; سنڌي شخصيتون: منظور سخيراڻي - وزير فرهاد سولنگي

02 July, 2019

منظور سخيراڻي - وزير فرهاد سولنگي


منظور سخيراڻي
سنڌ جو اربيلو راڳي - ۶۰ هين سالگرهه
وزير فرهاد سولنگي
Image result for ‫استاد منظور سخيراڻي‬‎
سنڌي موسيقيءَ ۾ اهم جڳهه والاريندڙ منظور سخيراڻي، جنهن هڪ الڳ جڳهه جوڙي، سندس مڌر آواز ۽ گائيڪيءَ جو انداز نرالو آهي. سندس ڳايل گيت  معيار جي لحاظ کان متوازن شاعريءَ سان ڀرپور هوندا آهن. پاڻ نفيس احساسن جي ترجماني ڪندڙ شاعريءَ جي سليڪشن ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح سندس ڳايل شاعري اڪثر ڪري استاد بخاري، عبدالغفار تبسم، علي گل سانگي جي هوندي آهي. ان کانسواءِ سنڌ جي ڪيترن ٻين شاعرن جي شاعري به ڳائي اٿس. ان کان علاوه هن ڀٽائي سرڪار، سچل سائين ۽ ٻين صوفي شاعرن کي به ڳايو. پر ساڻس عوامي پهچ مطابق اڪثر ڪري نيم ڪلاسيڪل گائيڪي جي انداز کي ججهي انداز ۾ ڳايو اٿس. جنهن ڪري سندس آواز سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ تائين پسند ڪيو وڃي ٿو.


منظور سخيراڻي هر طبقي جو پسنديده ڪلاڪار آهي. اهڙي طرح ذاتي زندگيءَ ۾ پڻ تمام نفيس، سٻاجهو، احسان ڪندڙ ۽ ڪميٽيڊ انسان آهي. منهنجون ساڻس ڪيتريون ئي نجي ڪچهريون به ٿينديون آهن. انهن ڪچهرين ۾ رشيد چارڻ به گڏ هوندو آهي. مان کيس مسرور پنائيءَ جا گيت ٻڌائيندو آهيان ۽ موٽ ۾ منظور مون کي استاد خانصاحب مهدي حسن جا شاهڪار ڪلاسيڪل غزل ٻڌائي خوش ڪري ڇڏيندو آهي. منظور واعدي ۽ قول جو پڪو، مهمان نواز ۽ کرو ماڻهو آهي. سندس مک تي هميشه مرڪ رهندي آهي. جنهن ڪري سندس اندورني ڪيفيت پڙهڻ ۾ دشواري ٿيندي آهي. هن جا دوست به تمام پيارا ۽ سليڪٽيڊ هوندا آهن جنهن ۾ عبدالغفار تبسم ۽ رشيد چارڻ کيس تمام پيارا ۽ ويجهو رهيا آهن. سندس اوطاق مهمانن لاءِ هميشه کليل هوندي آهي. جتي دوست اچي هن جي شخصيت مان محبتون ماڻي ويندا آهن.
سنڌ جو هي پيارو ڪلاڪار ۱۴ اپريل ۱۹۵۹ع ڌاري سپروائيزنگ تپيدار بهار الدين سخيراڻي جي ڪکن ۾ دادو شهر ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڇاڻو شاهه آباد ۾ حاصل ڪيائين. سندس والد صاحب کيس اعليٰ تعليم ڏياري انجنيئر ڪرڻ پئي چاهيو. پر راڳ جي ذوق سبب پاڻ اها پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي موسيقي جي مڌر دنيا ۾ پير پاتو. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي راڳ ۽ سرن ۾ وڃائجي ويندو هيو. هن ڏهن سالن جي عمر ۾ فني سفر جي شروعات ڪئي. ۽ پنهنجي شوق کي برقرار رکندي ساز ۽ آواز کي ويجهو ٿيو. انهن ڏينهن ۾ هن ادبي ڪچهرين ۾ پڻ حصو ورتو ان سبب کيس استاد بخاريءَ جي ويجهڙائي نصيب ٿي. ۽ انهيءَ ويجهڙائي ڪري سائين حاڪم علي شاهه جون ٺاهيل ڌنون ۽ استاد بخاريءَ جي شاعري ڳائي ٻڌندڙن کان گهڻو داد  حاصل ڪندو هو.
منظور سخيراڻي ۱۹۷۵ع ڌاري ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي پهريون دفعو ڳايو. هن کي ان وقت جي بهترين براڊ ڪاسٽر ۽ ريڊيو پروڊيوسر نثار ميمڻ رڪارڊ ڪيو. سندس ساٿ ۾ مرحوم غلام حسين ڪوريجو به گڏ هيو. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان سندس پهريون ڳايل ڪلاس استاد بخاريءَ جو هيو. جنهن جا ٻول هيا ”دوست ڪياسين دلداريءَ لئه، ڪن ٿا دل آزاري“ جڏهن هي ڪلام آن ايئر ٿي ٻڌندڙن جي سماعتن تائين پهتو ته سڄي سنڌ ۾ انهيءَ گيت جي ڌُم مچي وئي. ڏاڍو پسند ڪيو ويو ان کانپوءِ منظور سخيراڻي سڄي سنڌ ۾ مقبول ٿيڻ لڳو. تعليمي ادارن ۾ ٿيندڙ فنڪشنن ۾ اڪثر نوجوان منظور سخيراڻي کي تمام گهڻي شوق سان ٻڌڻ لڳا. جنهن کانپوءِ ۱۹۷۶ع ڌاري پاڪستان ٽيليويزن تي پروگرام لاءِ کيس اعجاز عليم عقيلي رڪارڊ ڪيو. پي ٽي وي تي سندس پهريون ڪلام هڪ آزاد نظم هيو. جنهن کي هن ڳايو. اهي ٻول هيا ”پنهنجو نازڪ هٿڙو لوڏي تو چيو هو“ جيڪا شاعري ”شمس عقيلي“ اعجاز عليم عقيليءَ جي هئي.
منظور سخيراڻي جڏهن استاد بخاريءَ جي عوامي انداز واري شاعري ڳائي ته وڏن وڏن گلوڪارن سندس آواز جي واکاڻ ڪئي. منظور سخيراڻيءَ راڳ جي سکيا استاد قدرت الله خان کان ورتي. جنهن تعلق ڪراچيءَ سان هيو. ان کانپوءِ موسيقيءَ جا ڪيترائي ماهر خانصاحب سندس استاد رهيا. منظور سخيراڻي جو فني سفر ۱۹۷۵ع کان اڄ تائين پنهنجي ڀرپور عروج سان گذري رهيو آهي. انهن ۴۵ سالن ۾ ڪيترائي آڊيو البم رليز ٿيا. جن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. ان کان علاوه هزارن جي تعداد ۾ نجي محفلون ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ڪيو. جنهن عيوض کيس ڪيترائي ايوارڊ، شيلڊون ۽ سرٽيفيڪٽ مليا.
منظور سخيراڻيءَ هڪ سنڌي فلم برسات جي رات ۾ عبدالغفار تبسم سان گڏ اداڪاري به ڪئي. ان کان علاوه ڪراچيءَ ۾ هڪ اسٽيج ڊراما ” ڪلو اِنِ ڪراچي“ ۾ اداڪاري ڪئي. انهيءَ اسٽيج ڊرامي ۾ گلوڪار محمد يوسف، عبدالغفار تبسم ۽ منظور سخيراڻيءَ“ اداڪاري ڪئي  اهو ڊرامو رشيد صابر جو لکيل هو ۽ ڪراچيءَ جي ابراهيم علي ڀائي هال ۾ پيش ٿيو. اداڪاري واري شعبي ۾ اڳتي قدم نه وڌايائون ۽ موسيقيءَ سان منظور سخيراڻيءَ جي محبت برقرار رهي.
منظور سخيراڻي کي چئن ٻارن جو اولاد ٿيو. جنهن ۾ ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون، جنهن، اجالا، مهراڻ، مالا ۽ جبران ٿيا. سندس پٽ جبران کي موسيقي سان چاهه هيو. پر ڦوهه جواني ۽ هاءِ بلڊ پريشر سبب ڪجهه سال اڳ وفات ڪري ويو. جنهن جا اثر منظور ۽ سندس گهر واريءَ تي پيا. ۽ پٽ جي وڇوڙي سبب ڪافي عرصي تائين سندس گهر ۾ سوڳواري واري حالت رهي ۽ سال ڏيڍ اڳ سندس شريڪ حيات جو پڻ انتقال ٿي ويو. پر منظور انهن حالتن ۾ دل کي بهلائڻ لاءِ راڳ ۽ آلاپ سان رشتو جوڙيندو پيو اچي.
منظور سخيراڻيءَ موسيقي جي دنيا کي ۴۵ سالن ۾ ڪيترائي شاهوڪار ۽ يادگار گيت ڏنا آهن سندس انهن مقبول گيتن جي تمام ڊگهي لسٽ آهي، جن ۾ ۱. ”مون ڏي نيڻ نه کڻ“، ۲.”دوست ڪياسين دلداريءَ لئه“، ۳. ” مان ڇو به رنو آهيان“، ۴.”جيءُ جن کي چيم“. ۵.” چانڊوڪيءَ رات ۾ سو سينگار“ ۶. تون مڃين مڃين نه مهربان“، ۷.”ها مان تنهنجي بنا ڪجهه به ته ناهيان“، ۸.” هڪڙي پيار ۾ هزار مجبوري.“ ۹. ” بي درد لوڪ بند کڻي در دريون ڪيون“. ۱۰. ” منهنجي آڱڻ تي آسهڻا“ ۱۱. ” ڪونه بچ سان“ وغيره.

No comments:

راءِ ڏيندا