; سنڌي شخصيتون: عابده پروين

01 July, 2019

عابده پروين


عابده پروين
سنڌ، ملڪ ۽ عالمي سطح تائين پکڙيل گائيڪي جو سفر
۶۲هين جنم ڏينهن جي نسبت سان
وزير فرهاد سولنگي
Related image
عابده پروين لاڙڪاڻي جي علي گوهر آباد پاڙي ۾ رهندڙ هڪ راڳي گهراڻي ۾ ويهين اپريل ۱۹۵۶ ۾ ڄائي. (ڪٿي ۱۹۵۷ع به لکيل آهي) سندس پيءُ ماسٽر غلام حيدر لاڙڪاڻي ۾ موسيقيءَ جي تربيت جو هڪ اسڪول هلائيندو هو، هو پنهنجي دور جو سريلو راڳي هو. عابده جي امڙ ممتاز بيگم به ڳائيندي هئي. ان ماحول ۾ عابده اکيون کوليون. کيس ابتدائي موسيقي جي تعليم پنهنجي گهران ئي ملي. اسڪول ۾ پڙهڻ دوران باقاعده ڳائڻ شروع ڪيائين.


عابده جي مائٽن لاڙڪاڻي کان پوءِ سنڌ جي مختلف شهرن جهڙوڪ: خيرپور، سکر ۽ مٽياريءَ ۾ رهڻ کانپوءِ حيدرآباد وسائي. جتي عابده کي ۷۳/۱۹۷۲ع ڌاري ريڊيي حيدرآباد جي ميوزڪ پروڊيوسر غلام حسين شيخ هڪ فنڪشن ۾ ٻڌو ۽ ريڊيي تي اچڻ جي دعوت ڏنائنس. هن عابده جو آواز ٻڌي ڄاڻي  ورتو ته عابده محنت سان وڏي منزل ماڻي سگهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو شيخ صاحب گهري دلچسپي وٺي هن جي رهنمائي ڪرڻ شروع ڪئي. ان وقت ميوزڪ ڊائريڪٽر استاد محمد جمن، استاد نياز حسين ۽ ماسٽر محمد ابراهيم عابده جي تمام گهڻي رهبري ڪئي. ناميارو براڊڪاسٽر الله بخش بخاري به مٿس گهڻو مهربان هو. انهن سڀني ماڻهن گڏجي سڏجي هن جي هر لحاظ کان تربيت ڪئي. سڀني کان گهڻو هٿ شيخ غلام حسين جو رهيس. عابده جي اُچار ۽ ادائگيءَ سنوارڻ ۾ هن ڪا ڪسر نه ڇڏي. هن استاد مهر علي خان لاڙڪاڻي واري کان به سکيو، تنهن کانسواءِ استاد سلامت علي خان ۽ استاد محمد جمن جي باقاعدي شاگردياڻي به بڻجي.
عابده جو ريڊيي تي جيڪو سڀ کان پهريون ڪلام ريڪارڊ ڪيو ويو. ان جو شاعر مفتون عبدالغفور همايوني ۽ ٻول هئا.
تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا
انکانپوءِ سندس آواز ۾ ميان صاحبڏني فاروقي جو ڪلام رڪارڊ ڪيو ويو.
ٻول: من گهرئي مشتاق سان جيئري جدايون ڪيم ڪر!
ان وقت ريڊيو وڏو ڳالهه هوندي هو. ريڊيي وسيلي هوءَ ٿورڙي وقت ۾ تمام گهڻي مشهور ٿي وئي. هونئن به اُهو فنڪار خوش نصيب ليکيو ويندو آهي. جنهن کي بهترين پروڊيوسر ملندو آهي. جيڪي به ميڊيا وسيلي وڏا فنڪار مقبول ٿيا آهن. انهن جي مقبوليت ۽ فني پختگيءَ ۾ پروڊيوسرن جو اهم ڪردار رهيو آهي. شيخ صاحب نه رڳو عابده پروين کي ان منزل تي پهچايو پر ٻيا به ڪيترائي فنڪار آهن جن کي هن اڳتي آندو. انهن ۾ مائي ڀاڳي ۽ علڻ فقير جا نالا مٿانهان آهن. شيخ صاحب اڳتي هلي ۱۹۷۵ ۾ عابده سان شادي ڪئي ۽ مٿس مڪمل ڌيان ڏيڻ لڳو.
شيخ صاحب سنڌي موسيقيءَ جو تمام وڏو ڄاڻو هو. هڪ انٽرويو ۾ سائين نثار ميمڻ کانئس عابده جي فن بابت پڇيو هو ته شيخ صاحب توهان عابده سان پنهنجو رشتو وساري سندس فن بابت ڪجهه ٻڌايو ته ان جي وراڻيءَ ۾ هن جيڪا راءِ ڏني سان هن ريت آهي. ”عابده پهرين سنڌي ڳائڻي آهي، جنهن ڳائڻ ۾ مرداڻو انداز رکيو آهي. سنڌي مردن جي ڳائڻ ۾ گهڻي فني پختگي ۽ عورتن ۾ ڪچائي رهي آهي. عابده پهرين سنڌي عورت آهي. جنهن ۾ فني پختگي آهي. هن غزل ۽ ڪافيءَ جي گائڪيءَ جي فارميٽ کي ملايو آهي. اهو فارميٽ اڃا تائين ڪنهن به سنڌي ڳائڻي يا ڳائڻيءَ وٽ ناهي. تنهن کانسواءِ هن کي Stage craft يعني اسٽيج تي ڳائڻ جو وڏو ڍنگ اچي ٿو، جيڪو ٻين وٽ گهٽ آهي. هوءَ جڏهن ڳائي ٿي ته هر ٻڌندڙ ائين محسوس ڪندو آهي ته ڄڻ عابده سندس لاءِ ئي ڳائي پئي.“
شيخ صاحب جي راءِ تمام گهڻي وزنائتي آهي پر ان مان گهڻو ڪجهه عابده کي شيخ صاحب وٽان ئي مليو. عابده جڏهن اسٽيج تي ڳائيندي هئي ته شيخ صاحب کيس اشارن وسيلي هدايتون ڏيندو رهندو هو. ڳائڻ کانپوءِ کيس خوبين ۽ خامين جو ٻڌائيندو هو ۽ بهتري آڻڻ لاءِ سمجهائيندو هو.
عابده پروين ريڊيي تي شاعريءَ جي مختلف صنفن جهڙوڪ، گيت، غزل ۽ ڪافي ڪلام ڳائڻ سان گڏ اڳتي هلي صوفي بزرگن جي درگاهن تي ڳائجندڙ ڪلام کي ڳائڻ شروع ڪيائين. انهن ڪلامن کي ٻيا فنڪار به ڳائيندا هئا ۽ رهن ٿا. اهڙن ڪلامن ڳائڻ کانپوءِ عابده جي مقبوليت ۾ تمام گهڻو واڌارو ٿيو. هن جڏهن فقير عبد الفغفورجي ڳايل سچل سرمست جي گهڙولي ڳائي ته گهڙولي عابده پروين جي سڃاڻپ بڻجي وئي. ٽيليويزن تي عابده کان گهڙولي ممتاز مرزا صاحب ڳائرائي. پروگرام هو سنڌ سينگار.
اهڙيءَ ريت ٻيا به ڪيترائي اهڙا ڪلام آهن، جيڪي ٻين فنڪارن پهريان ڳايا ۽پوءِ عابده انهن کي پنهنجي انداز ۾ ڳايو. جن ۾ فقير عبدالغفور جو ڳايل ”گهوم چرخڙا، سائيان دا“ موٽڻ شاهه ۽ غلام حسين فقير جي ڳايل ” گهنڊ کول ديدار ويکائو، مين آيا مک ويکڻ“ وغيره وغيره اچي وڃن ٿا.
عابده پروين کي ملڪي سطح تي مڃرائڻ ۾ ٽيليويزن جو وڏو هٿ آهي. ٽي ويءَ تي جڏهن سندس آواز ۾ ۱۹۸۶ع ۾ سلطانا صديقيءَ گهوڙولي اردو پروگرام ”آواز و انداز“ ۾ هلائي ته هوءَ ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچي وئي. پوءِ سندس آواز ۾ ٻيا به ڪيترا ئي اردو غزل رڪارڊ ٿيا. غزلن ۾ خاص ڪري ناصر ڪاظميءَ جو غزل سندس سڃاڻپ بڻجي ويو. جنهن جا ٻول اڄ به هر ڪنهن جي زبان تي اچي ويندا آهن.
جب سي توني مجهي ديوانا بنا رکها  هي
سنگ هر شخص ني هاٿون ۾ اُٺا رکها هي
ان غزل جي موسيقي استاد نياز حسين ترتيب ڏني.
عابده پروين ريڊيي ۽ ٽي ويءَ کان سواءِ ڪيسيٽ جي دنيا ۾ به مهان ڳائڻي بڻجي وئي. سرڪاري توڙي عوامي محفلن ۾ کيس گهرائڻ اعزاز سمجهجڻ لڳو. سنڌ ۾ شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ قلندر لال شهباز جي ميلن ۾ سندس مستقل حاضريءَ کان سواءِ سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي جي محفلن جو لازمي حصو بڻجي وئي آهي.
هن سنڌي فلم ڌرتي، لال ڪنوار جا اٺ نغما غلام نبي عبداللطيف جي موسيقيءَ ۾ ڳايا آهن. انهن نغمن مان دو گانا محمد يوسف سان گڏ ڳايا اٿائين. چارڻ فلمز پاران جاري ڪيل اُن فلم جا سڀئي نغما ڏاڍا مقبول ويا، جن جا شاعر امداد حسيني، عبدالڪريم گدائي ۽ شيخ اياز آهن. عابده جڳ مشهور صوفي شاعر مولانا روميءَ بابت لنڊن ۾ ٺهندڙ فلم لاءِ به ڳايو آهي.
هن وقت عابده پروين سڄي دنيا جي مڃيل ڳائڻي آهي. سندس مڃوتيءَ جو سبب صوفي شاعرن جو ڪلام آهي. سنڌ جي صوفي بزرگن کانسواءِ پنجاب جي صوفي بزرگن خواجه غلام فريد، بابا بُلي شاهه، شاهه حسين وغيره جو ڪلام ڳائيندي اهي. هوءَ سنڌيءَ کان سواءِ اردو، سرائيڪي ۽ پنجابيءَ وغيره ۾ بهترين اُچار سان ڳائيندي آهي. اهڙيءَ ريت سرائيڪي ۽ پنجابي به بهترين انداز ۾ ڳائيندي آهي. لفظن جي ادائگي تمام گهڻي چٽي هوندي اٿس. ڳائڻ وقت ٻڌندڙن ۽ ڏسندڙن کي به جهومائي ڇڏيندي آهي. وجدائي ڪيفيت ۾ ڳائيندي آهي. سندس ڳائڻ ۾ روحايت تمام گهڻي آهي، کيس غزل توڙي گيت ۽ ڪافيءَ توڙي وائيءَ ڳائڻ ۾ تمام گهڻي آهي، کيس غزل توڙي گيت ۽ ڪافيءَ توڙي وائيءَ ڳائڻ ۾ تمام گهڻي مهارت حاصل آهي. ڪلاسيڪي توڙي نيم ڪلاسيڪي رمزون چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿي. ٺمري به واهه جي ڳائيندي آهي.
عابده پروين جي ڳائڻ وقت ماڻهن جي وجداني ڪيفيت ۾ اچڻ جا هونءَ ته ڪيترا ئي مثال آهي پر سال ۲۰۰۰ع ۾ آمريڪا جي شهر نيويارڪ جي هڪ پارڪ ۾ ٿيل محفل جو ذڪر ڪجي ٿو. ان محفل ۾ لڳ ڀڳ هڪ لک ماڻهو عابده کي ٻڌي رهيا هئا. عابده کي ٻڌندي ٻڌندي انگريز نچي نچي بيهوش ٿيڻ لڳا ته اُتان جي پوليس ٿرٿلي ۾ اچي وئي ۽ بيهوشن کي اسپتال کڻڻ شروع ڪيائون. ان تي وجداني ڪيفيت ۾ آيل ماڻو اسپتال وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته اسان هڪ اڻڄاتل ۽ اڻڏٺل دنيا ۾ پهچي ويا هئاسون، اوهان اسان کي ان دنيا ۾ نه ڪڍو.
عابده دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي. جن ۾ آمريڪا، انگلستان، فرانس، مراڪش ۽ هالينڊ شامل آهن.


عابده پروين

صوفي موسيقي جي راڻي

طفيل مگسي

سنڌي، اردو ۽ سرائيڪي ٻولين جي عالمي شهريت رکندڙ راڳي عابده پروين ۲۲ فيبروري ۱۹۵۴ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن جو والد غلام حسين شيخ ۽ والده ممتاز بيگم ٻئي راڳي ۽ موسيقار هئا. جيتوڻيڪ پنهنجي ئي گهر ۾ موجود موسيقي جي ماحول کان متاثر ٿي. هن ننڍپڻ ۾ ئي موسيقي ۾ دلچسپي ورتي. موسيقي ۽ راڳ جي تربيت هن پنهنجي والد استاد غلام حيدر شيخ کان حاصل ڪئي. جنهن کانپوء ھن استاد سلامت علي خان ۽ استاد منظور علي خان جي شاگردي ورتي. عابده پروين ۱۹۷۵ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي سينئير پروڊيوسر غلام. حسين شيخ سان شادي ڪئي. جنهن منجهان هن کي ٽي ٻارڙا ٿيا يعني پره، مريم حسين ۽ سارنگ لطيف، عابده پروين ڳائڻ جي شروعات سنڌ جي اوليائن ۽ صوفين جي درسگاهن کان ڪئي. جنهن کانپوء ھوء ريڊيو ۽ ٽي وي جي اسڪرين تائين پهتي. پنهنجي صوفياڻي ۽ وجد واري راڳ جي سبب هوء صوفي موسيقي جي راڻي جي حيثيت سان نوازي وئي. عابده پروين جيڪا عالمي شهريت حاصل ڪرڻ واري پاڪستان جي پهرين راڳي بڻجي وئي. هوء امريڪا، برطانيه، دبئي، ڀارت ۽ يورپ سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪي آھي. هوءَ ھن وقت پاڪستان ۾ سڀني کان فيس وٺڻ واري ۽ مصروف ترين راڳي آھي. عابده پروين درگاه حضرت سلطان باهو جي فرزند نجيب سلطان جي مريدياڻي آھي. ۲۰۱۰ع ۾ هن کي دل جو دورو پيو. جنهن کانپوءِ هن انجيئوگرافي ڪرائي ڇڏي آھي. عابده پروين کي راڳ جي راڻي جي لقب سان به نوازيو ويو آھي. پاڪستان جي حڪومت جي طرف کان سڀ کان وڏي اعزاز سان نوازيو ويو آھي. پاڪستان جي حڪومت طرفان هلال امتياز ۽ ھڪ ٻيئي سويڪين امتياز سان نوازيو ويو. عابده پروين ۱۹۹۰ع ۾ پنهنجي اباڻي شھر لاڙڪاڻي کان هجرت ڪري ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪئي.

 

(ڏھاڙي سنڌيار ڪراچيءَ ۾ ۲۳ فيبروري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا