مور مغيري
محبتن جو امين شاعر
حفيظ چانڊيو
شاعري هڪ اهڙو محاذ
آهي، جنهن جي وسيلي ڏات جي ڏڍ تي قوم جي بقا جي جنگ جوٽي جوٽبي آهي. شاعري اهڙن
احساسن جو نانءُ آهي، جنهن وسيلي بيساکين تي بيٺل سماج اندر مثبت تبديلي آڻي سگهجي
ٿي، سنوارجي ويل سماج اندر تبديليءَ جو استعارو مور مغيري به آهي، جنهن پنهنجي
شاعريءَ وسيلي سماج کي تبديليءَ جا جتن پئي ڪيا آهن، انهن اڙانگن رستن تي سندس پير
رتورت ٿيڻ باوجود سندس حوصلا اڄ به هالار جيڏا آهن، تازو سندس شعري ڪتاب “ڳوڙها ڳوڙها
ڳل” سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، سندس ڪتاب ڀوڳنائن ۽ پڇتاونَ
جو اهو تاريخي دستاويز آهي، جنهن ۾ هن بدبودار سماج جي بهتري لاءِ بظاهر بغاوت ڪئي
آهي، جيڪا سندس شاعراڻي روپ ۾ اسان آڏو اظهار بڻيو آهي، جنهن کي پڙهڻ ۽ پرجهڻ جي ضرورت
آهي. مور پيار ۽ پيڙائن جي پنڌ تي ڪٿي به ٿڪجي نه ٿو، سنڌو درياهه جي وهڪري وانگر
سندس قلم جي قط ڪٿي بيهڻ جو نالو نه ٿي وٺي.
سندس شاعري نت نون
استعارن ۽ تمثيلن جو ڀنڊار آهي، سندس شاعري عدم تحفظ واري ماحول ۾ ماڻهن جي
مسيحائي ڪري رهي آهي.
سندس لکڻيون نوجوان
نسل جي لاءِ اتساهيندڙ آهن.
ٽوپي، اجرڪ وارا ماڻهو.
سنڌي سورهيه سارا
ماڻهو.
غيرت لئه سِرُ ڏيئي
ڄاڻن،
هوشو، هيمون پارا
ماڻهو.
شاعري جيڪا عوام جي
امنگن جي ترجماني نه ڪري، سان شاعري نه بلڪه چلڪڻا لفظ ئي آهن، اسين جڏهن مور
مغيريءَ جي شاعريءَ جو جائزو وٺون ٿا ته سندس شاعري علم عروض تي پوري لهڻ سان گڏ عوامي جذبن جي ترجماني ڪندي نظر اچي ٿي،
سندس شاعريءَ جو ڊڪشن جيتوڻيڪ روايتي ۽ عوامي آهي، پر نهايت ئي وڻندڙ آهي.
مور مغيري جي
شاعريءَ کي سماجي طور تي جيڪا حيثيت حاصل آهي، سان سندس گيتن، غزلن ۽ واين ۾ محسوس
ڪري سگهجي ٿي، جنهن ۾ هن ڀرپور نموني اظهاريو آهي،هن جي شاعري پڙهڻ سان اندر ۾ اهڙي
ته چڻنگ ٻري ٿي پوي، جيڪا طوفانن سان ٽڪرائڻ باوجود وسامڻ جو نانءُ ئي نه ٿي وٺي،
سندس شعر ديس جي دردن جي درمان آهن. هُو ٻن ڏهاڪن کان ادب ۾ پيار جي پورهئي ۾
مصروف رهيو آهي، بنا ڪنهن لوڀ جي هو سنڌي ادب جي خدمت ڪندو رهيو آهي، جتي پيڙائن
هر چوڪ ۽ چوراهي تي سندس استقبال ڪيو آهي. هو ڪنهن سان ڪا شڪايت نه ٿو ڪري، مسلسل شاعري ڪندو ٿو رهي،
جيڪا سماج ۾ مروج دقيانوسي ريتن رسمن کي عام
آڏو آڻي بيهاري ٿي، جيتوڻيڪ هن گهڻي عرصي کان پئي ڀوڳيو آهي، پر ان باوجود هن ڌرتي
ڌڻيڻ سان نينهن نڀائڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڪئي، خوش قسمت آهن اهي دليون جن شاعرن کي
پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن.
مور مغيري شاعريءَ
۾ شاهه سائينءَ کي شاعرن جو سرتاج سمجهي ٿو، هُن ڀٽائيءَ جو خاڪو ڪيتري نه سهڻي
نموني پيش ڪيو آهي:
سخن جو شهنشاهه آهي
ڀٽائي.
سڄي سنڌ جو ساهه
آهي ڀٽائي.
سبق سارو انسانيت جو
ڏنائين،
۽ ويساهه
اتساهه آهي ڀٽائي.
مور مغيري، ڀٽائي
جي ڀونءِ جو هڪ معتبر شاعر آهي، جنهن وٽ ڪومل احساسن جو سج آهي، جيڪو پوري عالم کي
روشن راهن ڏانهن گامزن ٿيڻ جا ڏس ڏي ٿو. هو پيشي جي لحاظ کان هڪ فرض شناس استاد
آهي، جنهن کي نئين نسل جي آئيندي جو اونهو آهي، مزاحمت سندس مزاج ۾ رت جيان گردش ڪندي
رهي آهي، جنهن منجهس مهذب پڻي سان گڏ هڪ قومي شعور ڏنو آهي، جنهن سان هو ماڻهپي کي داغدار ٿيڻ نه ڏنو
آهي. سندس شاعري پرهه جي ٿڌڙي هير جو اهو احساس آهي، جنهن سان پڙهندڙن جون هڙئي اداسيون ۽ نراسايون ختم ٿي وڃن
ٿيون، مايوسين جي ڪُن ۾ ڦاٿل (اڪثر) نوجوانن ۾، هن جي شاعري جيئڻ جي جستجو پيدا ڪندي
رهي آهي. هن جي شعري ۾ اجتماعي مقصد آهن، جنهن ۾ سندس ديس جا ڪيترائي ماڻهو نڌڻڪائي
جي نانگ هٿان ڏنگجندا رهيا آهن، جنهن تي هو ڏُکي پوندو آهي، سندس اجتماعي شعور ۾ مڪليءَ
۾ مدفون جهونجهارن جي وارثي ملي ٿي، هو هڪ آدرشي انسان آهي، ائين چئجي ته مور
مغيري محبتن جو هڪ امين شاعر آهي ته وڌاءُ نه ٿيندو.
مور مغيري ڌرتيءَ
جو شاعر آهي، ڌرتي جو درد رکندڙ شاعر آهي، اهڙو درد سندس شاعريءَ مان به محسوس ڪري
سگهجي ٿو، هُو ديس ۾ بي گناهه مرندڙ ماڻهن کي
ڏسي نه سگهي، پنهنجي درد جي دانهن سچل کي هيئن ڏيندي ڏسجي ٿو ته:
مرن ڳڀرو پيا ٿا ڏس،
اوهان جي ڏيهه ۾ ڏاڍا،
امن آهي کتو ناڻي،
اوهان جي در تي آيا هون،
وئي دونهاٽجي ڌرتي،
چمن ساڙي خزان ڇڏيو،
خوشي آهي پئي ٿاڻي،
اوهان جي در تي آيا هون.
مور ڌرتيءَ جي پيار
کي ايمان جو جزو سمجهندي پنهنجي حصي جو فرض ادا ڪندو رهي ٿو، سندس شاعري رومانيت ۽
مزاحمت جو هڪ اهڙو حسين سنگم آهي، جنهن مان روشنين جون لاتعداد واٽون کلنديون آهن،
سندس گيت، غزل ۽ وايون اونداهين ۾ روشن ڏيئن جو ڏس ڏيندڙ آهن. منجهس پيدا ٿيل اهڙو
شاعراڻو شعور فطرت جو حسين تحفو آهي، جيڪو هن کي سڪون سان سمهڻ نه پيو ڏئي.
مور مغيري، جنهن جي
شاعريءَ جا موضوع سندس آسپاس ۾ وسندڙ اهي بي پهچ ماروئڙا آهن، جن ڪڏهن سُک جو ساهه
ناهي کنيو، هو جهوپڙن ۾ رهندڙ ماڻهن سان پيار ڪندڙ حساس دل انسان آهي، سندس حساس پڻي
واري احساس کيس قلم کڻڻ تي مجبور ڪيو آهي، جنهن جي قيمت هو وقتن بوقتن ادا ڪندو
رهيو آهي.
هن جي شاعري فني توڙي
فڪري حوالي سان مضبوط ۽ منفرد آهي، هڪ بهترين شاعر جيئن هو به فن کان ٻاهر ناهي
ويو، سندس شاعري روح کي “ول جيئن وڪوڙڻ” واري وڻ ويڙهيءَ جيئن آهي، جيڪا ڏاڍ کي وڍي
پرزا پرزا ڪري وجهي ٿي، سندس شاعريءَ ۾ اميد جي روشن ڏيئڙن جو پڻ ذڪر آهي، سندس شاعري
اميدن ۽ آسرن تي آڌاريل آهي، جنهن کي پڙهڻ سان نااميديون ۽ نراسايون بنهه بيڪار لڳنديون،
هو شعريءَ ۾ ظالمن ۽ جابرن کي ڌڪار جي نظر سان ڏسي ٿو، هو هيڻن جو همراهه شاعر آهي،
هونئن به شاعر هوندو ئي اهو آهي، جيڪو هيڻن جو همراهه هجي، نه ڪي رشوت خور ڪاموري
جي آفيس ۾ شوپيس بڻجي ٽڪن تي وڪامجي، ماروئڙن جي مجبورين جو سودو ڪري اچي.
مور مغيريءَ جو اهو
شاعراڻو شعور ئي آهي، جيڪو کيس هميشه اوچي ڳاٽ سان ماروئڙن جي حمايت ڪرائيندو پيو
اچي، هو انهن شاعرن کان بنهه پري گهاريندڙ آهي، جيڪي مايا جي موهه تي تخليقن کي
بازار جو وکر بڻائيندا آهن.
هن ڪتاب ۾ مور
مغيري نهايت ديانتداريءَ سان شعر لکيا آهن، جنهن ۾ هن ٻن ويلن لاءِ تڙپندڙ ماڻهن
جي ڀرپور وڪالت ڪئي آهي، هن ڀوتارن جي ڀونءِ ۾ رهندي، پورهيتن جي پرچار ڪئي آهي،
سندس عظمت کي اجاريو آهي،پورهيتن کي هو خدا جو دوست مڃيندي، پورهيتن جي اهميت کي
اجاگر ڪندو رهيو آهي، سندس شاعريءَ جو هيءُ ڪتاب محظ شاعري نه آهي، پر سچ تي مبني
اهڙي حقيقت آهي، جيڪا هر دور جي عڪاسي آهي. هيءُ ڪتاب سندس پيار جو پورهيو آهي، جيڪو
هن رات ۽ ڏينهن هڪ ڪري، سرديءَ ۽ گرميءَ جي پرواهه ڪرڻ بنا ماروئڙن لاءِ نور نچويو
آهي، سندس ان پورهئي مان سندس ڪمٽمينٽ جو اندازو بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. سندس شاعري
ڌڙڪندڙ دلين جو اهو درد ٿي سامهون آئي آهي، جيڪا پيار جي ڇانوَ لاءِ هميشه آسوند رهي
آهي، هو سُقراط جيان سچ جو داعي آهي، هو پيار جو پرچارڪ آهي، جنهن پرچار عيوض سندس
جهول ڪيترائي گهاوَ آهن، جن جو هو “زهر پياڪ عاشق” جيان، ڪنهن سان ڪجهه سليو ناهي،
مور مغيري جي شاعريءَ سنڌ جو اجتماعي درد آهي، جنهن ۾ نڌڻڪن جا سراپا سڏڪا آهن،
مظلوم ماڻهن جون محروميون ۽ مايوسيون آهن، جن کي ڏسي هو تڙپيو ۽ لُڇيو آهي، امن ۽
اهنسا جي ڳولا ۾ مور مغيري صوفين جيان ڪاف ڪاٽيندي، در در ڀٽڪندو رهيو آهي، جتي هن
پنهنجي اکين ۾ ڌرتي ڌڻين جي خوشحالي بجاءِ قبيلائي رتوڇاڻ ۾ ڪيترين امڙين جون
جهوليون خالي ٿيندي ڏٺيون آهن، ڪيتريون چيخون اڄُ به سندس ڪنن تي پڙلاءُ ڪري لکڻ
لاءِ مجبور ڪنديون رهن ٿيون، سندس شاعري ظالمن لاءِ مظلومن جا پاراتا ۽ پٽون آهن،
ساڳي جاءِ تي سندس شاعري ٻاروتڻ جا ٻاتا ٻول به آهن ته اميدون ۽ آسرا به آهن. سندس
شاعري بي گناهه مقتولن جا نوحا به آهن، ته مظلوم ۽ محڪوم قومن جي تاريخي فرياد به
آهن، هن جي شاعري ڪوڙن ويڄن جي اها روئداد آهي، جن پيسن عيوض مسيحائيءَ کي بازار
جو وکر بڻائي، سنڌ جي ڪيترن ئي معصومن جا ڳلا ڪپيا آهن، سندس شاعري عوامي امنگن تي پوري لهي ٿي، جيڪا هر دور ۾ مسڪينن ۽ بي پهچ
ماروئڙن جي حمايت ڪندي انصاف جي گهرجائو رهڻي آهي.
جيتوڻيڪ ڏهوڻي ڏات
جي ڪري، ماڻهن مٿس الزامن جا واهڙ وهائيندا رهيا آهن، تنهن باوجود هن سڀني دردن کي
سيني لائي، هميشه اڳتي وک وڌائي آهي، بدبوءِ
دار سماج ۾ مور مغيري تبديليءَ جي خوشيءَ مان مور جيان ٽهوڪو ڪيو آهي، هو هميشه
کان وٺي مارن جي خوشحاليءَ لاءِ آسوند رهيو آهي، سندس پورهئي کي ڏسندي پڪ ٿي اٿم
ته هن ماڻهن جي من ۾ گهر اڏي ڇڏيا آهن، جنهن ڪري هو هاڻي ڪڏهن به، ڪٿي به ڪنهن
گمنائيءَ جو شڪار ناهي ٿيڻو.
No comments:
راءِ ڏيندا