; سنڌي شخصيتون: غلام حيدر گجو - مختيار شاھنوازاڻي

11 July, 2019

غلام حيدر گجو - مختيار شاھنوازاڻي


غلام حيدر گجو
حسن ۽ سونھن جو ثناگر شاعر
مختيار شاھنوازاڻي
ساھتي پرڳڻو سنڌي ادب جو اثاثو آھي. جتي شاعري جا ڳاڙھا گلاب خوشبو ڦھلائن ٿا گيتن، غزل جي گونجار ساھتي جي سراپا سونھن آھي. ڇو ته ھتي نارائڻ شيام جي شاعري سرجي. ھتي نصير سائين به نوشھري ۾ آھي، جنھن جي ڪلاسيڪل شاعري؛ ”رمزن ساڻ غلام ڪيو ٿي يار اسان کي سڄڻ اسان کي“ جو گيان ملي ٿو. ھتي مسرور پنائيءَ جا گيت به آھن. ھتي نوان جتوئي جو نماڻو سنڌي، حافظ محمد بخش خاصخيلي، گدا خاصخيلي جا نظم تاريخ جي چيخ آھن. ھتي راشد سائينءَ جي چشمن سان چائڻ جھڙي سندر شاعري به آھي، جنھن ۾ مجازي مام ۽ صبح ٿيڻ جا سونھري سپنا آھن. ساھتي، ادب ۽ ڏاھپ جو اھڙو گلدستو آھي، جتي ايترا بيشمار گل آھن جنھن ۾ پنھجي پنھنجي ھٻڪار ھجي ٿي. حشو ڪيولراماڻي کان وٺي دادا ڪيرت ٻاٻاڻي تائين، وفا جا پيڪر پيدا ٿيا، جن جوت جون مشعلون ٻاري ڇڏيون. ساھتي، ادب ۽ دانش جو سرموڙ پرڳڻو آھي.


ڀريا تعلقي جي ڀر ۾، يوسي گھيڙ گجو، جتي حسن ۽ سونھن جو ثناگر شاعر، غلام حيدر گجو ڄائو. سندس ٻاروتڻ اباڻي ڳوٺ ۾ گذريو. غلام حيدر ذات جو ماڇي (سولنگي) ھو. شاعريءَ ۾ تخلص ڳوٺ جي نسبت سان ”گجو“ رکيائين. ھو فقيرائي رنگ ۾ رنگيل، فراق جو ڦٽيل عاشق شاعر ھيو. غلام حيدر گجو جي سڄي ڄمار، دردن ڀريو داستان آھي. جيڪو مجازي عشق ۾ سوز ۽ سور جو مجسمو ھو.
غلام حيدر گجو، دنيا جي دستور کان اُلٽ، محبوب جو پروانو عاشق ھو. جنھن گداگري ۾ دلبر جي درشن ڪاڻ در در تي سين ھنئي. ھن جي عاشقيءَ جا پار پتا ڪلھوڙا اسٽيشن، گھيڙ گجو، ٺارو شاھ، مولھڻ ۽ ھني واھڻ کان پسي ۽ پُڇي سگھجن ٿا. غلام حيدر گجو، پنھنجي روپ ۽ صورت ۾ اھو رامڪلي جوڳي ھو، جنھن جو منھن پسڻ سان معلوم ٿيندو ھيو ته ھن جي جان ۾ حضرت عشق جا اُلا آڙاھ ٻاريون ويٺا آھن. وکريل وار، نيرولي لباس ۾ نيھن جو نابودي، جنھن جون رولاڪيون عاشقي جون ساکي ھجن. سندس چاندي نما وار، ڊگھي ڏاڙھي ۽ دل اندر پريمڪا جي پيار جا پسار اٽڪيل رھيا. ھو پولو سگريٽ جا ڪش ھڻندي، اندر جي سگري کي ٻاريندو رھيو. گجو، بيقرار روح جيان، سڄڻ جي ميلاپ لاءِ، در در جو مسافر بڻيو. ڌرتتيءَ جو، پير اگھاڙا، ميرو رومال مٿي ۽ ڪلھن تي رکيل، ان رومال جي ڪنڊ ۾ وڏڦ ۽ جنھور جون ٽڪيون ٻڌل، جيڪي وقفي وقفي سان کائيندو رھيو. غلام حيدر گجو، اھڙو شاعر ھو، جنھن جي تخيل ۾ خيالن جي نرالي اُڏار ھئي. ھن جي شاعريءَ ۾ رڳو محبوب جي حسن جي ثنا آھي. گجو جي شاعريءَ ۾ شڪوو جو تصور ئي ڪونھي. ھي سراپا سڄڻ جو ثناگر شاعر ھو. گجو جي شاعري، ڪيسٽ جي دنيا ۾ خوبصورت اميج رکي ٿي. سندس ڪلام ۾ سپرين جي ساراھ نمايان نروار آھي.

تنھنجي اکين ۾ عشق جي جھنڪار آ،
تون جو کلين ڄڻ چنڊ جي چمڪار آ.

ڪجل پائي ٿو، اچين يار تون،
پيو وڻين مونکي، تنھنجو ديدار آ.

ھلڻ تنھنجو ملڻ تنھنجو، آ سٺو،
منھنجا مٺا، مٺڙي تنھنجي گفتار آ.

گلن ۾ گل آھين، سھڻو صفا
مشڪ عتر جي تو۾ ٿي ھٻڪار آ

منھن ڏٺي تنھنجي، سڄڻ ٿيڻي شفا
غلام حيدر گجو جي دوا ديدار آ.

غلام حيدر گجو ملنگ مست شاعر ھو جنھن جي دل اندر مجاز جو مندر اڏيل ھو جتي گجو بندگي ڪندي صنم کي سجدا ڪيا. غلام حيدر گجو جي شاعري سنڌ جي ڪافي ڀلوڙ فنڪارن ڦوٽو زرداري،امام بخش زرداري، انور وسطڙي، گلشير تيوڻي ڳائي . خاص ڪري جلال چانڊيي سنڌ جي واھڻ وستي،جھر جھنگ ۽ ڪوھسارن ۾ غلام حيدر گجو جي حسناڪ شاعري جا رنگ ڦھلائي ڇڏيا. گجو ڪيسٽ جي دنيا ۾ ڀلوڙ ۽ ناليوارو شاعر ھو. ڇو ته ڪيسٽ ڪلچر وارن اڪثر شاعرن طرفان محبوب ڏانھن ميارون، طعنا ۽ تنڪا موڪليل ھوندا آھن. پر غلام حيدر گجو جي شاعري جي خاص خصوصيت آھي ته ھن محبوب کي پنھنجي سموري شاعري ۾ ڪٿي به ڪنھن ٻول ۾ ميار نه ڏني آھي.گجو واقعي سونھن پرست شاعر ھو جنھن حسن جي رڳو واکاڻ ڪئي.گجو دنيا جي دنڌن خفن کان پري فقيراڻا حال،مجذوب ڪيفيت ۽ خيالن ۾ گم سم رڳو سڄڻ جي تانگھ ۽ تڙپ رھيس.

اچين منھنجي اڱڻ، منھنجا سھڻا سڄڻ
مان توکي ڏسان ، ھڪ پل نه جئيان
توتان گھور ٿئيان، توتان صدقي وڃان

ڪوسو واءُ نه لڳي،تون حيات ھجين
خدا خير ڪري، وري مونسان ملين
منھنجا سھڻا سڄڻ تنھنجا پير چمان

ڏک ويندا لھي،تون کلندي سڄڻ
مان دوا ٿو ڪيان ، خوش ھوندي سڄڻ
جند جان پنھنجي، توتي ساھ ڏئيان

منھنجو عشق به تون ، ايمان به تون
منھنجو ساھ به تون، جند جان به تون
چوي غلام حيدر تنھنجي در تي اچان.
غلام حيدر گجو جي عاشقي جا قصا اتان جي علائقائي ماڻھن جي دلين ۾ اڄ به محفوظ آھن ڇو ته ھو محبوب جي محوِ خيال ۾ گم ھوندي صنم جي ويڙھي طرف جانب جي جمال جو طواف ڪندو ھو .گجو جي رولاڪين جا عجيب آر ھوندا ھيا. ھڪ ڀيري ڦُلن جي شھر جلال چانڊيي سان ملڻ ويو اوطاق ٻاھران بيھي ڳلي ۾ ايندڙ ويندڙ ماڻھن کي چيائين ته جلال جو مھمان آھيان انھن ماڻھن گجو جو حال ڏسندي اچرج ۾ پئجي ويا ته ھي ڪٿان جو مستانو آھي؟جيڪو جلال سان ملڻ آيو آھي ڪجھ گھڙين کانپوءِ ھن بيٺل ھجوم ۾ ماڻھن کي چيو ته جلال کي وڃي چئو ته غلام حيدر گجو آيو آھي.جڏھن جلال کي پيغام پھتو ته پيرين اگھاڙي اندران اوطاق مان نڪتو آيو گجو کي جھڪي ڀاڪر وڌائين وڏي اڪير مان گجو کي وٺي آيو سندس وڏي خدمت ڪيائين ۽ انھن ماڻھن سان جلال مخاطب ٿيو ته ھي قرب جو ڪٺو مست شاعر غلام حيدر گجو آھي جنھن جي رمزن کي آئون ڄاڻان ٿو.
غلام حيدر گجو جي ڪافي شاعري آھي، جيڪا پنھنجو مقام رکي ٿي. ھن جي سرجيل شاعري، ڪلام جي صورت ۾ گھڻي کان گھڻي ڳائي وئي آھي. گجو جا ڪيترا ڪلام، سنڌ جي اندر ماڻھن کي برزبان ياد آھن.
”منھنجا سھڻا سڄڻ رنگ لائي ڇڏيئي،
دل تو کي دلبر ڏيون اڄ وڃان ٿو،
سڄڻ ساھ تو وٽ ڇڏيون اڄ وڃان ٿو،،
پرين پائي ڀاڪر ويھاريندين ته خوش ھوندين،،
ڇڏي تون جو ويندي منھنجو ساھ ويندو،،
ڪٺو قرب تنھنجي مونکي يار پيارا،
کسي دل کڻين وئين سھڻي صورت وارا،
ڪري سنيگار سڄڻ بيھي مونڏي اک ٿو کڻين،
پيو ٿو مونکي ڏاڍو وڻين،،
پرديس ھليو وئين پيارا،
تو لاءِ ويس ڪيا مون ڪارا،،
ته گجو جي شاعري ججھي مقدار ۾ ڳايل آھي پر مجموعي جي صورت ۾ نه ڇپجي سگھي آھي. معلومات ملڻ کانپوءِ سڌ پوي ته ساھتي جو ھڪ سڄاڻ اديب غلام حيدر گجو جي شاعري اھو چئي کڻي ويو ھو ته مان ثقافت کاتي جي سھڪار سان گجو جي شاعري جو مجموعو ڇپرائيندس.پر اڄ اڄوڪي تائين نه گجو جو ڪلام ڇپيو نه ڪي گجو جي ڪلام جو ڏس پتو آھي. ھي ڪيڏي نه ڏک ڀري ماجرا آھي ته مجموعي آڻڻ جي ڏٽي ۾ سنڌ جي ملنگ شاعر جو ڪلام غائب ڪيو ويو، جئين گجو کي محبوبا وڇوڙا ڏئي وڃي ٻين جي سھاڳڻ ٿي. ائين گجو جي شاعري سان به ڪلور ڪيا ويا. غلام حيدر گجو اھو فراق جو ڦٽيل شاعر ھو جنھن کي، سپرين جي وڇوڙي ۽ پيڙا ۾ ديوانگي ۽ شاعري عطا ٿي. گجو سائين مخدوم طالب المولٰي جي صحبت ۾ به رھيو. اڄ اسان وٽ جسماني طرح غلام حيدر گجو موجود ناھي، پر سندس شاعري گھيڙ گجو، ٺارو شاھ، مولھڻ ۽ ھني واھڻ کان وٺي سڄي سنڌ ۾ فنڪارن جي آوازن ۾ موجود آھي، جيڪا ھميشه امر رھندي.

2 comments:

  1. سائين توهان جي وڏي مهرباني جو غلام حيدر گجو کي هن پيج تي متعارف ڪرايو غلام حيدر گجو جي شاعري اسان جلدي توهان کي ڏينداسين ان جي ڪتاب ڇپرائڻ ۾ توهان جو سهڪار درڪار آهي.

    ReplyDelete
    Replies
    1. اگر توهان رابطو ڪرڻ چاهيو ته هن نمبر تي ڪري سگهو ٿا
      03432549285
      03059892177
      Muhammad azeem solangi
      From naushahro feroze

      Delete