علي نواز ميمڻ
آمريڪا ڪيئن پهتو؟ - تاريخ
جو سفر
لياقت راڄپر
علي نواز ميمڻ سنڌ
جي مشهور شخصيت عبدالفتاح ميمڻ جو فرزند آهي، جنهن ننڍپڻ کان جدوجهد ڪئي ۽ بين
الاقوامي سطح تي نالو ڪمايو. هن هائير ايجوڪيشن آمريڪا مان حاصل ڪئي ۽ مختلف عهدن
تي ڪم ڪندو رهيو ۽ ورلڊ بينڪ، ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ، يو اين او ۾ ڪم ڪيو ۽ پاڪستان
۾ نيپرا جي چيئرمين طور به ڪم ڪيو. هن وقت هو پنهنجي فيملي سوڌو آمريڪا ۾ رهائش
پذير آهي ۽ اتي سانا جهڙي تنظيم ۾ سرگرم رهي ڪري، ڪم ڪيو اٿس ۽ انهي کان علاوه ٻين
سماجي تنظيمن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪي سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت جي ميدان ۾ غريب شاگردن ۽
ماڻهن جي مدد ڪن پيون.