محمد حسين قادري
گرڌاري، ويساهه گهاتِي ڪري
وئين
ياسرقاضي
”قاضِي صاحبَ!
مان اسٽُوڊيو نمبر ٽُو ۾ توهان جو انتظار ٿو ڪيان... اوهان واندا ٿي مُون کي اُتئُون
سَڏي وٺجو ته پوءِ چانهه گڏُ ٿا پيئيُون...“ مُنهنجي ڪنن ۾ اڄُ به سندس اهي جُملا،
اُن جي ادا ڪيل اُن ئي مخصُوص پنهنجائپَ واري انداز ۾ گُونجن ٿا، جيئن هُو چوندو
هو... ۽ ريڊئي حيدرآباد جي ڪاريڊور جي مخصُوص ”رِوَرب“ Reverb ۾ سندس
آواز جيئن گُونجندو هو، اُهو رسُ سڄي عُمر مُنهنجيُن سماعتُن ۾ رهندو... زمانو هو ۱۹۹۶ع جو... اڄ کان ۲۲ سال کن اڳُ... جڏهن مان نئون نئون ريڊئي
حيدرآباد تي وڃڻ لڳُس. ريڊئي جي جادُو نگريءَ ۾ آئي مُون کي تڏهن سالُ ئي مسَ ٿيو
هو ۽ مُون کي محترمه بينظير ڀُٽو پاران لاڙڪاڻي ۾ قائم ڪيل نئين ريڊيو اسٽيشن تي ۱۶ سالن جي عُمر ۾ ڳڀرُو ڪمپئر طور ”ايپرُوو“ ڪرڻ
کان ڪجهه مهينا پوءِ ئي، خواجه امداد علي (جيڪو ريڊئي لاڙڪاڻي جو پهريون اسٽيشن ڊائريڪٽر
هو ۽ جنهن مُون کي لاڙڪاڻي ۾ ”ايپرُوو، ڪيو هو)، ”ڪنٽرولر“ طور ترقي ماڻي حيدرآباد
ريڊئي جو سربراهه بَڻيو هو ۽ ۱۹۹۶ع ۾ جڏهن مان يُونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيس ته حيدرآباد (خاص
طور ريڊئي حيدرآباد) تي اچڻ جو ڄڻ ته ڀرپُور بهانو ملي ويو. ريڊيو ڪراچي ۽
حيدرآباد اُهي اسٽيشنُون هيُون، جِن جي اندر داخل ٿيڻ به اُن دؤرَ جي مُون جهڙن
”نشرياتي رنگرُوٽن“ لاءِ ڪنهن اعليٰ اعزاز کان گهٽ ڪونه هو. اهڙيءَ صُورتحال ۾ جڏهن
حيدرآباد، خواجه صاحب سان ملڻ وڃ! بنا ”سرڪاري اين او سِيءَ“ جِي فارملٽِيءَ جَي،
پروگرام ڪرڻ جِي آڇ ٿئي... ته اهڙو موقعو ڪير ٿو وڃائي سگهي! اُن دؤر ۾ هُو ريڊئي
حيدرآباد تان نشر ٿيندڙ زرعي پروگرام جو انچارج هو ۽ سندس ڪمرو اسٽيشن ڊائريڪٽر جي
ڪمري جي سامهُون هو. اُن وقت ريڊئي حيدرآباد تي مُون کي سُڃاڻڻ وارا ڪُل چار ڄڻا
هُئا... خواجه صاحب... نصير صاحب (نصير مرزا)... الاهي بخش ٻانڀڻ صاحب... ۽ هي...
نصير مرزا صاحب، جيڪو
بابا جو دوست هُئڻ ڪري، ڄڻ ته مُنهنجي ڄائي ڄمَ کان سُڃاڻُو هو، اُهو پهرين منزل
تي ساڄي هٿ تي آخري ڪمرو الاهي بخش صاحب سان شيئر ڪندو هو ۽ وَٽس بار بار وڃڻ جي ڪري
ٻانڀڻ صاحب جي شفقت جو پاڇو به نصيب ٿيو.
آءٌ جنهن چوٿين
شخصَ جو ذڪر ڪريان پيو، اُهو ڪو ٻيو نه، پر ناميارو اداڪار، صداڪار، مُحمّد حسين
قادري آهي... جيڪو اسان کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي، ۶ مئي تي وڇڙيو... رمضان جي آمد واريءَ شام
جو...
ماڻهُو نه هو... ڀٽائيءَ
جي بيت ”ڪنهن ڪنهن ماڻهُوءَ منجهه، اچي بُوءِ بهار جِي...“ جِي سراسر تفسيرَ هو...
لاڙڪاڻي ڄائو... ملنسار... کِلمُک... مُون پنهنجي زندگيءَ ۾ کيس ڪڏهن به نه ڪنهن
جي گلا ڪندي ڏٺو ۽ ٻُڌو ۽ نه ئي وري ڪڏهن پريشان ڏٺو مانس... سدائين زندهه دليءَ
سان ملندڙ... بظاهر مُعمّر نظر ايندَي به نؤجوانن کان وڌيڪَ نؤجوان... اسان جي دُعا
سلام جو آغاز به ان کان سال کن اڳ ئي... يعني ۱۹۹۵ع ڌاري ٿيو هو. لاڙڪاڻي ۾ نئين ريڊيو اسٽيشن
ٺهڻ جي ڪري جڏهن به پنهنجي جنم ڀوميءَ (لاڙڪاڻي) ايندو هو ته پاڻ لڙي ايندو هو.
اُتي ابتدائِي تعارف ۽ مختصر ڪچهريُون ٿيُون... رتيديري ۾ اسان جي پاڙي ۾ سندس مائٽن
جو گهر هو، جتي شادي مُراديءَ تي ايندو هو ته مُون کي اطلاع ڪندو هو ۽ پوءِ اهو معمُول
بڻجي ويو ته هُو جڏهن به رتيديري اچي ته مُون وٽ ضرُور اچي... ٻه پل مُون سان ۽
بابا سان ڪچهري ڪري... نئون سنئون ٿي چانهه چُڪو پي وڃي. پهريون ڀيرو سياري ۾ مُون
وٽ گهر آيو ته اسان گجرن جو حلوو ۽ چانهه جو مزو ورتوسي ۽ اُن کان پوءِ جيترا دفعا
سياري ۾ آيو، اُهو گجرن جو حلوو فرمائش ڪري گُهرائيندو ۽ شوقَ سان کائيندو هو.
مُون ڳالهه پئي ڪئي...
۱۹۹۶ع جي... ريڊئي حيدرآباد جِي... اِهو اُهو زمانو هو جڏهن حيدرآباد ريڊئي تي
اسان سوشيلا مهتاڻي، اُستاد جُمن، مصري خان جمالي، خميسي خان، منظُور علي خان ۽
يُوسف کي ته نه ڏسي سگهياسي، پر وحيد علي، فيروز گُل، جيجي زرينه، سرمد اڃا به ڏٺاسي...
اچبو... ته اچڻ ساڻ
خواجه صاحب وٽ وڃبو. خواجه صاحب، تڏهوڪي پروگرام مينيجر مُحمّد نقي صاحب مرحُوم
سان گهڻو مصرُوف هُجي ته چُپ چاپ سندس ڪمري مان اُٿي وڃي، سامهون قادري صاحب جي ڪمري،
جنهن جي ٻاهران ”انچارج، زرعي پروگرام“ جي تختي لڳل هُوندي هُئي، جو پردو هٽائي جهاتي
پائبي... اڪثر قادري صاحب پنهنجي سِيٽ تي ويٺل ملندو ۽ اوچتو ڏسي، انوکي انداز ۾
گرمجوشيءَ مان رڙ ڪندو... ”قاضِي صاحب... دي گريٽ...!!!“ مخصُوص انداز ۾ دروازي
تائين ايندو ۽ اچي ملندو هو... ۽ پوءِ ”ويٺي جنين وٽ ڏُکندو ڏُور ٿئي...“ جي سراپا
تصويرَ بڻجي ويندو هو. ٻن ٽن منٽن کان پوءِ سندس بنا بريڪ گُفتگُوءَ جي وچئُون
”پاز“ (وِٿي) ڳولَي، جي کيس چئبو هو ته ”خواجه صاحب وٽان چورِيءَ کسڪي آيو آهيان...“
ته چوندو هو: ”اڇا! پوءِ توهان وڃو... مان ۳ لڳي تائين هتي آفيس ۾ هُوندُس... پوءِ اوهان کي ۲ نمبر اسٽُوڊيو ۾ ملندُس. اوهان واندا ٿي
اچو، ته پوءِ ٻاهر هلي چانهه پيئنداسُون.“
اهو سلسلو اڪيچار
مُلاقاتُن تي مُحيط رهيو ۽ تڏهن وڌي ويو، جڏهن ۲۰۰۲ع ۾ ”ڪي ٽي اين“ جو آغاز ٿيو ۽ قادري صاحب
به ڪي ٽي اين ابتدائي ڊرامن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيا. پاڪستان ٽيليويزن جي اهم ۽ انوکي
اداڪار جي حيثيت سان ته سندس سُڃاڻَ جهرَ جهنگ ۾ تڏهن به مشهُور هُئي.آءِ آءِ
چُندريگر روڊ تي، ”خيرآباد ڪيفي“ جي ڀر ۾ بمبئي هوٽل بلڊنگ (جيڪا هاڻي ڊَهي چُڪي آهي)
جي اڍائي ڪمرن واري ”ڪي ٽِي اين“ جي ابتدائي آفيس جي سوڙهي ڪوريڊور ۾ (جنهن ۾هڪڙي ڀت
سان ٽيڪ ڏئي هڪڙو ماڻهُو بيهي ۽ ٻئي ڀت سان ٽيڪ ڏئي ٻيو ماڻهُو... تڏهن به وچان ٽئين
ماڻهُوءَ جو گذرڻ مُشڪل ٿي پوندو هو...) اُن ڪاريڊور ۾ قادري صاحب سان ڏنل مختصر ٽهڪن
کان وٺي شُوٽنگ جي لوڪيشنز تي ڪيل طويل ترين ڪچهريُون، بحثَ ۽ وڏا وڏا ٽهڪ اڻ
وسرندڙ آهن. مان انهن ڏينهن ۾ ”محفل“ پروگرام جي ميزباني ڪندو هُئس، جنهن جي شُوٽنگ
انهن ئي لوڪيشنز تي ٿيندي هُئي، جن تي ”ڪي ٽي اين“ جي ڊرامن جي شُوٽنگ هلندڙ هُوندي
هُئي، تنهنڪري مُنهنجن اڪثر پروگرامن ۾ حاضرين طور انهن ڊرامن جي ڪاسٽ به ويٺل
هُوندي هُئي. مُون کي ياد آهي ته قادري صاحب به مُنهنجي ”محفل“ جي ڪيترن ئي
پروگرامن ۾ سڄي سڄِي رات ”آڊيَنس“ ۾ ويٺل هُوندو هو. اُنهن ڏينهن ۾ انور سولنگي
صاحب پنهنجو ئي لکيل هڪ ”سولو پلي“ ڪي ٽي اين لاءِ ڊائريڪٽ ڪيو هو، جنهن ۾ ٻن مُک
دوستن جا مرڪزي ڪردارَ، پاڻ انور سولنگي صاحبَ ۽ حُسين قادري صاحب نڀايا، جيڪي ٻن
هندُو دوستن جا ڪردار هُئا... مُون کي ڊرامي جو نالو ته ياد ڪونه ٿو اچي، پر اُن ۾
انور سولنگي صاحب جي ڪريڪٽر جو نالو ”گرڌارِي“ هو. ڊرامي ۾ هڪ جاءِ تي قادري صاحب
جو ڊائلاگ هو: ”گرڌاري! ويساهه گهاتِي ڪري وئين...“ اُهو ڊائلاگ، قادري صاحب ايڏو
بهترين طريقي سان، پرفارمنس جي اعليٰ انداز ۾، ٿڌو ساهُه ڀري چيو، جو اُن ڏينهن
کان پوءِ جڏهن به مان قادري صاحب سان مليُس ته کيس ڀاڪُر پائي، سندس اُهو ڊائلاگ،
سندس ئي انداز ۾ چوندو هُئس ته ”گرڌارِي! ويساهه گهاتي ڪري وئين...!“
هُو بظاهر هڪ سڌو،
سادو، علم، ادب، فلسفي کان نابلد ماڻهُو لڳندو هو، پر جڏهن تصوّف کان وٺي انساني
وجُود جي اسرارن بابت ڳالهائڻ شرُوع ڪندو هو، ته حيران ڪري ڇڏيندو هو. اصل ۾ هُو جيترو
ڳُوڙهو هو، اُن جي لَکا عامَ کي ڪونه ڏيندو هو. هُو هر قسم جي نمائش کان بي نياز،
غرُور، تڪبُّر ۽ ڪاوڙ کان آجو الله لوڪ هو، جيڪو جڏهن ملندو هو ته ٻِٽا ڀاڪُرَ
پائي بيحد خوشيءَ جو اظهار ڪندو هو ۽ اهو چئي شرمندو ڪندو هو ته ”مان توهان جو
مدّاح آهيان...” اهو اصل ۾ هُن جو همّت افزائيءَ جو انداز هو، جنهن يقيناً سندس ڪيترن
جُونيئرس کي اڳتي وَڌڻ جو موقعو فراهم ڪيو ۽ ٽي. وي. ڊرامن جي سيٽ تي به هن جا
جُونيئر ترين اداڪار هُن سان ڪم ڪرڻ ۾ “ڪمفرٽ ايبل“ رهيا. هُو نه فقط ريڊيي جو ڀلو
انائُونسر، ٽي ويءَ جو پنهنجي انداز ۽ اسلُوب جو اڪيلو اداڪار هو، بلڪه اسٽيج جو
به هڪ برجستو آرٽسٽ هو.۱۹۹۶ع ۾ ريڊيي حيدرآباد جي ۴۲هين سالگرهه جي تقريب ۾ مزرا قليچ بيگ جي ڊرامي ”انڪوائري
آفيسر“ کان وٺِي، فيبروري ۲۰۱۸ع ۾ ڪراچيءَ ۾ مُنعقد ڪيل ”سنڌ ٿيئٽر فيسٽيول“ ۾ پيش ڪيل
مُحمّد عُثمان ڏيپلائيءَ جي ڊرامي ”سجائِي مُوڙِيءَ“ تائين هُن ڪيترن ئي ڪامياب ٿيئٽرس
۾ نمايان ڪردارَ ادا ڪيا ۽ حاضرين جُون دليُون مَنڊيُون. قادري صاحب ”ڀٽائي آرٽ ڪائُونسل“
جي بينر هيٺ آخري ڪجهه سالن ۾ انتهائي يادگار ٿيئٽرس ۾ انتهائي ڏُکيا ڪردار
عُمدگيءَ سان نڀايا. پي ٽي ويءَ کان ڪي ٽي اين ۽ ٻين خانگي چينلن تائين جن جن ڊرامن
۾ هُن پنهنجي اداڪاريءَ جو ڪمال ڪم ڪيو، اُنهن جي هڪ ڊگِهي لسٽ آهي.
ڳائبا ڳيچَ ناهن...
ڳائبا ڳُڻَ آهن... جيڪي پاڻ قادري صاحب جا ڳايُون پيا... پر اهو ڳُڻن ڳائڻ جو
سلسلو وقتي ناهي. مان سمجهان ٿو ته هڪ فنڪار جي طبعي پُڄاڻيءَ کان پوءِ ئي صحيح معنيٰ
۾ اُن جي مڃتا جو دؤر شرُوع ٿئي ٿو ۽ اُن جي زندگيءَ جي ڪُل پورهئي جي نُقطهء اختتام
پُڄاڻان ئي اُن جي انداز، مڪتبِ فڪر ۽ اسٽائيل جي حوالي سان مُطالعو به ٿئي ٿو،
تبصرو به... ته اُن مان واٽُون به ڳولجن ٿيُون... ۽ مُون کي پڪ آهي ته قادري صاحب
جي ڪم جي مڃتا جو آغاز هاڻي ٿيندو.
حُسين قادرِي صاحب
جي طبعي وڇوڙي جو ڏُک، اظهار کان اؤکو آهي. سندس زندگيءَ سان ڀرپُور ٽهڪن جي سِڪَ،
سريرَ ۾ هاڻي هميشه رهڻي آهي. فطرت جي اصُول تحت سندس وڇوڙي کي قبُول ڪرڻ کان
سواءِ ٻي ڪا واهه ناهي، نه ته دل چوي ٿي ته جي هُو هڪ لحذي لاءِ به سامهُون اچي وڃي
ته کيس آليُن اکين سان اهو ئي جُملو چوندُس، جيڪو ڪڏهن ٽهڪ ڏئي ڀاڪر پائي کيس
چوندو هُئس ته: ”گرڌاري! ويساهه گهاتِي ڪري وئين...“
(روزاني ”ڪاوش“
حيدرآباد جي ايڊيٽوريل صفحي تي، اربع، ۸ مئي ۲۰۱۹ع تي شايع ٿيل، نامياري اداڪار ۽ ريڊيو انائُونسر، مُحمّد
حُسين قادريءَ جي ياد ۾ لکيل ڪالم ”گرڌاري، ويساهه گهاتِي ڪري وئين.)
No comments:
راءِ ڏيندا