; سنڌي شخصيتون: سردار علي محمد مهر - بخت علي بوزدار

01 July, 2019

سردار علي محمد مهر - بخت علي بوزدار


سردار علي محمد مهر
اسان کان وڇڙي ويو...!
بخت علي بوزدار
سنڌ ڌرتي وقت به وقت ڪيترا ئي عظيم انسان پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجن ڪارنامن ۽ جدوجهد سان سنڌ ڌرتي جو نالو هميشه روشن رکيو، جن مان سردار علي محمد مهر به هڪ هو. سردار علي محمد مهر جو جنم گهوٽڪي ضلعي جي تعلقي خانڳڙهه ۾ سنڌ توڙي پاڪستان جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ  ۽ سياسي گهراڻي حاجي علي انور خان مهر جي گهر ۾ ۱۹۶۷ع ۾ ٿيو.


سردار علي محمد مهر ابتدائي تعليم پنجاب جي شهر بهاولپور جي صادق پبلڪ اسڪول  مان حاصل ڪئي. هن سياست جي شروعات باقاعده ۱۹۹۵ع ۾ ڪئي. سندس چاچي سردار غلام محمد خان مهر جي وفات بعد، پ پ جي ٽڪيٽ تي بنا مقابلي پهريون ڀيرو ايم اين اي چونڊيو ويو. ۱۹۹۷ع ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تان، هڪ دفعو ٻيهر اليڪشن وڙهي ايم اين اي طور ڪامياب ٿيو.
سردار علي محمد مهر ۲۰۰۲ع واري اليڪشن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تان آزاد حيثيت ۾ منتخب ٿيو ۽ ٻنهي سيٽن تي ڪامياب ٿيڻ بعد قومي اسيمبلي واري سيٽ تان دستبردار ٿي، ايم پي اي چونڊجڻ بعد (ق) ليگ جي پليٽ فارم تان پرويز مشرف جي دور ۾ سنڌ جي ۲۵هين وزيراعليٰ طور حلف کنيو. علي محمد مهر وڏ وزارت جي عهدي تي ڏيڍ سال رهيو. هن پنهنجي دور ۾ نه صرف سنڌ پر گهوٽڪي ضلعي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. علي محمد مهر جي ڪوششن سان گهوٽڪي ضلعي اندر ڪيڊٽ ڪاليج، سرڪٽ هائوس، اسپورٽس ڪامپليڪس، لا ڪامپليڪس، ڊسٽرڪٽ جيل، بس ٽرمينل ۽ سکر ۾ سردار غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي قيام سميت گهوٽڪي ۾ ٻيا اهم ادار قائم ڪيا ويا ۽ ڪجهه سال پهرين شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جو ڪئمپس گهوٽڪي ۾ قائم ٿيڻ وارو ڪريڊٽ به علي محمد مهر ڏي وڃي ٿو.
ان کان علاوه هو ۲۰۰۸ع ۾ گهوٽڪي جي تڪ اين اي ۲۰۱ تي آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهي ايم اين اي بڻيو ۽ ۲۰۱۳ع ۾ ساڳئي ئي تڪ تي پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تان اليڪشن کٽي ايم اين اي چونڊيو ويو ۽ گذريل سال ئي هن هڪ دفعو ٻيهر آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهي، سوڀ حاصل ڪئي ۽ ان کانپوءِ هو پي ٽي آءِ جو حصو بڻيو ۽ ۴ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع تي حلف کڻي، عمران خان جي ڪابينا جو حصو ٿي ويو ۽ وفاقي حڪومت ۾ کيس اينٽي نارڪوٽيڪس جو قلمدان سونپيو ويو.
سردار علي محمد مهر ٽن ڀائرن مان ٻئي نمبر تي هو. سندس وڏو ڀاءُ سردار علي گوهر مهر، جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان ايم پي اي چونڊيل آهي ۽ سندس ننڍو ڀاءُ سردار علي نواز خان عرف راجا خان مهر، پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تان ايم پي اي پڻ آهي.
سردار علي محمد مهر طبعيت ۾ هڪ نفيس ۽ ماٺيڻو انسان هو. وڏائي ۽ سندس سرداري جو ڏيک ته ان مان ڪڏهن ڏسڻ وٽان به نه مليو هو. سردار علي محمد مهر جتي به ويندو هو اتي جي ماڻهن سان رلي ملي ويندو هو. سردار علي محمد مهر نه صرف هڪ سياستدان هو پر هو گهوٽڪي ضلعي جي عوام جو هڏڏوکي پڻ رهيو. هو سماجي ڪمن ۾ هميشه اڳڀرو رهندو هو، ان ڪري ئي هن سردار علي محمد مهر جي نالي سان هڪ ٽرسٽ پڻ قائم ڪئي، جنهن ٽرسٽ ذريعي غريب، بي پهچ ۽ بي سهارا ماڻهن جي مدد ڪئي وڃي ٿي.
علي محمد مهر جي اوچتي وڇوڙي سبب گهوٽڪي ضلعي جو عوام يتيم ۽ لاوارث بڻجي ويو آهي، ان کانسواءِ سياسي توڙي سماجي حوالي سان به سردار علي محمد مهر جي وڇوڙي جو تمام گهڻو اثر پوندو.
سردار علي محمد مهر پونيئرن ۾ هڪ پٽ، ۷ نياڻيون ۽ هڪ بيواهه سوڳوارن ۾ ڇڏي هميشه لاءِ الوداع ڪري ڏور ديس هليو ويو آهي. سندس پٽ احمد علي مهر، ٽائون ڪاميٽي خانڳڙهه جو چيئرمين پڻ آهي. سردار علي محمد جي وفات کانپوءِ گهوٽڪي ضلعي جي سياست ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، اهو شايد ڀرجي نه سگهندو.

No comments:

راءِ ڏيندا