ھريش واسواڻي
سنڌي نئين ڪوتا جو جنم داتا
رکيل مورائي
سنڌي ٻوليءَ جو غير معمولي ليکڪ، سنڌي ٻوليءَ ۾ نئين ڪوتا جو جنم داتا،
سنڌي ٻوليءَ کي ”پرش وئشيا،“ جهڙي اڇوتي ڪوتا ڏيندڙ، هريش واسواڻيءَ، ڪيئي ورهيِھ ٿيا
لکڻ ڇڏي، ادب کان پاسو وٺي ويهي رهيو. هن جي ان فرار جا ضرور ڪي سبب هوندا. هن جڏهن
محسوس ڪيو ته ادب جهڙي مقدس ڪم ۾ سياست جي رنڊي گهڙي پئي آهي ته هن قلم کي الماڙيءَ
۾ رکي ڇڏيو ۽ سياست کي ادب سمجهندڙن لاءِ ميدان خالي ڪري سنتوش ماڻيو، يا پاڻ ان ڪيفيت
۾ محسوس ڪيو. ظاهر ڳالھه آهي ته في الحال ان الڳ پڻي کي سنتوش ئي چئبو. هن سچ پچ ڪيترو
سنتوش ماڻيو، اهو ته اهو ئي ٻڌائي سگهي ٿو. پر هڪ ڳالھه بنهه سمجهڻ ڏکي ڪانهي ته چاليھه
سال ادب کي ارپيندڙ شخص/اديب، ائين ادب کان پري ٿي وڃي ۽ اڪيلو گذارڻ لڳي ته ان عمل
جي پويان ڪو درد، ڪا پيڙا، ڪا تڪليف هن ضرور ڀوڳي هوندي!
۽ اڃ جڏهن ساڻس، اڪيلائيءَ جا حال اورڻ وارو ساٿي، سندس ٽهڪن جي سڳند
ماڻيندڙ ۽ سندس اڪيلاين کي ونڊيدڙ سندس دوست/اديب ڀاڀي اندرا واسواڻي بھ ساڻس گڏ نھ
رهي آهي، ته سندس اڪيلائي جو ڇا عالم هوندو اهو اسان سڀ سمجهي سگهون ٿا. محسوس نه ڪريون
اها ٻي ڳالھه آهي.
هريش واسواڻي جنهن لکڻ جي شروعاتي عرصي ۾ پنهنجي نالي کي هڪ اهڙو مرتبو
بخشيو، جيڪو اڄ تائين برقرار آهي. سندس ڪهاڻين جو اڪيلو ڪتاب ”چاليھه چوهتر“ سندس تنقيدي
مضمونن جو اڪيلو ڪتاب، جنهن تي مرڪزي ساهتيھ اڪيڊميءَ کيس انعام ڏنو، ”چاليھه چوراسي“،
سندس نئين ڪوتا جو اڪيلو ڪتاب ”چاليھه ڇاهتر“ ۽ سندس آخري ڪتاب ”ٻڙي ۽ ٽي ٻڙيون“ جنهن
۾ سندس ٽي ڪهاڻيون هڪ مضمون ٻه ڪوتائون ۽ هڪ سنڌي ادب جو ماسٽر پيس آهي، جنهن جو نالو
آهي، ”ريت جي آڪاس ۾ ڌرتي جي کوج“ هيءُ سندس ڪڇ جو سفر نامو آهي. ڪڇ جيڪو ريت جو آڪاس
آهي، ان جي ڪيتري حصي ۾ ڌرتي آهي. اهو ليکڪ جو مرڪزي آئيڊيا آهي، هيءُ سمورو سفرنامو
هڪ احساس آهي، ڪڇ جي رڃ جو، جيڪا ڪڇ ۾ رهندڙن جي چهري مان ليئاڪا پائيندي نظر آئي هئي
هريش واسواڻيءَ کي، ان جو تخليقي اظهار آهي هيءُ سفر نامو، دنيا جي ادب ۾ نرالو هيءُ
سفرنامو. سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي، ان ڪري، جيتري هيءَ ٻولي وڏي آهي، اوترو ئي هيءُ سفرنامو
وڏو آهي. جيتري سنڌي ٻولي ننڍي آهي، اوترو هي سفرنامو ننڍو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻولين جي
اهميت جي آڌار تي ئي ادب جي اهميت جڙندي آهي.ڪڏهن ڪڏهن معجزاتي طور تي ڪي ننڍيون ٻوليون
به وڏو ادب پيدا ڪري وجهنديون آهن، جيئن سنڌي ٻوليءَ شاعراڻي ادب ۾ ڀٽائي پيدا ڪيو
۽ ويهين صديءَ جي چوٿين ڏهاڪي ۾نثري ادب ۾ هريش واسواڻي پيدا ڪيو. ڪيئن به هجي پر هيءُ
سنڌي ٻوليءَ جو حسين ترين سفرنامو ساڳئي وقت، ڪڇ جي ورهين جي اڃ جو احساس ڏياريندڙ
داستان بھ آهي.
۽ هند جي سنڌي ادب بابت هڪ نهايت اهم تنقيدي اينٿالاجي جي آهي، جيڪا
مرڪزي ساهتيھ اڪيڊميءَ پاران شايع ٿيل آهي، جنهن جو، مرتبو ڪندڙ پڻ هريش واسواڻي آهي،
هيءُ ڪتاب سنڌي ادب تي تنقيد جي حوالي ۾ هڪ بيمثال ڪتاب آهي، جنهن جو نالو آهي”سنڌي
تنقيد“ ۽ ان تي سندس سمپادڪي نوٽ پڙهڻ جهڙو آهي، تنقيدي ادب ۾ سندس ڪتاب، ”چاليھه چوراسي“
سنڌي ادب جو هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جيڪو سنڌ ۾ ڇپجڻ گهرجي، ۽ جڏهن اهو سنڌ ۾ ڇپبو ته نئين
سنڌي تنقيد لاءِ نوان گس کوليندو.
هريش واسواڻي سنڌي ادب لاءِ اهڙو نالو آهي، جنهن تي سنڌي نثري ادب کي
فخر رهندو. پر سندس غير معمولي ڪم سنڌي ادب ۾ نئين ڪوتا کي، اوج ڏيڻ آهي. نئين ڪوتا،
سنڌي شاعريءَ جي مروج قدمن کان گهڻو گهڻو اڳتي وڌي هڪ اهڙي ڪوتا آهي، جنهن ۾ ويچار
جو عمل دخل وڌيڪ آهي، هو نون قدرن جي نمائندگي ڪندڙ صنف آهي، جنهن کي سنڌ ۾ نثري نظم
جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، جيتوڻيڪ نثري نظم ۾ نئين ويچار جي اظهار کان، احساس شدت
وڌيڪ آهي. سنڌي ادب ۾ اڃ جي تاريخ تائين”پرش وئشيا“ هريش واسواڻي ۽ ”سينيٽوريم ۾ هڪ
رات“ گورڌن ڀارتي جي نئين ڪوتا حوالي جي طور تي استعمال ٿينديون رهيون آهن. ۽ انهن
ڪوتائن کي نئين ڪوتا جي سنگ ميل هئڻ جو اعزاز حاصل آهي. ”پرش وئشيا“ هڪ اهڙي ڪوتا آهي،
جنهن لاءَ ادب ۾ نوان قدر جوڙڻا پوندا،جيڪي قدر شايد سنڌ ۾ نھ جڙي سگهن. هيءَ ڪوتا،
سنڌيءَ ۾ آهي، ٻيءَ طرح هيءَ ڪوتا عالمي ادب ۾ پڻ پنهنجي نون قدرن جي سڃاڻپ کڻي ايندي،
جيڪي قدر سنڌ جي حوالي سان سڃاڻپ رکندا ۽ ادب ۾ سدائين ياد رکيا ويندا!
هريش واسواڻيءَ جي ڪهاڻين ۾ نئين دور جي للڪار آهي، نون قدرن جي آجيان
آهي. جيتوڻيڪ سندس آخري هڪ ٻھ ڪهاڻيون سندس شعور پاران پنهنجي پاڙن هي تلاشڻ واري ڪوشش
ڏانهن موٽ تي آڌاريل آهن. پر هو نئين ويچار جو نمائندو ليکڪ آهي، سندس نثري توڻي ڪوتائي
لکڻي، هڪ نئون ويچار کڻي اچي ٿي، اها سندس سنڌي ادب ۾ سڃاڻپ آهي.
سماجي زندگيءَ ۾ پروفيسر هريش واسواڻيءَ جي نالي سان سڃاپجندڙ، ڪڇ جي
شهر آڌيپور کي پنهنجي رهڻ جو شرف بخشيندڙ هريش ٻاويھه نومبر اڻيھه سئو چاليهن ۾ نور
الاهي بلوچستان ۾ ڄاول آهي ۽ اڄ ڪلھه آڌيپور جي ملير ڪالونيءَ ۾ رهي ٿو؟ سنڌي ادب کي
نئون ويچار ڏيندڙ هريش واسواڻيءَ کي سندس جنم ڏينهن (جيڪو ٻاويھه نومبر آهي) تي گهڻيون
واڌايون ۽ سنڌ جي نئين ويچار ڌار رکندڙ اديبن پاران نيڪ خواهشون. هُو جتي به هجي خوش
هجي.
ٻاويهه آڪٽوبر هريش واسواڻيءَ جو جنم ڏينهن آهي.
هريش واسواڻي
ڪامياب مفڪر، ناڪامياب
زندگيءَ جا اڻپورا سپنا- ۶ هين ورسي جي مناسبت سان
وينا شرنگي
پروفيسر هريش واسواڻي
سان پهرين ملاقات شايد ۱۹۸۵ع ۾ ٿي. سندس آواز کان پهرين واقف ٿيڻ جو موقعو مليو هو، جو آل انڊيا ريڊيو
تي ادبي گلشن پروگرام تحت سندس ڪويتا پاٺ (شعر و شاعري) ۽ ٻين پروگرامن ذريعي سندس
ڪهاڻيون وغيرهه نشر ڪرڻ دوران ٽاڪر جي
حثيت ۾ ڄاڻ ۽ سندس ادب کان به واقف ٿيڻ جو موقعو مليو. بعد ۾ ڄاڻ پئي ته براڊڪاسٽر
طور ميڊيا ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش هين جا اڌوري ئي رهين. پوليٽيڪل سائنس ۽ سياست سان
دلچسپي ۽ لاڙي جي باوجود سياست ۾ شامل ٿيڻ
واري سندن خواهش به اڻپوري رهجي وئي. مان جيڪر ائين چوان ته پروفيسر هريش واسواڻيءَ
سان آمهون سامهون پهرين ملاقات ۱۹۸۷ع ۾ کين ساهتيه اڪادمي اوارڊ ملڻ واري اوارڊ فنڪشن واري
سال کان ٿي ۽ پڇاڙي واري ملاقات به ساهتيه اڪادمي واري فيبروري ۲۰۱۳ع واري اورڊ فنڪشن ۾ ٿي. عجيب اتفاق پهرين ۽
آخري ملاقات ساهتيه اڪادمي جي ڪماني آڊيٽوريم واري هنڌ ٿي. اها ڄاڻ ڪانه هئي ته
اها ملاقات انهن جي زندگي جي پڇاڙيءَ واري ملاقات هوندي. فيبروري ۲۰۱۳ع ۾ سندس شريڪ حيات اندرا واسواڻيءَ کي مرڻ
پڄاڻا ساهتيه اڪادمي اوارڊ عطا ڪيو ويو، جنهن کي وٺڻ لاءِ سندس ڌيءَ شفالي اسٽيج
تي موجود هئي.
ڊاڪٽر پريم پرڪاش
تنهن کان اڳ مون کان پڇيو هو ــ توهان اوارڊ فنڪشن ۾ اچو ٿا؟
مون وراڻيو ها مان
اينديس. آڊيٽوريم کچا کچ ڀريل هو. مان ٽي چار قطارون لنگھي اڳيان آيس ته هڪ ڪرسي
خالي نظر آئي، جيئن مان ويهڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڊاڪٽر پريم پرڪاش تي نظر پئي. ڪرسيءَ
تي ويهندي مون کائون پڇيو پروفيسر هريش واسواڻي آيا آهن ڇا؟
هنن چيو ته تنهنجي ڀر
واري ڪرسيءَ تي ته ويٺا آهن! مون پروفيسر هريش واسواڻيءَ طرف نهاريندي چيو، معافي ٿي
چاهيان، مون توهان کي ڪونه سڃاتو ،مان ڪافي ششدر ٿيس ته مون کين ڇو نه سڃاتو، جو ڪافي
عرصو ٿيو۽ توهان ۾ ڪافي بدلاءُ به آيو آهي. هنن عينڪ مان نهاريندي نظرن سان حامي ڀري.
مون وري کين چيو ته
مان توهان کي اصل سڃاڻي نه سگھيس، توهان جي طبعيت ته ٺيڪ آهي؟ سندن اکين ڳالهايو، سڀ
ٺيڪ آهي. ان وچ ۾ اوارڊ فنڪشن شروع ٿي ويو. منهنجو موبائيل وڳو، ريڊيو تان فون آيو
جلدي اچ تنهنجي ڊيوٽي آهي. مان ٽپ ڏيئي اٿي کڙي ٿيس، کانئن موڪلائيندي چيو ته شفاليءَ
کي مون طرفان واڌايون ڏيندا. مونکي افسوس آهي مان پورو فنڪشن اٽينڊ نه ٿي ڪري سگھان.
جڏهن اندرا واسواڻي گذاري وئي هئي ته مون هنن سان فون تي اعزا-پرسي ڪندي ڏک ظاهر ڪندي،
مختصر گفتگو ڪئي هئي.
پهرين ۽ آخري
ملاقات جي تقريبا ٽن ڏهاڪن جي وچ واري عرصي دوران چار ڀيرا آديپور سندن گھر ۾
ملاقات ٿي. پر صحيح طور هريش واسواڻيءَ سان واقفيت لڇمڻ ڀاٽيا ڪرائي. جڏهن انهن جي
مان ۾ گڏجاڻي رکي. مان ڪومل سان ان ڪم ۾ ٻانهه ٻيلي ٿي بيٺس جيڪا هن پنهنجي رهائش
گاهه تي رکي هئي، مان ڪيڪ ٺهرائي کڻي وئي هيس، ان کان اڳ پروفيسر پوپٽي هيرانداڻي
جي مان ۾ به گڏجاڻي رکي هئي. سندس گھر واري گوپي ڀاٽيا سڀني جي مرحبا ڪئي. ٻئي زال
مڙس بي حد خوش هئا. گوپي خاموش طبعيت جي ۽ ڪومل ڪچهرين جو ڪوڏيو، دوستن مٿان جند
جان گھورڻ وارو. هريش واسواڻي جي مان ۾ رکيل هيءَ ادبي گڏجاڻي دير رات تائين هلي.
هريش پنهنجا ويچار ظاهر ڪيا. اندرا واسواڻي، پروفيسر پوپٽي هيرانداڻي ۽ دهليءَ جا ڪجھه
ٻيا اديب موجود هئا. منهنجو ڀاءُ راجيندر ۽ سندس گھر واري سيما به مون سان گڏ هئا،
جڏهن ته ڪومل جي صحت وقتي پڙ ڪڍي بيهي وئي پر هو ڪچهرين جو ڪوڏيو هو. هريش واسواڻي
سندس دل جي قريب رهيو ۽ هن سان تمام سٺو رستو هيس. هريش جي دوستن جي فهرست ۾ ڪومل
جو نالو سندس دل جي ويجهو هو. خود پاڻ هڪ هندڌ فرمايو اٿن؛ لڇمڻ ڪومل جو مون ڏانهن گهرو صدق آهي. ان جو مون کي
قدر آهي.
جيڪڏهن اسين سندن ڪتابن
جي ڪن عنوانن تي نظر وجھنداسين ته اسين محسوس ڪري سگھنداسين ۽ چئي سگھجي ٿو ته هو
اڌ بت شخصيت جا مالڪ هئا. جا ڳالهه نه صرف سندن زندگي جي مختلف پهلوئن ۽ سڀاءُ مان
جھلڪندي پر ڪتابن جي عنوانن مان به نظر ايندي ۴۰ــ۶۷ ڪويتائون ۴۰ـ۸۰ ڪهاڻيون، ۴۰ـــ ۸۴ تنقيد ۽ ٻڙي-ٻڙي ٻڙي ٻڙي (۰ــ۰۰۰) ڪويتا، ڪهاڻي، سفرنامو هتي مون صرف چند عنوانن جو ذڪر ڪيوآهي.
هريش واسواڻيءَ جو
جنم ۲۲ نومبر ۱۹۴۰ع تي لورالائي بلوچستان ۾ ٿيو. ۱۳ اپريل ۲۰۱۳ ع تي دهليءَ ۾ وفات ڪئي. ادبي پونجي ۾ نيون
ڪويتائون، ڪهاڻيون، تنقيدي مضمون جا پنج ڪتاب. انکانسواءِ گجراتي ناول جو ترجمو ڪيو.
چار کن ڪتاب ايڊٽ به ڪيا. سال ۱۹۸۴ع ۾ ساهتيه اڪادمي ۴۰ـــ۸۴ تنقيدي مضمونن واري ڪتاب تي کيس انعام سان نوازيو هو.
شخص يا اديب طور ان
سان انصاف ڪرڻ جي دعوا نه ٿي ڪري سگھان، ان طرح جا نالا نه صرف سنڌي ادب جي تاريخ
۾ ڏسڻ وٽان نه ملندا، پر ٻئي ڪنهن ٻوليءَ جي ادب ۾ ڪتابن جا ان طرح جا عنوان ورلي
نظر ايندا. انسان جو انت لهڻ ڏاڍو مشڪل آهي، اهڙين حالتن ۾ ڪنهن به طرفان کين سمجھڻ
مشڪل هو. مونکي لڳي ٿو هو پاڻ به سڄي زندگي خود کي سمجھڻ جي سڄي زندگي جستجو ڪندا رهيا. ادبي لڏن جي گروهه
بنديءَ کان پاڻ کي آجو رکيائون. سندس سوچ، فلسوفانه ويچار، محفل ۽ ڪچهرين کان ڪنارو
ڪرڻ، تنهائي جي گھيري ۾ ٻاهرين دنيا کان پري، گھٽ ٻوسٽ جي فضا ۾ رهڻ جو احساس کين ٿيو
يا نه، ان تي روشني وجھڻ مشڪل آهي
زندگي جو لغام ڪسيل
رکيائون، گھر جي چار ديواري پنهنجي ڪٽنمب ۽ پنهنجي اردگرد جوڙيل دنيا ۾ پاڻ ويڙهي
سيڙهي رکيائون. سماجي انقلاب جا سپنا لهندڙ
جانباز بڻجڻ بدران پنهنجي اردگرد سماجي ۽ ادبي ماحول ۽ حالتن ۽ حادثن جوخود شڪار بڻجي
ويو. هن پنهنجي چوگرد اڏيل ڪوٽ ۾ خود کي قيد ڪري ڇڏيو ۽ گوشي نشيني اختيار ڪئي.
گيتا جو هڪ شلوڪ
آهي ته تون جنهن ڌرم ۾ ڄائو آهين، ان موجب ڪرم ڪر. ساڳيءَ طرح پروفيسر هريش واسواڻي
ان اصول پٽاندر پاڻ کي جوڙي رکيو. نه چاهيندي به ان کي اپنائڻ ان طرح جون ٻيون ڪيتريون
ڳالهيون بقول هن جي مجبوريءَ ۾ کيس قبول ڪرڻيون پيون زندگيءَ ۾، جن کي هن اتفاق
طور ڏٺو. اندرا واسواڻيءَ سان شادي يا گرهست جيون جي نيمن تحت شفالي جو جنم. اندرا
واسواڻي هڪ ٽيچر هئي. آدرش استاد، جنهن کي راشپٽي طرفان هڪ بيسٽ ٽيچر جو اوارڊ
مليل هو. ٻئي طرف هريش به تعليمدان هو پر ٻنهي جي سوچ ۾ ڪا به هڪجھڙائي نظر نه
ايندي، نه سڀاوءَ ۾. سندن ادب ۽ جيون جي نظريي کي ڏسڻ ۾ پورب ۽ پڇم؛ ٻه الڳ
دشائون، انهيءَ جي باوجود هڪ معاملي ۾ اسان کي هڪجهڙائي نظر ايندي. ٻنهي طرفان
کليل دل سان ٽهڪ ڏيڻ، مون ٻنهي جا ٽهڪ ٻڌا هئا. پروفيسر هريش واسواڻيءَ کي پنهنجي
ننڍي قد تي ملال رهيو. جيڪي به سندس ويجهو آيا تن صرف ۽ صرف هن جي لياقت، فلسوفانه
سوچ ۽ راين کي وزن ڏنو. انهيءَ جي باوجود
دل ۾ ارمان..! آديپور ۾ سندن گھر ۾ اندرا ۽ هريش واسواڻيءَ سان چار ڀيرا
ملاقات ٿي. ۱۹۸۹ع ۾ کين عالمي شاهه لطيف ڪانفرنس ۾ شرڪت جي نينڍ ڏني هئي. آديپور وڃڻ تي
مون کين چيو هو؛ توهين ڪونه آيا. پروفيسر هريش واسواڻيءَ چيو ته؛ مان انگريزيءَ ۾
صوفي ازم تي لکان پيو. ان وقت صوفي ازم تي هڪ مئگزين جي پوسٽ، منهنجي سامهون آئي، پروفيسر
صوفي ازم جي ڪنهن تنظيم سان جڙيل هئڻ جي به ڳالهه ڪئي.
جنم مرڻ جي رهسين ۾
دلچسپي نه هوندي به ان تي ويچار ظاهر ڪندي، پاڻ کي ڌرم جو پيروڪار محسوس نه ڪندي
به ڌرم، صوفيزم ۽ ٻڌمت جو اڀياس ڪرڻ پنهنجي اندر جي نڪتل آواز تي تجزيو ڪرڻ. پنهنجو
پاڻ ۾ شخصيت جو اڌواڌ ورهاجڻ جو تاثر ملي ٿو. سندس زندگيءَ ۾ تضاد به نظر ايندو.
شخصيت تي جي نظر وجھون؛ ڳالهائڻ جا ديرينه، بي جاءِ جملن جي استعمال کان ڪوهان
پري، ذاتي زندگي يا ادب ۾ لفظن جي فضول خرچي ۽ عياشي کان ڪنارو ڪرڻ. منهنجي هنن
سان ڇهن ستن ملاقاتن دوران هنن ڪڏهن به طنزيه انداز يا احساسي برتريءَ جو احساس
مونکي ڪو نه ڏياريو. الائي ڇو مون کي ڪڏهن به اهو احساس نه ٿيو، نه ٿا ڳالهائين يا
گھٽ ٿا ڳالهائين، سندس خاموشي ۽ اکيون هميشه مون ڳالهائيندي ڏٺيون. مونکي پڪ آهي
ته پروفيسر سان سندس شاگرد نظرون ملائڻ بدران نظرون بچائڻ تي آمادهه ٿيا هوندا.. اکين
۾ گھرائي، قد ڪاٺ ننڍو، ديريني شخصيت، سندس ڌيءَ سان گڏجڻ تي هن کان سندس رڪارڊ جي
باري ۾ پڇيو. هن چيو؛ هريش ڪو رڪارڊ رکيو ئي نه آهي. صرف کيس چند ڪتاب هٿ لڳا. خودداري
جي وس ٿي پنهنجي فني صلاحيتن کي تهس نهس ڪري ڇڏيو. هر محاذ تي شڪست ۽ ناڪامي جو
احساس، مٿان وري تنهائي، گوشي نشينيءَ وارو عالم. ادبي ماحول کان ڪنارا ڪشي. سندس
پرش وئشيا ڪويتا تي ادب نوازن طرفان ڇرڪ ڏياريندڙ طور ذڪر، سندس تنقيد ۽ راءِ کي
مان ڏيڻ. سنڌي ادب جي نانءُ تي لٽ مار جو سلسلو ڏسندي سندس من ۾ ڪيترين ڪويتائن ڪر
موڙيا هوندا ان جو بخوبي احساس ڪري سگھون ٿا.
ٻولي جيڪا ماءُ آ
تنهنجي ڀڙ .. کائڻ تي سندس من اندر ڪيترين ڪويتائن جو سرجڻ ٿيو هوندو سو چوڻ کان ٻاهر
آهي. ان موضوع تي نه لکي پروفيسر هريش واسواڻي پاڻ سان ته وڏا وڙ ڪيا، پر ادب جي ڪک
مان جنم وٺندڙ رچنا جو گرڀ پات ڪيو هوندو، اگر ان تي لکي ها ته ڪيترن جا نه صرف ڇرڪ
نڪرن ها پر...
پروفيسر هريش واسواڻيءَ
ادبي دنيا کان ڪنارو ڪندي به گھڻو ڪجھه ڏيئي ويو آهي. جيڪي به سندس تخليقي سرمايو
آهي، ان مان گھڻو ڪجھه پلئه پوي ٿو. پروفيسر نامديو تاراچنداڻي هن جا انٽرويو ڪيا
آهن تن ۾ هن پاڻ اوتي ڇڏيو آهي. سندس زندگي کليل ڪتاب نظر ايندي. مون جڏهن پنهنجي
سوٽ کي سندس هڪ ڪوٽ پڙهي ٻڌايو ته هو چوي ٿو؛ ايشور منهنجي زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو
ولين آهي. اهو ٻڌي هوءَ بيحد خوش ٿي. چيائين؛ واهه واهه! ڇا ته ڳالهه ڪئي اٿائين، هوءَ
اڳ ئي ايشور مٿان ڪاوڙيل هئي، هن جملي هن جي دکي دل کي وڏي راحت بخشي. وتي پئي
چوندي؛ ايشور وڏو ولين آهي.
ساهتيه اڪادمي
طرفان نان-فڪشن واري موضوع تي سيمينار لاءِ واسديو موهي هڪ پيپر لکڻ لاءِ ڏنو، ان
۾ مون نامديو طرفان ورتل انٽرويو جا ڪي ڪوٽ ڏنا، جنهن ۾موهن ڪلپنا، گُني سامتاڻيءَ
۽ لال پشپ تي کليءَ دل سان هن رايا ڏنا
آهن. هو فرمائي ٿو؛ موهن وٽ ڏيڻ لاءِ مان مان، لال پشپ وٽ جواب ۾؛ تون تون تون آهي.
هتي مان ان پيپر مان ڪي حصا (ڪوٽ) ضرور ڏيڻ چاهينديس.
هريش واسواڻي:-
* فن جي
ليلو، تي مون پنهنجي صلاحيتن کي پاڻ ويهي جلايو آهي.
* سنڌ کي ياد
ڪرڻ تي رد عمل ڏيندي چون ٿا: ــ جي هو صرف ياد ٿا ڪن ته هنن کي پنهنجي ياد سان
پيار آهي، انهن جي جذبات جو قدر ڪرڻ گھرجي.
* مان آتم
هتيا کي بنيادي حقن ۾ شامل ڪرڻ جي فائدي ۾ آهيان.
* تنقيد جي
حوالي ۾ ضرورت پوندي آهي ته ڪيترين رچنائن کي وري پڙهڻ لاءِ مجبور ٿيندو آهيان.
سمورو ادب پڙهڻ منهنجي قوت/ فطرت کان ٻاهر جي چيز آهي.
* دراصل اسان
وٽ تنقيد جي ڪا پرمپرا نه آهي.
ھري موٽوڻي، نند ڇڳاڻي
۽ نامديو تاراچنداڻي وٺ سٺ ڪري حياتيءَ دوران سندس انٽرويوز ڪري ڪجھه رڪارڊ محفوظ ڪري
ورتو.
No comments:
راءِ ڏيندا