن ڊفينس فار دي چلڊرين انٽرنيشنل رهي، عاصمه آئين جي آرٽيڪل ايف ون جي
تشريح واري ڪيس ۾ به دليل ڏنا، آخري ڀيرو ۹ فيبروري تي عدالت ۾ پيش ٿي، عاصمه هميشه انتهاپسند قوتن کي للڪاريو، هوءَ
پاڪستان ۾ ظلم جو شڪار عورتن لاءِ ڀرجهلو هئي، هن سدائين آمريت خلاف آواز اٿاريو ۽
جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي،
عاصمه
جهانگير اسان جي ملڪ جي اها شخصيت هئي جنهن کي ملڪ جي هر طبقي جو انسان وڏي احترام
جي نظر سان ڏسي ٿو، ڇو جو هوءَ پوري انسانيت جي علمبردار هئي، هوءَ پوري انسانيت
جي وڪيل ۽ پوري انسانيت لاءِ اهو اتساهه ۽ جدوجهد جي جوت هئي، جيڪا جوت اسان جي ملڪ
۾ اسان جي معاشرن ۾ اها روشني ڇڏي وئي آهي، جيڪا روشني اسان جي معاشري ۽ ملڪ کي
هميشه روشن قائم ۽ دائم رکندي.
عاصمه جهانگير
نااميدن لاءِ اميد جو وڇوڙو
امتياز عالم
عاصمه
جهانگير جيڪا هڪ باغي، شهري حقن لاءِ جاکوڙيندڙ هڪ عظيم ڪردار، عورتن، اقليتن ۽ بي
آوازن جي سماجي حقن جي امين عاصمه جهانگير اسان کان وڇڙي وئي. ڇو جو هن جي حساس دل
ناانصافين جو بار وڌيڪ نه کڻي سگهي، اهي ناانصافيون جن خلاف هوءَ ڳچ عرصو جهيڙيندي
رهي هئي. هن جو وڇوڙو لکين بيوس ۽ لاچار ماڻهن لاءِ اميد جو موت آهي، سندس وڇوڙي
جي ڪري جيڪو خال پيدا ٿيو آهي سو ڀرجڻ مشڪل آهي.
سندس
اوچتي وڇوڙي جي خبر پوڻ شرط لاهور جي سڄي اشرافيا سندس رهائشگاهه تي پهتي، يا ته پڇتاءُ
محسوس ڪندي يا وري احترام جي اظهار لاءِ اچي گڏيا هئا، هوءَ به خوشحال هئي پر
اشرافيا جي ڀر کڻڻ بدران هميشه غريبن ۽ لاچارن جي پاسي بيٺي رهي.
اهي
هزارين ماڻهو جن کي هن جبري پورهئي مان آزادي ڏياري هئي ۽ مختلف قسمن جا قيدي جيڪي
هن ڇڏايا هئا، سي نظر ته نه ٿي آيا پر اهي لازمي طور کين نجات ڏياريندڙ جي سوڳ ۾
ورتل ضرور هوندا.
هوءَ
انسانن جي عظمت ۽ آجپي واري پنهنجي عظيم مقصد ۽ پنهنجي دوستن توڙي دشمنن اڳيان ٿڪجڻ
۽ رڪجڻ واري ڪين هئي.
عاصمه
جو پهريون امتحان ان آمريتي دور ۾ ٿيو هو، جڏهن سندس پيءُ کي گرفتار ڪيو ويو هو ۽
هن جنرل يحيٰ خان جي بي رحم فوجي آمريت کي للڪارڻ جي جرئت ڪئي هئي، جنهن جو نتيجو
مشهور عاصمه جيلاني ڪيس جي سوڀ جي صورت ۾ نڪتو، ان کيس شهري ۽ انساني حقن لاءِ
جاکوڙ وارو رستو ڏيکاريو ۽ بس پوءِ هوءَ هڪ ٻئي پٺيان ايندڙ فوجي حڪومت خلاف ماٺ ڪري
نه ويٺي. جمهوريت، سيڪيولرزم روشن خيالي ۽ انسانيت سندس عقيدو هئا ۽ هن انساني
عظمت، مهذب سياست ۽ قانون جي حڪمرانيءَ واري پنهنجي اصول تي ڪڏهن به سوديبازي ڪين ڪئي.
هن جو عالمي انساني حقن، عورتن جي حقن، هڪ شهري طور اقليت جي به باقي شهرين جي برابر
حيثيت هئڻ ۽ شهري آزادين بابت جذبو ڪڏهن به جهڪو ۽ ماٺو ٿيڻو ڪين هو.جنهن به جڏهن
به عوام جي حقن تي راتاهي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي، تنهن کي مضبوط ارادا رکندڙ عاصمه جي
مزاحمت کي منهن ضرور ڏيڻو پيو.
هوءَ
جنرل ضياءَ جي ڊگهي ظلم ۽ جبر واري دور ۾ چٽي نموني منظر تي نشانبر ٿي ۽ مشهوري ماڻي،
جڏهن ان آمر پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ اسلام جو مقدس نالو استعمال ڪيو ۽
حدود آرڊيننس سميت عورت مخالف ڪيئي قانون متعارف ڪرايا، هيءَ به انهن عورتن ۾ شامل
هئي، جن ۱۹۸۱ع ۾ عورتن جي برابريءَ واري حقن
لاءِ توڙي عورتن سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف جدوجهد لاءِ وومين ايڪشن فورم جو قيام
عمل ۾ آندو.
عاصمه
جي اڳواڻيءَ ۾ جڏهن سندس ساٿياڻين ۱۲
فيبروري ۱۹۸۳ع تي لاهور ۾ مظاهرو ڪيو، رنڊڪون
ٽوڙي مٿس لاٺي چارج ٿي ته ان واقعي سان وومين ايڪشن فورم کي مقبوليت ۽ مشهوري حاصل
ٿي. اتفاق سان ظلم خلاف عورتن جي جدوجهد جي جشن ملهائڻ واري ان ڏينهن کان فقط هڪ ڏينهن
اڳ هوءَ وڇڙي وئي. عاصمه جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ ايم آر ڊي ۾ به انتهائي
سرگرم رهي، جنهن جي ڪري کيس گرفتار ڪري جيل به اماڻيو ويو، اهي ڏينهن انتهائي ظلم
۽ جبر وارا ڏينهن هئا، جڏهن هن جسٽس دراب پٽيل، آءِ اي رحمان جي ايف يو جي جي اڳواڻ
نثار عثماني ۽ ايڊيٽر عزيز صديقي سان گڏجي ۱۹۸۷ع ۾ هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان (پاڪستان جي انساني حقن واري ڪميشن) جو
بنياد وڌو.
ايڇ آر
سي پي انساني حقن، شهري حقن، عورتن جي حقن، قيدين جي حقن، جبري پورهئي کان نجات، سماجي
حقن، لبرل جمهوري قدرن ۽ سيڪيولر سوچ/سياست سميت سٺن مقصدن جو هڪ نمايان پليٽ فارم
ٿي اڀريو. هن جو اجتماعيت، سهپ ۽ روشن خياليءَ ۾ پختو يقين هو. توڙي جو جمهوريت
بحال به ٿي وئي پر تنهن باوجود به هوءَ وڌيڪ جمهوريت ۽ سٺي حڪمرانيءَ لاءِ جهيڙيندي
رهي، هن جي انتهائي شاندار جدوجهد جبري پورهئي ۽ هارين کي جبري طور قيد ۾ رکڻ جي
خلاف هئي. هن ٻارڙن جي جبر ۽ کين جنسي تشدد جو نشانو بڻائڻ خلاف جدوجهد جي سرواڻي ڪئي.
هوءَ ۱۹۸۶ ۾ جنيوا هلي وئي، جتي ٻن سالن
لاءِ ٻارڙن جي بچاءَ لاءِ اداري جي وائيس چيئرپرسن چونڊجي وئي.
جيتوڻيڪ
محترمه بينظير ڀٽو سان هن جا لاڳاپا انتهائي سازگار هئا پر جڏهن به انساني حقن جي ڪا
ڳالهه آئي ته هن کيس به نه بخشيو. هو سويلين بالادستي ۾ پختو يقين رکندڙ هئي. تنهن
ڪري فوج جي ڪنهن به قسم جي سياسي ڪردار جي سخت مخالفت ڪندي پنهنجي جمهوري سوچ ۽
رستي تي ڪاربند رهي. هوءَ ۵۸ ٽو بي جو اختيار استعمال ڪندي صدر طرفان اسيمبليون ٽوڙڻ جي به سخت نقاد
هئي، هوءَ هنگامي حالتون لاڳو ٿيڻ کان پوءِ ججن جي بحاليءَ واري تحريڪ جي بانين
مان هڪ هئي ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي پهرين عورت صدر به هئي. ۲۰۰۷ع ۾ جڏهن بينظير ڀٽو جنرل مشرف سان ڊيل ڪري وطن واپسي آئي ته هن کيس مشورو ڏنو
ته هر قسم جي آئين کان مٿانهين دٻاءَ خلاف ڄمي بيهي رهي ۽ پارليامينٽ جي
بالادستيءَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ آئيني سڌارا آڻيا.
هوءَ
اهڙي ته عظيم جمهوري ڪارڪن هئي جنهن ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. انساني حقن
جي زبردست ڪارڪن هئڻ ناتي هوءَ هميشه انهن ماڻهن جي پاسي بيٺل رهي، جن جي حقن جي
رياستي ادارن طرفان خلاف ورزي ٿي ڪئي وئي. هوءَ قومي سلامتيءَ واري بيانيي واري
پاليسيءَ جي سخت مخالف هئي ۽ هميشه پاڙيسرين سان دوستي ۽ امن جي ڳالهه ڪندي رهي.
هن تي ملڪ دشمن، غيرمحب وطن ۽ پرڏيهي ايجنٽ هئڻ جا الزام به لڳايا ويا پر انهن جي
پرواهه ڪرڻ بدران هن پنهنجو ڪم جاري رکيو. اصل ۾ هن پاڙيسرين سان اعتماد سازي ۽
بهتر لاڳاپن ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي. هوءَ پاڪستان-انڊيا پيپلز فرينڊشپ فورم سان لاڳاپيل
رهي ۽ هن اڳتي هلي انساني حقن بابت ڏکڻ ايشيائي فورم جو بنياد وڌو. هوءَ انساني
حقن بابت عالمي فيڊريشن جي نائب صدر به رهي.
انساني
حقن لاءِ سندس خدمتن کي عالمي مڃتا حاصل هئي ۽ اهو ئي سبب آهي جو کيس جولاءِ ۲۰۰۴ ع کان جولاءِ ۲۰۱۰ع
تائين مذهبي آزاديءَ بابت فورم بابت گڏيل قومن جو خاص نمائندو مقرر ڪيو ويو. جنهن ۾
سريلنڪا ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي جاچ ڪندڙ گڏيل قومن جي پينل ۾ خدمتون
سرانجام ڏيڻ به شامل هو. هن کي اسرائيلي وسندين بابت حقيقت جو پتو لڳائڻ واري مشن
تي به موڪليو ويو.هن کي ڀارتي والار هيٺ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ جبر جي رپورٽ لاءِ به
موڪليو ويو هو. هن کي سندس خدمتن جي اعتراف طور ڪيئي ايوارڊن سان نوازيو ويو.
کيس ۲۰۱۴ع ۾ رائيٽ ٽو لائيو ليهوڊ ايوارڊ، ۲۰۱۰ع ۾ فريڊم ايوارڊ، ستارا امتياز، ريمد ميگاسيسي ايوارڊ، مارٽن اينلس ايوارڊ
فار هيومن رائيٽس ڊفينڊرس ۽ انساني حقن جي لاڙي کي هٿي وٺرائڻ ڪري يونيسڪو پاران
بلابائو ايوارڊ ڏنو ويو. هن “حدود آرڊيننس دي ڊوائيس، سينڪشن ۽ “چلڊرين آف ليسبرگاڊ”
نالي ٻه ڪتاب لکيا. ان کان علاوه هن مقامي ۽ عالمي پريس ۾ سوين مضمون به لکيا.
هن جي
وڇوڙي سان پاڪستان هڪ نمايان ۽ دلير ڌيءُ کان محروم ٿي ويو آهي، جيڪا انسانن جي
عظمت جي حاصلات ۽ لبرل جمهوري قدرن لاءِ جهيڙيندي رهي. هوءَ پاڪستان جي مهذب علامت
هئي، جنهن کي اهو مان ملڻ گهرجي، جيڪو هوءَ لهڻي ٿي.
عاصمه جهانگير
هڪ نئين خواب جي ساڀيان
هُئي
سجاد ظهير
انصاف
۽ قانون لاءِ هن ملڪ ۾ جاکوڙيندڙن جي هڪ پنهنجي تاريخ آهي، جنهن جاکوڙ هتان جي پُٺ
تي پيل عام ماڻهن لاءِ هڪ نئين تاريخ جوڙي، ان نئين انصاف ڀرئي سماج جي اڏيندڙن کي
هتان جي مظلوم قومن جا فرد هميشه ياد رکندا. معاشري ۾ رهندڙ فرد سمورن انساني حقن جا
حقدار آهن. قانوني طور انهن جو خيالن رکڻ پڻ عالمي انساني قانونن جي اصولن ۾ شامل
آهي.
انسان
جا حق، هيءُ اُهو هڪ اڻکٽ موضوع آهي جنهن تي جيترو لکجي اوترو گهٽ آهي. زندگي کان
ويندي اظهار تائين هيءُ سمورا حق آئين ۾ هجڻ باوجود اسان جي ملڪ ۾ اڻپورا رهيا
آهن. انساني شعور تڏهن وڌي سگهي ٿو، جڏهن اسان جي معاشري ۾ سياسي ۽ جمهوري ماحول
هلندو رهي. اسان وٽ ملڪ ٺهڻ کان وٺي آفيسر شاهي جي هٿ هيٺ رهيو آهي. ان بيوروڪريسي
جا مختلف روپ رهيا آهن. عام انسان ڪمزور هجڻ جي ڪري سوال اٿارڻ کان ڪوهين ڏور رهيو
آهي. نتيجي طور اسان جا بنيادي انساني حق متاثر ٿيندا رهيا آهن. تشدد جون پاليسيون
عوام جي آواز کي دٻائينديون رهيون آهن. پر پوءِ به انصاف، امن، ۽ انساني ڀائيچاري
لاءِ ڪي فرد بغير ڪنهن رک رکاءَ جي وڙهندا رهيا. ڪاري رات کي ڪاري رات ۽ صبح کي هڪ
نئون صبح چئي هن ناانصافي تي مبني سماج ۽ ان جي نظام کي لوڏيندا ۽ ڌوڏيندا رهيا.
عاصمه جهانگير انهن منجهان هڪ هُئي. جيڪا آمرن ۽ انسان دشمن قوتن سان زندگيءَ جي
آخري هڏڪي تائين وڙهندي رهي. هوءُ ۱۱
فيبروري ۲۰۱۸ع جي ڏهاڙي تي اسان کان هميشه
لاءِ وڇڙي وئي.
پاڪستان
جي هن دلير عورت ۲۷ جنوري ۱۹۵۲ع تي لاهور ۾ جنم ورتو. ڪانوننٽ آف جيسس اينڊ ميري اسڪول منجهان هن پرائمري
جي تعليم حاصل ڪئي. جڏهن ته بي اي ڪنرڊ ڪاليج ۽ قانون جي ڊگري پنجاب يونيورسٽي مان
۸۰-۱۹۷۸ع دوران حاصل ڪئي. سندس سياسي وابستگي ان دور ۾ شروع ٿي وئي هئي، جڏهن سندس
والد غلام جيلاني کي آمريتي قانون جي اوٽ وٺي گرفتار ڪيو ويو. عاصمه جهانگير جي
والد جي زرعي زمين ضبط ڪئي وئي ڇاڪاڻ جو هُن بنگلا ديش تي ٿيندڙ فوجي آپريشن جي
مخالفت ڪئي هُئي.
جيلاني
صاحب جي اصولي موقف کي ته وقت جي حڪمرانن پاران رد ڪيو ويو، پر تاريخ اڄ ثابت ڪيو
آهي ته اهو دُرست هو. هن ان دورا ۾ پنهنجي والد جي آزادي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن
داخل ڪئي هُئي. سال کان پوءِ جڏهن آمريت جي تڏا ويڙهه ٿي ته ان کان پوءِ ان مقدمي
جو فيصلو ٻڌايو ويو. جنهن ۾ ظالم يحيٰ جي حڪومت کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو. ۱۹۸۰ ع ڌاري هن پنهنجي ڀيڻ سان گڏجي پهريون عورتن جو قانوني ادارو قائم ڪيو.
هيءُ
جنرل ضيا جي آمريتي دور جا ڏينهن هُئا لاهور جي مشهور رستي مال روڊ تي “وومين ايڪشن
فورم” پاران عورتن خلاف پاس ڪيل قانون مخالف تمام وڏو مظاهرو ڪيو ويو عاصمه
جهانگير پنهنجين ٻين ساٿي عورت اڳواڻن سان گڏجي ان مظاهري جي اڳواڻي ڪئي وئي. پاڪستان
جي عورت جدوجهد ۾ ان مظاهري کي تاريخ جو وڏو جلوس چيو وڃي ٿو. کيس زندگي ۾ مختلف
لاهن چاڙهن کي منهن ڏيئڻو پيو، مذهب جي ٺيڪيدارن ۽ عورت دشمن قوتن پاران غداري جا
لقب برداشت ڪرڻا پيا پر هوءَ زندگي ۾ هميشه غير جمهوري قوتن جي مخالف ۾ ويڙهه وڙهندي
رهي. جيل جي ديوران کان ويندي کيس نظر بندي جا ڏينهن به ڏسڻا پيا.
پاڪستان
۾ جڏهن به انساني حقن جي تحريڪ لاءِ ڪو به آواز بلند ٿيندو هو ته عاصمه جهانگير ان
جي سرواڻ هوندي هُئي.هن مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي لتاڙ تي آواز بلند ڪيو. ۲۰۰۴ع کان وٺي ۲۰۱۰ع ۾ گڏيل قومن جي اداري پاران
کيس انساني حقن جي حوالي سان نمائندو پڻ مقرر ڪيو ويو.
منهنجون
عاصمه جهانگير سان ڪيتريون ئي ملاقاتون رهيون، ۲۰۰۰ع ڌاري ليبر پارٽي آف پاڪستان جنهن جي پهرين ڪانگريس ايوان جمهور ۱۰۷
ٽيپو بلاڪ نيو گارڊن ٽائون ۾ جوڙيل انساني حقن واري مرڪزي آفيس جي جسٽس
دُراب پٽيل آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪئي وئي هُئي. پهرين ملاقات اتي ٿئي هُئي. ليبر پارٽي
جي مرڪزي ليڊر ۽ اسان جي سياسي ساٿي ڪامريڊ فاروق طارق جو جدوجهد جي حوالي سان بهترين
ڳانڍاپو هو. عاصمه صاحبه ۽ فاروق طارق گڏجي اوڪاڙا جي هارين جي مسئلي تي گڏيل
جدوجهد ڪئي. لاهور ۾ جڏهن به وڃڻ ٿيو ته ڪوشش ڪري عاصمه صاحبه ملاقات ٿيندي هُئي. مون
کي هڪ واقعو ياد پوي ٿو عاصمه جهانگير جي آفيس ۾ هڪ ماءُ پناهه ورتل ڌيءُ سان ملڻ
جو بهانو ڪري پهتي هُئي ۽ ان پنهنجي ڌيءُ سميعا سرور کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو
هو، ان واقعي پڻ عاصمه صاحبه کي جهوري وڌو هو. هيءُ ۱۹۹۸ يا ۱۹۹۹ع جو واقعو هو. هوءَ عورتن جي
حقن لاءِ غير مشروط ٿي وڙهندي هُئي، نه ڪنهن مشير جي ۽ نه ڪنهن وزير جي کيس ضرورت
پوندي هُئي. نه مرڻ گهڙي تائين اهو ٿيڻ جو سوچيائين. هُو پاڪسان ۾ لاپتا سياسي ڪارڪنن
لاءِ ائين پريشان هوندي هُئي جيئن ڪا ماءُ پنهنجي گُم ٿيل پُٽ لاءِ پريشان ٿيندي
آهي. هوءَ واقعي لاپتا سياسي ڪارڪنن جي ماءُ هُئي جيڪا مرڻ گهڙي تائين انهن جي
وارثي ڪندي رهِي. اونداهي رات خلاف سندس پاران هلايل جدوجهد مظلومن، ڏکويلن، پيڙيلن،
پورهيتن، ڏتڙيلن، هارين ۽ ڌڪاريل طبقن لاءِ لاٽ جو ڏيک ڏيندڙ هُئي.
هن ججن
جي ڪردار تي جهڙي ريت خاص ڪري عدليا تي جيڪو ڳالهايو اهو هميشه ياد رهندو، ان کان پوءِ
شايد ئي ڪو وڪيل اهڙي همت ڪري سگهيو هجي. هُوسموري معاشري جي ڳالهه ڪندي هئي، هوءُ
انهن جي درد کي پنهنجي جگر جو درد محسوس ڪندي آهي.
۲۰۰۷ ع ۾ شروع ٿيل وڪيلن واري تحريڪ ۾ سندس ڪردار عورت وڪيلن لاءِ تمام وڏو وڏو
اُتساهه جو سبب بڻيو، مشرف پاران لاڳو ڪيل ايمرجنسي دوران کيس نظر بند ڪيو ويو. پر
هُو وڙهندي رهي. پرويز خلاف پنهنجي آواز جي صورت نفرت جو اظهار ڪندي رهي. سندس اها
جدوجهد اڄ تائين سمبل بڻيل آهي. جتي هن وڪيلن جي تحريڪ ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو اتي
عدليه ۽ وڪيلن جي غلط پاليسين کي پڻ تنقيد جو نشانو بڻايو. هُن ڪيترين عورتن توڙي
سياسي ورڪرن جا ڪيس پڻ مفت ۾ وڙهيا.
۱۹۹۵ع ۾ کيس مارٽن انل ايوارڊ ڏنو ويو. ۲۰۱۰ع ۾ کيس هلال امتياز ڏنو ويو، ۲۰۰۲ع ۾
ليوايٽنگر، ۲۰۱۰ع ۾ فور فريڊم ايوارڊ جهڙا
انعام ڏنا ويا. سندس پاران ڏاڍ ۽ جبر خلاف ڪيل مزاحمت پاڪستاني سماج ۾ هڪ نئين
تاريخ هُئي ۽ رهندي. اهو ڪهڙو ڏينهن هو جڏهن سندس مٿان ڪو الزام نه لڳو. سندس
جدوجهد وارن اصولن ۾ مفادپرستي جي نالي ۾ ڪابه گنجائش نه هُئي. آئين، سياست، سماج،
قانون، خواهشون هيءُ سمورا پاسا انسان سان تعلق رکن ٿا. عاصمه صاحبه انهن تي
بهادريءَ سان ڪم ڪيو ۽ ويڙهه وڙهندي رهي. هُن پرائي ڏُک کي پنهنجو سمجهو ۽ پنهنجون
خوشيون قربان ڪري جڳ جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو.
پاڪستان
جي انهن سمورن ماڻهن جنهن ۾ گلگت-بلتستان جي ويڳاڻپ، بلوچستان جي وسيلن جي مالڪي،
سنڌ جو استحصال، اوڪاڙي جي پورهيتن جون دانهون، سرائيڪي قوم جو پُٺ تي هجڻ، ڪشمير
جون سرحدن سان گڏ مظلوم لاپتا ماڻهن جا داستان جدوجهد جو حصو هئا، جيڪي سندس وڇوڙي
کان پوءِ بي آسرا رهجي ويا آهن. انهن سمورن تي ڳالهائڻ وارو باب بند ٿي چڪو آهي.
هوءُ جيڪا خطاب هئي هاڻي فقط ڪتاب هوندي سندس ڪردار ۽ جدوجهد کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڪيترين
ئي عاصمائن کي تلاش ڪرڻو پوندو. جيڪي عاصمه کان پوءِ هڪ نئين صبح جي اميد لاءِ جاڳائين.
اهو صبح عاصمه جي خواب جي تعمير ۽ تعبير هوندو.
عاصمه جهانگير
جنھن پنهنجن شرطن تي
زنده رهي ڏيکاريو
وسعت الله خان
سمجهه
۾ نٿو اچي ته ڳالهه ڪٿان شروع ڪيان؟ آخر اوهان پنجن فوٽن جي هڪ وجود ۾ لڳل پنج هزار
ٽي اين ٽي جي دل ۽ دماغ ۾ ڪيستائين سفر ڪري سگهو ٿا!
هن
دنيا ۾ جرئتمند ماڻهن جي ڪمي ڪانهي پر سڀني جي نانءَ وٺڻ ۾ ٻولي ۽ جڳهه جي رڪاوٽ اڳيان
اچيو ٿي و ڃي، تنهن ڪري جرئت جي نمائنده استعارن مان ڪم هلائڻو ٿو پئي.
جيئن
فاطمه جناح، جيئن بينظير ڀٽو، جيئن ملالا، جيئن عاصمه جهانگير، پر هڪ فرق آهي،
فاطمه جناح ۽ بينظير آمرن کي للڪاريو،
ملالا بهادريءَ جي ويس ۾ لڪل بزدليءَ جي اکين ۾ اکيون ملايون پر عاصمه جهانگير اهڙو
ڪهڙو ادارو يا انسان دشمن ذهنيت آهي، جنهن کي چيلينج نه ڪيو.
عاصمه
جيلاني ڪيس ياد اٿوَ، اهو ڪيس قيدي غلام
جيلاني جي ۱۸ سالن جي غير وڪيل ناتجربيڪار ڌيءُ
ڊڪٽيٽر يحيٰ خان جي دور ۾ داخل ڪيو، عدليا يحيِٰ خان کي ان وقت غاصب قرار ڏنو، جڏهن
اطمينان ٿي ويو ته هو هاڻي اقتدار تان لهي چڪو آهي ۽ ٻيهر نه ايندو.
جي
عاصمه اڻويهه سؤ ٽياسيءَ جي ايم آرڊي جي تحريڪ واري دور ۾ گهر ۾ نظر بند نه هجي ها. جڏهن کيس وڪيل ٿئي اڃا ٽي
سال مَسَ ٿيا هئا. جي هوءِ آزاديءَ جي ڪجهه مهينن کانپوءِ گرفتار ٿي ڪوٽ لکپت جيل
۾ فوجي عدالت جي اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري ها، شرعي قانونن کي ڍال طور استعمال ڪندڙ
پنهنجي آمريت کي مضبوط ڪندڙ حڪمران خلاف مال روڊ تي عورتن جي پهرين احتجاجي مظاهري
۾ پوليس جا ڏنڊا نه کائي ها. مارشل لائي مجلس شوريٰ عاصمه تي مذهب جي توهين جي ڪوڙي
الزام جو ٺهراءُ منظور نه ڪري ها، هوءَ ضياءَ جي تحقيقاتي ڪميشن اڳيان سرخرو نه ٿئي
ها.
جي
هوءَ پاڪستان جي پهرين هيومن رائيٽس ڪميشن جي شريڪ باني نه هجي ها، ٻه هزار پنج جي
لاهور ۾ عورتن جي پهرين ميراٿن ڊوڙ تي لاٺي چارج کانپوءِ اوڀر جي قدرن جي محافظ
پوليس هٿان نه گهلي وڃي ها ۽ سندس چولو ليڙون
ليڙون ٿيڻ کانپوءِ نعرا هڻڻ کان مُڙي وڃي ها، عدليا جي بحاليءَ واري تحريڪ ۾ پهرين
صف ۾ هئڻ باوجود عدالتي حصو هجي ها ته عاصمه
کي ڪير سڃاڻي ها.
خوامخواهه
تڪراري ٿيڻ سٺي ڳالهه ناهي پر اصولن جي لڄ رکندي تڪراري ٿيڻ فطري ماڻهن اڳيان
قدآواريءَ جي نشاني آهي، ان اسڪيل تي عاصمه جو قد اوهان ڪٿي ٿا ڏسو؟ ان جو جواب ئي
اوهان جي پنهنجي قد جو تعين ڪندو.
جنهن
جنگ گروپ جي انصار عباسيءَ عاصمه کي پاڪستان ۽ اسلام دشمن لکيو، ان ئي جنگ گروپ
پنهنجي خلاف الزامن جي بچاءَ لاءِ کيس سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجو وڪيل بڻايو، جنهن الطاف
حسين جي ايم ڪيو ايم کيس هڪ تعصب پرست عورت قرار ڏنو، ان ئي الطاف حسين جي تقرير
تي پيمرا جي پابندي کي ان ئي عاصمه هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو.
مذهب
جي توهين واري جنهن ڪيس جي دفاع کان وڪيلن جا پر سڙندا هئا، عاصمه هڪ چپٽيءَ سان
اهو ڪيس کڻي وٺندي هئي، جبري پورهئي جا ماريل هجن يا ريپ جي قيامت مان گذرندڙ،
غائب ماڻهن جا لاوارث، وارث هجن يا عدالتي
نظام جا ڏنگيل يا وري چئني پاسن کان مار
کائيندڙ اقليتي، مطلب ته جن کان ڪير به نه پڇندو هو، سي عاصمه جو پتو پڇندا هئا. جڏهن
۲۰۱۰ع ۾ عاصمه سپريم ڪورٽ جي چونڊ وڙهي
يا ۲۰۱۳ ع ۾ نگران وزيراعظم جي
اميدوارن ۾ خوامخواهه هن جو نالو به افواهه طور شامل ڪيو ويو ته، جنهن کي ٻيو ڪجهه
سمجهه ۾ نه آيو، تنهن عاصمه کي اعزازي قادياني بڻائي ڇڏيو.
ايتري
قدر جو عمران خان به اسلام آباد واري ڌرڻي دوران سوال اٿاريو ته انساني حقن جي
تحريڪ کي ڪهڙن ڪهڙن ملڪن کان فنڊ ملن ٿا.
اڄ جي
گڏيل قومن کان لاهور تائين گهڻا ماڻهو افسوس ۾ آهن ته گهڻن اطمينان جو ساهه به کنيو
هو، پوءِ به ڇا اهو اطمينان ڪافي ناهي ته مان ان پاڪستان ۾ رهان ٿو، جتي عاصمه
پنهنجي شرطن تي جيئري رهي ۽ سا به ڄمي ڪري جيئري رهي.
عاصمه جهانگير
سندس لاڏاڻي وارو زلزلو
زرار پيرزادو
اڄ جي
پاڪستان ۽ موجوده اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ عاصمه جهانگير واقعي به هڪ ديومالائي شخصيت هئي.
موجوده
پاڪستان ۾ ۽ خاص طور تي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي هوءَ جيڪو ڪجهه ڳالهائيندي هئي سو سندس
جيئري به معجزو ئي لڳندو هو.
عاصمه
جهانگير جي جدوجهد جو هر عمل عظيم هو پر ملڪي اليڪٽرانڪ ميڊيا کي هوءَ پنهنجي موقف
سان جيڪا سياسي ۽ قانوني تعليم ڏيندي هئي ۽ اصلاح ڪندي هئي سا بي مثال هئي.
اسٽيبلشمينٽ
جي پاليسين خلاف عاصمه جهانگير جو اليڪٽرانڪ ميڊيا جي پليٽ فارم تان ڏنل موقف کي
ئي اسان اصولي ۽ حقيقي موقف سمجهندا هئاسين.
هوءَ
آئين، قانون ۽ جمهوريت جي بالادستيءَ جي قائل هئي، حڪومت کي چونڊڻ يا ان کي هٽائڻ
جو اختيار هوءَ عوام کي ڏيندي هئي ۽ عوام جي ان حق لاءِ سڄي ڄمار وڙهندي رهي.
هن
انساني حقن ۽ سياسي حقن جي حمايت ۾ ۽ آمريت جي هر شڪل ۽ هر قسم جي ظلم خلاف انتهائي
بهادري سان نه رڳو ڳالهايو پر جدوجهد پڻ ڪئي.
هن دور
۾ به هُن ذاتي مفادن ۽ موقعي پرستي کان مٿانهون ٿي هر امتحان ۾ ثابت قدم ۽ سرخرو ٿي
ڏيکاريو، جنهن کي معجزو ئي چئي سگهجي ٿو.
ماڻهو
چون ٿا ته هوءَ “مرد ماڻهو” هئي پر اسان چئون ٿا ته موجوده دور ۾ هوءَ مردن کان به
وڌيڪ بهادر هئي ۽ هن ثابت ڪيو ته عورت به مردن لاءِ بهادري جي علامت ٿي سگهي ٿي.
اها
عاصمه جهانگير ئي هئي جيڪا خوف ۽ مايوسيءَ واري صورتحال ۾ بهادري ۽ حوصلي جو اهڃاڻ
بڻجي اسڪرين تي ظاهر ٿيندي هئي.
عاصمه
جهانگير جي لاڏاڻي سان يقيني طور تي اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جا حامي خوش ٿيا آهن.
جڏهن
ته عاصمه جهانگير جو لاڏاڻو مثبت طاقت لاءِ هڪ تمام وڏو زلزلو ثابت ٿيو آهي، جنهن
۾ جاني نقصان ته رڳو “عاصمه جهانگير” جو ٿيو آهي پر اها عاصمه جهانگير هڪ ئي هئي
جيڪا اسٽيبلشمينٽ جا آنڊا گونڊا ڪڍي ڏيکارڻ جي طاقت رکندي هئي.
پر نوٽ
ڪرڻ جهڙي ڳالهه اها آهي ته زلزلن کان پوءِ
زمين ۾ پيل ڏارن کي ملائڻ لاءِ ٻيا به زلزلا ايندا آهن جن کي “آفٽر شاڪ”
چيو ويندو آهي، سو عاصمه جهانگير واري زلزلي سان پهتل نقصان جو ازالو به ضرور ٿيندو،
اسٽيبلشمينٽ ۽ انهن جي حامين کي گهڻو خوش نه ٿيڻ گهرجي.
عاصمه جهانگير
هوءَ جيڪا همٿ، بهادري ۽
غير جانبداري پاڻ سان گڏ کڻي وئي..
سليم جروار
ڪي
انسان تاريخي شخصيتون بنجي سچائي ، سوچ ۽ نطرين سان سماجن اندر انساني قدرن جي
مخالف نظام ۽ سسٽم کي ختم ڪري ڇڏيندا آهن، آمرن ۽ جابرن جي ٺهيل اهڙن قانونن خلاف
غيريقيني نتيجا سندن سچائي ۽ ثابت قدمي جو ثبوت هوندا آهن جن ذريعي اهي انسان
تاريخ جو پاسو پلٽي ڪرڻ لاءِ مسلسل جدوجهد جي علامت بنجي ويندا آهن، اهي انسان جن
وٽ پنهنجي ذات ڪا معنٰي ناهي رکندي اهي مذهبي، قومي توڙي لساني زنجيرن ۾ قيد ناهن
هوندا اهي ته بس قدرت پاران موڪليل انسان جي روپ ۾ اهڙا فرشتا ثابت ٿين ٿا جيڪي
غير فطري ۽ غير انساني روايتن جي سامهون پهاڙ بنجي انهن هٿ ٺوڪين روايتن کي ڀور ڀور
ڪري ڇڏيندا آهن. پاڪستاني معاشري ۾ تمام گهٽ بلڪ آڱرين تي ڳڻڻ جهڙيون شخصيتون پيدا
ٿيون جن پنهنجي جدوجهد سان انساني قدرن جو ڀرم رکيو جن هر ان ڳالهه ۽ هر ان قدم جو
ڄمي مقابلو ڪيو جنهن سان انساني قدر توڙي انساني حق پائمال ٿي ٿيا، عاصمه جهانگير
انهن جي امام هئي جنهن هڪ ٻن تحريڪن جي نه پر گذريل چئن ڏهاڪن ۾ هر ان تحريڪ جي سرواڻي
ڪئي جيڪا تحريڪ مظلوم ، محڪوم، بي سهارا ماڻهن، جمهوري قدرن جي بحالي، اظهار جي
آزادي ۽ انساني حقن جي حاصلات لاءِ هلي.
عاصمه
جهانگير پنهنجي پر ۾ پاڻ هڪ تحريڪ هئي جنهن جي جدوجهد آواز ۽ انداز ۾ ڪڏهن به نفرت
۽ تعصب جو عنصر ڏسڻ ۾ نه آيو، هن لاءِ منو ڀيل جي به ايتري اهميت هئي جتيري لاهور
جي ماڊل ٽائون ۾ رهندڙ ڪنهن لاهوري جي هئي، هن بلوچستان جي اڪبر بگٽي جي آمر مشرف
هٿان مارجي وڃڻ لاءِ به اهو آواز اٿاريو جهڙو آواز مذهبي ۽ انتها پسندي جي نالي ۾
مارجي ويل مردان جي نوجوان مشعال خان لاءِ بلند ڪيو ، مطلب ته هوءَ صرف اهو آواز
هئي جنهن کي سڀني پنهنجو سمجهو، قومي مذهبي ۽ لساني نفرتن جي نظر ٿيل ماڻهن وٽ سندس
لاءِ هڪ بي نام احترام هو.
عاصمه
اهڙن ڪيسن ۾ هٿ وڌا جنهن لاءِ وڏا وڏا قانوندان سڏائيندڙ همت هاري ويهندا هئا،
مذهبي ڪٽرپڻي جو شڪار ٿيل سلامت مسيع جو ڪيس هجي يا رياستي ادارن هٿان گم ڪيل ماڻهن
جو ڪيس هن ان جو ڀرپور دفاع ڪيو اهوئي سبب هو جو سنڌ جو سنڌي هجي يا گلگت جو ڪو
مظلوم عاصمه جهانگير سڀني کي پنهنجي محسوس ٿيندي هئي. ۲۰ سالن جي عمر ۾ هڪ آمر خلاف پنهنجي والد جو ڪيس وڙهڻ کان ويندي زندگي جي
آخري ايامن تائين سندس اکين ۾ اها ئي چمڪ، دل ۾ اها ئي جرئت ۽ بهادري هئي مسلسل وڙهندي
هو ڪڏهن به نه ورچي نه ٿڪي، هوءَ انساني حقن جو باهمت آواز هئي ۽ هن ملڪ جي
هزارين، لکين نوجوانن لاءِ اتساهه جو سبب ۽ رول ماڊل هئي، منهنجي خوشقسمتي هئي جو
پنهنجي زندگي جو اڌ حصو سندس ٽيم ۽ سندس تحريڪ جو ننڊڙو ڪارڪن بنجي ڪم ڪيو، آئون اڄ
فخر سان چئي سگهان ٿو ته هن وقت عملي زندگي ۾ جيڪو ڪجهه به آهيان ان ۾ هڪ سئو هڪ
فيصد عاصمه جهانگير جي شخصيت ۽ سندس رهنمائي جي ڪري آهيان، مئٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۹۷ع ۾ ننڊي عمر ۾ سندس نالي ۽ شخصيت کان متاثر ٿي لاهور ۾ انساني حقن واري
آفيس جي پتي تي خط لکيو هيم جنهن جي هڪ جواب منهنجي زندگيءَ جو پاسو ئي بدلائي ڇڏيو.
ان وقت کان وٺي مسلسل انساني حقن واري ڪميشن جو ڪارڪن بنجي انساني حقن لاءِ هر اهو
ڪم ڪيو جيڪو عاصمه جهانگير ۽ ان اداري جو مقصد هو.
نومبر ۱۹۹۷ع ۾ ئي عاصمه سان منهنجي پهرين ملاقات ميرپور خاص ۾ هاري ڪانفرنس ۽ ورڪشاپ
۾ ٿي، اعتبار نه اچڻ جوڳي ڳالهه ته منهنجي آئيڊئل، منهنجي پسنديده شخصيت منهنجي
سامهون هئي، بس پوءِ ته جبري مشقت جي شڪار هارين جو مسئلو هجي يا گهريلو تشدد جو شڪار
عورتن جومعاملو هجي آئون سندن رهنمائي هيٺ ڪم ڪندو هيس، عاصمه ٻه ٽي ڀيرا اسان جي
رکيل پروگرام ۾ بدين به آئي جڏهن پاڻ ايچ آر سي جي چئيرپرسن ۽ مرحوم اقبال حيدر سيڪريٽري
جنرل هو اها ڳالهه منهنجي لاءِ خوشي ۽ همت جو سبب بني جڏهن به اسان پروگرام رکيو،
هوءَ سنڌ جي دوري دوران اسان وٽ آئي، پوءِ ته ساڻس ملاقاتون ٿينديون رهيون، لاهور
۾ هر سال ٿيندڙ سالياني جنرل اجلاس ۾ شرڪت دوران ساڻس ملاقات ۾ سندس پاران پنهنجي
پنهنجي علائقي جي خبر چار وٺڻ اسان سمورن دوستن لا قابل فخر ۽ اتساهه جي ڳالهه هئي.
عاصمه
جهانگير جنهن غير جانبداري ۽ سچائي سان انساني حقن جي ڳالهه ڪئي، جنهن همٿ ۽ بهادريءَ
سان مارشلائن ۽ آمرن خلاف تحريڪ هلائي جمهوريت ۽ اظهار جي آزادي کي يقيني بنائڻ ۾
پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ان جو مثال آس پاس گهٽ ملندو، هُن ان پاداش ۾ جيل به برداشت ڪيو،
ڪوڙا کاڌا، نظر بندين ۽ الزام تراشين کي به منهن ڏنو ايترين سختين باوجود هوءَ ڪنهن
به آمر اڳيان نه جهُڪي.
عاصمه
جهانگير جنرل مشرف خلاف ۽ عدليا جي بحالي لاءِ ڪامياب تحريڪ هلائي عدليه جي بحالي
کان پوءِ چيف جسٽس چوڌري افتخار کي به سچ چوڻ ۾ ڪا مصلحت پسندي نه ڪئي، شهيد
بينظير ڀٽو جي ننڍپڻ جي دوست هوندي به گهڻن سياسي معاملن تي سندس سنئين سڌي مخالفت
به ڪئي، نواز شريف جي نااهلي واري فيصلي خلاف به پنهنجو موقف چٽو رکيو، هُن جي ڪا
به سياسي ايجنڊا نه هئي، بلڪ هُن چاهيو ٿي ته هن جو ملڪ ۾ سياسي ۽ جمهوري نظام
مضبوط رهي عام ماڻهو سياست ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ماڻهو پنهنجي مسئلن ۽ بنيادي
حقن کي سمجهي ان لاءِ ڪنهن ٻئي ڏانهن ڏسڻ بجاءِ پاڻ اٿن سندس ان سوچ لاءِ هُن ڀرپور
جدوجهد ڪئي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ ماڻهو هر ننڍي وڏي مسئلي لاءِ آواز اٿارين ٿا ۽
احتجاج ڪن ٿا، اصل اظهار جي آزادي اها ئي آهي. جيڪو سندس نظريو ۽ سندس مقصد هو، اڄ
ملڪ ۾ ڪافي قدر اظهار جي آزادي آهي، سندس ان مشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ان پيغام ۽ ان
ڳالهه کي هيٺئين سطح تي کڻي وڃڻ جي ضرورت آهي.
ملڪ ۾
جڏهن انتهاپسندي واري انارڪي عروج تي هئي، سياسي وايومنڊل ۾ گهڊ طالبان ۽ بيڊ
طالبان جو رجحان وڌايو ويو ته عاصمه ان جي به شديد مخالفت ڪئي. هُن روشن خيالي
واري نظرئي ۾ ملڪ جي بهتري، سهپ ۽ رواداري جي ڳالهه ڪئي ته انتهاپسند قوتون به
سندس جان جون دشمن بنجي ويون، پر هُن هڪ سيڪنڊ لاءِ به همٿ نه هاري ۽ نه ڪڏهن خوف ڪيو،
هُن سينو تاڻي مذهبي انتهاپسندي ۽ کي هٿي ڏياريندڙ قانونن جي کُلي مخالفت ڪئي،
انهيءَ تي مٿس قادياني هجڻ ۽ مغربي سوچ ڦهلائڻ جهڙا الزام لڳا، کيس غير ملڪي ايجنٽ
جا نالا ڏنا ويا، ان باوجود هوءَ ثابت قدم رهي ۽ ثابت ڪيو ته معاشري ۾ عام انسانن
کي به احترام سان جيئڻ لاءِ کين بنيادي، سياسي ۽ جمهوري حق ملڻ گهرجن.
هُن
فقط نعري بازي نه ڪئي ۽ فقط ڳالهه نه ڪئي پر عمل ڪيو ۽ ان جا نتيجا حاصل ڪيا، سندس
تحريڪن اڳيان آمرن به گوڏا کوڙيا، عاصمه جهانگير هن ملڪ جي ڪروڙين انسانن جو
اجتماعي آواز هئي، سندس ان بهادري ۽ همٿ جي ڪري پوري دنيا ۾ کيس عزت ۽ احترام جي
نگاهه سان ڏٺو ويو ۽ ان جي مڃتا طور هن کي ڪيترا ئي اوارڊ مليا پر سندس ڪم سندس همٿ
۽ سچائي ان اوارڊن ۽ مڃتائن کان هزار دفعا وڌيڪ روشن هئا.
اڄ
سندس موت ڪنهن هڪ فرد جو وڇوڙو نه پر ڪيترين ئي تحريڪن جو اڻ ڳڻيو نقصان آهي. اهڙا
انسان تاريخن ۾ ورلي جنم وٺندا آهن ۽ سندن وڃڻ پڄاڻا کين مڃتا ڏيڻ جو واحد طريقو
سندن مشن کي اڳتي وڌائڻ آهي... پر اها همٿ، اها جرئت، غير جانبداري، سچائي ۽ ثابت
قدمي صرف عاصمه وٽ ئي هئي، جيڪا پاڻ سان گڏ کڻي وئي.
عاصمه جهانگير جو وڇوڙو
مهوش عباسي
جڏهن
کان هي ڌرتي وجود ۾ آئي آهي، تڏهن کان هن ڌرتي جي ڇاتيءَ تي ڪي اهڙا انسان ضرور پيداٿيا
آهن، جن هن ڌرتيءَ کي سنواريو آهي ۽ تاريخ جو اهم حصو بڻيا آهن، اهڙا ماڻهو انمول
هجن ٿا جيڪي ڌرتي ڌڻين جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪن ٿا جيڪڏهن اهڙي ماڻهن جا مثال ڏسجن ته
هن ملڪ جي ڌرتي تي هوشو هيمون کان وٺي سائين جي ايم سيد جهڙي شخصيتن جنم ورتو جن
بنا ڪنهن لوڀ ۽ لالچ جي ڌرتي جي ماڻهن لاءِ جاکوڙ ڪئي، عورتن ۾ شهيد محترمه بينظير
ڀٽو جي جاکوڙ ڪڏهن نه وسرندڙ آهي، جڏهن ته انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سبين محمود
جو وڇوڙو به اڄ تائين ملڪ لاءِ هڪ وڏو خال آهي.
ڪي ماڻهو
تاريخ ٿين ٿا
گهايل ڌرتي
جي سيني تي
هڪڙي
گهري چيخ ٿين ٿا
مٿيون
سٽون شيخ اياز جون واقعي انهن انمول انسانن جي چٽائي ڪن ٿيون جيڪي هر طرح سان ثابت
قدم رهيا جيڪي سوين سور سختيون سهي به پنهنجو هٺ هلائي ويا . پنهنجي وطن ڌرتي ۽
قوم جي ماڻھن سان نينهن نڀائي ويا . تاريخ پنهنجو پاڻ رستو ٺاهيندي رهي ٿي ۽ هن ڪائنات
۾ هزارين اهڙا ماڻهو رهن ٿا جيڪي صرف پنهنجي خاطر جيئن ٿا هو پنهنجي آسپاس کان ٿيندڙ
ناانصافين، اقربا پرورين کي اهڙي طرح ڏسن ٿا ڄڻ هو هن دنيا جا انسان نه آهن پر ڪي
ماڻهو ايئن جيئن ٿا ڄڻ پنهنجي خطي جي بيوس ۽ انتها درجي جي بيوس مجبور ماڻهن جي
بيوسيءَ تي ايئن ٿا تڙپن ڄڻ هي سڀ ڏک درد مايوسيون ۽ مجبوريون سندن پنهنجي وجود جو
حصو هجن! انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ عاصمه جهانگير به اهڙن ئي ماڻهن مان هڪ هئي جيڪا
هن ملڪ لاءِ ڪنهن نعمت کان گھٽ نه هئي، هي ملڪ جيڪو آمريت جي دور ۾ سختيون برداشت ڪندو
رهيو جنهن ۾ انساني حقن لاءِ ڪو قانون به نه هو ان وقت عاصمه جهانگير هن ملڪ ۾ انسانيت
لاءِ پاڻ وڙهي،
هن
انساني حقن جي تنظيم جي چيئرپرسن ٿيڻ سان گڏ هن وومن ايڪشن فورم جو قائم ڪيو ۽ هر
دور ۾ آمرن توڙي ظالمن سان اڪيلي سر وڙهندڙ رهي. عاصمه جهانگير عدليه جي بحالي
واري تحريڪ ۾ اهم ڪردار ڪيو، هر مارشل لا جي دور ۾ بنيادي انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪئي.
سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر عاصمه جهانگير ڌمڪيون ملڻ باوجود ملڪ نه ڇڏيو ۽ هميشه
انساني حقن جي وڪالت ڪئي.
ناليواري
قانوندان، جمهوريت ۽ انساني حقن جي جدوجهد کي زندگي ارپيندڙ عاصمه جهانگير جو وڇوڙو
قومي سانحو آهي، عاصمه جهانگير ملڪ ۾ مظلوم عوام جو وڏو آواز هئي، آزاد، جمهوري،
پرامن ۽ خودمختيار پاڪستان هن جو خواب هو. هن عدليا جي بحالي لاءِ تاريخي جدوجهد ڪئي،
عورتن، انساني حقن، اقليتن، ٻارن، مزدورن، هارين، مسڪين ۽ پيڙهيل طبقي لاءِ بنا
خوف جي آواز اٿاريو. هوءَ مستقبل لاءِ اميد هئي، هن مارشلائن ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ
لازوال ڪردار ادا ڪيو. هن وڏي جرئت ۽ همت سان جمهوريت، قانون ۽ انصاف لاءِ ڪم ڪيو.
جمهوريت ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙ ڪرڻ سبب عاصمه جهانگير ۱۹۸۳ ۾ جنرل ضياءُالحق جي حڪومت ۾ جيل پڻ ڪاٽيو جنهن جو سبب آمريت خلاف ڳالهائڻ
۽ جمهوريت جي بحالي هو، ۲۰۰۷ع ۾ ملڪ
جي وڪيلن جي تحريڪ ۾ اهم ڪرادر ادا ڪرڻ لاءِ عاصمه جهانگير کي گھر تائين محدود ڪري
سندس سرگرميون بند ڪيون ويون. جڏهن ته اهڙي سخت ورتاءُ باوجود به عاصمه جهانگير
پنهنجي جاکوڙ جاري رکي ۽ هميشه نا انصافي خلاف آواز بلند ڪيو. ايتري جاکوڙ سبب کيس
ڪيترا ئي ايوارڊ پڻ مليا جن ۾ ۲۰۱۰ع ۾
کيس ستاره امتياز ۽ هلال امتياز ايوارڊ مليا کيس گڏيل قومن پاران Unesco/Bilbao
Prize پڻ مليو.
۱۹۹۸ع کان ۲۰۰۴ ع دوران عاصمه جهانگير گڏيل
قومن جي ڪميشن، اختيارن ۽ آرٽيڪل تي خاص رپورٽر طور ڪم ڪيو ۽ ۲۰۰۴ ع کان وٺي انساني حقن بابت گڏيل قومن جي ڪميشن ۾ مذهب يا عقيدي جي آزادي
تي خاص رپورٽر ٿي رهي. ۱۸
جنوري، ۲۰۱۷ ع تي، عاصمه جهانگير پهرين پاڪستاني
هئي جنهنAmartya Sen Lecture at the London School of Economics ۾ ليڪچر ڏنو ۽ جتي هن عالمي سطح تي مذهبي انتهاپسندي کي چيلينج ڪيو
۽ بين الاقوامي ادارن کين پاڪستان ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي خلاف قدم کڻڻ جي پڻ
گذارش ڪئي، ان ليڪچر ۾ هن چيو ته مذهب جي نالي تي جيڪي ڏوهه ڪيا وڃن ٿا انهن ۾ “وڏي
پيماني تي معافي” آهي، ۽ ان کي قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي حل ڪيو وڃي جڏهن ته
مذهبي انتهاپسندي ڪندڙن کي سزا ڏني وڃي. عاصمه جهانگير اهڙي ريت انساني حقن جي
حاصلات ۽ مذهبي انتهاپسندي خلاف آوازاٿارڻ سان گڏ هن ٻارن سان ٿيندڙ جبري پورهئي
خلاف جاکوڙ پڻ ڪئي، ملڪ ۾ وڌندڙ child labor خلاف عاصمه جهانگير قانوني طور پڻ ڪم ڪيا.
عاصمه
جهانگير انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ پر بنيادي حقن جي لتاڙ ڪندڙن کي ست سريون ٻڌائيندڙ
بهادر عورت هئي، ڪنهن به عهدي جي لالچ لوڀ کان پري رهي ۽ چڱن ڀلن سياسي اڳواڻن کان
وڏي جمهوريت پسند، جمهوريت جي تڏا ويڙهه ڪندڙن جي ازلي دشمن ٿي رهي، ملڪ ۾ سويلين
بالادستي، انساني حقن، قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي جي وڏي عملبردار هئي،
جمهوري جدوجهد جي علامت، پاڪستان جي جمهوري، لبرل، ترقي پسند قوتن جو آواز ۽ سڃاڻپ
هئي.
برابري
۽ سراسري جا خواب ڏسي پوري زندگي آزمائشن، تهمتن ۾ گذاريندڙ ملڪ جي وڏي ۾ وڏي
شخصيت عاصمه جهانگير جي اوچتي وفات سبب
حق، سچ ۽ انصاف جي رستي تي هلڻ وارو هڪ آواز بند ٿي ويوعاصمه جهانگير جي
وفات هن سموري ملڪ لاءِ بيحد افسوس جهڙي ڳالهه آهي، عاصمه جهانگير هڪ بهادر عورت
هجڻ سان گڏ جرئت، حوصلي ۽ جدوجهد جي علامت هئي، هوءَ پاڪستان جي واحد عورت هئي جيڪا
ننڍپڻ کان ويندي مرڻ تائين هر ناانصافي تي پنهنجو آواز بلند ڪندي رهي. روڊن ۽ رستن
جا احتجاج هجن يا بند ڪمرن جا اجلاس هجن، عاصمه جهانگير پنهنجو موقف هميشه بردباريءَ
سان رکندي هئي. سندس وفات سبب هڪ اهڙو خال پيدا ٿيو آهي جيڪو ڪڏهن نه ٿو ڀرجي
سگهي،
۲۱هين صدي ۾ اهڙين عظيم شخصيتن جي وفات هن ملڪ کي ڏينهن ۽ ڏينهن غريب تر بڻائي
رهي آهي. جمهوريت، قانون ۽ انصاف جي حڪمراني لاءِ عاصمه جهانگير جون خدمتون هميشه
ياد رکيون وينديون. سندس وڇوڙو سڄي ملڪ جي مظلوم عوام، عورتن، ٻارن، جمهوريت،
قانون ۽ انساني حقن جي جدوجهد جو وڏو نقصان آهي، سندس وڇوڙي جو خال صدين تائين ڀرجي
نه سگهندو. عاصمه جهانگير جي جمهوري مقصد، انساني حقن واري پيغام ۽ مشن تي هلي ملڪ مان رشوت، دهشتگردي ۽ غربت جو
خاتمو آڻي سگهجي ٿو، سندس تحريڪ تي عمل ڪرڻ سان محروم عوام کي بنيادي انساني حق
ملندا، قانون ۽ انصاف جي بحالي ٿيندي. جمهوريت ۽ ادارا مضبوط ۽ مستحڪم ٿي سگھندا.
سندس جاکوڙ تي تاريخ کيس هميشه ياد رکندي ۽ هميشه ايئن ئي ٿيو آهي ته ڪنهن به عظيم
انسان جي هن دنيا مان وڃڻ کانپوءِ کيس تاريخ جي پنن ۾ ياد رکيو ويو آهي پر سندس
قول ۽ فعل تي عمل گھٽ ڪيو ويو آهي نه وري اهڙي عظيم انسانن جي مشن کي سچائي سان مڪمل
ڪيو ويو آهي، عاصمه جهانگير کي تاريخ جو حصو ٿيڻ سان گڏ سندس ڪيل جاکوڙ کي جاري
رکيو وڃي جنهن سان هوءَ هميشه ملڪ ۽ قوم جي لاءِ قائم ٿيندڙ انصاف جي آواز ۾ شامل
هوندي.
عاصمه جهانگير
ظلم ۽ جبر خلاف مزاحمتي ڪردار
جو وڇوڙو
پاڪستان
۾ انساني ۽ جمهوري حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪندڙ هڪ با همت، بردبار ۽ بهادر ڪردار
جي حيثيت رکندڙ نامياري قانوندان عاصمه جهانگير ڪالهه وڇڙي وئي، هن جي عمر ۶۶
سال هئي، چيو وڃي ٿو ته نيرن کانپوءِ سندس طبيعت اوچتو
خراب ٿي پئي، کيس اسپتال نيو ويو پر زندگيءَ
ساٿ نه ڏنس ۽ سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو. سندس وڇوڙي تي ملڪ ۾ سوڳ ڇانيل آهي. جڏهن
ته ترقي پسند، روشن خيال ۽ سيڪيولر ڌريون سخت صدمي ۽ مايوسيءَ ورتل آهن.
عاصمه
جهانگير ۲۷ جنوري ۱۹۵۲ع تي لاهور ۾ ڄائي ۽ پنهنجي ابتدائي تعليم به لاهور ۾ ئي ڪائونٽ آف جيزس
اينڊ ميري اسڪول مان حاصل ڪيائين. سندس نالو ملڪي سياسي افق تي ننڍڙي عمر ۾ ئي
سامهون آيو، جڏهن ڊسمبر ۱۹۷۲ ع ۾
سندس والد ملڪ غلام جيلاني کي ان وقت جي فوجي آمر يحيٰ خان جي حڪومت مارشل لا
قانونن تحت حراست ۾ ورتو هو.
عاصمه
جهانگير پنهنجي والد جي بازيابي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي ۽ اڳئين
سال ئي يحييٰ خان جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ان ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو، جنهن ۾
فوجي حڪومت کي غيرقانوني ۽ يحيٰ خان کي غاصب قرار ڏنو ويو.
۱۹۷۸ع ۾ عاصمه جهانگير پنجاب يونيورسٽيءَ مان وڪالت جي تعليم مڪمل ڪئي،جنهن
کانپوءِ سندس شادي ڪاروباري شخصيت طاهر جهانگير سان ٿي، ۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ هن پنهنجي ڀيڻ حنا جيلاني ۽ ٻين عورتن سان گڏجي پاڪستان جي
عورتن تي ٻڌل پهريون وڪالت جو ادارو به شروع ڪيو.
ضياءُ
الحق جي مارشل لا جي دور ۾ عاصمه جهانگير ڪيئي مظاهرن ۾ حصو ورتو ۽ ۱۹۸۳ع ۾ لاهور جي مال روڊ تي وومين ايڪشن فورم سان حدود قانونن خلاف ڪيل
مظاهرو، ملڪ جي تاريخي مظاهرن مان هڪ شمار ڪيو ويندو آهي.
عاصمه
جهانگير کي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترا ئي ڀيرا غداري ۽ مذهب جي توهين جي الزامن کي به
منهن ڏيڻو پيو ۽ سندس گهر تي به ڪيئي ڀيرا
حملا ڪيا ويا.
فوج تي
ڇتي تنقيد به سندس شهرت جو هڪ سبب هئي، جنهن جي ڪري کيس ڪيئي ڀيرا جيل ۾ به وڌو
ويو ۽ نظربنديءَ جي سزا به ٻڌائي وئي، هوءَ پاڪستان ۾ انساني حقن جي علمبردار ۽ سيڪيورٽي
ادارن جي نقاد طور به سڃاڻي ويندي هئي.
عاصمه
جهانگير پاڪستان جي انساني حقن واري ڪميشن جي سربراهه به رهي ۽ گڏوگڏ پاڪستان جي سپريم
ڪورٽ بار ايسوسئيشن جي پهرين چونڊيل عورت صدر به رهي، عاصمه جهانگير عدليا جي
بحاليءَ واري تحريڪ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو.
هن جي ڪاوشن
۽ جاکوڙ جي ڪري کيس سڄي دنيا اندر انساني حقن جي اعزازن سان نوازيو ويندو رهيو. جن ۾ يونيسڪو پرائيز، فرينچ ليجنڊ
آف آنر۽ مارٽن اينيلز ايوارڊ شامل آهن، ان کان علاوه عاصمه جهانگير کي ۱۹۹۵ع ۾ انساني حقن تي ڪم ڪرڻ جي ڪري رامون ميگ سي سي ايوارڊ به ڏنو ويو، جنهن
کي ايشيا جو نوبل انعام تصور ڪيو ويندو آهي. عاصمه جهانگير گڏيل قومن جي خاص
نمائندي جي حيثيت ۾ ايران ۾ انساني حقن ۽ آزادين بابت به ڪم ڪيو.
عاصمه
جهانگير سماجي ڪارڪن ۽ انساني حقن جي عملبردار طور سڃاتي ويندي هئي. هوءَ بي ڊپي،
با همٿ ۽ بيباڪ عورت هئي. ۲۰۰۷ع ۾
جنرل پرويز مشرف طرفان ملڪ ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪرڻ کانپوءِ کيس گهر ۾ نظربند ڪيو
ويو هو پر ان باوجود هوءَ خاموش نه ويٺي ۽
هو پرويز مشرف جي ان فيصلي خلاف ڄمي مقابلو ڪيو ته مزاحمت به ڪئي، عاصمه جهانگير
آئين جي آرٽيڪل ۶۲ ون ايف جي تشريح جي ڪيس ۾ به
سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي ۽ آخري ڀيرو هن ۹
فيبروري تي عدالت جي روبرو پيش ٿي دليل ڏنا.
(بي
بي سي/ ميڊيا جي ٿورن سان)
عاصمه جهانگير
اصول ۽ آئين جي پاسدار
عباس پٺاڻ
۱۹۷۲ع جي آمراڻي دور ۾ جڏهن عاصمه جهانگير جي پيءُ غلام جيلاني کي مارشل لا جي
قانون جي ڀڃڪڙي جي الزام هيٺ گرفتار ڪري جيل جي اذيتن هيٺ رکيو ويو هو ته ان وقت ۲۰ ورهين ۾ پير پائيندڙ عاصمه جيلاني آمر يحيٰ خان خلاف للڪار بڻجي سامهون
آئي هئي، عاصمه لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ يحيٰ خان خلاف پيٽيشن داخل ڪرائي کيس غاصب قرار ڏياريو
هو.عاصمه جي ان قدم ۽ عمل مان اهو ظاهر ٿي ويو هو ته هوءَ هڪ للڪار بڻجي آئي آهي ۽
مظلومن ، لاچار توڙي بي پهچ ماڻهن جو آواز ٿي اڀرندي ۽ حقيقت ۾ به ان اهو ڪري ڏيکاريو
۽ ساهه جي آخري هڏڪيءَ تائين عاصمه جهانگير آمرن خلاف وڙهندي رهي عاصمه جهانگير ڪجهه
مهينا اڳ اهو خدشو ظاهر ڪيو هو ته هن کي ڪجهه ادارن مان خطرو آهي ڪٿي هوءَ ماري نه
وڃي عاصمه جي ان خبر اهڙو ته ٿرٿلو مچايو جو جن ادارن ڏانهن عاصمه اشارو ڪيو انهن
طرفان اڻ سڌي ريت بيان به ڏنا ويا.
عاصمه
جي زندگي مان لطيف سرڪار جي هر ان شعر جي عڪاسي ٿئي ٿي جنهن ۾ اتساهه ۽ للڪار جي ڳالهه
آهيعورتن جي حقن جي ڳالهه هجي، انسانيت جي ڳاٽ کي اوچ رکڻ جو وقت هجي يا وري عدل
تي ڪنهن جابر جو وار هجي عاصمه جهانگير ان دوران بهادري سان بيٺي نظر آئي عورتن تي
ظلم جا پهاڙ ڪرندي ڏسي عاصمه جهانگير ۱۹۸۰ ۾ پهريون
ڀيرو پنهنجي ڀيڻ حنا جيلاني سان گڏجي عورتن لاءِ وڪالت جي اداري جو بنياد وڌو،
عاصمه جهانگير آمر ضياءَ جي دور ۾ به انساني توڙي عورتن جي حقن لاءِ پڪي پهه سان وڙهندي
نظر آئي ۱۹۸۳ع ڌاري عورتن بابت جڙندڙ حدود آرڊيننس
خلاف لاهور جي مال روڊ تي تاريخي مظاهرو ڪيو.عورتن جي ان احتجاج اقتدار تي قبضو ڪري
ويٺل حڪمرانن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون، عاصمه جهانگير انهن ادارن جي ظلمن خلاف به
آواز اٿاريو جن تي ڳالهائڻ اڄ به ڏوهه سمجهيو وڃي ٿوهن بهادر ۽ ارڏي عورت کان آمر
۽ جابر پل پل ڊڄندي نظر آيا جو ڪڏهن مٿس توهين مذهب ۽ غداري جا الزام هڻي ڪڏهن جيل
اماڻيو ويو ته ڪڏهن وري کيس نظر بند ڪيو ويو.
عاصمه
جهانگير هر ان قانون توڙي فيصلي خلاف آواز اٿاريو جيڪو انسانيت ۽ اصولن خلاف هو
عاصمه کي انساني حقن لاءِ به جدوجهد ۾ اڳئين قطار ۾ بيهٺي ڏٺو ويو جنهن جي ڪري کيس
انساني حقن جي علمبردار جو به نانءُ ڏنو ويوعاصمه هڪ بهترين قانوندان پڻ هئي هن اهڙن
فيصلن تي به آواز اٿاريو جيڪي آمر قوتن جي پاسداري ۾ ڪيا ويا يا وري ڪنهن به ريت
آئين پٽ-اندر نه هئا. عاصمه جهانگير پاڪستان بار ڪائونسل جي پهرين عورت صدر به چونڊي
وئي جنهن دوران به هن عدليا جي مضبوطي سان گڏ وڪيلن ٿوڙي مظلومن جي حقن لاءِ ڪردار
نڀايو عاصمه جهانگير آمرن خلاف للڪار واري روايت مشرف جي دور ۾ به برقرار رکي مشرف
جي هر ثيرآئيني قدم خلاف سراپا احتجاج نظر آئي پرويز مشرف جڏهن ان وقت جي چيف جسٽس
چوڌري افتخار کي معزول ڪيو ۽ ڪجهه ججن کي
عدليا ۾ اچڻ کان روڪيو ان وقت به عاصمه جهانگير ارڏائپ جو مظاهرو ڪندي عدليا جي بحالي
۽ آئين جي پاسداري لاءِ جدوجهد ۾ سڀ کان اڳ اڳ نظر آئي، عاصمه جهانگير جي هر تقرير
توڙي تحرير ۾ صرف انساني ڀلائي ۽ بهتري جي ڳالهه ئي رهي
ڪيتريون
ئي سختيون سهڻ کانپوءِ به عاصمه همت نه هاري عاصمه جهانگير هميشه مزاحمت وارو ڪردار
ادا ڪيو، ڪڏهن به هن ڪنهن به اهڙي قدم جي حمايت نه ڪئي جنهن سان سندس اصولن ۽ عملن
تي ڪنهن آڱر کنئي هجي عاصمه جي ان ڪردار سبب گڏيل قومن جي اداري ۾ به کيس رکيو ويو
جت به هن انساني حقن لاءِ جاکوڙيوعاصمه جهانگير دنيا اندر امن کي هٿي وٺرائڻ جي به
ڳالهه ڪئي ته جيئن هن جي زندگي جو انساني ڀلائي وارو مقصد ساڀيان ماڻي سگهي عاصمه
جهانگير اصول، آئين ۽ انساني حقن جي پاسدار هئي جنهن جي ڪري پاڪستان سميت کيس سڄي
دنيا ۾ مان مليو، ظالمن ۽ انسان دشمنن سان سدائين اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهائيندڙ عاصمه
هي جهان ته ڇڏي وئي پر سندس زندگي ۾ ڏسيل اصول هر ان ماڻهو جي زندگي جو محور رهندا
جيڪو للڪار بڻيل رهندو عاصمه جهانگير جمهوريت لاءِ به ڪرادار نڀايو جڏهن ڪو ماڻهو
جمهوريت جي دعويٰ ڪندي غير جمهوري عمل ڪندو هو ته هوءُ ان کي به آمرن جو ڀائيوار
سمجهندي هئي ۽ حقيقي جمهوريت جو کيس دڳ ڏسيندي هئي عاصمه جو وڇوڙو ڄڻ ته انسانيت
جي نانءَ جو وڇوڙو آهي
عاصمه جهانگير
انساني حقن جي پرچارڪ ۽
بهادر ويڙهاڪ
ارشاد ڪاغذي
عمل،
جاکوڙ، جدوجهد ۽ لڳاتار تحرڪ جي نتيجي ۾ ڪي ڪي شخص پنهنجي ڪردار جي مٿانهين پَد تي
پهچي ٻين لاءِ مثالي مانائتي حيثيت جو درجو حاصل ڪري پوري سماج لاءِ اُتساهه ۽
جاکوڙ جي علامت طور تاريخ ۾ نشانبر رهن ٿا. اهي مهان مهانڊا معاشري ۾ رول ماڊل جي
حيثيت ماڻي اَتهاس جي ورقن ۾ هميشه لاءِ زنده رهن ٿا. عاصمه جهانگير به اهڙن عظيم
۽ تاريخ ساز انسانن جي ڪڙم قبيلي سان تعلق رکندڙ هئي، جيڪي عظمت جا اُهڃاڻ ليکيا وڃن
ٿا. عاصمه جهانگير پنهنجي سموري زندگي انساني حقن، عورتن جي حقن، اقليت جي حقن،
آزادي، آزاد راءِ، روشن خيالي ۽ پيڙهيل، کنڀي کنيل محڪوم ۽ مظلوم ماڻهن جي حقن لاءِ
آواز بلند ڪيو ۽ جدوجهد ڪئي. هوءَ پنهنجي وڏڙن جي زرين اصولن تي هلندي پير پٿون ڪندي
هيسيل، ماريل ۽ ايزاريل عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ ڏاڍ ۽ ڏمر سان بي جگريءَ سان
مقابلو ڪندي رهي.
عاصمه
جهانگير فوجي آمرن سان ٽڪر کاڌو ۽ صعوبتون برداشت ڪيون، پر معاشري کي بدلائڻ لاءِ
لڳاتار جدوجهد جو رستو اختيار ڪيو. رياست ۽ پوليس گردي، عوام جي حقن جي پائمالي،
ذلت، زيادتي ۽ زبردستي خلاف هڪ سگھارو آواز هئي. ان ڪارڻ سندس خاندان بيشمار تڪليفون
سَٺيون. دهشتگرد ٽولي پاران فتوا، الزام ۽ موت جي ڌمڪين سان منهن مقابل ٿيا. سندس
خاندان، گھر ۽ ٻارن ٻچن کي ڊيڄارڻ ۽ جان کان مارڻ ۽ جيل ۾ بند ڪرڻ جهڙا عذاب سَهڻا
پيا. عاصمه انصاف مساوات، آزادي ۽ خوشحال معاشري جي تعمير لاءِ وڏي حوصلي سان جدوجهد
۾ شامل رهي. فوجي آمرن ضياءَالحق ۽ جنرل پرويز مشرف جي مارشلا ۽ ڪاري قانون سان
مهاڏو اٽڪايو. پنهنجي جواني ۾ ئي فوجي آمرن جي خلاف روڊن ۽ رستن تي اچي احتجاج
بلند ڪيو ۽ ويندي پوڙهائپ ۽ مرندي دم تائين اڏول رهي. اهڙي معاشري ۾ جتي نفرت، ڌڪار.
ناانصافي، مذهبي، نسلي، فرقي بندي ۽ طبقاتي متڀيد جو واهپو عام جام هجي، اهڙي غليظ
سماج جي ريتن رسمن، انتها پسندي جي وڌندڙ اثر ۽ دهشتگردي خلاف سينو سَپَرُ ڪيو.
خاص ڪري صنف نازڪ عورتن جي حقن، جسماني، ڄم، طلاق ۽ عورتن خلاف ٻين غير انساني ڪارن
قانونن خلاف پوري زندگي ويڙهه ڪئي.
عاصمه
جهانگير انساني حقن جي وڪيل، هيومن رائٽس ڪميشن جي سربراه، گڏيل قومن جي خاص
ايلچي، هميشه متحرڪ رهي. هن مزدورن، سياسي قيدين، گم ڪيل ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ
نه رڳو رپورٽون تيار ڪيون پر سرڪار ۽ عدليا جو در کڙڪائي، انهن جا ڪيس داخل ڪيا.
مفت ۾ قانوني مدد ۽ آزاد قانون جي ادارن ٺاهڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. عاصمه جهانگير کي
اهڙي ڪم ڪرڻ تي عالمي مڃتا سان نوازيو ويو ۽ هن جسٽس آف انٽرنيشنل ڪميشن ۽ گڏيل
قومن جي اعليٰ عهديدار جي جاءِ والاري. هن بي گناهه عورتن، ٻارن جي عصمت دري، مڙس
جي زالن سان بدسلوڪي، مذهب جي آڙ ۾ اقليتن سان ڏاڍ، ٻارن سان جبري مشقت، ۽ ٻين
انساني حقن لاءِ اڻ ٿڪ ڪوشش ڪئي ۽ ان ڪارڻ کيس مذهبي ۽ سياسي جماعتن سخت تنقيد جو
نشانو بنايو ۽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، ۽ مٿس را، موساد، سي آءِ اي ۽ يورپ جي ايجنٽ
جا الزام مڙهيا. هوءَ هڪ تڪراري شخصيت طور متعارف ٿي ۽ سرڪار، ميڊيا ۽ ايجنسين کيس
فتني جي جڙ جهڙا لقب القاب ڏنا. پر عاصمه جهانگير پنهنجي اصولن تي پختي طرح ڄمي
بيهي مقابلو ڪندي رهي.
عاصمه
جهانگير پنهنجي ابتدائي عمر ۾ سياست ۽ قانون جا سبق ياد ڪيا ۽ قانون ۽ سياست جي
شعبي سان سلهاڙجي وئي. عاصمه جهانگير جو والد صاحب ۽ گھرڀاتي پنهنجي سياسي اصولن ۽
آمرن جي خلاف جدوجهد ڪرڻ ۽ پاڪستان فوج جي بنگلاديش ۾ ڪارروائي ۽ فوجي آپريشن خلاف
جدوجهد ڪرڻ جي ڪري گرفتار ٿيا. جڏهن عاصمه جو والد جيل ۾ بند هيو ته جيل مان هڪ
قيدي جي معرفت هڪ خط عاصمه ڏانهن موڪليو. پنهنجي پيءُ جي هدايت تي هُن ڪورٽ ۾ پنهنجي
پيءُ جي آزاديءَ جي پٽيشن داخل ڪئي، عاصمه ان وقت ۱۸ سالن جي مس هئي. ضياءَالحق جي قهري مارشلا واري دور ۾ ۱۹۸۰ع تي عاصمه ۽ سندس ڀيڻ حنا جيلاني ۽ ڪجهه سياسي ساٿين ۽ وڪيلن سان گڌجي
پهرين “لا فرم” قائم ڪيو. ساڳئي سال عورتن جي مدد لاءِ “وومن ايڪشن فورم” (ڊبليو
اي ايف) جو بنياد وڌو. مارشلا خلاف ۽ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ ايم آر ڊي ۱۹۸۳ع ۾ تحريڪ شروع ڪئي. پنجاب ۽ لاهور ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ سياسي احتجاج ٿيڻ لڳا. سنڌ
۾ تحريڪ تيزيءَ سان وڌڻ لڳي هئي. پنجاب جي اهڙي ماٺ کي ٽوڙڻ لاءِ عاصمه جهانگير،
سندس ڀيڻ حنا جيلاني ۽ ٻين ۵۰ جي لڳ
ڀڳ عورتن مارشلا خلاف روڊن تي اچي احتجاج ڪيو ۽ گرفتار ٿيا. عاصمه کي شاهي قلعي ۾
قيد ڪري اذيتون ڏنيون ويون. مارشلائي ڪاري دور ۾ سياسي، سماجي ۽ ٻين طبقن کي ڦٽڪا،
جيل، ڪوڙا ۽ ڦاهيون ڏئي چيچلائي چيچلائي ماريو ويو، عاصمه ان ڪاري دور ۾ سڀ کان اڳڀري
هئي ۽ مارشلا ۽ ضياءَ جي نظام کي چئلينج ڪيو.
عاصمه
جهانگير ضياءَالحق جي هٿ ٺوڪي حدود آرڊيننس ۽ توهين آميز قانون جي سخت مخالفت ڪئي.
ان جڙتو ۽ ڪاري قانون تحت سوين هزارين بي گناهن عورتن ۽ مردن کي قتل ڪيو ويو.
اقليتن جنهن ۾ هندو، عيسائي ۽ ٻيا شامل هئا، ان ڪاري قانون جي خلاف هُن عملي
جدوجهد ڪئي. آمر جنرل يحيٰ خان کان وٺي ماڊل ڊڪٽيٽر ضياءُالحق ۽ ماڊرن ڊڪٽيٽر
پرويز مشرف جي دور تائين عاصمه جهانگير پنهنجي وت ست آهر پاڪستان جي مظلوم ۽ محڪوم
عوام جي حقن لاءِ عمل جي ميدان ۾ سرگرم رهي. يحيٰ خان جي فوجي آپريشن ۽ آمر جنرل
خلاف سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي کيس غاصب ۽ ڏوهاري قرار ڏياريو. جنرل ضياءَ جي
آمريت کي للڪاريو. جولاءِ ۱۹۷۷ع ۾
ضياءَالحق چونڊيل وزيراعظم ۽ ان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو، مارشلا لاڳو ڪري آئين
کي ختم ڪيو ويو ۽ شهري حق غصب ڪيا ويا ۽ بنيادي حقن جي خلاف ورزي ڪئي وئي. ان سفاڪ
مارشلا جي دور ۾ عاصمه بهادر ويڙهاڪ جيان وڙهندي رهي. هن جو والد صاحب جيڪو ڪامورو
هو سو رٽائرڊ ٿيڻ بعد سياست ۾ داخل ٿيو. ملڪ غلام جيلاني يحيٰ خان جي فوجي مارشلا
۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي سويلين مارشلا سان منهن مقابل ٿيو ۽ جيل ۾ واڙيو ويو. عاصمه
جهانگير بهادر پيءُ جي بهادر ڌيءَ هئي ۽ ان ناتي جواني کان ٻڍائپ ۽ مرڻ تائين آمر
جنرلن ۽ سويلين آمريت ۽ غير جمهوري حڪومتن لاءِ مٿي جو سور هئي ۽ پنهنجي پوري
حياتي آمرن جي خلاف جنگ ۾ جُٽي رهي.
عاصمه
جهانگير فوجي ۽ سويلين آمريت جي خلاف جدوجهد ڪندي رهي پر جيئن ته هوءَ انساني حقن
جي چيمپئن هئي ۽ ان سبب جي ڪري مٿس گھڻي تنقيد ٿيندي رهي الزام لڳندا رهيا، ڪٽر
مذهبي ٽولي ۽ آمرن کيس مارڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون. خاص طور ان وقت جڏهن ۱۴ سالن جي عيسائي ڇوڪري تي توهين رسالت جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن جو
دفاع ڪندي عاصمه ڪيس وڙهيو ۽ ۱۹۹۵ع ۾ ڪيس
کٽي ورتو. ۱۹۹۹ع ۾ صائما سرور جي مشهور ڪيس جي
پيروي ڪئي ۽ نياڻي کي “دستڪ” آشياني ۾ پناهه ڏني. هُن دستڪ گروپ ٺاهي انهن بي پهچ
عورتن ۽ ٻارڙين کي جيڪي والدين ۽ رياست جي عتاب جو نشانو هئا، تن کي پناهه ڏيندي
رهي. ان مشهور ڪيس جي ڪري عاصمه کي مذهبي ڌرين پاران موتمار ڌمڪيون پڻ مليون، پر
هن ڪا به پرواهه نه ڪندي بيگناهن جي مدد ۽ اجهو، لٽو فراهم ڪندي رهي. عاصمه
جهانگير ۱۹۹۶ع ۾ صائما وحيد جو مقدمو کٽيو، ٿيو
هيئن جو لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو ته هڪ مسلمان بالغ عورت پنهنجي مڙس (ولي) جي
اجازت کانسواءِ ٻي شادي نٿي ڪري سگھي. عاصمه جهانگير فوجي ڪورٽن جي قيام ۽ سزائن
خلاف سپريم ڪورٽ جو در کڙڪايو.
عاصمه
جهانگير جي لڳاتار جدوجهد ۽ انساني حقن لاءِ جدوجهد جي ڪري هوءَ دنيا ۾ انساني حقن
جي پرچارڪ طور سڃاتي وئي. هُن ۱۹۹۸ع کان ۲۰۰۴ع تائين گڌيل قومن جي خاص رپورٽر يا ايلچي جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون.
هُن ايڪسٽرا جڊيشل، ڏاڍاين، غير قانوني قدمن، مذهبي عقيدت ۽ آزادي وغيره لاءِ گڏيل
قومن سان تعاون ڪيو ۽ خاص طرح انساني حقن، سول سوسائٽي جي فروغ ۽ ٻارن جي حالت کي
سڌارڻ بابت گڏيل قومن طرفان رپورٽ پڌري ڪئي. انساني حقن جي خدمت ڪرڻ ۽ ٻين خدمتن
عيوض عاصمه جهانگير کي ملڪي ۽ عالمي ايوارڊن سان نوازيو ويو. ستاره امتياز ۽ ٻيا
اعليٰ ملڪي ايوارڊ ۽ عالمي ايوارڊ ملينيم پرائيز، يونيسڪو/ بلبائو پرائيز، فريڊم
ورشپ ميڊل، دي رائيٽ لائيولي پرائيز ۽ امن نوبل انعام لاءِ نامزد پڻ ٿي. انهن
ايوارڊن جي وصولي ۽ خدمتن جي اعتراف جي نتيجي ۾ عاصمه جهانگير جو چوڻ هو ته “هي
ايوراڊ منهنجي لاءِ اعزاز ۽ عزت افزائي آهن پر هي پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ ٻين لاءِ پڻ
اعزاز ۽ خوشي جو باعث آهي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ گھڻي تعداد ۾ جيڪي شخص انساني حقن
لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، هي ايوارڊ انهن کي خراج عقيدت پيش ڪن ٿا.”
عاصمه
جهانگير جي خدمتن کي هميشه ياد ڪيو ويندو. هوءَ هڪ سچار ۽ بهادر سپاهي جيان وڙهندي
رهي ۽ ڪڏهن به مصلحت پسنديءَ کان ڪم نه ورتو. بنا ڪنهن متڀيد جي هن هر ماڻهوءَ جي
مدد ڪئي. عاصمه جهانگير هميشه پُراميد رهي ۽ ڪڏهن به مايوس نه ٿي ۽ نه وري ڪڏهن ڌمڪين
۽ الزامن کان ڊڄي ڪو پنهنجو رستو الڳ ڪيو ۽ خاموش ٿي ويهي رهي، پر پوري عمر انساني
حقن لاءِ جاکوڙيندي رهي. فوجي ۽ غير فوجي سويلين آپيشاهي حڪومتن ۽ سربراهن خلاف
زندگي ڀر جدوجهد ڪئي ۽ حوصلي، همت ۽ بهادريءَ جي علامت ليکي ويئي. عاصمه جهانگير
جو چوڻ آهي ته “اسان جي ملڪ ۾، گھڻي عرصي کان ظلم ٿي رهيو آهي، فوجي حڪومتن ظلم ڪيو
۽ غير جمهوري مطلق العنان آپيشاهي حڪومتن ظلم ڪيو، اسان کي سڀني کي ڪم ڪرڻو پوندو.
ڪوشش آهي ته سٺو ڪيون، اسان کي اميد آهي ته هڪ ڏينهن سڀ ڪجهه بهتر ٿي ويندو.”
عاصمه
جهانگير کي ڏيهه توڙي پرڏيهه جي اعليٰ شخصيتن ڀيٽا پيش ڪئي آهي. اسان به پنهنجي
بهادر ڀيڻ ۽ انساني حقن لاءِ پاڻ ارپيندڙ عاصمه جهانگير کي ڀيٽا پيش ڪندي اميد ڪيون
ٿا ته عاصمه جهانگير جنهن هميشه آپيشاهي نظام، حڪومتن ۽ سربراهن سان جهيڙو جوٽي
امن ۽ سلامت ۽ خوشحالي جي جيڪا شمع ٻاري آهي، تنهن جو سوجهرو هر هنڌ ڦهلجي ويندو.
عاصمه جهانگير اسٽبلشمينٽ جي سخت خلاف هئي ۽ جمهوريت ۽ انساني حقن جي مبلغ ۽ جدوجهد
۾ يقين رکندڙ هئي. اسان کي اميد آهي ته ملڪ ۾ ضرور انقلاب ۽ ڦيرو ايندو ۽ انساني
حق، آزادي ۽ خوشحالي پلئه پوندي.
عاصمه جهانگير
آٿت ۽ اميد جي موڪلاڻي
حافظ سڪندر تنيو
اوچتو
خبر نشر ٿي ته عاصمه جهانگير دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويئي. پروگريسيو سوچ ۽
انساني حقن جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ انسان ڪٿان جا به هجن هر مظلوم ماڻهو ساڻن محبت ڪندو
آهي رنگ، نسل، زبان، علائقي جي الڳ سڃاڻپ هوندي به هو کين پنهنجي ڀائپي برادري جو
ئي سمجهندو آهي، هن پاڪستان ۾ انساني حقن جي پائمالي سبب هيومن رائيٽس ڪميشن جو
بنياد رکيو، ۽ هن هرماڻهو جي حق لاءِ آواز اٿاريو، سنڌ ۽ بلوچستان ۽ سياسي ڪارڪن
جي قتلن جا جڏهن ڦوٽا کيس ڏيکاريا ويندا هئا ته سندس جيءُ جهري پوندو هيو، چوندي
هئي هو وڪيل آهي، انساني حقن جي تنظيم جي اڳواڻ هئڻ سان گڏ هڪ ماءُ به ته آهي ماءُ
کي ئي خبر هوندي آهي ته ٻچن جو ڏک ڪيئن ٿيندو آهي، کيس چيو ويو ته سنڌي زبان لپي
آهي، سو جيڪڏهن پنجابي، بلوچي، پشتو زبانن کي پنهنجي لپي ناهي ته ان ۾ سنڌي زبان
جو ڪهڙو قصور آهي جو کيس هنن ٻولين سان ڀيٽي کيس وڌڻ ويجهڻ نٿو ڏنو وڃي، ان تي هن
سنڌي زبان جي جائز حق جي گهر به حاڪمن کان ڪندي هئي، ۽ انساني حقن جي ٿيل ناانصافين
تي سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ روئداد شايع ڪرائيندي هئي، مزدورن جي حقن لاءِ هن جي پٺاڙن تي
پڻ لٺيون وسنديون هيون، هڪ ڀيري کانئس پڇيو ويو ته اوهان جي مڙس جي به فيڪٽري آهي،
کين چيائين فيڪٽري ڄاڻي منهنجو گهر وارو ڄاڻي پر جي سندس مل جا مزدور ناانصافين ٿيڻ
جي لاءِ آواز اٿاريندا ته سڀ کان اڳ ۾ مون پنهنجي مڙس جي مل جي آڏو ڌرڻو هڻي
مزدورن سان گڏ بيهنديس.
ڪو جي
ويندو آهي، پتو ڪنهن کي به نه پوندو آهي،
ڪو جي ويندو
آهي، ڪئين شهر رلي ويندا آهن،
ڪن جي
قبرن تي هڻندا آهن، رڳو وارث ڪتبا،
ڪن جا ڪتبا
دلين تي لڳي ويندا آهن.
سو
عاصمه جي وڇوڙي هرحساس دل کي درد ڏنا آهن، ڪا ئي اک اهڙي نه هوندي جنهن مان ٻه ڳوڙها
نه ڳڙيا هوندا، سخت ۽ پٿر دل انسان کي به سندس وڃڻ جو ارمان ضرور ٿيو هوندو، روز
هزارين ماڻهو مرن ڄمن ٿا پر ڪنهن کي ڪوئي ڏک ارمان ٿئي ئي نٿو. ڪي ماڻهو اهڙا
هوندا آهن جن لاءِ راڄن ۾ راڙو پئجي ويندو آهي، عاصمه به اهڙن ماڻهن منجهان هئي، سندس والد فوج ۾ آفيسر هوندي بنگال جي ماڻهن
جي حمايت ۾ ڳالهايو هيو ته کيس يحيٰ خان جيل ۾ وڌو، هيءَ ملڪ جي وڏن وڪيلن وٽ ويئي
ته سندس پيءُ جو ڪيس وڙهو پر سڀ ڪو ڪنن کي پڪڙي توبهه توبهه ڪرڻ لڳو ته جنرل يحيٰ خان
جي دشمني ڪير کڻندو. هيِءَ LAW قانون جي ڊگري وٺڻ لاءِ پڙهي رهي هئي، هن ڪورٽ کي درخواست ڪئي ته
کيس پنهنجي پيءُ جو ڪيس وڙهڻ جي اجازت ڏني وڃي، جو ڪوئي وڪيل ڪيس وڙهڻ لاءِ راضي نٿو
ٿئي، ڪورٽ کيس اجازت ڏني ۽ هن جي وزندار دليلن والد کي بي ڏوهي ثابت ڪرايو، ڪورٽ
کيس آزاد ڪري ڇڏيو، هن ان تي بس نه ڪئي پر يحي’ خان جي غير قانوني حڪومت کي چيلينج
ڪيو جنهن مان به کيس سوڀ ملي، جنرل جو اقتدار غير آئيني چيو ويو، هن جي ڪيس اڳتي
هلي جناب ڀٽي صاحب جي سولين مارشلا کي پڻ ختم ڪرايو ۽ ملڪ کي آئين ٺاهڻو پيو، هن
جي وڪالت رڳي مظلومن لاءِ هوندي هئي جن جي ڳالهائڻ لاءِ وڪيلن جون زبانون گونگيون
هونديون ھن گونگن ماڻهن جي زبان بڻجي ڏيکاريو. هن مٿان ڪهڙيون نه قيامتون گذريون، ڪائي
اهڙي گار نه هئي جيڪا هن کي نه ڏني وئي هجي، ڇا هي ڪوئي تصور ۾ به آڻي سگهي ٿو ته ڪنهن
به عورت کي سرعام روڊ تي ڪپڙا ڦاڙي ڪٽيو وڃجي، ضياءُ الحق جي دينداري ءَ واري دور ۾
مٿس اهڙي قيامت پڻ گذري هئي، هن کي ملڪ دشمن، دين دشمن، جا لقب ڏنا ويا،کيس راجو
ايجنٽ به چيو ويو سندس تصوير بال ٺاڪري سان گڏ ڏيکاري وئي، جنهن جي حقيقت هيءَ هئي
جو انڊيا گجرات ۾ مسلمانن جو قتل عام ٿيو هن کي عالمي انساني حقن جي ڪميشن هي ڪم
رکيو ته هوءَ هندوستان جو دورو ڪري ان بابت رپورٽ ڏئي جنهن ڪري ھوءَ هندستان به
وئي، مسلمان مذهبي عالمن سان ملي ۽ بال ٺاڪري سان به ان معاملي تي ڳالھه ٻولھه ڪئي،
ھيءَ سڀ ڪجھه سهندي رهي، ۱۹۸۳ ۾
تيرنهن ورهين جي نينگري صفيه سان لڄا لٽ ڪئي وئي، جنهن مان کيس پيٽ ٿي ويو هن ان
جو ڪيس داخل ڪرايو، هن وٽ ان واقعي وقت چار شاهد ڪونه هئا انڪري جج سندس ڪيس ڪوڙو ڪري
مٿس ڏنڊ وجهي جيل موڪلي ڇڏيو، هن جي وارثي واهر ڪرڻ وارو ڪير نه هيو، عاصمه چيس
آئون تنهنجي وارثي ڪنديس، ڪيس وڙهي جوابدارن کي جيل وجهايو ڇوڪريءَ کي آزاد ڪرائي
وڌو.
۱۹۹۳ع ۾ وري هڪ چوڏهن سالن جي معصوم ٻارڙي سلامت مسيح مٿان توهين مذهب جو ڪيس ڪن
شرپسند ماڻهن داخل ڪرايو. ڪورٽ کيس موت جي سزا ٻڌائي هنجو ڪيس وڙهڻ لاءِ به ڪوئي وڪيل
تيار نه هئو، مائي عاصمه وري به ڪورٽ ۾ ويئي ته ننڍڙو ڇوڪرو هن کي مذهبن جي پيچيدگين
جي ڪهڙي خبر هن مٿان سازش ڪري ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، سندس دليل ٻڌي ڪورٽ ڇوڪري
کي آزاد ڪري ڇڏيو.
ملڪي
آئين ۾ ھيءَ شق به رکي ويئي ته ڪائي به بالغ نياڻي پنهنجي مرضيءَ سان پسند جو پرڻو
نٿي ڪري سگهي ڀل پاڻ راضي هجي پر وارث راضي نه اٿس ته سندس رضامندي کي گناهه سمجهيو
ويندو. اهڙي قانون کي عاصمه ڪيئن پئي قبول ڪري سگهي، وري هيءَ ان عورت جو سهارو بڻجي
ڪورٽ کي چيو ته هي قانون عورت جي آزادي کي ختم ٿو ڪري ان ڪري ان قانون کي ڪيئن ٿو
قبول ڪري سگهجي، نيٺ هي ڪيس به کٽي ويئي اڄ عورت مرضيءَ جو مڙس ڪرڻ ۾ آزاد آهي. هن
جي رڳن ۾ مزاحمت جو رت ڀريل هيو، هر ظلم ۽ناانصافي لاءِ هن جي ويڙهه هوندي هئي، هن
پنهنجي اصولن تي دوستين کي به قربان پئي ڪيو، هن جنرل ايوب، يحي’خان سان ويڙهه ڪئي.
هيءَ ڀٽي جي ظلمن سان سينو ساهي بيٺي، هن جنرل ضياءَ جي حڪمراني سان ٻه ٻه هٿ پئي ڪيا،
هن بينظير جي دوستيءَ کي نه ڏٺو کيس غلط ڪمن تي ٽوڪيندي رهي، هن ميان نواز شريف جي
رائونڊ تخت کي ڪين قبوليو، هي مشرف لاءِ نڙيءَ ۾ مڇي جو ڪنڊو بڻجي کيس سور ڏيندي
رهي، هن بهادر عورت کي تاريخ سونهري لفظن سان ياد ڪندي رهندي، هن اصول جيڪي رکيا
تن جو ڀرم ٽٽڻ نه ڏنو، هن مذهبي انتها پسندي کي ڪڏهن نه قبوليو پرهن هيئن به چيو
ته جيڪڏهن طالبانن کي عدالتن کان مٿاهون ٿي قتل ڪيو ويندو ته آئون تن لاءِ به وڙهنديس
تن جو ڪيس پڻ ڳائينديس، هي ءَ بهادر عورت هئي، هيءَ ظلم خلاف ويڙهه وقت اڳئين صف ۽
مضبوط مورچي ۾ بيٺل هئي، ھيءَگونگن بيوس ماڻهن جو آواز هئي. ھن جي موت سبب مظلوم
طبقو پاڻ کي اڪيلو ۽ بيوس ٿو سمجهي، ھوءَ هر انسان جي بغير ڪنهن مذهبي مت ڀيد جي
سندس مدد لاءِ پهچي ويندي هئي، اڄ اهي ماڻهو نڌڻڪا ٿي پيا آهن،
هاٿ
معصوم سائل ڪا پڪڙي گا ڪون،
اب
گريبان قاتل ڪا پڪڙي گا ڪون،
ڀيل، ڪولهي،
چڙي مار شودر ھين چپ،
غم ڪي
ماري مسيحي برادر هين چپ،
ساري
فادر هين چپ،
سوچتي
هين ڪه ان ديکي تلوار سي،
سب ڪي
گردن ڪو آڪي بچائي گا ڪون.
جبر ڪي
سامني سر اٺا ئيگا ڪون،
يي جو
جهگڙا هي مذهب ڪي تفريق ڪا،
ظلم ڪا
جبر ڪا سچ ڪي تحقيق ڪا،
غربت
ومحنت و دک ڪي تخليق ڪا،
اسي خلق
خدا ڪو ڇڙائيگا ڪون،
قتل
گاهون ڪا در کٽکٽائي گا ڪون،
ڌجيان
اڙ رهي هين قوانين ڪي،
سر پَي
لٽڪي هي تلوار توهين ڪي،
هٿڪڙي
لي ڪي انصاف ڪي هاٿ مين،
ان
بلائون ڪي پنجون ڪو جڪڙي گا ڪون، اب گريبان قاتل ڪا پڪڙيگا ڪون(توقير چغتائي)
هاءِ
هي آواز هميشه لاءِ بند ٿي ويو، افسوس هتان جي مذهبي ملائيت تي آهي جيڪي قاتل ڏوهارين،
ڀتاخوربدمعاشن، ڪرپٽ سياسي چور لٽيرن جي جنازي جون نمازن سندن اولاد کان سڻڀو ٽڪر
وٺڻ لاءِ ته پڙهڻ کان ڪين ڪيٻائيندا آهن، پر هن ظلم سان جهيڙيندڙ عورت جيڪا مرداڻي
طاقتور سماج جي منهن تي سدائين چماٽون هڻندي رهي هئي، تن جي ڪلهي ڏيڻ لاءِ ڪنهن
جگادري ملان کي جرئت نه ٿي هئي مٿس ڪفر ۽ الحاد جا تير سندس ميت کي مرڻ کان پوءِ هڻي
پنهنجي دنيا آخرت جون ڀلايون حاصل ڪري رهيا هئا،پر هن جو مئل مڙهه به مزاحمت ڪندو
رهيو ڀل مرد ۽ مولوي سندس ڪلهي ڏيڻ لاءِ نه آيا پر عورتن به سندس جنازي کي ڪلهن تي
کڻي مرداڻي سماج مٿان ٺٺول ڪري ڏيکاري ته عاصمه جو تيار ٿيل قافلو منزل جي پاسي وڌندو
ئي رهندو هي خدائي فوجداري جا دعويدار هميشھ مظلومن جا دشمن ۽ ظالمن جا ساٿاري پئي
رهيا آهن، هن عورت عاصمه جهڙي ڪردارن جا ماڻهو ورلي پيدا ٿيندا آهن، هن جي موت ڪري
بي سهارن کان سهارو کسجي ويو دعا آهي ڌڻي پاڪ کيس مٿاهون مقام عطا ڪري، ۽ ٻيهر ڪنهن
ماءُ جي ڪک مان ڪائي عاصمه پيدا ٿي پوي.
عاصمه جهانگير
بي چين روح کي ڪٿي آ سک
ملڻو!
بابر اياز
عاصمه
جهانگير جي وفات کان پوءِ سوشل ميڊيا تي هزارن جي انگ ۾ ماڻهن RIP (سندس روح کي سڪون نصيب ٿئي) لکي پنهنجن جذبن جو اظهار ڪيو آهي پر
انهن لفظن سان سندن مفهوم واضح نٿو ٿئي. مون کي نٿو لڳي ته جيستائين اهڙا ماڻهو
موجود آهن جن جي انساني ۽ مذهبي حقن کي رياست ۽ انتهاپسند عسڪري گروپن کان خطرو
آهي، تيستائين عاصمه جي بي سڪون روح کي ڪو سڪون ملي سگهي ٿو، شايد ڪڏهن به نه.
عاصمه،
انسان دوست ۽ سيڪيولر سٽ هئي، جيڪا جمهوري قدرن تي پختو ويساهه رکندي هئي. هوءَ چڱي
ريت سمجهندي هئي ته جمهوريت ارتقائي منزلون طئي ڪندي آهي. هڪدم انقلاب ناهي ايندو.
ان سوچ کيس، پاڪستان جي آئين کي ذهن ۾ رکندي جمهوري عمل جي هر قسم جي ڀڃڪڙي خلاف
آواز اٿارڻ تي مجبور ڪيو. هن جتي به اهو محسوس ڪيو ته آئين، غير مسلم پاڪستانين ۽ ٻين
محڪوم ماڻهن کي برابري جا حق نٿو ڏي ته هن گڏيل قومن جي انساني حقن جي پڌرنامي تحت
آئين ۾ ترميم جي گهرج ڪئي.
ڪيترا ئي
نقاد، ڄاڻي واڻي يا اڻڄاڻائي ۾ سياسي نظام اندر تبديلين جي حمايت يا سسٽم جي خلاف
اسٽيبلشمينٽ جي ڀڃ ڊاهه جي مخالفت ڪرڻ تي مٿس تنقيد ڪندا آهن. ڪيترا ته ان حد
تائين به پهچي ويا ته هوءَ هڪ سٺي مسلمان ناهي يا هن پاڪستان جي خلاف ڀارت جي ايجنڊا
۾ سولائي پيدا ڪئي. ان لاءِ هو سندس شوسينا جي ليڊرن سان ملاقات جو حوالو ڏيندا
آهن.
مان سڀ
کان اڳ ۾ آخري الزام جي ڳالهه ڪندس، هي ماڻهو اهو وساري ويٺا ته انسان دوست ۽
انساني حقن جي فعال ڪارڪن جي حيثيت سان هوءَ هر قسم جي ماڻهن سان ملاقاتون ڪندي
هئي. اها، ايئن ڪرڻ بنا ڪنهن به ملڪ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي باري ۾ درست نتيجي
تي نه پهچي سگهي ها. انهن نقادن کي ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين
خلاف به عاصمه جهانگير جي ڏنل رپورٽ جو حوالو ڏيڻ گهرجي، جنهن ۾ ڀارتي حڪومت جي زيادتين
خلاف ڪيتريون ئي سخت ڳالهيون ڪيون ويون.
ميموگيٽ
ڪيس ۾ پاڪستان جي Bad Boy حسين حقاني جو بچاءُ ڪرڻ
تي جنگي معيشت نوازن طرفان مٿس سخت تنقيد ڪئي وئي هئي. پهرين ڳالهه ته اها آهي ته
هڪ قانوندان جي حيثيت ۾ کيس ڪنهن به ڀلي، اهو خون جو ئي ڏوهاري ڇو نه هجي ان کي
صفائي جو حق هوندو آهي پر هن ڪيس ۾ هن ڏٺو ته سڄو ميمو گيٽ اسڪينڊل ان وقت جي آءِ
ايس آءِ چيف جنرل شجاع پاشا جو اسسٽنگ آپريشن هو.
هڪ بي
داغ پوليس آفيسر طارق کوسي به ميمو گيٽ ڪميشن جو سربراهه بڻجڻ کان جواب ڏنو هو، هن
ويجهڙ ۾ ئي شايع ٿيل پنهنجي ڪتاب ۾ ان معاملي جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. اعليٰ
عدالت هڪ ڀيرو وري ميمو گيٽ ڪيس کي جيئرو ڪري ڇڏيو آهي. مان حيران آهيان ته ڇا
اعليٰ عدالت انهن ماڻهن جي خلاف به ڪيس هلائيندي، جن آمريڪي ميرينز طرفان اساما بن
لادن کي سوگهو ڪرڻ لاءِ ان جي گهر تي ٿيل حملي ۾ انٽيليجنس ۽ سيڪيورٽي جي ناڪامي کي
پارليامينٽ آڏو قبول ڪيو هو.
جن ماڻهن
جي خلاف توهين جي تڪراري قانونن تحت ڪيس ٺاهيا ويا تن جو بچاءُ ڪرڻ تي کين اسلامي
عسڪريت پسندن جي غصب کي به منهن ڏيڻو پيو. ان معاملي ۾ کيس سخت ڌمڪيون پڻ ڏنيون
ويون پر هڪ سيڪيولرسٽ جي حيثيت سان هوءَ پنهنجن نظرين تي ثابت قدم رهي.
هتي
مون کي پاڪستان جي انساني حقن جي ڪميشن جو شهيد راشد رحمان ياد اچي رهيو آهي جنهن
همٿ جو مظاهرو ڪندي ملتان ۾ ان قسم جي هڪ ڪيس جو بچاءُ ڪيو ۽ ان لاءِ پنهنجي جان
به ڏئي ڇڏي. ان کان پوءِ ملتان جو ڪو به وڪيل توهين جي ملزم جو دفاع ڪرڻ لاءِ تيار
نه هو، ڇاڪاڻ ته بار ۾ اهي پمفليٽ ورهايا ويا هيا ته جيڪو به اهو ڪيس وڙهندو تنهن
جو حشر راشد رحمان جهڙو ٿيندو. عاصمه ان صورتحال ۾ ڪافي پريشان هئي پر پوءِ به هن ملزم
لاءِ هڪ وڪيل جو انتظام ڪري ورتو ۽ ان کي تحفظ به مهيا ڪرائي ڏنو. انتظاميا ۽
عدالت، راشد رحمان جي قاتلن جي خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي. اهڙا ڪيترا ئي ماڻهو آهن
جيڪي جيلن ۾ سڙي رهيا آهن ۽ ڪجهه اسلامي عسڪريت پسندن کين ماري ڇڏيو. سو جيستائين
ماڻهن کي اظهار جي آزادي نه ملندي تيستائين عاصمه جهانگير جي روح کي سڪون نه
ملندو.
عاصمه
جهانگير تي سپريم ڪورٽ جي ۲۸
جولاءِ واري ان فيصلي جي مخالفت تي تنقيد هلندڙ آهي جنهن تحت وزيراعظم کي نااهل
قرار ڏنو ويو هو. هوءَ ان فيصلي جي ميرٽ تي تنقيد ڪندڙ اڪيليٰ قانوندان نه هئي. ان
جي مخالفت ۾ ڊاڪٽر پرويز حسن جهڙو ناليوارو وڪيل به شامل آهي.ان کان علاوه اعليٰ
ترين عدالت جي نگران جج جي مقرري يا نيب طرفان شريف خاندان جو ٽرائل به ڪو سٺو
مثال ناهي. منهنجي ويجهي دوست جسٽس صبيح الدين احمد جو چوڻ آهي ته ججن کي نه رڳو
انتظاميا کان الڳ رهڻ جي ضرورت هوندي آهي پر طئي ٿيل قانون جي حدن اندر رهندي ڪنهن
دٻاءَ بنا پنهنجي سوچ لاڳو ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي کان آزاد رهڻ جي گهرج هوندي آهي.
بهرحال
تمام گهٽ وڪيل هوندا آهن جيڪي وڏي عدالت جي فيصلن خلاف ميڊيا جي آڏو ڳالهائڻ جو
حوصلو رکندا آهن، ان جو سبب اهو آهي ته اهي ججن کي ناراض ڪرڻ جي همت ناهن ڪري
سگهندا پر عاصمه پنهنجي دل جي ڳالهه ڪندي ذرو به نه گهٻرائيندي هئي. پوءِ ڀلي ان ڳالهه
جو تعلق سول يا فوجي حڪومت يا عدالتي زيادتين سان هجي.
ڪن ٽي
وي صحافين کي سندس بنگلاديش جي وزيراعظم حسينا واجد سان خوشگوار لاڳاپن تي به
اعتراض هو. ان باري ۾ گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته کيس سڀ کان اڳ ۾ عاصمه جيلاني ڪيس ۾
مشهوري ملي هئي جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جنرل محمد يحيٰ خان کي غاصب قرار ڏنو هو. عاصمه
پهريون اهو ڪيس لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيو هو، جنهن ۾ ان جي محترم والد ملڪ غلام
جيلاني جي گرفتاري کي چيلينج ڪيو ويو هو.مٿس اهو الزام هو ته هن اوڀر پاڪستان ۾
فوجي ڪارروائي جي مخالفت ڪئي هئي. هاءِ ڪورٽ ان جي داد رسي نه ڪئي پر جڏهن يحيٰ
خان کي هٽايو ويو ته اها اپيل سپريم ڪورٽ جي آڏو آئي جنهن ۾ مارشل لا کي غيرقانوني
قرار ڏنو ويو.
پاڪستان
۾ مڙني باضمير ماڻهن جو خيال آهي ته بنگلاديش ۲۴ سالن تائين ناانصافيون سهڻ کان پوءِ آزادي جي جدوجهد ڪئي، ويجهڙ ۾ نواز شريف،
بنگلاديش جي آزادي واري تحريڪ کي ياد ڪرڻ تي زور ڏنو. ڪي انتهاپسند قوم پرست هاڻي
کيس پنجاب جو مجيب الرحمان قرار ڏين ٿا.
عاصمه
جهانگير انساني حقن ۽ اظهار جي آزادي تي ايترو چٽو هئي جو جڏهن الطاف حسين جي
تقرير تي پابندي لڳي ته سندس مخالفت باوجود ان جي حق جو ڪيس وڙهيو.
مان
پنهنجن انتهاپسند قومپرست صحافين کي چوندس ته هي پيشو قومي، مذهبي، نسلي ۽ ذات پات
جي سوچ کان مٿانهون پيشو آهي، تنهن ڪري عوام جي مفاد ۾ ايمانداري سان حالتن ۽
واقعن جو تجزيو ڪرڻ گهرجي..
عوامي جدوجهد جا سرواڻ ۽
عاصمه جهانگير
علي محمد ميمڻ
عظيم
شخصيتن ۽ اڳواڻن ۾ قائد اعظم محمد علي جناح، ذوالفقار علي ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو،
محترمه بينظير ڀٽو، محترمه عاصمه جهانگير، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم
سيد، بيرسٽر اعتزاز احسن، سائين محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، ڪامريڊ سوڀو
گيانچنداڻي، رسول بخش پليجو، ڪامريڊ ڄام ساقي، عابد حسن منٽو ۽ تاريخدانن ۾ ڊاڪٽر
مبارڪ علي ۽ سراج الحق ميمڻ ٻيون محترم هستيون اهڙا حوالا آهن جن جون زندگيون جي مختلف شعبن ۾ڪيل خدمتون ۽
جدوجهد اڄ ملڪ ۽ معاشري ۾فڪري انقلابن ۽ تحريڪن ۾ تبديل ٿي وئي آهي. يقينن، ملڪ ۾
عوام راڄ جي بحالي، آئين ۽ قانون جي حڪمراني جي هلندڙ هلچل ۽ جمهوريت جي جدوجهد
پنهنجي سوڀ ۽ فيصلائتي صورت ۽ عوامي طاقت جي نروار ٿيڻ جا ڪيترا ئي روپ اختيار ڪري رهي آهي.
ملڪ ۾
انصاف، انساني آزادين ۽ حقن لاءِ زندگي ارپيندڙ
محترمه بينظير ڀٽو، ۱۸ آڪٽوبر
۲۰۰۷ع ۾ پنهنجي خود اختيار جلاوطني
ختم ڪري پنهنجي وطن واپس آئي ته ڪراچي پهچڻ تي سندس جمهوري قافلي تي دهشت گردي جا
خونريز حملا ٿيا ۽ معصوم عوام تي يزيدي قوتن طرفان تاريخ جي هڪ ٻي ڪربلا جهڙو
سانحو برپا ڪيو ويو. پر حياتي جي مليل مختصر وقت ۾هن سر جو سانگو لاهي، بنا ڪنهن
سيڪيورٽي جي بلاول هائوس کان قائد اعظم جي مزار تي پهچي ٿي ۽ دعا گهري پنهنجي حاضري
جو واعدو پور ڪرڻ بعد جناح اسپتال ۾ داخل، بم ڌماڪن جي زخمي فرزندن سان ملڻ لاءِ پهچي
ٿي ۽ ٻئي ڏينهن اڪيلي سر لياري جي گهٽين ۾ داخل ٿي وڃي ٿي ۽ اتي شهيدن جي گهرن ۽
سندن سوڳوارن ۾ شريڪ ٿئي ٿي ۽ شهيدن جي ٻچڙن کي پنهنجي هنج ۾ ويهاري دلاسا ڏئي ٿي، شايد ئي دنيا ۾ ڪي اهڙا منظر دنيا جي تحريڪن ۾
ملي سگهن.
محترما
بينظير ڀٽو پنهنجي تحريڪ کي روڪڻ بجاءِ ملڪ کي درپيش صورتحال ۽ حالتن جو اندازو ڪندي
تيزي سان ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچڻ ۽ ڪروڙين عوام سان رابطا بحال ڪرڻ لاءِ جلسن ۽ لانگ مارچ جي صورت ۾عوامي رابطا
مهم تيز ڪري ڇڏي. ملڪ ۾ ججن جي بحالي واري تحريڪ پنهنجي عروج تي هئي ۽ محترمه شهيد،
اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ جي نظر بند چيف
جسٽس ۽ ٻين ججن جي گهرن ٻاهران اوچتو پهچي ،گاڏي مان لهي ٿورڙن ساٿين ۽ جيالن جي گهيري ۾ ججن واري ڪالوني ۾ داخل ٿيڻ
جي ڪوشش ڪري ٿي پرگيٽ آڏو وڇايل ڪنڊن وارين تارن ۽ چوڪس بيٺل سيڪيورٽي اهلڪارن سان ٿيل جهڙپ جو واقعو
۽ اهي منظر ٽي وي چينلن تي سڌو سنئون ڏيکاريا ويا ۽ اخبارن ۾ پڻ شائع ٿيا.
محترما
بينظير ڀٽو اسلام آباد کان لاهور پهچي ٿي ۽ اتان پنجاب ۾ لانگ مارچ شروع ڪرڻ جي
فيصلي جو اعلان ڪري ٿي ۽ ان موقعي تي لاهور مان لانگ مارچ شروع ڪرڻ جي شروعات ٿيڻ
واري هئي ۽ محترمه بنظير ڀٽو جو لانگ مارچ جي شروعات ڪرڻ لاءِ انتظار ڪيو پئي
ويو. ان موقعي تي دلچسپ خبر منظر عام تي آئي ته محترمه بينظير ڀٽو ڪنهن ڳجهي هنڌ
تي موجود آهي ۽ ڪنهن به وقت پهچي سگهي ٿي
. بعد ۾ معلوم ٿيو ته پاڻ ٻن ڪلاڪن
کان پنهنجي سهيلي ۽ ساٿياڻي عاصمه
جهانگير جي گهر ۾ ترسيل آهي ۽ بعد ۾ بيرسٽر اعتزاز احسن سميت پاڻ لانگ مارچ جي قيادت ڪرڻ لاءِ پهتي ۽ان
موقعي تي سيد يوسف رضا گيلاني، جهانگير بدر۽ ٻين جي ساٿ ۾ لانگ مارچ هلڻ شروع ڪيو
پر ڪجهه اڳتي وڌڻ بعد پوليس ۽ سيڪورٽي اهلڪارن
طرفان گرفتارين ۽ رڪاوٽن جو سلسلو وڌندو ويو.
آخرڪار!
ملڪ ۾ عوام راڄ ۽ جمهوريت جي بحالي واري جدوجهد جي سرواڻ محترمه بينظير ڀٽو جي راولپنڊي
۾ شهادت ٿي وئي ۽ ان سانحي کي ملڪ ۾ تمام وڏو قومي ۽ اقوام متحدهه طرفان پڻ وڏوعالمي
نقصان قرار ڏنو ويو . جيئن جيئن وقت گذري رهيو آهي ته انهن نقصانن جي احساس ۽ کوٽ
جي شدت ۽ عظيم رهنما هستين جي وڇوڙي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ هاڻي اسين وري هڪ ٻئي قومي ۽ عالمي نقصان جو شڪار ٿيا
آهيون ۽ ملڪ جي ضمير جي آواز ۽ جمهوري هلچل ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي ساٿياڻي ۽ جمهوريت
۽ انساني حقن جي جدوجهد جي سرواڻ محترمه عاصمه جهانگير کي وڃائي ويٺا آهيون.
بيشڪ!
عاصمه جهانگير، هڪ اصول پرست، بهادر شخصيت
جي مالڪ ۽ اڪيلي سر ئي هڪ عوامي لشڪر جي صورت ۽ حيثيت رکندڙ هئي ۽ هو دنيا کي
انساني حقن ۽ قانون ۽ انصاف لاءِ جاکوڙ ڪرڻ واري تحريڪ جي سچي سرواڻ جي روپ ۾ هڪ نظريو ۽ جمهوريت جي شمع هئي. بيشڪ!
هنن جهڙيون شخصيتون تاريخ ۾هميشه زنده رهن ٿيون ۽ اسان کان ظاهري طور وڇوڙي جي
باوجود هو زندگي جي هر جدوجهد ۾ مختلف روپ بدلائي، حق جي هر جدوجهد جي صف بندي ۽
سرواڻي ڪندي نظر اينديون رهنديون جو شهيد هميشه حيات هوندا آهن.
عاصمه جهانگير
پاڪستاني عوام جو
غيرمعمولي مسيحا
عوامي آواز رپورٽ
پاڪستان
۾ سچي عوام جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ، انساني حقن جي واسطي سڀ کان وڏو ۽ نرالو آواز
عاصمه جهانگير ۱۱ فبروري
۲۰۱۸ع تي ٻنپهرن جو لاهور ۾ پنهنجي
گهر ۾ دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب گذاري ويئي. سندس ڪُمهلي موت سڄي پاڪستان تي جيڪي اثر
پيا آهن، تنهن ۾ وڏي ۾ وڏو تصور اهو اڀرو آهي ته هن وانگر دليريءَ ۽ بي ڊپائي سان ڳالهائيندڙ
اهڙي ڪابه شخصيت ڪانه هئي.
عاصمه
جهانگير اها تند هئي جيڪا مرد بالادست سماج ۾ حق ۽ سچ لاءِ تلوارن سان وڙهندي رهي.
هوءَ
پهرين عورت هئي جنهن کي پاڪستان جي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر ٿيڻ جو اعزاز
به حاصل هو. هي ملڪ ۽ هن ملڪ جو سماج جتي حق ۽ سچ جي پاسي بيهڻ، غلط کي غلط ۽ درست
کي درست چوڻ لاءِ به وڏو جگر گهرجي اتي عاصمه جهانگير نه رڳو انساني حقن لاءِ
سگهارو آواز بڻيل رهي پر آمريت خلاف، جمهوريت تي راتاهو هڻندڙن خلاف ۽ غير آئيني ۽
غير قانوني قدمن کي نظريه ضرورت جي جُبي ۾ جائز قرار ڏيڻ واري روش خلاف به عاصمه
جهانگير جو آواز سڀني کان مٿانهون ئي رهيو.
گذريل ٽن
ڏهاڪن سان هن ملڪ سان فيصلي سازي ۾ جيڪا
جُٺ ڪئي وئي آهي، عوام کي فيصلن کي عملن کان ٻاهر رکي فرد واحد کي سڀ اختيار ڏيڻ
جي جيڪا ريت هتي رهي آهي تنهن ۾ ڄڻ ته حق ۽ سچ جي پوک ناياب ٿي وئي هئي ۽ ان ناياب
ماحول ۾ به عاصمه جهانگير هن ڌرتيءَ مان ڦٽل هڪ اهڙو سلو هو جنهن جي پاڇي ۾ ۽ جنهن
جي اوٽ ۾ حق ۽ سچ چوڻ جا ڪيئي ڪردار پيدا ٿيا جيڪي ناجائزين ۽ ناانصافين خلاف ڀرپور
آواز اٿاريندا رهيا. عاصمه جهانگير نه رڳو جنسي متڀيد جي خلاف جدوجهد ڪئي پر هن
بنيادي انساني حقن لاءِ به پتوڙيو، جمهوريتن تي راتاهو هڻي اقتدار تي قبضو ڪندڙ
يحيٰ خان هجي، يا جنرل ضياءَ يا وري جنرل مشرف هجي، عاصمه جهانگير هر آمريت خلاف
روڊن تي ۽ عدالتن ۾ بيٺل نظر آئي.
عاصمه
جهانگير جو وڇوڙو اهو سانحو آهي، جنهن جو ازالو شايد ئي ممڪن ٿي سگهي، هن هميشه
آئين ۽ قانون جي بالادستي جي ڳالهه ڪئي، هن عوامي راڄ جي خواهش ڪئي هئي ۽ ان ڏس ۾
جيڪي به قوتون ۽ جيڪي به ڌريون ۽ جيڪي به ادارا رڪاوٽ هئا، جن جو ڪردار ناڪاري به
هئو ۽ ڪنهن کان ڳجهو به ڪين هئو تن خلاف به هن بنا ڪنهن ڊپ ۽ ڊاهه جي چٽو موقف
رکيو جنهن جي ڪري کيس غداريءَ جي لقبن سان به نوازيو ويندو رهيو ته مذهب جي منڪر
جا لقب به کيس ڏنا ويندا رهيا پر هن انهن فتوا بازن جي ڌمڪين ۾ اچڻ بدران حق ۽ سچ
جي واٽ تي هلندو رهڻ ئي بهتر سمجهيو ۽ آخري وقت تائين ان ئي واٽ تي هلندي رهي.
سنڌ سرڪار
۽ سيد مراد علي شاهه جو اهم خط:
سنڌ جي
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملڪ جي وزيراعظم کي هڪ تڪڙو خط لکي کيس مشورو ڏنو ته
ملڪ ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن جي اهم اڳواڻ عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي تي کيس پاڪستان
۾ سرڪاري اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪرڻ تي غور ڪيو وڃي ۽ کين اجازت ڏني وڃي ته
ان جي لاڏاڻي جي ڏک ۾ هڪ ڏينهن پاڪستان جو جهنڊو اڌ نوايو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير ان
موقعي تي اهو پڻ اعلان ڪيو ته سنڌ ۾ ڇنڇر ڏينهن هڪ ڏينهن جو سوڳ ملهايو ويندو ۽ ۱۲ فيبروري تي ميڙاڪا ڪيا ويندا.
منفرد
عورت جي منفرد جنازي نماز:
سپريم ڪورٽ
بار جي اڳوڻي صدر، انساني حقن جي علمبردار، سماجي ڪارڪن عاصمه جهانگير جي جنازي
نماز ۱۳ فيبروري تي قذافي اسٽيڊيم ۾ ادا
ڪئي وئي. جنازي نماز نامياري اسڪالر حيدر فاروق مودودي پڙهائي، جنهن ۾ سينيٽ
چيئرمين رضا رباني، ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، سڌ سماءَ واري اڳوڻي
وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد، پيپلز پارٽي
اڳواڻ قمر زمان ڪائره، سينيٽر اعتزاز احسن، پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد ياور علي، لاهور
هاءِ ڪورٽ جي ججن، اٽارني جنرل اشتر اوصاف، جسٽس (ر) ناصره جاويد اقبال، ايڊووڪيٽ جنرل
پنجاب شڪيل الرحمان خان، پنجاب جي اڳوڻي گورنر شاهد حامد، محي الدين واني، پاڪستان
بار ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار، لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي عهديدارن، قانون دانن، اعليٰ
سول ۽ بيورو ڪريٽ، سياسي سماجي ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي.
عاصمه جهانگير جي وصيت مطابق کيس لاهور جي علائقي بيديان روڊ تي واقع سندس فارم
هائوس ۾ دفنايو ويو.
عاصمه
جهانگير جي جنازي نماز به سندس زندگي جيان منفرد رهي جو ان ۾ عورتن جي به وڏي انگ
شرڪت ڪئي. عاصمه جون ڌيئرون منيزي ۽ سليمه جهانگير انساني حقن جون اڳواڻ عورتون به
شامل ٿيون ۽ انهن جنازي نماز ادا به ڪئي. ڪيتريون ئي عورتون ۽ ڪيترا ئي مرد جنازي
نماز وقت عاصمه کي ياد ڪندي روئيندا رهيا.
عاصمه
جهانگير تي عالمي راءِ :
گڏيل
قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوٽريز عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي
پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته دنيا انساني حقن جي هڪ علمبردار کان محروم ٿي وئي.
عاصمه هڪ شاندار، اصول پرست، بهادر ۽ نيڪ دل هستي هئي. انتونيو گوٽريز جو چوڻ هو
ته عاصمه جهانگير بطورپاڪستاني وڪيل يا وري انساني حقن جي عالمي ميمبر طور عوام جي
حقن ۽ برابري جي لاءِ اڻ ٿڪ محنت ڪئي ۽ هوءَ اهڙي اڳواڻ هئي جنهن کي وساري نٿو
سگهجي.هن چيو ته عاصمه پنهنجي سڄي عمر هر ڪنهن جي انصاف لاءِ وڙهي. هوءَ پاڪستان
جي جون آف آرڪ هئي.
سنڌي
ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) مشهور قانوندان ۽ انساني حقن لاءِ پتوڙيندڙ
عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان هڪ
عظيم شخصيت کان محروم ٿي ويو. سانا جي صدر چيو آهي ته عاصمه جهانگير پنهنجي سڄي
حياتي غريب، بي پهچ ۽ بي سهارا ماڻهن کي انصاف وٺي ڏيڻ ۾ ڪتب آندي ۽ هن ناانصافي ڪندڙ
طاقت ور ڌُرين سان مهاڏو اٽڪايو، سندس لاڏاڻي سان دنيا هڪ عظيم هستي کان محروم ٿي
وئي آهي.
صحافين
جي عالمي تنظيم “رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز” عاصما جهانگير کي شاندار لفظن ۾ خراج پيش
ڪندي چيو آهي ته هن پنهنجي سڄي حياتي اظهار جي آزادي جي بچاءَ لاءِ وقف ڪئي. رپورٽرز
ود آئوٽ بارڊرز طرفان جاري ڪيل تعزيتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته عاصما جهانگير سدائين
جمهوريت جي بالادستي جي جنگ وڙهي، ڪيترا ئي ڀيرا مٿس حملا ٿيا، کيس مارڻ جون ڌمڪيون
ڏنيون ويون پر هوءَ سڀني رنڊڪن اڳيان بهادري سان بيٺي رهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته
عاصما جهانگير جو لاڏاڻو انساني حقن ۽ اظهار جي آزادي واري مهم لاءِ وڏو نقصان
آهي.
پاڪستان
۾ نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي جي والد ضياکدين يوسفزئي پنهنجي نياپي ۾ عاصمه
جهانگير لاءِ چيو آهي ته هوءَ انساني حقن جو اهڃاڻ، جمهوريت جي چئمپين، بي آوازن
جي سڀ کان اوچي آواز ۽ سڀ کان دلير هئي.
بالي
ووڊ جي نامياري هدايتڪار مهيش ڀٽ پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ چيو آهي ته هوءَ غيرمعمولي
عورت هئي جيڪا عام ماڻهن لاءِ وڙهندي رهي. هن پنهنجي زندگي کي انصاف جي واسطي وقف ڪيو
هو. اسان جي دور ۾ هوءَ پيدا ٿي، ان لاءِ سندس ٿورا.
ڏکڻ
ايشيا جي سهڪاري تنظيم “سارڪ” جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته “هوءَ سدا اسان جي دل ۽
دماغن ۾ رهندي. عاصمه ڏکڻ ايشيا ۾ انساني حقن جي تحريڪ وانگر زنده رهندي”
ناولسٽ
ڪاملا شمسي چيو آهي ته “ اسان هن جو وڃڻ برداشت نه ٿا ڪري سگهئون. اسان ڀاڳ وارا
آهيون جو هوءَ اسان سان گڏ هوندي هئي”
اداڪار
مائرا خان چيو آهي ته “ اسان لاءِ اهو ڏک جو ڏينهن آهي. اسان کان هڪ بي ڊپي عورت
جدا ٿي ويئي.
سينيٽ
۾ خاص ريفرنس:
سينيٽ
ناليواري قانوندان عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي تي تعزيتي ٺهراءُ قائد ايوان سينيٽر
راجا ظفرالحق ُ پيش ڪيو ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته “هي ايوان ناليواري قانوندان۽ انساني
حقن جي علمبردار عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪري ٿو.
عاصمه جهانگير انساني حقن جي علمبردار هئي، هن انساني حقن، عورتن جي حقن ۽ ٻارن جي
حقن جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. ۱۹۸۷ع ۾ هن
انساني حقن واري ڪميشن قائم ڪئي ۽ ۱۹۹۳ع
تائين ان جي سيڪريٽري جنرل رهي جنهن کانپوءِ کيس ڪميشن جي چيئرپرسن بڻايو ويو.
عاصمه جهانگير هڪ دلير عورت هئي. هن ٻين عورتن کي پنهنجي حقن جي لاءِ بيهڻ جو
حوصلو ڏنو. سندس خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون”
جڏهن ڪير
به نه هو تڏهن ... ... .
پنجاب
جي وڏي وزير شهباز شريف جي گهر واري تهمينا دراني جو چوڻ آهي ته جڏهن سندس پهرين طلاق
ٿي ته کيس ان ڳالهه جو اندازو نه هيو ته سندس مدد ڪير ڪندو؟ اهڙي وقت ۾ عاصما
جهانگير اڳتي وڌي ۽ هن منهنجي مدد ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي تهمينا دراني چيو ته
جڏهن سندس پهرين طلاق ٿي ته مٿس ڪيترا ئي ڪيس ڪيا ويا. اهڙي وقت ۾ هن کي اندازو نه
هو ته هو ڪنهن کان مدد گهري پر ان ڏکئي وقت ۾ عاصما جهانگير اڳتي وڌي ۽ هن جا ڪيس
وڙهي. تهمينا دراني وڌيڪ چيو ته جڏهن هن “ماءِ فيوڊل لارڊ” ڪتاب لکيو ته ان وقت به
عاصما جهانگير سندس همت وڌائي ۽ ڀرپور مدد ڪئي.
نامياري
صحافي مظهر عباس چيو آهي ته “ ميڊيا جي ويج بورڊ ايوارڊ لاءِ عاصمه اسان جي هرڀيري
مدد ڪئي. ايستائين جو جڏهن اعتزاز احسن به اسان جو ڪيس وڙهڻ کان نابري واري ته
عاصمه اڳيان آئي ۽ اسان جو ڪيس وڙهيو.”
ٽپال
جي ٽڪلي ۽ اداري مٿان نالو:
پ پ سٽي
لاڙڪاڻو پاران سر شاهنواز ڀٽو لائبريري آڊيٽوريم ۾ عاصمه جهانگير بابت تعزيتي
ريفرنس جي تقريب ۾ قراردادون پيش ڪندي اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو ته عاصمه جهانگير
جونالو ڪنهن اداري يا انسٽيٽيوٽ سان منسوب ڪيو وڃي. تعزيتي ريفرنس ۾ وفاقي حڪومت
کان اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو ته عاصمه جهانگير جي خدمتن جي مڃتا عيوض هڪ يادگار ٽپال
جي ٽڪلي پڻ جاري ڪئي وڃي. ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد
کهڙو چيو ته عاصمه جهانگير آمر يحيٰ کان وٺي آمر پرويز مشرف تائين هر ڊڪٽيٽر کي للڪاريو
۽ آمريتن جي خلاف ڀرپور جدوجهد ڪري آواز اٿاريو، ڪڏهن به ڪنڌ نه جهڪايو. هن چيو ته
عاصمه جهانگير اصول پرست بهادر شخصيت جي مالڪ هئي. ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي
ضلعي لاڙڪاڻي جي اڳواڻن عبدالفتاح ڀٽو، خير محمد شيخ، وڪيل عنايت موريو، لاڙڪاڻي بار
جي رفيق ابڙو، ليڊيز اڳواڻ ڊاڪٽر سڪينه گاد ۽ توقير فاطمه ڀٽو، ليکڪ ۽ صحافي نثار کوکر،لاڙڪاڻي جي ضلعي ميئر
اسلم شيخ ۽ پيپلز پارٽي سٽي لاڙڪاڻي جي صدر نورالدين ابڙو پڻ پنهنجا ويچار پيش ڪيا.
انساني
حقن جي ڪارڪنن جي ڀيٽا:
آءِ اي
رحمان: عاصمه جهانگير جسٽس دراب پٽيل پاران ٺاهيل “انساني حقن جي ڪميشن، پاڪستان” ٺاهي
ته ان ۾ اڄ تائين گهڻي ۾ گهڻو ڪم عاصمه جهانگير ئي ڪيو هو. هن ڀارت جي شهر “آگرا”
۾ پاڪ ڀارت ڪانفرنس جي موقعي تي موجود عاصمه لاءِ جنرل پرويز مشرف چيو هو ته “دل ٿي
چئي ته آئون کيس چماٽ هڻان”. هن چيو ته وڏي کان وڏا آمر هن کان ڊڄندا هيا. پرويز
مشرف کيس منٿون ڪيون ته سندس ڪيس وڙهي پر هن کيس چيو هو ته “ هوءَ اصولن تي
سوديبازي نه ٿي ڪري سگهي” هن ٻڌايو ته نواب اڪبر خان بگٽي جي آخري ڏينهن ۾ عاصمه
ساڻس ملڻ وئي ته هن جي گاڏيءَ تي فائرنگ ڪئي وئي. هن چيو هو ته؛ “اوهان جو گوليون
ختم ٿي وينديون پر منهنجو سفر ختم نه ٿيندو”
مسٽر
رحمان چيو ته هوءِ اوڌر رکڻ جي قائل نه هئي، جنهن مهل جنهن لاءِ جيڪي به کيس چوڻو هوندو
هو، اهو چئي ڏيندي هئي. هوءَ جڏهن به سنڌ جي شهرن مٺي، خيرپور ۽ نوشهروفيروز ويندي
هئي ته اتي جا ماڻهو اهو سمجهندا هيا ته ڄڻ سندن وڇڙيل ڀيڻ ساڻن ملي آهي.
نامياري
شاعره ڪشور ناهيد چيو ته ٻه سال اڳ جڏهن عاصمه جهانگير کي “امن جو عالمي ايوارڊ”
مليو هو ته اسان هو جشن لاهور ۾ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو هو جتي هن شعر پڙهيو هو:
دنيا
سوچي ۽ حيران ٿيندي هئي،
ڇا ڪو
وقت ايندو جڏهن،
ڏاٽي سان
گاهه ڪندڙ عورت
اُڀ تي
ستارن جيئان چمڪندي؟
ڇا ڪڏهن
ايئن به ٿيندو ته،
آڱوٺو
هڻي پنهنجا حق ڏيندڙ عورت
دنيا
کان پنهنجا حق گهرندي،
اها
مهان عورت عاصمه جهانگير
جنهن
حاڪمن کي للڪاريو هجي،
جنهن
جي هڪ گونج سان،
باندي
بڻايل عورتون هجن يا
سرن جي
بٺن تي
غلام
ابن غلام خاندان هجن،
ايئن وڳ
ڪري اچن، جهومندا اچن،
ڄڻ لڏندڙ
ٽاريون هجن،
ڄڻ
خوشبو پکيڙيندڙ بهارون هجن،
هن ۾
ستُ هيو، طاقت هئي،
هوءِ ٽياس
تي ٽنگيل،
انصاف
جي تارازي هيٺ ننوائيندي هئي،
زمين
تي راڄ ڪندڙ
خدائن
کي للڪاريندي هئي،
پير ڪڙين
کي پازيب ۾ بدلائي،
سزائن
جي سياست جا سينا چيري،
واعظي
فتوا فروشن کي ننگو ڪندي،
خزان بڻيل
چهرن کي بهار پهرائيندي هئي.
(حوالو بي بي
سي)
سنڌ سرڪار
جنهن محترما عاصمه جهانگير کي سرڪاري اعزاز سان دفنائڻ جي آس ڏيکاري هئي، تنهن خط
لکڻ سان سنڌ سرڪار ته منفرد رهي پر، سياسي پارٽين، سياسي اڳواڻن ۽ ميڊيا جي وڏن وڏن
گروپن کي ڄڻ تي ڪو کنڀي کڻي ويو هو. اڳي ته کنڀيلن لاءِ عاصمه جهانگير جون گونجون
موجود هونديون هيون، پر اڄ اها گونج ئي موجود ڪونهي، جيڪا انهن بي روح جيئرن ماڻهن
کي وري ٻڌائي انهن لاءِ مسيحائي ڪري سگهي.
عاصمه جهانگير
تو کي ايئن ئي وڃڻو هو!!
مهتاب اڪبر راشدي
موت
برحق سهي پر ايترو اوچتو جو فون تي ڳالهائيندي، ساهه جو پکيئڙو پروازڪري وڃي؟ پر
عاصمه جهانگير کي شايد دنيا مان رخصت ٿيڻ ايئن ئي سونهيو پئي ته هوءَ پختگيءَ سان
زمين تي پير کوڙي بيٺي هجي، پنهنجي پوٽيءَ يا ڏوهٽيءَ جي وات ۾ گرهه به وجهندي وڃي
۽ ٻئي هٿ سان فون ڪن تي رکي، پنهنجي وڪيل ساٿيءَ سان ڪنهن ضروري معاملي تي ڳالهائيندي
به وڃي بس!
حقيقتن
موت ۽ زندگي جو فاصلو ڪجهه گهڙين جو ئي آهي، موت جي فرشتي کي به خبر هئي ته هيءَ
عورت خوف ۽ ڏکيائين جي اکين ۾ اکيون وجهي للڪارڻ واري آهي، ان کي ايتري وٿي نه ڏجي
جو هوءَ بيماريءَ جي بستري تان اٿي کڙي ٿي وڃي، هن کي بيخبري ۽ لاعلميءَ ۾ ئي دنيا
مان کڻڻو هو، عاصمه جي وفات جي خبر تي ٻه ردعمل سامهون آيا، نه! اها خبر غلط هوندي
پر پڪ پوڻ کان پوءِ اهو احساس ته هوءَ مشڪل ۽ ناانصافين ۾ ڦاٿل هن معاشري ۾ ڪمزورن
۽ هيڻن جي واهر لاءِ اٿندڙ هڪ سگهارو آواز هئي جيڪو خاموش ٿي ويو، هاڻي ڇا ٿيندو؟.
زندگيءَ
جي حقيقتن مان اها به هڪ حقيقت آهي ته وڏي کان وڏا فاتح، رهبر، پير، پيغمبر ۽
شهنشاهه آيا ۽ ويا پر دنيا ۾ هلندي رهي ۽ زندگي به رڙهندي آئي آهي. تاريخ جي ورقن
۾ جيئري رهڻ وارا ماڻهو پنهنجن عملن ۽ انسانن طرف پنهنجن روين جي ڪري ياد رکيا وڃن
ٿا. باقي جن انسان ذات جي تذليل ڪئي، انسانن کي اهڙن گناهن جون سزائون ڏنيون جيڪي
هنن کان ٿيا ئي نه هئا، ته اهڙا رهزن ۽ ظالم به تاريخ جي ورقن ۾ عبرت جي نشان طور
موجود آهن پر هنن مٿان صدين کان ملامت جي ڌوڙ وسندي ٿي رهي.
پاڪستان
جي ويجهي تاريخ ۾ موجود ڪجهه نمايان شخصيتن مان عاصمه جهانگير به آهي. جيڪا پنهنجي
همت، حوصلي، بردباري، صاف ۽ واضح سوچ ۽ جمهوري روين جي ڪري ڄاتي سڃاتي وئي. پوين ڪيترن
سالن کان هوءَ مختلف حوالن سان عام ماڻهوءَ جي جمهوري استحقاق ۽ حقن ماڻڻ لاءِ
جدوجهد ڪندي رهي. اهو سندس زندگيءَ جو هڪ اهم موڙ هيو، جڏهن هوءَ پنهنجي والد کي
مليل سزا جي خلاف ان وقت جي آمر ۽ مطلق العنانيت خلاف سينا سپر ٿي بيٺي، ڪچڙي عمر
جي عاصمه جيلانيءَ جو نالو پاڪستان جي عدالتن جي رڪارڊ ۽ تاريخ ۾ اهو اڪيلو ڪيس
آهي جنهن جي فيصلي ۾ ان وقت جي آمر جنرل يحيٰ خان کي غاصب قرار ڏنو ويو. سندس ان
عمل نه رڳو سندس والد کي غداريءَ جي الزام کان آجو ڪرايو پر ان کان پوءِ هوءَ فوج
جي آمرانا قدمن کي هڪ دفعو نه بلڪه بار بار ننديندي رهي.
پاڪستان
جي بدترين فوجي حڪمران ۽ آمر جنرل ضياءَ الحق جي جبر جي دور ۾ مختلف حوالن سان هن
جو مزاحمتي تحريڪن ۾ شامل ٿيڻ، رهبري ڪرڻ ۽ نتيجي ۾ جيلن ۾ وڃڻ، لٺيون کائڻ کان
پوءِ به پنهنجي موقف تي قائم رهڻ، سڀ هن جي شخصيت ۽ زندگيءَ جا حصا بڻجي ويا آهن.
اسان وٽ ته چار ڏينهن وڃڻ وارا به جيل جا حوالا ڏئي ماڻهو وڏا عهدا ماڻيندا آهن پر
عاصمه جهانگير سرڪاري عهدا حاصل ڪرڻ بجاءِ مجبور ۽ بي وس عورتن جي زبان بڻجڻ کي
ترجيح ڏني.
پاڪستان
۾ “انساني حقن جي ڪميشن” جو بنياد وجهڻ واري عاصمه جهانگير ان جي ٺهڻ کان وٺي
پهريان ڇهه سال، سڌي طرح ۽ پوءِ زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين عهدي کان پاسيري
رهي، هڪ متحرڪ ڪارڪن طور ان سان وابستا رهي، اهي هن جون اڳواڻي واريون خصوصيتون هيون،
جن جو اعتراف ڊاڪٽر مبشر حسن، شاهد ڪاردار، اعتزاز احسن، نجم سيٺي ۽ آءِ اي رحمان
جهڙا سياستدان، صحافي ۽ سماجي اڳواڻ ڪري چڪا آهن.
پاڪستان
جي تاريخ ۾ جيتوڻيڪ عورتون زندگيءَ جي هر شعبي ۾ بنيادي ۽ ڏکيو ڪردار ادا ڪنديون
رهيون آهن، پر انهن کي ايتري مڃتا مشڪل سان ئي ملندي آهي، عاصمه جهانگير جي گهڻ
پاسائي خوبين مان وڏي خوبي اها رهي ته جڏهن به جنهن سان به، جٿي ڪا انفرادي
ناانصافي ٿي، جيئن سميعه کي سندس مرضي خلاف شاديءَ جي ٻنڌڻ مان آزادي ڏيارڻ جي ڪوشش
هجي يا وري عورتن ۽ وڪيلن خلاف رياستي جبر خلاف پابندين تي احتجاج ۽ ضياءَ شاهي جي
نافذ ڪيل قدمن جي خلاف ورزي ڪندي پوليس جون لٺيون ڇو نه کائڻيون هجن، هوءَ سڀني
سان گڏ ۽ سڀني کان اڳيان ئي بيٺل نظر آئي.
ان ۾ ڪو
شڪ ناهي ته پاڪستان ۾ صنفي مساوات جي هوءَ سڀ کان وڏي حامي رهي پر ان جي باوجود
هوءَ انصاف کان محروم زماني جي ستايل مردن کي به انصاف ڏيارڻ ۾ پيش پيش رهي، پوين ڪيترن
سالن کان ملڪ اندر جهڙي نموني ماڻهو گهرن مان کڀني گم ڪيا ويا آهن. بلوچستان مان
ملڪي سلامتي جي نعري هيٺ جبر گمشدگيءَ تي جهڙي نموني عاصمه جهانگير آواز بلند ڪيو،
ان لاءِ سندس وفات کان پوءِ بلوچستان جي اڳوڻي وزيراعليٰ جو ٽوئيٽ، بلوچستان جي ماڻهن
جي ترجماني ٿو ڪري، جنهن ۾ هن لکيو ته “عاصمه! بلوچستان تنهن جو هميشه مقروض رهندو”.
عاصمه،
هميشه شهري ۽ انساني حقن جي آزاديءَ جي ويڙهه وڙهندي رهي، هر آمر سان مهاڏو اٽڪائيندي
رهي، ان سلسلي ۾ سندس ڪيل جدوجهد کي نام نهاد “محب وطن” عناصر هميشه تنقيد جو
نشانو بڻايو، هن جو همت ۽ حوصلي سان ڳالهائڻ به “مقتدر” حلقن لاءِ اڪثر ناپسنديده
رهيو. اهي جن لاءِ محب وطن هئڻ جون وصفون هميشه مختلف رهيون آهن. جتي ننڍن صوبن
وارن لاءِ پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿارڻ ۽ ملڪي وسيلن مان پنهنجو حصو گهرڻ به ملڪ
دشمنيءَ ۾ شمار ٿيندو رهيو هجي. اتي، عاصمه جهانگير جو سندن سڏ ۾ سڏ ڏيڻ هنن ڪمزورن
لاءِ حوصلي جو سبب بڻبو رهيو.
ستر
سال گذري وڃڻ کان پوءِ به هندستان ۽ پاڪستان جا ملڪي سطح تي لاڳاپا ڪڏهن به معمول
تي نه اچي سگهيا آهن. ان سلسلي ۾ غيررسمي طرح ٻنهي ملڪن مان سماج جي اعتدال پسند
طبقن پاران ڪيل ڪوششن ۾ شامل ٿي، ٻنهي ملڪن کي سماجي سطح تي ويجهو آڻڻ ۾ به هوءَ اڳيان
اڳيان رهي. هن جي انهن ڪوششن کي به رجعت پسند ۽ جاهل طبقي هميشه تنقيد جو نشانو بڻايو
۽ سندس نالو ملڪ دشمن عناصر ۾ ڳڻيو ويو.
پر
هوءَ عجيب عورت هئي، انهن سڀني معاملن کي به منهن ڏيندي رهي، جان جي خطري وارين ڌمڪين
کان به نه ڊني. نتيجن کان بي پرواهه رهندي هوءَ هر ناانصافي ۽ زيادتيءَ خلاف
مزاحمت ڪندي رهي. بهادري رڳو اها ناهي ته توهان کي مرڻ جو خوف ناهي پر وڏي بهادري
اها سمجهجي ته توهان بي خوفيءَ سان اهو سچ ڳالهايو، جنهن کي ڳالهائڻ ۾ اڪثر ماڻهو
هٻڪندا هجن، اقتداري حلقن ۽ حاڪمن کي ناراض ڪرڻ جي همت به ڪن ٿورن ۾ ئي آهي پر عاصمه جهانگير ان دولت سان مالامال هئي.
هيومن
رائٽس ڪميشن جو ٺهڻ هن جو سڀ کان وڏو ڪارنامو چئي سگهجي ٿو ته جسٽس دوراب پٽيل جهڙي
معتبر شخصيت ۽ پنهنجي دور جي نامياري جج کي ان رهنمائي تي آماده ڪرڻ به سندس ئي ڪاميابي
هئي. جسٽس پٽيل ان جو پهريون چيئرمين ٿيو. ان کان پوءِ ان اداري کي اتفاق راءِ سان
هلائڻ ۽ ڪنهن به نموني اصولن تي سمجهوتو نه ڪرڻ، ان جي خصوصيت رهي. ان ۾ چئني صوبن
مان قابل ذڪر، جج، قانوندان، سماجي شخصيتون ۽ ٽريڊ يونينسٽ، صحافي ۽ دانشورن جي
شموليت ان جي ناماچاري ۾ اضافو ڪيو.
بٺي جي
مزدورن لاءِ وڙهڻو هجي يا مقروض مزدورن جو معاملو هجي، هوءَ ٻن ٽن ڏهاڪن کان وڙهندي
نظر آئي، معاشري جي ناهموارين هن کي ڪنهن مخصوص معاملن تائين محدود نه رکيو.
مختلف
حوالن سان تنگ نظر ماڻهن، بيشڪ ته هن کي تنگ ڪرڻ جون ڪوششون جاري رکيون، ڪڏهن مذهب
جي اوٽ ۾ ته ڪڏهن ملڪي سلامتيءَ جي نالي ۾ پر اهڙن متعصب حلقن جي ڀيٽ ۾ پڙهيل ڳڙهيل
ماڻهن جو هڪ وڏو حلقو عورتن جون اڪثر تنظيمون، وڪيلن جون تنظيمون، دانشور، سرنديءَ
وارا ۽ محڪوم ۽ مجبور عورتون، سماج جا ستايل مرد ۽ ڪمزور طبقا هن کي پنهنجي لاءِ
اميد جو ڪرڻو ۽ حوصلي جي علامت سمجهندا هئا. اها ئي ته هئي جيڪا بنا فرق هنن جي سڏ
۾ سڏ ملائي، هنن جي تڪليف کي گهٽائڻ لاءِ اجتماعي ۽ انفرادي طرح هر وقت متحرڪ نظر
آئي.
ملڪي
سطح تي ته هوءَ سڃاتي وئي پئي پر بين الاقوامي سطح تي به هن جي صلاحيتن جو اعتراف ڪيو
ويو. گڏيل قومن هن کي “خاص نمائندي” جو درجو ڏئي، مختلف ملڪن ۾ موڪليو، اتي هن هڪ
پاڪستاني شهري هئڻ جي حيثيت سان پنهنجي ملڪ جو نالو بلند ڪيو.
سپريم ڪورٽ
بار کي هڪ معتبر نالو ڏيڻ اصولن جي پاسداري ڪرڻ، قانون جي حڪمرانيءَ کي يقيني بڻائڻ
۽ نوجوان وڪيلن جي رهبري ۽ رهنمائي ڪري بار جي چونڊن ۾ ڌاڪو ڄمايائين. سندس انهن ڪوشش
کي هڪ فرد جون ڪوششون به چئي سگهجن ٿيون پر عاصمه جهانگير جو هڪ عورت هئڻ ناتي
انهن سڀني حاصلاتن کي هڪ مثبت رخ ڏئي، ان حقيقت کي ثابت ڪيو ته صحيح ڏسا ۾ بنا ڪنهن
رنگ، نسل ۽ جنسي فرق جي ڪم ڪرڻ وارن سان سڄو معاشرو گڏ بيهي ٿو. ان ۾ شڪ ناهي ته
هن معاشري ۾ عورت کي پنهنجي حيثيت مڃرائڻ لاءِ وڏي محنت ڪرڻي ٿي پوي. پر جڏهن هن
جي ڪوشش تي بي ريائي جي مهر لڳي ٿي وڃي ته پوءِ عام کان وٺي خاص طبقا به هن جي
اهميت کي مڃڻ ۽ عزت ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا.
عاصمه
جهانگير ويندي ويندي به ڪيترا ئي مذهبي ۽ سماجي ٻنڌڻ ٽوڙيندي وئي، هن جي جنازي ۾ وڏي
تعداد ۾ عورتن جي شرڪت ڏوليءَ کي ڪلهو ڏيڻ ۽ پهرين صفن ۾ بيهي جنازي نماز ۾ شرڪت
به تنقيد ڪرڻ وارن لاءِ موضوع جو بحث بڻجي وئي.
الوداع
عاصمه الوداع! وڃي آرامي ٿي، تنهنجا شروع ڪيل ڪم، هلندا رهندا. تنهنجون ڳالهيون ۽ ڳڻ
ڳائبا رهبا، کوڙ عورتون تنهنجو مثال وٺي تو واري راهه تي هلڻ جي ڪوشش ڪنديون، تون
هلي وئينءَ پر تون دليل ۽ روشن ذهن ۽ واضح سوچ رکڻ وارن ۾ هڪ وڏو خال ڇڏي وئي آهين
جيڪو ڀرجي ته ويندو پر ان کي ڀرجڻ ۾ وڏو وقت لڳندو.
عاصمه جهانگير
هڪ مزاحمتي ڪردار
عبدالخالق جوڻيجو
آچر ۱۱ فيبروري ۲۰۱۸ تائين ڪراچي
لٽريچر فيسٽيول جو آخري ڏينهن هئو. هڪڙو سيشن “مزاحمتي ادب” جي عنوان سان اڃا شروع
مس ٿيو ته منهنجي ڀرسان ويٺل عثمان بلوچ جي موبائل فون تي پيغام آيو ته “عامصه
جهانگير گذاري وئي” صرف ۱۸ ڪلاڪ اڳ
۾ مون ٽيليوزن تي عاصمه کي طلعت حسين جي پروگرام ۾ سڌو سنئونlive ڳالهائيندي ڏٺو هئو، ان ڪري
هن بي رحم حقيقت کي تسليم ڪرڻ ۾ ڪجهه گهڙيون لڳيون. ان کان پوءِ مون سيشن جي ماڊريٽر
کي چٺي لکي ڏني ته “اڄوڪي پاڪستان ۾ مزاحمت جي سڀ کان وڏي نشاني بڻيل شخصت هلي وئي
آهي. ان لاءِ احترام جو اظهار ڪيو وڃي” اڌ سيشن کان پوءِ گفتگو مزاحمتي ادب جي
موضوع کان نڪري عاصمه جهانگير جي مزاحمتي ڪردار تي ٿيڻ لڳي، جڏهن ته هال ۾ موجود
ماڻهن اٿي بيهي کيس خراج پيش ڪيو. گفتگو دوران پروگرام جي موضوع جي مناسبت سان
حبيب جالب جي مزاحمتي شاعري ٻڌائي وئي ته
مون اندر جي جذبن جي گرميءَ کي اکين جي آلاڻ جي صورت اختيار ڪندي محسوس ڪيو.
فيسٽيول
جي آخري سيشن جي مٿان عاصمه جي ياد ۽ ماحول مٿان سنجيدو ڏک ڇانيل رهيو، هڪ ٻن کي ڇڏي
سڀني تقرير ڪندڙن پاڪستان جي هن غير معمولي ۽ ناياب شخصيت جي باري ۾ پنهنجي خيالن
۽ جذبن جو اظهارڪيو. سڀ کان اعليٰ ۽ متاثر ڪندڙ گفتگو آءِ اي رحمان جي هئي. هن فيسٽيول
جي ڪاميابيءَ جي خوشيءَ کي پنهنجي ۽ حاضرين جي ڏک سان ملائيندي هي جملو چيو ته “جتي
شرناءِ وڄندي آهي، اتي ماتم به ٿيندو آهي” ان کان پوءِ هن پنهنجي ۽ اسان سڀني جي
ساٿي عاصمه جهانگير جي شخصيت، زندگي ۽ جدوجهد تي موقعي جي مناسبت سان مختصر پر جامع طريقي سان روشني وڌي.
ان ڪم لاءِ رحمان صاحب کان وڌيڪ موزون ڪو ٻيو ماڻهو ٿي به نه پئي سگهيو، ڇاڪاڻ ته
سندس اکين جي اڳيان ئي عاصمه عاصمه بڻي هئي ۽ شايد ڪجهه سندس ڪوشش سان به مون کي
ان وقت عاصمه جا چيل اهي لفظ ياد اچي رهيا هئا ته “رحمان صاحب منهنجو استاد آهي” رحمان
صاحب جا شاگرد ته ڪيئي آهن پر هيءَ شاگرد اهڙي هئي جيڪا استاد جي عظمت ۾ اضافي جو
سبب بڻيل هئي.
گذريل
اڍائي هفتن دوران انگريزي، اردو ۽ سنڌي (۽ شايد دنيا جي ٻين ٻولين) جي ميڊيا ۾
عاصمه جهانگير جي شخصيت ۽ جدوجهد جي باري ۾ ايترو لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي جو ان ۾
واڌارو ڪرڻ ڄڻ اجايو محسو ٿو ٿئي پر ٻئي پاسي سندس شخصيت ايتري گهڻ پاسائين هئي جو
ان بابت جيترو لکيو وڃي، تڏهن به اڃا گنجائش ۽ ضرورت محسوس ٿئي ٿي.
پاڪستان
۾ ڪيترا ئي اهڙا ماڻهو هوندا، جن کي بهادرن جي صف ۾ بيهاري سگهجي، کوڙ سارا ذهين
به هوندا، ڪافي ڪجهه اصول پرست به آهن، ڪمٽمنٽ وارن جي به ڪمي ڪانهي، بي شمار انسان
دوست ۽ عوام دوست ماڻهو به هتي رهن ٿا، ڪجهه اهڙا به آهن، جيڪي “اسٽريٽ فائيٽر” جي
سڃاڻپ رکندڙ آهن پر اهڙا انسان هن ملڪ ۾
تمام ٿورڙا آهن، جن ۾ اهي سڀ خوبيون موجود هجن، عاصمه جهانگير يقيني طور
انهن مان هڪڙِي هئي پر منهنجي راءِ ۾ ان
جي سڀ کان وڏي خوبي ۽ سڀ کان نمايان خاصت سچ چوڻ هئي، سچ ڪيترو ئي ڪڙو ڇو نه هجي،
حالتون ڪيتريون ئي خطرناڪ ڇو نه هجن ۽ مد مقابل ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي هر صورت
۾، هر حال ۾ اگهاڙو سچ چوڻ، اها صلاحيت ۽ اها همٿ هڪ جي ايم سيد ۾ هئي، ٻي عاصمه
جهانگير ۾، پاڪستان ۾ حڪمران اسٽيبلشمنٽ ۽ مذهبي انتهاپسندن جي طاقت آڏو ڪير سچ نٿو
ڳالهائي سگهي. ايتري تائين جو ويهه ڪروڙ عوام جي نمائندگيءَ جي دعويدار پارليامينٽ
به انهن قوتن جي آڏو گوڏا کوڙي ٿي ڇڏي پر
هي ٻه شخصيتون جن کي هڪ فردي فوج چئي سگهجي ٿو، سي سدائين انهن جي سامهون سينو تاڻي
بيٺل نظر اچن ٿا.
عاصمه
جي شخصيت جي همگيريت جو هڪڙو پاسو اهو به آهي ته اها ڪنهن به هڪ گروهه، هڪ طبقي يا
ڪنهن مخصوص علائقي جي ماڻهن جي حقن لاءِ نه جهيڙيندي هئي، هوءَ سمورن مظلوم ۽محڪوم
انسانن جي نابرابري، عزت ۽ وقار جي جنگ وڙهندي هئي، عورتن جي حقن خاطر جدوجهد هجي،
مذهبي تفريق جو شڪار ٿيندڙن جو مسئلوهجي، مزدورن جون مصيبتون هجن يا هارين جي
غلامن جهڙي زندگي، محڪوم قومن جي حقن جي جدوجهد هجي يا ملڪ ۾ جمهوريت جي لڙائي، هر
ميدان ۾ عاصمه جهانگير پهرين صف ۾ موجود هوندي هئي، جيڪڏهن ڪا صف موجود هئي نه، تڏهن
به عاصمه موجود هوندي هئي.
مان سنڌ
جي قومي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ هڪ قومپرست پارٽيءَ جو ڪارڪن آهيان ۽ اها هڪ حقيقت آهي
ته سنڌين سميت ملڪ جي سڀني محڪوم قومن کي پنجاب کان سخت شڪايتون رهيون آهن پر
اسلامي نظام نظريه پاڪستان ۽ ملڪي سلامتيءَ جي نالي ۾ قومن جي حقن، ايستائين جو انهن
جي وجود، کان انڪار وارو رياستي بيانيو
ايترو زوردار ۽ ان بيانيي سان پنجاب جي وابستگي ايتري ته گهري آهي جو ان خطي سان واسطو رکندڙ رڳو ٿورڙا غير معمولي
ماڻهو ئي ان جي خلاف ۽ ٻين قومن جي حق ۾ آوار اٿارڻ جي همٿ ڪري سگهندا آهن. انهن ۾
عاصمه جهانگير جو نالو نمايان رهيو آهي. ان کان اڳ ۾ سندس والد ۾ به اها انفراديت
هئي.
جڏهن ۱۹۷۱ ۾ بنگال تي فوجي چڙهائي ڪئي وئي ته ان خلاف پنجاب مان اٿندڙ چند آوازن ۾
ملڪ غلام جيلانيءَ جو آواز به شامل هئو. مون ڪيترا ئي اهڙا ناليوارا سياستدان ۽
دانشور ڏٺا آهن، جيڪي ڪمرن جي اندر يا چانهه جي
ڪوپ تي ته پنجاب جي بالادستيءَ جي ڳالهه ڪندا آهن پر اسٽيج تي ان جي اظهار
کان لنوائيندا آهن. عاصمه جهانگير نه رڳو
اسٽيج تي وڏي واڪ ان مسئلي تي ڳالهائيندي هئي پر ان “ممنوعه” معاملي تي کليل گفتگو
خاطر پاڻ به اسٽيج سجائيندي هئي، مون پاڻ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان پاران
لاهور ۾ ڪوٺايل اهڙن ڪيترن سيمينارن ۾ شرڪت ڪئي، جتي سنڌي، بلوچ ۽ پختون قومپرستن
کي پنجاب جي سياستدانن ۽ دانشورن جي آمهون سامهون ويهاريو ويندو هئو ۽ انهن سيمينارن ۾ اهڙا ٺهراءَ پاس ڪيا ويا، جن تي جيڪڏهن هن ملڪ
جا حڪمران ڪن ڌرن ها ته شايد هي خطو انهن مصيبتن ۽ انهن بحرانن کان بچي وڃي ها، جن
۾ اهو اڄ وڪوڙيل آهي.
جيئن عاصمه
جو استاد آءِ اي رحمان هئو، تيئن منهنجو زندگيءَ جو استاد جي ايم سيد هئو. ان کان
زندگيءَ جو هڪڙو اهم سبق مون کي اهو مليو ته “هر نيڪ انسان، هر سٺو ماڻهو اسان جو آهي،
پوءِ اهو ڪير به هجي ۽ ڪٿي جو به رهندڙ هجي” ان سبق جي ايتري حقيقت منهنجي سامهون
اڳ ۾ نه آئي هئي، جيتري ۱۱
فيبروري ۲۰۱۸ تي آئي، جڏهن عاصمه جهانگير موڪلايو.
ان گهڙيءَ مون کي محسوس ۽ معلوم ٿيو ته منهنجو پنهنجو ڪو هليو
ويو آهي، هڪڙو خيال آهي ته طاقتورن جي آڏو همٿ سان بيهڻ ۽ انهن کي کرو سچ چوڻ جو هڪڙو
سبب اهو به آهي ته سندس تعلق پنجاب سان هئو. ان ڳالهه ۾ به ڪجهه وزن ٿي سگهي ٿو پر
وري ان ئي حوالي کان صورتحال جو ٻيو پاسو به آهي. سو اهو ته پنجاب سان تعلق هجڻ جي
باوجود پنجاب ۾ ويهي پنجاب جي بالادست ۽ طاقور ڌرين جي خلاف ۽ ٻين قومن تي انهن جي
بالادستيءَ خلاف آواز اٿارڻ همٿ، جرئت ۽ ڪمٽمنٽ کان سواءِ ممڪن ناهي.
اسان
جي ڪجهه دوستن کي اها به شڪايت آهي ته هوءَ اسان (محڪوم ۽ مظلوم طبقن) جي موقف جي
مڪمل حمايت نه ڪندي هئي يا ان سان اختلاف ڪندي هئي، اها به درست ڳالهه آهي پر اسان
کي صورتحال کي وسيع تناظر ۾ ڏسڻ کپي. پاڪستان جهڙو رياستي نظام، جيڪو اڃا تائين اڻويهين
صديءَ ۾ ساهه کڻي رهيو آهي، جتي بندوق طاقت جو واحد سرچشمو آهي، جتي سماج تي
جاگيردار، ملا ۽ ملٽري جي فطري طور جمهوريت مخالف قوتن جو غلبو آهي. اتي ان کي حقن
واري ويڙهه جو دائرو وڌائڻو پوندو. لڪير ضرور ڪڍڻ کپي پر اها لڪير اسٽيٽسڪوStatuesque
حامي
۽ اسٽيٽسڪو مخالف قوتن جي وچ ۾ هجڻ کپي. ان پس منظر ۾ ڏسنداسين ته عاصمه جهانگير
جهڙا ماڻهو اسان کي پنهنجا اتحادي ۽ حليف نظر ايندا.
سوويت
يونين جي ڊهڻ ۽ سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ مزاحمت جي لفظ کي اڻوڻندڙ بڻايو ويو
آهي، جڏهن ته اصولن ۽ آدرشن خاطر جدوجهد کي “پراڻو فيشن” چئي رد ڪيو ٿو وڃي.
مفاهمت جي نالي ۾ ماڻهن منافقت، مفادپرستي ۽ موقعي پرستي جا بدترين (يا چئجي ته
بهترين) مثال قائم ڪيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ عاصمه مزاحمت جي جهنڊي کي سدائين بلند
رکيو. دانشوراڻي بحث مباحثي کان وٺي روڊ رستي ۽ گهٽي محلي جي لڙائيءَ تائين هوءَ
مزاحمت جي اڳينءَ صف ۾ هوند هئي. پاڪستاني
رياست ۽ سماج تي ڊگهي عرصي کان غالب اسٽيبلشمنٽ ۽ مذهبي انتهاپسند هجن يا ويجهي
ماضيءَ کان بالادستيءَ لاءِ ڪوشان عدليا جا ايوان هجن، هر جڳهه ۽ هر وقت اختلاف ۽ مزاحمت ۾ عاصمه جو
آواز سڀني کانسواءِ رهندو هئو ۽ وڏي ڳالهه
ته هن جو اهو مزاحمتي ڪردار سندس زندگيءَ تائين محدود نه رهيو، موت کان پوءِ مٽيءَ
۾ ملڻ تائين اوندهه جي ساٿارين کي سندس للڪار
جاري رهي، جنهن جو ثبوت سندس جنازو هئو، جنهن ۾ سمورين روايتن کي چئيلنج ڪندي، سڀني
پابندين کي ٽوڙيندي ۽ سمورين فتوائن جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ وڏي تعداد ۾ عورتن
مردن جي وچ ۾ بيهي نماز پڙهي. اسان سڀني کي عاصمه جي ان مزاحمتي ڪردار کي مضبوط ڪرڻ
۽ اڳتي وڌائڻ کپي، ڀلي اسان کي ان جي ڪن ٻين ڳالهين سان اختلاف ڇو نه هجي.
عاصمه جهانگير
عورتن ۾ همت پيدا ڪندڙ
ماهم سنڌي
ڪي ماڻهو
جئيندي به هڪ مثالي ڪردار طور جئيندا آهن ۽ مرندي مرندي به پراڻين روايتن کي ردي
جي ٽوڪري ۾ وجهي نئين روشن خيالي کي سماج ۾ متعارف ڪرائي ويندا آهن. اڄ ۸ مارچ عورتن جو عالمي ڏهاڙو آهي ۽ پوئين مهيني فيبروري جي ۱۱ تاريخ تي اسان کان هڪ مثالي عورت جو ڪردار وڇڙي ويو آهي. ۱۱ فيبروري تي لاڏاڻو ڪري ويل عاصمه جهانگير، هڪ اهڙي عورت هئي جيڪا ڪنهن
سپاهي جيان انصاف جي ميدان ۾ حقن جي جنگ وڙهڻ به ڄاڻندي هئي ته، مخالفن کي دليلن
سان شڪست ڏيڻ جي به ماهر هئي. سندس مرتئي تي نه صرف مردن پر هزارين عورتن لاهور جي
قذافي اسٽيڊيم ۾ پهچي سندس جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. هڪ اهڙو ملڪ جٿي مذهبي
انتهاپسندي توڙي مُلاگردي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي هجي، جٿي عورتن جي آزادي ۽ ترقي تي
پابندي وجهڻ لاء ڪئي ئي شريعت جي نالي تي غيرشرعي قانون روز ٺاهيا وڃن، اتي جنازي
نماز ۾ عورتن جي ايتري وڏي تعداد انهي ڳالھ جي ثابتي آهي ته عاصمه جي تحريڪ ۽ سندس
للڪار اڄ به زنده آهي. هو نه صرف پاڻ پر هن جو مُرده جسم پڻ دفن ٿيڻ کان اڳ سماج ۾
هڪ وڏي تاريخي تبديلي آڻي ويو، جيڪا انتهاپسندن جي مُنهن تي ڪنهن چماٽ کان گهٽ ڪين
هئي . ۲۷ جنوري ۱۹۵۲ع ۾ پنجاب جي گادي جي هنڌ لاهور ۾ ملڪ غلام جيلاني جي گهر جنم وٺندڙ عاصمه
جيلاني وٽ ناحق خلاف آواز اٿارڻ ورثي مان به آيل هيو . سندس پيءُ رٽائرمينٽ بعد
فوجي ڊڪٽيٽرشپ خلاف آواز اٿارڻ لڳو هو ، بنگالين جي قتل عام تي پڻ هو سخت مخالفت ڪري
سگهارو آواز کڻندو هو.
عاصمه
قانوني ماهر، انساني حقن جي اڳواڻ ته هئي پر هو ان سماج ۾ پيدا ٿيل هڪ عورت ئي
هئي، جتي ڪڏهن عورت ڪاري ڪري ماري وڃي ٿي، ڪٿي غيرت جي نالي تي سسي ڌڙ کان ڌار ڪئي
ويندي آهيس. ڪٿي گهريلو تشدد سهي ٿي ته، ڪٿي منهن تي تيزاب جا عذاب برداشت ڪري ٿي
انهيءَ سماج ۾ جنم وٺندڙ عاصمه جهانگير، انهن ظلم جي ماريل عورتن لاء ڄڻ ته آس هئي
جيڪي انصاف مان نراش ٿي وينديون هيون. عاصمه جهانگير جرئتمند، حوصلي مند ۽ طاقت
سان گڏ تعليم يافته اها عورت هئي، جنهن مذهب جا ڀيد ڀاءُ وساري انسانيت سان محبت ڪئي
۽ انسانيت جي لاءِ انصاف جي جاکوڙ ڪري، انسانيت جي خدمت پڻ ڪئي. عاصمه جهانگير جي
وفات تي هڪ طرف ان جي وڃڻ جو سوڳ ٻي طرفان اها تسلي به آهي ته هن جهڙي بهادر عورت
کي ماريو نه ويو، جنهنجا مخالف چؤڌاري هئا . هو جڏهن پنهنجو رئو ڪلهي تي رکندي هئي
ته انتهاپسند مُلا ان کي لادين سڏيندا هئا. جڏهن هو مسيح برادري جي مظلوم آسيه
بيبي جي ڪوڙي توهين رسالت جي ڪيس ۾ ڦاسڻ بعد ان جو پاسو جهليو ته، ان کي ڪُفر جو
نالو ڏنو ويو. جڏهن پاڪستان مان سوين سياسي ، سماجي ڪارڪن جبري طور گم ٿيا انهن جي
باسلامت بازيابي لاء آواز بلند ڪيو ته، هي رياست جي ڏوهي سڏجڻ لڳي. پر هو حق سچ جي
ساٿياڻي ۽ ظلم خلاف اٽل ٿي بيهندڙ عورت هئي. جڏهن ننڍڙن ٻارن کان جبري پورهيو ڪرايو
ويو ٿي ته به، انهيءَ سخت پورهئي جا نشان عاصمه جي روح تي ڄڻ داغ ڇڏي ويندا هئا
جنهن سبب هو ٻارن جي حقن لاءِ پڻ جدوجهد ڪندي هئي. هو ڪنهن هڪ جنس هڪ طبقي لاءِ نه
بلڪ، جتي جنهن سان ناحقي ۽ ظلم ٿيندي ڏسندي هئي ان جو انصاف پسند روح اهو سهي نه
سگهندو هو ۽ ان کي مجبور ڪندو هو ته هي ان ظلم خلاف بيهندي هئي ڀلي پوءِ اڪيلي ئي ڇو
نه ٿي وڃي. جڏهن توهين رسالت جي ڪوڙي الزام هيٺ گلگت بلتستان واسي مشهور هيرو بابر
جان کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي ته، عاصمه ان جي حق ۾ اٿي بيٺي. پنجاب جي اڳوڻي
گورنر سلمان تاثير تي جڏهن ڪفر جا ڪوڙا الزام لڳا ته عاصمه ان جي وڪالت ۾ وسان ڪين
گهٽايو. هڪ ڀيري عاصمه ڪٿي ڳالهائيندي چيو ته: “اسين ڪڏهن به درست سبق ناهيون
سکندا. اسين ڪڏهن به مسئلي جي پاڙ تائين ناهيون ويندا. هڪ ڀيري اگر توهان مذهب کي
سياسي ڪرڻ ۾ لڳي وڃو ته سمجهي وڃو توهان باھ سان پيا کيڏو ۽ توهان پاڻ پڻ سڙڻ کان بچي
نه سگهندا.”
عاصمه
حق سچ جي ساٿياڻي هئي ۽ پنهنجو موقف عارضي مقصدن لاءِ نه بدلائيندي هئي. ۱۹۸۲ع ۾ ضياءُالحق مذهبي قانون مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ عورتن جي حقن کي
نظرانداز ڪيل هو ته ان تي عاصمه جهانگير مزاحمت ڪندي اسلام آباد ۾ هڪ وڏي مارچ جي
اڳواڻي ڪئي جنهن تي کيس ننڍڙي هيروئن(ننڍڙي سورمي) پڻ سڏيو ويو هو . ۱۹۸۷ع ۾ پاڪستان ۾ جڏهن انساني حقن کي تحفظ ڏيڻ واري تنظيم، هيومن رائٽس ڪميشن
آف پاڪستان جي بنياد پئي پيا ته ، عاصمه جهانگير ان تنظيم جا ملڪ ۾ پايا وجهندڙ
ميمبرن مان هڪ هئي. هو ان جي سيڪريٽري جنرل ۽ بعد ۾ چيئرپرسن واري عهدي تي پڻ رهي.
عاصمه جهانگير گڏيل قومن جي خاص رپورٽر طور مقرر هئي، جنهن ۾ هو مذهبي آزادي ۽
عدالتي قتل خلاف خاص رپورٽ اقوام متحده جي ميٽنگ ۾ پيش ڪندي هئي. سال ۲۰۰۶ع ۾ جڏهن عاصمه جهانگير ڊيره بگٽي وڃي رهي هئي ته ان جي گاڏي مٿان فائرنگ ڪئي
وئي. هو پاڻ محفوظ رهي ۽ اچي چيائين اڪبر بگٽي کي مارڻ جي سازش چوٽ چڙهي رهي آهي ۽
ڪجھ عرصي بعد اڪبر بگٽي کي ڳجهي طريقي سان ماريو ويو. ۲۰۰۷ع کان مسلسل مسنگ پرسنز جي تحريڪ جو حصو رهندڙ عاصمه انهن جي واپسي لاء جٿي
ڪٿي آواز بلند ڪندي رهي آهي. هو چپ چاپ ناحقي ۽ جبر ٿيندي ڏسڻ وارن منجهان نه هئي،
هو ته ظالم کي للڪار ڏيڻ وارن منجهان بهادر عورت هئي، جنهن جي طاقت ۽ حوصلو مردن
کان به مٿي هو. عاصمه جهانگير ۲۰۱۰ع کان ۲۰۱۲ع تائين سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئشن پاڪستان جي پهرين عورت صدر طور چونڊجي
آئي هئي.
۲۰۱۲ع ۾ جڏهن ميمو گيٽ اسڪينڊل ڄاڻائي حسين حقاني تي ڪيس هلايو ويو ۽ ان جي وڪالت
ڪرڻ لاءِ ڪير تيار نه هو ته، عاصمه جهانگير ان جي وڪالت ڪرڻ لڳي ۽ چوندي هئي نواز
شريف کي ڪو حق نٿو پڄي ته ججن جي سهڪار ۽ فوجين جي گواهي سان هڪ چونڊيل حڪومت کي
وقت کان اڳ ڪيرائي وجهي. هاڻي جڏهن وقت پاسو ورايو ۽ ساڳيا جج ۽ ساڳي عسڪري قيادت
نواز شريف جي خلاف ٿي لاڳيتا هڪ طرفا فيصلا ٻڌائي رهي هئي ته، عاصمه جهانگير چونڊيل
ن ليگ جي حڪومت جو پاسو کڻندي ان جي حمايت ڪندي رهي. عاصمه موجب اهو ڪم ووٽرن جو
آهي ته ڪنهن کي چونڊن ٿيون ۽ ڪنهن کي شڪست ڏين ٿيون، اهو ڪم سپريم ڪورٽ جو ناهي ته
هڪ چونڊيل وزيراعظم تي نا اهلي جي ڇاپ لڳائي کيس فارغ ڪري. ۱۸ جنوري ۲۰۱۷ ع ۾ کيس اهو اعزاز مليو ته هو
پهرين پاڪستاني عورت هئي جنهن لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ۾ امرتيا سين ليڪچر ڏنو،
جنهن جو عنوان اهو هو ته اهڙي لبرل ۽ روشن خيال سياست کي هٿي وٺرائي اڳيان آڻجي،
جيڪو مذهبي عدم برداشت جي روڪٿام ڪري.
اڄ
عورتن جو عالمي ڏينهن آهي ۽ اسان کان پاڪستان جي هڪ عظيم عورت جيڪا ليڊر پڻ هئي،
سا جسماني طور الوداع ڪري چڪي آهي. عاصمه جهانگير جو وڇوڙو ڊگهو ۽ خال ڀرجڻ جهڙو
هرگز ڪونهي، پر سندس ڪردار ۽ مزاحمت اڄ به زنده آهي ۽ هر حق پرست جي دل ۾ مشعل
جيان ٻري رهي آهي. اميد آهي ته ايندڙ وقت ۾ ڪيتريون ئي عورتون عاصمه جهانگير ٿي اٿنديون،
پنهنجي توڙي ٻين جي حقن لاءِ آواز کڻنديون ۽ مرداڻي سماج اندر عورتن کي برابري
وارا حق ڏيڻ تي مجبور ڪنديون. عورت جيڪر مظلوم ۽ سماج جي ستايل آهي ۽ نا انصافي جو
شڪار آهي ته، اها قصور جي زينب ۽ مختاران مائي جو روپ آهي، پر جيڪر عورت بهادر آهي
ته اها بينظير ڀٽو شهيد، عاصمه جهانگير، سبين محمود، پروين رحمان، زاهده شيخ جو روپ
آهي. اهڙين بي باڪ ۽ بهادر عورتن کي سوين سلام پيش ڪجن ٿا جن سماج ۾ مثبت تبديلي آڻڻ
لاءِ ساراهه جوڳا قدم کنيا.
عاصمه جھانگير
جي نه ماريا موت!!
نذير سومرو
جاگرافي
۾ جيئڻ وارا ته مري ويندا آهن پر تاريخ ۾ جيئڻ وارن کي موت ڪيئن ماريندو؟ موتو قبل
از تو موتو وارن کي موت ڪيئن ماريندو؟ مرڻ مون سين آءُ ته پٺيءَ تو پنڌ ڪريان وارن
کي موت ڪيئن ماريندو؟ موت به ڪيترو نه اياڻو آهي اچي عاصمه جو در کڙڪايو اٿائين.
موت پنهنجي ئي ان قانون کي وساري (موت هڪ دفعو ايندو آهي) جڏهن ٻيو دفعو عاصمه وٽ
پهتو ته کيس پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو. هوءَ ته پنهنجي لاءِ ڏنل زندگي
گذاري/پوري ڪري ٻين لاءِ جيئڻ واري زندگي جي رهي هئي. سندس اعلان هو ته آهي ڪو جيڪو
لاوارث هجي، ڪو نااميد/مايوس هجي ته مان ان جي اميد ۽ آسرو بڻجان. اها عاصمه هاڻي
اسان ۾ ڪونهي.
پر
منهنجي ذهن ۾ هڪ ٻيو سوال جنم وٺي مونکي هر وقت تنگ ڪندو رهي ٿو ته آخر هن جي ڪهڙي
خوبيءَ جا عاشق آهن سڀ ماڻهو؟ اهڙا انسان ته ڪيترا ئي آهن هن سماج ۾. آخر عاصمه کي
ايتريون محبتون نصيب ڪيئن ٿيون جو هڪ مشهور ٽي وي اينڪر چيو ته جيڪڏهن حڪومت کيس
سرڪاري اعزاز سان دفنائي ها ته اهو عاصمه لاءِ نه پر ملڪ لاءِ فخر جو بائث هجي ها.
(هن اهو به چيو ته ڪيترن جو اهو ارادو هو ۽ خود حڪمران پارٽيءَ جو سربراھ به چاهي
پيو. . . . . . . ته پوءِ آخر ڪنهن اهو ٿيڻ نه ڏنو؟) وري جواب به ذهن ۾ اچي ٿو ته
هوءَ ڏاڍن کي سامهون چوڻ واري هئي يعني اصل مالڪن کي. حديث پاڪ به آهي ته ظالم کي
سامهون سچ چوڻ وڏو جهاد آهي. وزير وڙن کي ته هر ڪو ڪا نه ڪا ڳالھ ان جي سامهون چئي
سگهي ٿو، چوندو رهي ٿو. پارٽي سربراھ به نشاني تي هجن ٿا هر وقت پر. . . . . . . .
. . اتي ته ڪيترن جا پر ٿا سڙن جتي هيءَ ڳالهائيندي هئي. مونکي سندس هڪ بيان جيڪو
اخبارن ۾ ڇپيو تي ڏاڍي حيرت ٿي هئي ته مان سپريم ڪورٽ کي سلام ڪنديس جڏهن هوءَ ملڪ
جي اصل مالڪن جو ڪو حساب ڪتاب جاچي.
ان
سموري سين کي ڏسي مونکي الائي ڇو فلمي سين پيئي ياد اچي جنهن ۾ ولين هيري جي ڀيڻ کڻي
جڏهن روانو ٿيندو آهي ۽ ٿوري دير کانپوءَ هيرو وري ڪنهن گهوڙي تي چڙهي ان جو پيڇو ڪندو
آهي تڏهن هال تاڙين سان گونجندو آهي. هر ڏسندڙ جي اها تمنا هوندي آهي ته هيرو ولين
کي پڪڙي. ان کان پوءِ ولين کي پڪڙي جڏهن هو مار ڏيڻ شروع ڪندو آهي ته هر مڪ/ٺونشي
لاءِ ائين محسوس ٿيندو آهي ته اهو هيرو نه پر کيس ڏسندڙ هڻي رهيو آهي.
اها
فلمي هيري سان محبت کان وڌيڪ حق ۽ سچ سان اندر ۾ ويٺل محبت هوندي آهي جيڪا جاڳي
پوندي آهي ۽ اسان کي هال ۾ تاڙيون وڄائڻ تي مجبور ڪندي آهي. ساڳيءَ ريت ڇا ڪنهن اهڙي
ماڻهوءَ سان محبت اسان جي اندر ۾ هڪ ڌپ ڪري ويل سماج لاءِ نفرت جو عڪس ڪونه هجي ٿي
۽ وري اها هڪ جهڙائي اسان کي ان جو ساٿي/ هم خيال بڻائيندڙ؟
هي ملڪ
جڏهن ڪنهن اهڙي وفاداريءَ عيوض ڄڻ ته انعام ۾ مليو هجڻ ڪري بي ڪفنو ڪري ماريو ويو
آهي، جنهن جي نظام جي هر حصي تي ڄڻ ڪا بجلي ڪڙڪيل هجي، ان جا مهانڊا بدلائي ڇڏيا
هجن ان کنوڻ. يعني اصل روپ جي بجاءِ ان جو ضد وارو روپ ورتل هجي هي سماج. اسپتال
بلڪل ئي ڪوس گهر واري ڏيکاري ڏئي، اينٽي ڪرپشن وارو ادارو بڻيل هجي ڪرپشن جو ڳڙھ
اتي ان نظام کان بغاوت ڪرڻ پڪ سان فطري آهي پر فطرت جا قانون پنهنجي اٽل هجڻ
باوجود هر ماڻهوءَ تي ساڳيءَ طرح لاڳو ٿين اهو به ضروري ڪونهي. ڪي هن نظام مان
مايوس ٿي وڃي اوتارا وسائيندا آهن جيئن سوويت يونين جي ٽٽڻ کي ڪميونزم جي هار
سمجهي پراڻن پراڻن تربيت يافته ڪميونسٽن وسايا هئا. ڪي وري مايوس ٿي دٻجي ويندا
صرف چند ماڻهو همت ڪري بيهندا آهن، بلڪل غالب جي هن شعر وانگر ته، سب ڪهان؟ ڪڇ لال
و گل ۾ نمايان هوگئين. . جيڪي وڏي واڪي چوندا آهن ته بس هاڻي گهڻو ٿي چڪو، هاڻي هي
نظام هلڻ نه ڏينداسين. دٻيل ماڻهن جي دلين تي اميد جي مينهن جون ڪڻيون وسنديون آهن
هو انهن جو ساٿ ڏيندا اڳتي وڌندا محل ماڙيون ڪيرائيندا وڃي انقلاب جي مومل سان
ملندا آهن. تاريخ اهڙن ماڻهن کي چمي ڏيئي پنهنجي سيني ۾ جاءِ ڏيندي آهي. ايندڙ نسل
انهن کي جدا جدا نالن سان پڙهندو آهي ۽ محبتون ڪندو آهي. هتي به هلڻ گهمڻ جا سڀ
رستا بند ڪيل آهن، ڪو ڳالهائي ٿو ته مري ٿو. هو ڳالهائي ٿو ماريوس، هو سوچي ٿو ماريوس،
هو کلي ٿو ماريوس، هو زندھ هجڻ جو تمنائي آهي ماريوس. اهي مايوسيون ئي انقلاب جي
زمين جا هَرَ آهن جيڪي هن جي زرخيزيءَ لاءِ شروعات هوندا آهن يعني سموري ڳالھ جو
مطلب ته مايوسين مان اميدن جا گل ٽڙندا آهن. مايوسين مان ئي عاصمائون جنم وٺنديون
آهن. اهڙي صورت ۾ هر گهر مان ڪو ٻيو نڪري يا نه نڪري پر نفرت/بغاوت ڪندڙ عاصمه
ضرور نڪرندي ۽ نڪرڻ گهرجي اهو ئي دستور آهي اهو ئي سبق آهي تاريخ جو.
No comments:
راءِ ڏيندا