; سنڌي شخصيتون: علي نواز ميمڻ - لياقت راڄپر

02 July, 2019

علي نواز ميمڻ - لياقت راڄپر


علي نواز ميمڻ
آمريڪا ڪيئن پهتو؟ - تاريخ جو سفر
لياقت راڄپر
Image result for Ali Nawaz Memon
علي نواز ميمڻ سنڌ جي مشهور شخصيت عبدالفتاح ميمڻ جو فرزند آهي، جنهن ننڍپڻ کان جدوجهد ڪئي ۽ بين الاقوامي سطح تي نالو ڪمايو. هن هائير ايجوڪيشن آمريڪا مان حاصل ڪئي ۽ مختلف عهدن تي ڪم ڪندو رهيو ۽ ورلڊ بينڪ، ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ، يو اين او ۾ ڪم ڪيو ۽ پاڪستان ۾ نيپرا جي چيئرمين طور به ڪم ڪيو. هن وقت هو پنهنجي فيملي سوڌو آمريڪا ۾ رهائش پذير آهي ۽ اتي سانا جهڙي تنظيم ۾ سرگرم رهي ڪري، ڪم ڪيو اٿس ۽ انهي کان علاوه ٻين سماجي تنظيمن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪي سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت جي ميدان ۾ غريب شاگردن ۽ ماڻهن جي مدد ڪن پيون.


علي نواز جي زندگي هڪ وڏي جدوجهد جو نالو آهي، جيڪو لاڙڪاڻي کان آمريڪا تائين جو سفر ڪيو ۽ پوءِ هن جي زندگي کي ڏسي ڪيترن ئي نوجوانن ۾ محنت ڪرڻ جو اتساهه پيدا ٿيو، جيڪي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ڪري يونيورسٽين مان اسڪالرشپ حاصل ڪري هڪ مقام تي پهتا آهن، جڏهن مون کي منهنجي دوست ڊاڪٽر غلام حسين علي نواز ميمڻ جي پاڪستان ۾ اچڻ جو اطلاع ڏنو ۽ منهنجي ملاقات ان سان ڪرڻ جو بندوبست ڪيو. هن سان ملي ڪري ڏاڍي خوشي ٿي ته هڪ انسان جيڪو وڏي محنت ڪري اهڙي مقام تي پهتو، جنهن سان ملڪ ۽ ڪٽنب جو نالو رهيو.
علي نواز ميمڻ سنڌ جي مشهور وڪيل ۽ سياستدان عبدالفتاح ميمڻ جو فرزند آهي. هن جو والد سعودي عرب ۾ ايمبيسيڊر رهيو ۽ لاڙڪاڻي جي تعلقي وارهه ۾ ايم پي اي چونڊيل هيو ۽ سنڌ جو مشهور وڪيل به رهيو هو. علي نواز جي وڏن جو تعلق شڪارپور سان هيو، جيڪي لاڙڪاڻي لڏي اچي آباد ٿيا هئا. هو ۲۸ سيپٽمبر ۱۹۴۱ع تي شڪارپور شهر ۾ پيدا ٿيو ۽ پرائمري تعليم قاضي پاڙي جي اسڪول شڪارپور مان حاصل ڪئي. جتان هو ۳ درجا پڙهيو ۽ باقي پرائمري اسڪول دڙي مان پڙهي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخلا وٺڻ لاءِ انٽري ٽيسٽ پاس ڪري داخلا ورتي. جڏهن علي نواز ڄائو ته سندس والد اڃا پاڻ شاگرد هيو، جنهن ايل ايل بي جو امتحان ايس ايم ڪاليج مان پاس ڪري، لاڙڪاڻي ۾ قاضي فضل الله جي جونيئري ۾ پريڪٽس شروع ڪئي ۽ ٿوري ئي وقت ۾ وڏو مشهور ٿي ويو.
هن ۱۹۵۸ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو، جنهن ۾ ست Standard هوندا هئا، جڏهن ته ۴ اسٽينڊرڊَ سنڌي ۾ هوندا هئا. هاءِ اسڪول جي ستن Standards مان ٻئي ۾ هڪ اهڙو واقعو ٿيو، جنهن هن جي زندگيءَ ۾ وڏي تبديلي آندي، جيڪا هن لاءِ حيران ڪندڙ هئي. جڏهن هن ڏٺو ته ميٿاميٽڪس جي مضمون ۾ هن کي ۱۰۰ مان ۹۰ مارڪون ڏنيون ويون، جڏهن اهي ڳڻيون ويون ته اهي ۷۰ بيٺيون هيون. جڏهن اها ڳالهه هو استاد کي ٻڌائڻ ويو ته هن جواب ڏنس ته هو هن کي ۱۰۰ مارڪون ڏيڻ چاهي پيو، ان وقت جي بهترين استادن مان عبدالستار ڀٽو ۽ مدد علي قادري هيا. هن واقعي هن کي وڌيڪ محنت ڪرڻ لاءِ اڪسايو ڇاڪاڻ ته هاڻي هن چاهيو ته جيڪو معيار هن حاصل ڪيو آهي، ان کي برقرار رکڻ لاءِ اڃا وڌيڪ محنت ڪرڻي آهي. ان محنت جي ڪري، هو لڳاتار هر Standard جي نتيجي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندو رهيو. ان وقت جو دور اهڙو هيو جو استاد معيار کي قائم رکڻ لاءِ، هوشيار شاگردن جي عزت ۽ حوصلو افزائي ڪندا هيا ۽ جيڪي شاگرد سست ۽ جڏا هوندا هئا، انهن کي سزا سان گڏ اصلاح ۽ محنت ڪرائيندا هئا. اهو رواج هوندو هيو ته پڙهڻ ۾ ڪمزور شاگردن جي والد کي اسڪول گهرائي چيو ويندو هيو ته هو پنهنجي ٻارن جي تعليم تي ڌيان ڏين. علي نواز امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ ايندڙ ڪلاس جا ڪتاب اڳ ۾ ئي وٺي ڇڏيندو هو ۽ ٻن مهينن جي موڪل دوران انهن جو مطالعو ڪندو هيو ۽ جڏهن اسڪول کلندو هيو ته هو ڪلاس ۾ سبق پڙهڻ ۾ ٻين کان اڳتي نظر ايندو هو. هن جي تعليم سان دلچسپي ڏسي استاد ڏاڍو خوش ٿيندا هئا ۽ هن ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏيندا هئا. هو ۱۹۳۵ کان ۱۹۵۸ تائين جيڪي به Question Papers هئا هو اهي خريد ڪري ڏسندو هو ته گهڻي قدر ڪهڙا سوال هميشه اچن ٿا ۽ انهن کي پڙهي به تياري ڪندو هو. اهڙي محنت جي ڪري هن سڄي سنڌ ۾ مئٽرڪ جو امتحان پهريون نمبر حاصل ڪيو. هن نتيجي ۾ سندس والدين ۾ هن لاءِ وڏو اعتماد پيدا ڪيو ۽ هن کي ڪراچي ڊي جي سائنس ڪاليج موڪليو ويو، جتان هن انٽر جو امتحان پاس ڪيو، سندس والد هن کي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا موڪليو، جنهن لاءِ هن ۲۰ هزار روپين جو قرض سنڌ ڪوآپريٽو بينڪ مان حاصل ڪيو. علي نواز پنهنجي والدين جو خواب پورو ڪيو ۽ ۱۹۶۴ع ۾ اليڪٽرڪ انجنيئرنگ ۾ ڊگري حاصل ڪئي. حالانڪ هن جي والد کي ۸ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ جو اولاد هو ۽ سڀ تعليم حاصل ڪري رهيا هئا. جن ۾ سندس وڏو پٽ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ ايم بي بي ايس ۾ پڙهي رهيو هو.
آمريڪا ۾ پڙهڻ دوران علي نواز يونيورسٽيءَ ۾ هڪ دخواست ڏني ته هن کي فري شپ ڏني وڃي ۽ ان سان گڏ اجازت ڏني وڃي ته هو ڪا پرائيويٽ جاب ڪري ته جيئن هو پنهنجي تعليم جا خرچ پورا ڪري سگهي. يونيورسٽي جي انتظاميا هن کي ٻڌايو ته هو ۶ مهينن تائين ڪابه نوڪري نٿو ڪري سگهي ۽ هن کي اسڪالر تڏهن ملندي، جڏهن هو پهرين سيمسٽر ۾ B پلس مارڪون حاصل ڪندو. هن جي سخت محنت جي ڪري هو ۳.۵ گريڊ حاصل ڪيو ۽ هن کي اسڪالرشپ ملڻ شروع ٿي ۽ ان سان گڏ هن هوٽل ۾ ٿانوَ صاف ڪرڻ وارو ڪم به ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن سان هن جي انڪم ۾ اضافو ٿيو. هن اونهاري واري ٻن مهينن جي موڪل دوران ٻاهر ڪافي ڪم ڪيو ۽ تقريبن ۷۰۰ ڊالر بچايا ۽ اهو زمانو هيو ۱۹۶۱ جو ۽ ان وقت ڊالر پاڪستان ڪرنسيءَ ۾ ۵ روپين جو هو. هاڻي هن وٽ ڪافي پئسا جمع ٿي ويا هئا ۽ هن پنهنجي والد کي خط لکيو ته هو هن کي پيسا موڪلڻ بند ڪري. جڏهن سندس والد سعودي عرب جو سفير هو ۽ ان جي ان وقت پگهار پنج هزار ماهوار هئي ۽ اهو سال هيو ۱۹۶۳ ۽ باقي رهڻ، کائڻ اچڻ وڃڻ سڀ ڪجهه حڪومت طرفان هيو. آمريڪا ۾رهڻ دوران هڪ ته تعليم حاصل ڪرڻ جي مصروفيت ۽ ٻيو پئسن جو مسئلو هيو جنهن ڪري علي نواز پنهنجي والدين ڏي نه ته سعودي عرب ۽ نه وري لاڙڪاڻي ستن سالن تائين وڃي سگهيو. ان دور ۾ فون تي آمريڪا کان ٻاهر ڳالهائڻ گهڻو مهانگو هيو ۽ ٻيو وري ڪال ملڻ لاءِ ۲ کان ۳ ڏينهن لڳي ويندا هئا. ان لاءِ صرف هڪ ٻئي ڏانهن خط لکي سگهبا هئا. ان وقت هڪ ٻيو به مسئلو هيو ته آمريڪا ۾ ٻاهرين رهندڙن کي پڪي نوڪري نه ملندي هئي.
هڪ ڏينهن هن کي يونيورسٽي جي انتظاميا طرفان فون آئي ته هن جي امتحان جي رزلٽ ۾ ڪجهه وقت آهي پر هن جي تعليم ۾ سٺي معيار جي ڪري هڪ بين الاقوامي اليڪٽرانڪ موٽرولا ڪمپني چاهي ٿي ته هو هن کان انٽرويو وٺي ۽ جيڪڏهن هو ان جي معيار تي پورو لٿو ته هن کي نوڪري ملي سگهي ٿي. هن جي رضامندي تي ڪمپني هن کي شڪاگو انٽرويو لاءِ گهرايو ۽ سڄو خرچ جنهن ۾ هوائي جهاز جو ڪرايو رهڻ کائڻ ۽ ٽرانسپورٽ جو خرچ ڪمپني برداشت ڪيو. هو انٽرويو ۾ پاس ٿي ويو ۽ هن کي آرڊر هڪ هفتي کانپوءِ مليو ۽ ان وچ ۾ هن جي فائنل امتحان جو رزلٽ به اچي ويو.
جڏهن علي نواز نوڪري جوائن ڪرڻ ويو ته هن کي چيو ويو ته هو بطور انجنيئر ڀرتي ڪيو ويو آهي پر ڪمپني هن کي سڄي ايشيا لاءِ سيلز ايڊمنسٽيٽر جي ذميداري ڏني وڃي ٿي، جيڪو هن لاءِ هڪ وڏو اعزاز هو. جنهن لاءِ هن کي شروعات ۾ ۷۰۰ ڊالر مهينو ڏنا پئي ويا، جيڪا رقم گهڻي هئي. هن نوڪري دوران هن بزنس جي باري ۾ ڪافي ڪورس به ڪري ورتا. هن ڪمپني ۾ هن ۱۶ سال نوڪري ڪاميابيءَ سان ڪئي. هاڻي وري علي نواز کي خيال آيو ته هو ڪنهن ٻئي يونيورسٽي ۾ ايم بي اي ڪري جنهن لاءِ هن اها نوڪري ڇڏي ڏني، جڏهن ته ڪمپني وارن کيس آفر ڪئي ته هو نوڪري نه ڇڏي ۽ ڪمپني هن کي پاڪستان ۾ برانچ کولي ڏي ٿي، جنهن ۾ هو ۵۰ سيڪڙو جو پارٽنر هوندو ۽ هن کي هن وقت ۾ ڪوبه پئسو Invest نه ڪرڻو پوندو پر هن اها آفر مسترد ڪئي.
جڏهن علي نواز ميمڻ اوريگن يونيورسٽي ۾ ايم بي اي ڪري رهيو هو ته هن کي ڪنهن دوست صلاح ڏني ته هو ورلڊ بينڪ Apply ڪري، جنهن جي آفيس واشنگٽن ۾ هئي، جيڪا هنن کان ۳۰۰۰ ڪلوميٽر پري هئي، جڏهن هن ورلڊ بينڪ سان رابطو ڪيو ته هن کي ٻڌايو ويو ته هو نوجوانن کي نوڪري نه ڏيندا آهن پر هو هڪ پروگرام لاءِ Apply ڪري، جنهن ۾ ڏهه هزار نوجوان شريڪ ٿيندا آهن. انهن مان صرف ۱۶ ڄڻا سليڪٽ ڪيا ويندا آهن، هن انهي پروگرام لاءِ Apply ڪيو ۽ جڏهن ايم بي اي جو امتحان پاس ڪيو ته هو پاڪستان لاڙڪاڻي آيو ۽ هن جي شادي ۱۶ سيپٽمبر ۱۹۶۷ع تي ڪئي وئي.
جڏهن هو شادي کانپوءِ آمريڪا موٽي ويو ته هن کي ورلڊ بينڪ ۾ نوڪري ڏني وئي ۽ هو تقريبن ۴۰ ملڪن ۾ مختلف پروجيڪٽ تي ڪم ڪندو رهيو، جڏهن ته پاڪستان ۾ WAPDA۽ KESC لاءِ به ڪم ڪيو ۽ اتي هلندڙ اسڪيمن جي ڏسندو رهيو. هتي به هن کي ۷۰۰ ڊالرز ملندا هئا پر ان تي ڪو به ٽيڪس نه هو، جڏهن ته ڪمپني واري پگهار مان هن کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو هو. هن ورلڊ بينڪ ۾ تقريبًا ۳۰ سال ڪم ڪيو ۽ جڏهن نوڪري ڇڏي ته هن کي ۱۲ کان ۱۳ هزار ڊالر پگهار ملندي هئي.
ورلڊ بينڪ طرفان جڏهن به هو پاڪستان ايندو هيو ته هن کي پاڪستان حڪومت نوڪري جي آفر ڪندي هئي. نيٺ هن ۱۱ آڪٽوبر ۱۹۹۶ ۾ نيپرا (NEPRA) جي چيئرمين طور ذميداري سنڀالي ۽ ان وقت محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم هئي، جنهن جي حڪومت ڪجهه هفتن کان پوءِ ختم ڪئي وئي هئي، جڏهن اليڪشن کانپوءِ نوازشريف وزيراعظم ٿيو ته هن چوڌري نثار کي واٽر ۽ پاور جو فيڊرل منسٽر بڻايو. جيئن ته چوڌري نثار وٽ ٻيا به کاتا هئا ۽ هو هن کاتي لاءِ ٽائيم ڪڍي نه سگهندو هيو. جنهن ڪري کاتي جا مسئلا ويا وڌندا ۽ هڪ ڏينهن علي نواز صدر فاروق احمد لغاريءَ کان وقت ورتو ۽ ان کي چيو ته هو واٽر ۽ پاور جو وزير رهي چڪو آهي، ان ڪري هو نواز شريف سان ڳالهائي ۽ نيپرا جا مسئلا حل ڪرائي پر هو به ان سلسلي ۾ ڪجهه نه ڪري سگهيو ۽ نيٺ هو به پنهنجو وقت پورو ڪري هليو ويو. ان وقت علي نواز کي ڪل ۲۲۰۰۰ روپيه پگهار ملندي هئي، جيڪا تمام ٿوري هئي. هو ان جذبي سان آيو هو ته پاڪستان جي خدمت ڪري، پر حڪومتن جي دلچسپي نه ڏسي، هن هڪ سال کانپوءِ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
محترمه بينظير ڀٽو، علي نواز کي پنهنجو ڀاءُ چوندي هئي ۽ هو چاهي پئي ته هو هن سان گڏجي ڪجهه اسڪيمون پاڪستان لاءِ ٺاهي ۽ ان تي عمل ڪرائي. هن محترمه سان آمريڪا ۾ به ملاقاتون ڪيون، جنهن هن کي واشنگٽن جو پي پي پي جو وائيس پريزيڊنٽ جو عهدو به ڏنو هيو.
هن کانپوءِ ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ هن سان رابطو ڪيو ۽ هن کي ذميداري ڏني وئي ته هو پاڪستان ۾ وڃي ۸ مڊل معيار وارا شهر ڳولي، جن مان چار سنڌ ۽ چار پنجاب جا هجن، جن ۾ Infrastructure سهولتون ڏيڻيون آهن. هن پروجيڪٽ لاءِ اڌ رقم پاڪستان ۽ اڌ بينڪ ڏيندي ۽ باقي رقم جيڪا ٻنهي جي برابر هوندي، اها پرائيويٽ ادارا ادا ڪندا. جڏهن بينڪ جو وفد اسلام آباد پهتو ۽ ان ۾ هو به شامل هو ته پنجاب حڪومت ان وفد جو تمام سٺو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ گهربل ڄاڻ تيار ڪري آيا هئا، جن سان سٺي ماحول ۾ ڳالهيون ٿيون. حڪومت پنجاب طرفان رٽائرڊ چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا ماهر هئا. جڏهن وفد سنڌ جي ڪم لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ پهتو ته هنن کي وٺڻ لاءِ عام آفيسر کي موڪليو ويو. جڏهن ٻئي ڏينهن تي ڪم جي سلسلي ۾ ميٽنگ ٿي ته اتي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري غلام سرور کيڙو هيو، جنهن کان اسڪيم جي ڪاغذن جي باري ۾ پڇا ڪئي ته هن هڪ ڪاغذ ڪڍي چيو ته ان تي ڪم هلي رهيو آهي ۽ اها ڄاڻ ڪجهه ڏينهن ۾ ڏني ويندي. ٿوري دير ويهڻ کانپوءِ اٿي هليو ويو ته هن کي ڪٿي وڃڻو آهي. گڏجاڻي ۾ ويٺل هڪ آفيسر کي چيو ويو ته هو اسڪيم جي باري ۾ ٻڌائي، جنهن چيو ته هو ڪجهه ڏينهن ۾ رٽائر ٿيڻ وارو آهي ۽ هو ڪجهه نٿو ڄاڻي. ڪجهه ڏينهن اتي رهڻ کانپوءِ به وفد ان باري ۾ ڪجهه حاصل نه ڪري سگهيو. جڏهن ته علي نواز چيو؛ ھن سنڌ لاءِ ڪجهه ڪرڻ پئي چاهيو ۽ پنجاب طرفان تيار ڪيل رپورٽ جي ڪاپي هنن جي حوالي ڪئي ته هو ان کي ڏسي ڪجهه ٺاهي وٺن پر هنن ان معاملي ۾ دلچسپي نه ورتي ۽ مجبورًا وفد واپس سنڌ مان، خالي هٿين هليو ويو.
علي نواز کي ۲ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ جو اولاد آهي، جيڪي پنهنجي زندگي سٺي گذاري رهيا آهن. کيس آمريڪا جي شهريت تڏهن ملي هئي، جڏهن هو نيپرا جي نوڪري ڇڏي، آمريڪا واپس ويو هو، نه ته ان کان پهرين هن وٽ يو اين او جو پاسپورٽ هوندو هيو. ورلڊ بينڪ ۽ ايشين ڊولپمينٽ کانپوءِ نيپرا ۾ ڪم ڪرڻ سان هن کي تمام گهڻو تجربو ٿي ويو هو ۽ هن کي سعودي عرب، مصر ۽ ٻين ملڪن طرفان ڪيتريون ئي آڇون مليون ته هو نيپرا طرز تي هنن لاءِ پروجيڪٽ ٺاهي ڏي پر جيئن ته هاڻي هن جي عمر ڪافي وڏي ٿي وئي آهي ۽ هو وڏا سفر ڪري نٿو سگهي ۽ گهر ۾ ويٺي ڪيترائي سماجي ڀلائي جا ڪم ڪري ٿو.
هاڻي ته هو پاڪستان به تمام گهٽ اچي ٿو ۽ خاص ڪري جڏهن کان هن جا والدين هن جهان مان گذاري ويا  آهن ته هن لاڙڪاڻي وڃڻ به ڇڏي ڏنو آهي، نه ته هو سال ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٽي ڀيرا به چڪر لڳائيندو هو. هو SANA جو بنيادي ميمبر آهي، جيڪا تنظيم سنڌين جي آهي ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ اهي سنڌي پنهنجي ڪمائي مان ڪجهه حصو ڪڍندا آهن، جيڪو سنڌ ۾ تعليم جي ترقي ۽ صحت جو سهولتون ڏيڻ لاءِ خرچ ڪن ٿا. SANA جو پهريون اجلاس واشنگٽن ۾ ٿيو هو ته ان وقت ان جي سالياني بجيٽ ۱۰ هزار ڊالر هئي جيڪا هاڻي وڃي ۷ ملين ڊالر بيٺي آهي. هي ادارو هر سال انهن غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ ڏيندو آهي، جيڪا ۵ هزار شاگردن کي ملندي آهي، جن جا والدين زڪوات وٺڻ جي لائق آهن. شڪارپور جي هڪ غريب شاگردياڻيءَ کي اسڪالرشپ ڏني وئي، جنهن اين اي ڊي يونيورسٽي مان امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي آهي.
آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ ڊاڪٽر پنهنجي ڳوٺ ۾ اسڪول ٺاهڻ لاءِ چڱي ڀلي رقم ڏني ته جيئن اتان جا غريب شاگرد تعليم حاصل ڪري سگهن. سنڌ ۾ هلندڙ اهڙن ترقياتي ڪمن جي سنڀال اهڙا ماڻهو ڪن ٿا، جيڪي خدمت جي جذبي سان ڀريل آهن ۽ هو هن خدمت جو ڪوبه معاوضو نه وٺندا آهن، جڏهن به آمريڪا ۾ رهندڙ SANA جا عهديدار سنڌ ايندا آهن ته هو پنهنجي هلندڙ ڪمن کي به ڏسندا آهن ۽ اُتي غريب ماڻهن جي مالي سهائتا پڻ ڪن ٿا پر خاص طور تي تعليم جي واڌاري لاءِ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا