; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي - شوڪت شورو

24 July, 2019

ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي - شوڪت شورو


ورھائجي ويل سنڌي ادب جو اسڪالر
شوڪت شورو
سنڌي ٻولي ۽ ادب جنھن تيز رفتاريءَ سان ترقي پئي ڪئي، ان کي ورھاڱي کان پوءِ ڄڻ بريڪ لڳي ويو. ڪجھ سالن جي ماٺار کان پوءِ جڏھن وري نئين سر شروعات ٿي ته ان ۾ سست رفتاري ھئي. سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجھ کي جيڪو ڌڪ لڳو، ان جي تلافي نه ٿي سگھي آھي. ڪراچي ۽ ڪجھ ٻين وڏن شھرن ۾ سنڌي ٻولي جي اڳوڻي حيثيت ختم ٿي وئي. اھا گھڻائي بدران ٿورائيءَ واري ٻولي بڻجي وئي. ھوڏانھن سنڌ مان لڏي ويل سنڌي انڊيا ۾ ٽڙي پکڙجي ويا، ان ڪري سنڌي ٻولي کي گھڻي عرصي تائين سنڀالي سلامت رکي نه سگھيا. سنڌي ادب ٻن حصن ۾ ورھائجي ويو. تحقيق ۽ تنقيد جي صنفن تي ان جو وڏو اثر پيو. سنڌ جي سنڌي ادب ۾ تنقيد جي صنف ختم ٿي وئي. البت ھند ۾ تنقيد زور ورتو ۽ وڏا نقاد وڌي آيا. پر اتي تحقيق جي صنف اسري نه سگھي. ڇاڪاڻ ته عالمن اديبن کي تحقيق لاءِ گھربل وسيلا ۽ حوالا ميسر نه ھئا. ھن وقت جڏھن ھند ۾ نئين ٽھي سنڌي ٻولي پڙھڻ ۽ لکڻ کان ته پري آھي، پر ڳالھائڻ به ڪنھن حد تائين گھٽجي ويو آھي، تڏھن به شاعرن، ڪھاڻيڪارن ۽ نقادن بددل ٿي لکڻ نه ڇڏيو آھي.


سنڌ مان لڏي ويل نامور عالم ۽ اديب ته گذاري ويا. کانئن پوءِ ڪي ٿورا عالم اڳيان وڌي آيا جيڪي اڄ به علم ادب جي لاٽ ٻاري ويٺا آھن، انھن ۾ ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي ۽ ھيرو ٺڪر وڏي مان مريادا وارا عالم آھن.ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اھم نالو آھي. ھو پير ڳوٺ، ضلعي خيرپور ۾ ۱۹۳۹ ۾ ڄائو. ھن ھندي ۽ سنڌي ۾ ڊبل ايم اي ڪئي. بمبئي يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪئي اٿس. الھاس نگر جي جنھن ڪاليج مان بي اي ڪيائين، اتي ئي ليڪچرر ڀرتي ٿيو ۽ پوءِ پرنسپل جي عھدي تي پھتو، جتي اڃا تائين ان کي سنڀالي رھيو آھي. ھن لکڻ جي شروعات شاگردي واري زماني کان ڪئي ھئي. موھن ڪلپنا، گنو سامتاڻي، لعل پشپ سندس ھم ڪلاسي ھئا. لڇاڻيءَ شروع ۾ ٻارن لاءِ آکاڻيون لکيون، پوءِ اڳتي ھلي ڪھاڻيون لکڻ لڳو. ھن ريڊيو لاءِ ڊراما به لکيا. پر ھن جو اصل ميدان تحقيق ۽ تنقيد ھو جنھن ۾ ھن پاڻ مڃايو. سنڌي، ھندي ۽ انگريزي ۾ سندس پنجاھ ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن، جن ۾ ٻارن جي لاءِ لکيل ۱۲ ڪتاب پڻ شامل آھن.
ڊاڪٽر لڇاڻي ھڪ اھڙو اديب ۽ عالم آھي، جنھن سنڌي ادب جي اڀياس واري ڪم کي گنڀيرتا سان ورتو آھي. ھن سنڌي ساھت جي ھر پھلو ۽ پاسن تي لکيو آھي. سندس ڪتاب ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن جي لاءِ سنڌي ساھت جي ڄاڻ جو خزانو آھن، ساڳئي وقت پنھنجي جاءِ تي انھن ڪتابن جي ادبي اھميت پڻ آھي. تحقيق ۽ ادبي اڀياس کي عام طور سولو ڪم سمجھيو ويندو آھي. ڪتابن ۽ رسالن مان حوالن (references) جا ٽڪرا ٽوٽا ڪڍي، انھن جي آڌار تي ڪو مضمون جوڙي وٺڻ ھنن جي لاءِ  ايترو ڏکيو ڪم به ڪونھي. سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڪي ماڻھو ان طريقي سان ٿيسز تيار ڪري علم ادب جا ڊاڪٽر ٿي ويندا آھن. پر اصل ڳالھ اھا آھي ته تحقيقي ڪم جو معيار پنھنجو پاڻ ڳالھائيندو آھي ته ان موضوع تي لکڻ جي لاءِ ڪيترو گھرو اڀياس ڪيو ويو آھي، ڪيترو نور نچويو ويو آھي. ڊاڪٽر لڇاڻي جي ڪيل ڪم ۾ جيڪا محنت ٿيل ھوندي آھي سا چٽيءَ طور ظاھر آھي.
ڊاڪٽر لڇاڻي جي گھڻ رخي ڪم ۾ ٻاراڻي ادب کي به وڏي اھميت حاصل آھي. ٻارن جي لاءِ سندن ذھني سطح موجب ماءُ جي ٻوليءَ ۾ ڪتاب لکڻ اصل ۾ ان ٻولي جي جياپي لاءِ بنيادي ڪم آھي. ٻارن ۾ اھو شوق پيدا ڪرڻ ته ھو پنھنجي ٻولي ۾ ڪتاب پڙھن تنھن لاءِ بھتر طريقو اھو ئي آھي. دنيا جي سڌريل سماج جي ٻولين ۾ ٻاراڻي ادب جي وڏي اھميت آھي. ٻارن جي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ نھايت سھڻا ڪتاب ڇپايا ويندا آھن. ڊاڪٽر لڇاڻي ۽ ڪجھ ٻين سنڌي ليکڪن ٻاراڻي ادب جي سلسلي ۾ ساراھ جوڳو ڪم ڪيو آھي. ساڳئي وقت ذھن ۾ ھڪڙو سوال پيدا ٿئي ٿو ته انڊيا ۾ سنڌي اسڪول ذري گھٽ بند ٿي چڪا آھن، ٻار ھاڻي سنڌي پڙھي لکي ڪونه ٿا سگھن، نه رڳو اھو پر ھاڻي ته گھرن ۾ سنڌي ڳالھائڻ به گھٽجندو وڃي. اھڙين حالتن ۾ سنڌي ٻاراڻي ادب جو ڪارج ڪھڙو آھي، سا ھڪ منجھائيندڙ ۽ ان سان گڏ ڏکوئيندڙ ڳالھ آھي.
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي ھڪ وڏو ڪم اھو به ڪيو آھي ته ھن سنڌي ٻولي جي نامور ليکڪن تي مونو گراف لکيا آھن. رام پنجواڻي، موھن ڪلپنا، لعل پشپ، گنو سامتاڻي، شيام جئسنگھاڻي جي سوانح حيات ۽ سندن فن تي لکيل ڊاڪٽر لڇاڻي جا اھي مونوگراف مرڪزي ساھتيه اڪادمي طرفان “ڀارتيه ساھتيه جا اڏيندڙ” جي رٿا ھيٺ ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آھن. ساھتيه اڪادمي جي ان رٿا کان سواءِ به ڊاڪٽر لڇاڻي سنڌي جي ڪجھ ٻين اھم ليکڪن ايم ڪمل، واسديو موھي، ڊاڪٽر پريم پرڪاش ۽ ھيرو ٺڪر جي حياتي، فڪري سفر ۽ ادبي يوگدان تي مشتمل الڳ الڳ ڪتاب لکي پاڻ شايع ڪيا آھن.ھن ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي بابت پڻ ساڳئي قسم جو ڪتاب لکيو آھي جيڪو سنڌي اڪيڊمي دھلي طرفان شايع ڪيو ويو آھي. تازو ھن سنڌي جي نامور جديد شاعر واسديو موھي تي “شاعري واسديو موھي جي” ڪتاب لکي پڌرو ڪيو آھي، جنھن ۾ موھي جي شاعري جي سمورن پاسن جو ڀرپور جائزو ورتل آھي. سنڌي ساھت جي انھن وڏن ۽ معتبر ليکڪن بابت ڊاڪٽر لڇاڻي جا لکيل ڪتاب مستند دستاويزن واري حيثيت رکن ٿا. نه رڳو ھن وقت پر ايندڙ زماني جي ادبي عالمن ۽ نقادن جي لاءِ ڊاڪٽر لڇاڻي جو اھو ڪم وڌيڪ تحقيق ۽ تنقيد لاءِ مددگار ثابت ٿيندو.
ڊاڪٽر لڇاڻي ادب جو عالم آھي. ھن سنڌي ادب جي مختلف صنفن جھڙوڪ شاعري، ناول، ڪھاڻي ۽ تنقيد جو تحقيقي اڀياس ڪيو آھي. ان ڏس ۾ ھن ڪيترائي ڪتاب لکيا آھن. ۱.ادبي شناس، ۲.سنڌي ادب جي روپ ريکا ۳.اصول ۽ آلوچنا 4.نئون ساھت ۵.سنڌي ڪھاڻي جي اوسر، ۶. ساھتيه جي پرک (ھن ڪتاب تي ليکڪ کي ٻه ايوارڊ مليا آھن) ۷.ادبي تنقيد ۸.نثري نظم ۽ ان جو ادبي پس منظر ۸.نئين ڪويتا- ارتقائي سفر. شايد ئي ڪنھن ٻئي ليکڪ ادب جي صنفن تي ايترو لکيو ھوندو. ان کان سواءِ ڊاڪٽر لڇاڻي گذاري ويل سنڌي ليکڪن کي ياد رکڻ لاءِ “جوڳيئڙا جھان ۾”، “لاھوتي لڏي ويا”، “يادن جا ورق”، “دل جي دنيا” جھڙا ڪتاب لکيا آھن. انھن ڪتابن ۾ ليکڪن تي خاڪا پڻ لکيل آھن.
شاھ عبداللطيف ڀٽائي سنڌي ٻولي، ساھت، سنڌ جي ثقافت ۽ تھذيب جي سڃاڻپ آھي، ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي ھن وقت ھند جي سنڌي ساھت جو اڪيلو عالم آھي جيڪو شاھ لطيف جي شاعري ۽ فڪر تي مختلف پھلوئن کان پنھنجو اڀياس لکندو رھي ٿو. سندس پھريون ۽ آڳاٽو ڪتاب “شاھ ۽ صوفي مت” ھو. گھڻو پوءِ ھن ٻيو ڪتاب “آڇيندي لڄ مران” لکيو جيڪو سنڌ ۾ ڪلچر ڊپارٽمينٽ، سنڌ سرڪار طرفان شايع ڪيو ويو ھو. شايد اھا شاھ لطيف جي شاعري جي برڪت ھئي جو ڊاڪٽر لڇاڻي کي ھڪ وڏي عرصي جي انتظار کان پوءِ نيٺ ان ڪتاب تي مرڪزي ساھتيه اڪادمي پاران ۲۰۱۷ع جو ايوارڊ مليو. ڊاڪٽر لڇاڻي جو ٽيون ڪتاب جيڪو ھن شاھ لطيف جي شاعري، فڪر ۽ فلسفي تي لکيو سو آھي: “تون ڏاتار آئون ڏڏ.” ڊاڪٽر لڇاڻي کي مڃتا طور ۸ ايوارڊ ملي چڪا آھن.
ان حقيقت کي آئون بنا ڪنھن ھٻڪ جي مڃان ٿو ته سنڌ ۾ مون کي ڪوبه اھڙو اسڪالر ڪونه ٿو سجھي جنھن ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي وانگر ادب جي ھر صنف جو ايترو تفصيل سان اڀياس لکيو ھجي، يا وري ساھتڪارن جي سوانح حيات ۽ سندن ادبي يوگدان تي تحقيقي ۽ تنقيدي اصولن تحت ڪتاب جوڙيا ھجن. ڊاڪٽر لڇاڻي پنھنجي ذات ۾ خود ھڪ ادارو آھي. ھن ڪنھن به ڪائونسل يا اڪيڊمي کان گھڻو وڌيڪ اڪيلي سر  ڪم ڪيو آھي.

No comments:

راءِ ڏيندا