; سنڌي شخصيتون: ڄام صنم سنڌي

18 July, 2019

ڄام صنم سنڌي

ڄام صنم سنڌي

گهڻ صلاحيتي ۽ متحرڪ ادبي شخصيت

وزير فرهاد سولنگي



ساهتي پرڳڻو، علم، ادب ۽ ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ اهم جڳهه والاري ٿو. سنڌ جي هن خطي ۾ ڪيترا ئي عالم، اديب، شاعر ۽ قلمڪار پيدا ٿيا آهن جن پنهنجي ٻولي ۽ ادب ۾ نمايان خدمتون ڏنيون آهن ساهتي پرڳڻي جو اهم شهر مورو جنهن ۾ تاريخ، ادب سياست ۽ تعليم جي روشني پکڙيل آهي. موري شهر ۾ قاضي خليق مورائي کان ناصر مورائي تائين ۽ قاضي نظير کان راشد مورائي تائين ڪيترا ئي اهم نالا آهن جن علم ۽ ادب جي شعبي تمام گهڻو نالو ڪمايو آهي. اهڙي طرح موري جي علمي ۽ ادبي کيتر ۾ عورتن به پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. جنهن ۾ آپا رحيمان سيال کان ايس نسيم ميمڻ ۽ رضيه مورائيءَ کان ڄام صنم سنڌي تائين ڪيتريون عورتون آهن جيڪي موري جي علمي ۽ ادبي حلقي ۾ تمام گهڻيون سرگرم رهيون آهن.


ڄام صنم سنڌي، علم ۽ ادب جي حوالي سان سٺي شاعرا،  نثر نويس، اسڪرپٽ رائيٽر، نيوز ڪاسٽر، ڪمپيئر، سماج سڌارڪ ۽ ادبي پروگرام جي ڊائريڪشن پڻ ڏني آهي. ڄام صنم سنڌي علم، ادب ۽ آرٽ جي دنيا ۾ ڪم ڪندي تمام گهڻي متحرڪ رهي آهي.

ڄام صنم سنڌي جو جنم، استاد ڄام شفيع محمد ڪوريجي  جي ڪکن ۾ ۸-اپريل تي نول محلا موري ۾ ٿيو. پاڻ ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري (مين) اسڪول موري مان حاصل ڪئي، گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول موري مان ۱۹۹۷ع ۾ گريڊ اي ون ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. ان کانپوءِ  گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دولت پور مان انٽر جو امتحان ڏنائين ۽  ايم اي سماجيات ۾ ڪري عملي زندگي ۾ قدم رکيا.

پاڻ ننڍپڻ کان ئي لکڻ پڙهڻ سان واڳيل رهي. پنهنجي اسڪول ۾ ٿيندڙ مختلف پروگرامن جي ڪمپيئرنگ تمام خوداعتمادي سان ڪندي هئي. ان کان علاوه سندس شاعري مختلف رسالن، ۽ اخبارن ۾ ڇپجي چڪي آهي. هن ڪيترن ئي زبانن ۾ شاعري ڪئي آهي. جنهن ۾ سنڌي، اردو، سرائيڪي پنجابي ۽ انگريزي شامل آهن. ڄام صنم سنڌي ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪالم ۽ آرٽيڪل مختلف موضوعن تي لکندي رهي آهي. ان سان گڏ سماجي ڪمن ڪارين ۾ پڻ اڳڀري رهي آهي. سورمين سٿ، عورت فائونڊيشن ۾ عورتن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ واسطي ڪم ڪيائين. جنهن عيوض کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ شيلڊون ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن.

سندس شاعريءَ کي سرن جو روپ پڻ مليو آهي. جنهن کي  گلوڪاره فرح لاشاري سندس ڪلام ”ڇا گذري ٿو منهنجي دل تي“ کي ڳايو ۽ خوب نڀايو آهي. شاعري جي ابتدائي سفر ۾ سائين راشد مورائيءَ کان گهڻي رهنمائي حاصل ڪيائين. جڏهن ته سندس نثر ۾ لکڻ جي تربيت نامور تاريخدان مرحوم ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ۽ رسول بخش ڳچيراڻي ڪئي. موري جي هن سٻاجهڙي قلم ڪار ڪيترن ئي سنڌي ٽي وي چئنلن تي به ڪم ڪيو. جنهن ۾ هن بحيثيت ڪمپيئر، نيوز ڪاسٽر، اسڪرپٽ رائيٽر، ڊائريڪٽر طور پنهنجو پاڻ مڃائي چڪي آهي. پاڻ مهراڻ ٽي وي تي نيوز ڪاسٽر، رنگ ٽي وي، ڌرتي ٽي وي ۽ پي ٽي وي تي ڪم ڪري چڪي آهي. ڄام صنم سنڌي ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي ٻارڙن جي پروگرام ”ٻارڙن جي دنيا“ جي ميزبان رهي چڪي آهي. ڄام صنم جو والد صاحب استاد شفيع محمد ڪوريجو هڪ پرائمري استاد هيو، جيڪو سندس ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويو. ان کانپوءِ سندس پرورش سندس امڙ ۽ ڀائرن ڪئي جن ڄام صنم سنڌي جي علمي سرگرمين ۽ ادبي سرگرمين ۾ تمام گهڻو همٿايو. خاص ڪري سندس امڙ جو ڀرپور سهڪار شامل رهيو. جنهن سندس هر قدم تي رهنمائي ڪري کيس سڀني ٻارن ۾ نمايان ڪيو. جڏهن ته سندس وڏي ڀيڻ بهترين استاد، شاعرا ۽ نثر نويس آهي. جنهن جون لکڻيون ڪيترن ئي رسالن ۾ ڇپجي چڪيون آهن. سندس وڏو ڀاءُ ڄام احمد نواز پڻ سٺو شاعر آهي. مطلب ته سندس گهراڻي ۾ لکڻ پڙهڻ جي عمل کي انتهائي اهم سجهيو وڃي ٿو.

ڄام صنم سنڌي اڄ جي حالتن ۾ سنڌ جي نياڻين لاءِ هڪ اتساهه جي علامت آهي. جنهن ڏکين حالتن ۾ قلم ۽ ڪتاب جو سهارو نه ڇڏيو ۽ اڄ کيس انهن محنتن جو ثمر ايوارڊن، شيلڊن ۽ سرٽيفڪيٽ جي صورت ۾ ملي رهيو آهي. پاڻ ست سال ٽي وي چئنلن تي ڪم ڪيائين. کيس عورت فائونڊيشن جي طرفان ايوارڊ سورمين سٿ ايوارڊ قلندر ايوارڊ به ع ق شيخ ايوارڊ، ايس ڊي ايس ايوارڊ، صافا ايوارڊ، بهترين نيوز ڪاسٽر ڌرتي ٽي وي ايوارڊ رسالو ريکائون مڃتا ايوارڊ ۽ ٻين مختلف علمي ۽ ادبي تنظيمن طرفان مليل سرٽيفڪيٽ اچي وڃن ٿا.

سنڌ جي هن صدوري نياڻيءَ جنهن فنونِ لطيفه آرٽ، ادب ۽ شاعريءَ ۾ پاڻ ڳڻائي پنهنجي حصي جو ڪم سٺي انداز سان ڪيو آهي. اڄ سنڌ جي نياڻين کي هن چٽا ڀيٽيءَ جي دور ۾ همٿ ڪري سڀني شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ روايتي پابندين کان آجو ٿي سنڌ جي شعور کي نوان گس ڏيئي پنهنجو پاڻ مڃائڻ گهرجي. سڀاڻي اٺين اپريل تي ڄام صنم جو جنم ڏڻ آهي. کيس انهيءَ موقعي تي دلي واڌايون ڏجن ٿيون.


ڄام صنم سنڌي

ساهتي پرڳڻي جي گهڻ رخي ليکڪا کي سڀاڻي ملندڙ ڀيٽا

زرار پيرزادو

¨ ساهتي پرڳڻي جي هڪ ”تاريخي شخصيت“، ڄام صنم سنڌي جي ڪالمن جي ڪتاب ”ساھ سنديون ڳالهيون“ جي مهورتي تقريب سڀاڻي مورو شهر جي گورنمينٽ ايليمينٽري ٽريننگ ڪاليج (وومين) ۾ ٿي رهي آهي.

¨ ڄام صنم سنڌيءَ کي ان ڪري ”تاريخي شخصيت“ ڄاڻايو اٿم جو مورو جي ئي هڪ سينئر اديب رسول بخش ٻگهيو ڳچيراڻي موجب ساهتي پرڳڻي ۾ مشڪل ڪا اهڙي عورت هجي جيڪا هڪ ئي وقت ڪالم نويس، شاعره، اديبه، نثر نويس، ڪمپيئر، نيوز ڪاسٽر ۽ سماج سڌارڪ رهي هجي.

¨ معنيٰ ته ساهتي پرڳڻي ۾ صنم سنڌي جهڙي ڪا اهڙي عورت ناهي جيڪا گهڻ صلاحيتن جي مالڪ هجي جنهن اندر هڪ ئي جنم ۾ الائي ڪيترن جنمن جيترو ڪم ڪرڻ جي طاقت ۽ حوصلو هجي.

¨ سڀاڻي ساهتي پرڳڻي جي ان گهڻ صلاحيتي ليکڪا کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي جنهن جي ڄام صنم سنڌي حقيقي معنيٰ ۾ حقدار آهي.

¨ اهو ساهتي پرڳڻي توڙي مورو واسين جو فرض آهي ته اهي اهڙي زنده دلي جو مظاهرو ڪن ۽ پنهنجي علائقي جي ان باصلاحيت ليکڪا کي ان سطح جو مان ڏين. اسان جس ڏينداسين ”سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت“ کي جنهن اهڙو ماحول جوڙيو آهي جنهن مان خاص ڪري علائقي جون ڇوڪريون وڏو اتساھ ماڻينديون.

¨ صنم سنڌي جنهن علائقي ۾ رهي ڪري اهڙو مقام ماڻيو آهي تنهن کي معجزو ئي چئي سگهجي ٿو ۽ ان جو سهرو صرف ۽ صرف سندس امڙ کي ڏبو جنهن پنهنجن مائٽن جي سخت روايتي مخالفت باوجود پنهنجي نياڻين کي اعليٰ تعليم ڏياري ۽ خاص ڪري صنم کي پنهنجين صلاحيتن جو اظهار ڪرڻ جو جيڪو ڀرپور موقعو۽ ماحول ڏنو سو تاريخي آهي.

¨ ان عيوض کيس جيڪو ڪجھ زماني کان ٻڌڻو پيو هوندو، طعنا مهڻا برداشت ڪرڻا پيا هوندس تنهن کي اسان سندس شخصي طور تي هڪ وڏي قرباني سمجهون ٿا. ان قرباني عيوض ڄام صنم سنڌي ساهتي پرڳڻي ۾ تاريخي حيثيت ماڻي چڪي آهي ۽ هاڻي سندس مان وڏي اميد آهي ته هوءَ به پنهنجي علائقي جي نياڻين لاءِ رول ماڊل بڻبي ۽ پنهنجي علائقي کي پاڻ جهڙيون سوين هزارين ڇوڪريون پيدا ڪري ڏيندي جيڪي ڄام صنم سنڌي وانگر پنهنجي جنم کي، زندگي کي ۽ زندگي جي مقصد کي سجايو ڪري ڏيکارينديون.

¨ اڄ ڄام صنم سنڌي جي امڙ جسماني طور موجود ناهي پر سندس خانداني ۽ مثالي تربيت جا شاهڪار سماج اندر موجود آهن جيڪي پنهنجو علمي، ادبي، سجاڳي ۽ خدمت وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ ماءُ جي روح کي سرخرو ڪري رهيا آهن.

¨ سڀاڻي، جتي ڄام صنم سنڌي لاءِ خوشي جو موقعو هوندو، سندس پهرين ڪتاب جي مهورت ٿيندي سندس ڪتاب، ڪالمن ۽ سندس خدمتن کي خراج پيش ڪيو ويندو. اتي ساڳي وقت، هڪ اداسي ۽ ڪمي به محسوس ٿيندي سا هوندي ڄام صنم سنڌي جي امڙ جي غير موجودگيءَ جي، جيڪا صنم سنڌي جي ڪتاب ڇپجڻ کان هڪ مهينو اڳ گذاري وئي هئي.

¨ ڪاش زندگي کيس ايترو موقعو ڏي ها جو هوءَ پنهنجي تخليق (چندا) جو ڪتاب هٿ ۾ کڻي ڏسي ها. اهو منظر جيڪو ڄام صنم سنڌي لاءِ ڪنهن وڏي منزل تي رسڻ کان گهٽ نه هجي ها سو منظر بدقسمتيءَ سان هوءَ ڏسي نه سگهي ۽ ان اعزاز کان محروم رهجي وئي.

¨ ايئن هاڻي ڄام صنم جي زندگي ۾ ايندڙ هر خوشي، ماءُ جي غير موجودگي جو احساس به کڻي ايندي رهندي جيڪا ڪيفيت کيس هڪ لمحي لاءِ ته ضرور جهوري وجهندي پر هيءَ بهادر نياڻي ڏکن کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ ڄاڻي ٿي.

¨ هن کي چڱيءَ ريت پروڙ آهي ته هيءَ مايوس ٿيندي ته ساڻس پيار ڪندڙ گهر ڀاتي سڀ جهري پوندا، جن جي هانوَ جو ٿوڻيون صنم جي خوشين جي سهاري ئي بيٺل آهن.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ اها آهي ته ڄام صنم سنڌيءَ کي سڀاڻي جيڪا ڀيٽا پيش ڪئي ويندي سا ساهتي پرڳڻي جي انهن سڀني ڇوڪرين لاءِ به پيغام هوندي ته محنت، عزت، سچائي، بهادري ۽ ثابت قدمي سان جدوجهد ڪبي ته پوءِ تاريخ به اهڙن پروگرامن ذريعي کين سلام پيش ڪندي رهندي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۰ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


ڄام صنم سنڌي کي ڀيٽا

زرار پيرزادو

¨ ڄام صنم سنڌي کي ڏسندي الائي به ڇو مونکي شيخ اياز جو هي شعر ذهن تي تري ايندو آهي ته “هن سر جي گدلي سينور ۾ هي نيل ڪنول به ته ڏوهي آ. ”

¨ هڪ اهڙو گدلو عورت دشمن سماج جنهن ۾ ڪا عورت ساھ به ڊڄي ڊڄي کڻندي هجي، اتي ڪنهن ڇوڪري جو نروار ٿيڻ، حق ۽ سچ ڳالهائڻ ۽ ڪنهن شعبي ۾ پاڻ مڃائڻ ڪنهن جوکم کان گهٽ ناهي.

¨ اهڙي سماج ۾ جتي ٻاهر نڪرندڙ ڇوڪري کي الائي ته ڪهڙين ڪهڙين گندين نظرن، بدزبانن کي ڏسي ٻڌي ۽ نظرانداز ڪري پنهنجي مخصوص طئي ٿيل مقصد ۽ منزل ڏانهن وڌڻو پوي ٿو. انور پيرزادو صاحب اهڙين جاکوڙيندڙ عورتن کي اهو سڀ برداشت ڪرڻ سندن حصي جي ڏنل قرباني چوندو هو.

¨ ان حوالي ۾ ڄام صنم سنڌي پڻ انهن عورتن جو تسلسل آهي جن سماج اندر پنهنجو باوقار رتبو ٺاهي ٻين ڇوڪرين لاءِ اڳتي وڌي اچڻ جو رستو هموار ڪيو آهي ۽ رستي تي آيل هر قسم جون رنڊڪون صاف ڪندي اڳتي آيون آهن.

¨ ڄام صنم سنڌي بظاهر هڪ شخصيت آهي پر پنهنجي جوهر ۾ هُوءَ هڪ نه پر گهڻ صلاحيتي ۽ گهڻن شعبن ۾ ورهايل شخصيت آهي جيڪا سندس غير معمولي صلاحيت جي مظهر آهي.

¨ هُوءَ هڪ ئي وقت ليکڪا، شاعره، ڪمپيئر، نيوز ڪاسٽر ۽ سماجي ورڪر به آهي. ميڊيا جي سڀني پليٽ فارمن جهڙوڪ اخبارن، ٽي وي چينلن ۽ ريڊيو کي پنهنجون صلاحيتون ارپيون آهن.

¨ مختلف اخبارن ۾ لکيل سندس ڪالمن جو ڪتاب “ساھ سنديون ڳالهيون” شايع ٿي چُڪو آهي. سندس ڪالمن جا موضوع به گهڻ رخا، سياسي، سماجي، ادبي، تصوف، مذهب، اخلاقيات ۽ ڪرنٽ اشوز تي ٻڌل هوندا آهن.

¨ ڄام صنم سنڌي کي نه سنڌي ادبي سنگت ليکڪا بڻايو آهي، نه ئي ڪنهن سياسي اسٽڊي سرڪل مان اها نڪتي آهي. سندس اتساھ جو مرڪز والد ۽ والده رهيا آهن. جن کيس ننڍپڻ کان ئي علمي ۽ ادبي ماحول ٺاهي ڏنو.

¨ سندس والد ڄام شفيع محمد جيڪو علائقي جو قابل احترام استاد هو تنهن پيشن گوئي ڪئي هئي ته منهنجي هيءَ ڌي وڏي ٿي پروين شاڪر ٿيندي ۽ ڄام صنم سنڌي ان پيشن گوئي کي درست ثابت ڪندي شاعره طور پاڻ کي مڃائي چُڪي آهي.

¨ سندس شاعري کي ڳاتو به ويو آهي ته هاڻي ترت سندس شاعري جو ڪتاب به ڇپجڻ وارو آهي.

¨ مون سندس ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ هڪ مقالو پڙهندي چيو هو ته “ڄام صنم سنڌي جي ڪالمن جو هي ڪتاب، پڙهندڙن کي انسان ٿيڻ سيکاري ٿو، انسانيت ڇا ٿيندي آهي سو ٻڌائي ٿو. اخلاقيات ڇا ٿيندي آهي تنهن جو درس ملي ٿو ۽ يقيني طور تي هُوءَ پاڻ هڪ بهترين انسان آهي جنهن وٽ انسانيت به آهي ته اخلاقيات به آهي.

¨ مان ان ڳالھ جو قائل هوندو آهيان ته علم ۽ ادب، اديب جي ڪردار مان به ظاهر ٿيڻ گهرجي. ان ڪسوٽي تي به ڄام صنم سنڌي پورو لهندي نظر ايندي آهي.

¨ ڄام صنم سنڌي جي شخصيت کي ڏسندي واقعي به لڳندو آهي ته هيءَ ڪا شاعره، ڪمپيئر، ڪالم نگار ۽ سماجي ورڪر آهي. سندس ڪردار مان انسايت ۽ اخلاقيات جي خوشبو “ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھ اچي بوءِ بهار جي” بڻجي ايندي آهي.

¨ ڄام صنم سنڌي انهن شخصيتن مان هڪ آهي جنهن ڪڏهن به پاڻ پنهنجي پذيرائي لاءِ مهم ناهي هلائي. نه ئي پاڻ متعلق يا پنهنجي سالگره تي ڪنهن کي لکڻ جو چوندي آهي.

¨ هوءَ سستي ۽ تڪڙي شهرت ماڻڻ وارين ليکڪائن مان ناهي. هن پنهنجي تخليقي ڪم کي ڪڏهن به شهرت ۽ موقعي پرستي جو ذريعو ناهي بڻايو. هن صرف ۽ صرف پنهنجي ضمير ۽ پڙهندڙن کي پنهنجو تخليقي ڪم منسوب ڪيو آهي.

¨ هن هميشه مقصد لاءِ لکيو آهي. حق، سچ، استحصال کان پاڪ سماج ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ سوچيو، لوچيو ۽ لکيو آهي ۽ وقت جي ظالم حڪمرانن کي سندن عوام دشمن فيصلن تي للڪاريو آهي.

¨ ڄام صنم سنڌي سياسي طور تي پنهنجن ڪالمن ۾ تحريڪ انصاف پاڪستان جي حڪومت ۽ وزيراعظم عمران خان جي سخت ترين نقاد طور نظر ايندي آهي.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ اِها آهي ته اڄ جڏهن سندس جنم ڏينهن جي سالگرھ آهي ته کيس ان موقعي تي عمران خان جي عوام دشمن حڪومت خلاف سپريم ڪورٽ جو ڏنل فيصلو ڄڻ تحفي طور مليو آهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۸ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 


ڄام صنم سنڌي

سندس شخصيت سندس شاعري جي روشني ۾

زرار پيرزادو

¨ ڄام صنم سنڌي جو اڄ جنم ڏينهن آهي. سندس سالگرهه جي مناسبت سان هيءُ ڪالم لکندي منهنجي آڏو سندس شاعري جو پهريون مجموعو ”سنڌ منهنجي صنم“ آهي جنهن ۾ موجود شاعريءَ مان سندس شخصي ڪتاب جي ڪيترن ئي پاسن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هڪ شعر ۾ چئي ٿي ته : هر ماڻهو هڪ ڪتاب آ، هر ڪتاب لاجواب آ، سروق سڀ صورتون سهڻيون، هر دل اندر ”صنم ڄڻ سهڻو باب آ.“

¨ هيءُ شعري ڪتاب هڪ لحاظ کان موضوعاتي مجموعو آهي جنهن ۾ سنڌ وطن سان سنڌ ڄائي طور عقيدت جو والهاڻو اظهار ٿيل آهي. لکي ٿي ته : ”سا جنت کان وڌ ڇو نه چوان، جت جنت جيان هر گام هجي“يعني هن شعري مجموعي جو ڪجهه حصو ٻين موضوعن تي به ٻڌل آهي.

¨  هن ليک جو اصل موضوع هن ڪتاب تي ڪو تبصرو ناهي.نه ئي سندس شاعري جي صنفن جهڙوڪ غزل، گيت، وائي، نظم، چئوسٽي، بيت وغيره جي فني پاسن تي ڪا ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻي آ، پر پوءِ به سرسي طور مان ڄام صنم سنڌي جي شاعري جي ڪٿ ڪريان ته هيءَ نه رڳو مڪمل شاعره آهي پر هڪ ”رهنما شاعره“ طور نظر آئي آهي. زندگي ڇا آهي، اها ڪيئن گذارجي، سٺو انسان ڪيئن ٿجي، سنڌ لاءِ ڪيئن سوچجي، ڇا ڪجي، ڇا ٿي رهيو آهي تنهن بابت سندس رهنمائي وارا ويچار ملن ٿا. مثال طور

¨ اسان وٽ ٽارگيٽيڊ سياست ناهي جڏهن ته ضرورت ان قسم جي سياست جي آهي جنهن جي نشاندهي ڪندي ڄام صنم سنڏي لکي ٿي ته:”رک نشان نظر ۾، منزل آهي ڀر ۾“ ٻيو رهنما شعر اٿس ته: تون ڳولهين ويٺو واسينگ، سي ويٺا ٿئي ور ۾“

¨ نامياري ڪالم نگارا، ڪمپيئر ۽ شاعره ڄام صنم سنڌي انهن اديبن مان هڪ آهي جيڪي پنهنجي ڏيک ۽ ورتاءُ ۾ واقعي به اديب نظر ايندا آهن، ان ڪسوٽي تي لازمي ناهي ته هر اديب پورو لهندو هجي.

¨ ڄام صنم سنڌي انهن اديبن مان به هڪ آهي جن ڪڏهن به شهرت ۽ مقبوليت ماڻڻ يا اديبن جي قطار ۾ پاڻ ڳڻائڻ لاءِ لکڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي پر انهن اديبن مان آهي جن هميشه هڪ مقصد ۽ مشن طور پئي لکيو آهي. اهڙو اظهار پنهنجي هڪ شعر ۾ هيئن ٿي ڪري ته: ”شعر جو معيار آ مقصد حيات،باقي اهڙي شعر مان ڇا حاصلات، فاعلاتن، فاعلاتن، فاعلات“

¨ هر ماڻهو واقعي به هڪ ڪتاب ٿئي ٿو. ڄام صنم سنڌي جي شخصي ڪتاب کي ٻيا ڪيئن ڏسي رهيا آهن، ڇا سمجهي رهيا اهن، نقادن سندس ادبي قد ڪاٺ سان ڪيترو انصاف ڪيو آهي. يا نه ڪيو آهي سو الڳ سوال آهي پر ڄام صنم سنڌي پاڻ کي ڇا ٿي سمجهي تنهن جو اظهار سندس شاعريءَ مان خوب ملي ٿو، ”جزويت پيغمري آ، چيو ويو ”صنم“ شاعرن کي پاڻ ٿي ڳڻي شاعري“

¨ ڄام صنم سنڌي شخصي طور انتهائي خوددار، باوقار ۽ بيباڪ رهي آهي. ايمانداري، سچائي، اصول ۽ باضميري سندس شخصيت جا باڪمال پاسا آهن. ان حوالي ۾ پاڻ لکي ٿي ته ”ڏاڍن آڏو جهول جهلي، هيءَ نه ”صنم“ جي ريت“ هن ڪيريئر، شهرت يا ڪنهن به ڪم لاءِ سفارش يا رعايت کي ڪڏهن به ڏاڪڻ ناهي بڻايو نه ئي پنهنجي پذيرائي جي مهم هلائيندي ۽ نه ئي سڌي يا اڻ سڌي نموني پنهنجي سالگرهه ملهائڻ جو ماحول ٺاهيندي آهي.

¨ هڪڙا ماڻهو هوندا آهن جيڪي موقعا حصل ڪرڻ جا جتن ڪندا آهن، ماحول ٺاهيندا آهن، تعلقات جوڙيندا ۽ وڌائيندا آهن پر ڄام صنم سنڌي اهڙي گندي ۽ بوبودار ماحول کان پاڻ پري رکڻ ۾ ئي عزت ڀائيندي آهي جيڪا کيس تمام گهڻي عزيز به آهي.سندس چوڻ آهي ته ”رهزن کي رهبر مڃڻ ۽ درٻاري ٿي رهڻ منهنجي خمير ۽ ضمير ٻنهي جي خلاف آهي. مان ڌرتي جي اهڙي ڌيءَ آهيان.

¨ ان حوالي ۾ سندس اعتماد ڏسو، هڪ شعر ۾ لکي ٿي ته : مون کي ڪندا ڇا دشمن منهنجا، صنم کي گهير آهي خدا جو“ سو جيڪا عورت پاڻ کي ڌرتي جي ڌيءُ سڏي، جنهن کي گهير هجي خدا جو پوءِ ڇو نه هوندي  اها پُراعتماد، خوداعتماد، خودمختيار، باضمير ۽ خوددار.

¨ جنم وٺڻ وارا هونئن ته روز جنم وٺن ٿا، زندگي ته سڀ گهارين ٿا پر ڌرتي، وطن ۽ ماڻهن کي جيڪا زندگي منسوب  ڪبي آهي سا ئي امر هوندي آهي. اهڙي شخص ۾ وري جيڪڏهن تهذيب هجي، اخلاق هجي، حساس پڻو هجي، انسانيت هجي ته پوءِ اهي ڄام صنم سنڌي وانگر سڀئي وصفين سهڻا ماڻهو هوندا آهن.

¨ ڄام صنم سنڌي جي اڄوڪي سالگرهه جو ڏينهن ان ”تربيت گاهه“ کي منسوب ڪرڻ گهرجي جنهن کي سندس ماءُ چئجي ٿو.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته جنهن عظيم ماءُ اهڙي باشعور، بااخلاق ۽ تهذيب يافته نياڻيءَ کي جنم ڏنو آهي تنهن ڏينهن تي ڄام صنم سنڌيءَ جو پنهنجي پياري ماءُ تي لکيل شعر ئي سندس پيرن تي هٿ رکي ڀيٽا طور پيش ڪجي ٿو ته : ”وري ڏينهن آيو آ، اظهار جو، ڏيان توکي تحفو امڙ پيار جو“

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۸ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا