خانبهادر سيد الهندو شاھ
تاريخ ساز شخصيت
مبين چنا
ساهتيءَ جي اھم تهذيب يافتہ
شهرن مان درٻيلو پڻ هڪڙو خصوصي ۽ نمايان حيثيت رکندڙ شهر هو. هن شهر جو پراڻو نالو
ڊڀرو هو. ”راڻو سهتو ڀوئر راٺوڙ (سهتو) درٻيلي تي راڄ ڪندو هو. جنهن جي گاديءَ جو
هنڌ ديرو هو.“ شايد ڊڀرو ”ديرو“ جي بگڙيل صورت آهي. ڪن تاريخدانن جو خيال آهي تہ
درٻيلو هڪ پرڳڻي جو نالو هو. هيءُ شهر آمدرفت جي لحاظ کان تمام اهم هو. سيوهڻ شهر
کي سامهون هئڻ جي ڪري هن جي اهميت اڃان بہ وڌي وئي هئي. سيوهڻ ۽ درٻيلي جي وچ ۾ سنڌو
درياھ هن وقت بہ پنهنجي پوري آب تاب سان وهي رهيو آهي. جيڪو آمدرفت جو بهترين
ذريعو هو ۽ آهي، ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ هي شهر وڏي افاديت ۽ اهميت رکندڙ هو. هن
شهر جو اوج ڪلهوڙن جي اوائلي دور ۾ بہ قائم هو پر ڪلهوڙن جي پوئين دور ۾ جڏهن هالاڻي
کي محالڪاريءَ جو درجو مليو تہ هن شهر جي اهميت گهٽجي وئي ۽ پوءِ مدد خان پٺاڻ جي
حملي هن شهر جو آڪي باقي اوج بہ ختم ڪري ڇڏيو. اڄ ڪالھ درٻيلو پراڻو يونين ڪائونسل
جي سطح وارو شهر آهي جڏهن تہ درٻيلو نئون ڀريا تعلقي جي حددن ۾ آهي.
درٻيلي شهر هر دور ۾ انمول هيرا
پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي سموري زندگيءَ انسانيت جي خدمت ڪندي گذاري آهي اهڙن ئي
انمول هيرن مان هڪڙو سيد الهندو شاھ بہ آهي، جيڪو متعلوي ساداتن جي هڪ معزز گهراڻي
۾ ۱۸۶۴ع ۾ درٻيلو شهر ۾ تولد ٿيا. سندس وڏا اصل ۾ مٽياريءَ جا هئا جتان هجرت ڪري
درٻيلي ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. سندس والد سيد يوسف علي شاھ پنهنجي وقت جو وڏو بزرگ
۽ پهتل ٻانهو هو، فقير فولاد شر پنهنجي ڪتاب ”روح اعظم “ ۾ لکيو آهي تہ مون کي فيض
درٻيلي جي بزرگ سيد يوسف علي شاھ کان مليو آهي. سيد الهندي شاھ کي بنيادي تعليم
لاءِ درٻيلي جي ديني مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو جتي هن عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ تعليم حاصل
ڪئي. شاھ صاحب ۱۸۹۷ع کان ۱۹۰۹ع تائين حيدرآباد لوڪل بورڊ جو چونڊيل ميمبر، ۱۹۰۹ع
تائين بمبئي ڪائونسل جو چونڊيل ميمبر ۽ ۱۹۱۶ع کان هندوستان جي وائسراءِ اسيمبلي جو
چونڊيل ميمبر رهيو.
خانداني پيشي زمينداري سان گڏ ۱۸۹۸ع
۾ جڏهن هو حيدرآباد لوڪل بورڊ جو چونڊيل ميمبر هو تہ سندس لياقتون ۽ صلاحيتون ڏسي،
انگريزن کيس قاضي يا اعزازي اسپيشل مئجسٽريٽ پڻ مقرر ڪيو. جنهن منصب کي هن نهايت
ئي قابليت ۽ ايمانداري سان ادا ڪيو، جنهن ڪري انگريزن کيس ”خانبهادر“ جو لقب عطا ڪيو.
شاھ صاحب اعلي دماغ ۽ رعبدار شخصيت جو مالڪ هو. پاڻ پنهنجي دور جو ڏهيسر هو. قومي
درد رکندڙ ۽ مسلمانن جو هڏ ڏوکي هو. شاھ صاحب جڏهن دهلي جي وائسراءِ جي ليجسليٽو
اسيمبلي جو ميمبر هو تہ انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ غير آباد زمين تي بہ ڍل هوندي هئي.
جنهن کي نوبت سڏيو ويندو هو. ان جي نہ ڏيڻ تي سرڪار زمين ضبط ڪري ڇڏيندي هئي.
آنربل سيد الهندي شاھ جي ڪوششن سان اها ڍل يعني غير آباد زمين تي معاف ٿي. ان کان
سواءِ زمينداري جي ڌنڌي ٽيڪس جي مقرري جو بل پيش ٿيو تہ شاھ صاحب اهو بل ٻئين
ميمبرن جي مدد ۽ تعاون سان رد ڪرايو.
خانهادر سيد الهندو شاھ پوک ۽
باغباني جو وڏو عالم هو، پاڻ پنج وقت پابندي سان نماز پڙهندڙ، خوش اخلاق خوش طبع،
مهمان نواز، انسان دوست ۽ نهايت ئي سادو انسان هو. سندس پوشاڪ نهايت صاف ۽ سادي
هوندي هئي. پاڻ نهايت ئي سخي مرد هوندو هو، سندس در تان ڪو بہ ضروت مند خالي واپس
نہ ويندو هو. کيس ”ساهتيءَ جو سرواڻ“ واري لقب سان پڻ ياد ڪيو ويندو آهي. خانبهادر
سيد الهندي شاھ کي خدا پاڪ ٻہ لائق فرزند عطا فرمايا (۱) سيد قرارو شاھ جيڪو ۱۹۰۸ع
۽ ڄائو ۽ (۲) سيد محمد علي شاھ جو ۱۹۱۲ع ۾ ڄائو. جئين تہ شاھ صاحب پاڻ علم جو وڏو
شائق هو ان ڪري پنهنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت لاءِ ان وقت سنڌ جي وڏي عالم مولوي
ميان فتح محمد سيوهاڻي جن جون خدمتون حاصل ڪيو ۽ ٻنهي کي مدرسہ هاءِ اسڪول نوشهرو
فيروز ۾ داخل ڪرايو.
جڏهن انگريزن ۱۸۴۳ع ۾ ٽالپرن
کان سنڌ فتح ڪئي ۽ هتي انگريزن جو راڄ شروع ٿيو تہ انگريزن سنڌ جي لاءِ نئين
تعليمي پاليسي اختيار ڪئي. ان کان پهريون سنڌ جي مدرسن ۽ مڪتبن ۾ عربي، فارسي ۽ سنڌي
۾ تعليم ڏيڻ وارو سسٽم رائج هو جنهن کي ڪافي ڌڪ لڳو. وري جڏهن ۱۸۵۳ع ۽ انگريزن سنڌي
ٻوليءَ لاءِ نئي الف بي تيار ڪرائي سنڌ جي تعليمي درسگاهن ۾ مروج ڪرائي تہ سنڌ جي
هندن انگريزيءَ تعليم ۾ وڏي ترقي ڪئي هر هنڌ اسڪول ۽ ڪاليج قائم ڪيا ۽ سنڌ جي
مسلمانن ۾ انگريزن خلاف سخت نفرت موجود هئي جنهن ڪري سنڌ جي عالمن ۽ عام ماڻهن
انگريزي تعليم جي بہ سختي سان مخالفت ڪئي، اهو ئي ڪارڻ هو جو سنڌي مسلمان انگريزي
تعليم پرائڻ کان اُن وقت پيٺي رهيا. ان ئي صورتحال کي ڏسي برصغير جي مسلمانن
انگريزي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد شروع ڪئي. انهي ڏس ۾ جسٽس امير علي ۱۸۷۶ع
۾ ڪلڪتي ۾ ” سينٽرل نيشنل محمدن ائسوسيئيشن“ نالي هڪڙي جماعت قائم ڪئي، ۱۸۸۴ع ۾ جڏهن
ڪنهن ڪم جي سلسي ۾ جسٽس امير علي ڪراچي آيو تہ هتان جي سنڌي ملسمان اڳواڻن سان ڪافي
گڏجاڻيون ڪيون ۽ کئين مسلمانن لاءِ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ تي زور ڀريو ۽ ان ئي
سلسلي ۾ ڪراچي ۾ ”محمدن ايسوسئيشن“ جي شاخ قائم ڪئي. ان ئي سلسلي ۾ ۱۸۸۵ع ۾ حسن
علي آفندي ڪراچي ۾ ”سنڌ مدرسہ السلام" جو بنياد رکي سنڌ جي مسلمانن کي
انگريزي تعليم پرائڻ جو آغاز ڪيو.
ساھتي پرڳڻو سنڌ جو وچولو وارو
خطو آهي ان ۾ ڪيترائي ورھ انگريزي تعليم لاءِ ڪو بہ خاطر خواہ بندوبست ٿيل نہ هو.
انهن مڙني ڳالھن کي آڏو رکندي سيد الهندي شاھ پنهنجي اباڻي شهر درٻيلو کي ڇڏي
نوشهرو فيروز ۾ ۱۹۰۳ع ۾ مسلمانن جي لاءِ انگريزي تعليم پرائڻ لاءِ ”مدرسہ هاءِ اسڪول
نوشهرو فيروز" جو بنياد رکيو. نوشهرو فيروز ۾ ان مدرسہ جو بنياد رکڻ جو هڪڙو
سبب اهو بہ هو تہ ان وقت نوشهرو فيروز ڊويزن جو هيڊڪوارٽر هجڻ سان گڏ ساھتي پرڳڻي
۾ هن شهر کي قديم زماني کان وٺي مرڪزي حيثيت حاصل هئي. هن مدرسہ جو پهريون نالو
”نوشهرو فيروز مدرسہ" رکيو ويو هو جتي صرف ڇهين ڪلاس تائين انگريزي تعليم ڏني
ويندي هئي. ۱۹۰۴ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ شاگردن جي رهائش لاءِ هڪ عاليشان هاسٽل تعمير ڪرائي
هئي. سيد الهندي شاھ جي ذاتي ڪوششن سان مدرسو اڳٿي هلي ”ھاءِ اسڪول“ جي سطح تي
آندو ويو ۽ ۱۹۱۸ع ۾ ميٽرڪ تائين تعليم ڏيڻ جو بندوبست ڪيو ويو. سيد الهندي شاھ هر
وقت وڏي فراخدلي سان هن مدرسي جي وڏي مالي مدد ڪئي ۽ ڪيترن ئي غريب ۽ نادار شاگردن
کي اسڪالرشپ ڏئي کئين تعليم جي راھ ۾ همٿايو. سنڌ جا وڏن نالن هن اسڪول مان تعليم
حاصل ڪئي آهي جن ۾ شمش العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ، غلام رباني آگرو، جسٽس محمد بچل ميمڻ، اسٽيٽ بينڪ جي اڳوڻو گورنر جي اين
قاضي، پاڪستان جو اڳوڻو وزير اعظم غلام مصطفي جتوئي سميت بيشمار نالا آهن جيڪي هن
اسڪول مان تعليم حاصل ڪري وڏن عهدن تي پهتا. ۳۱ آڪٽوبر ۱۹۹۵ع ۾ ”سئو سالا جشن
گورنمينٽ مدرسہ ھاءِ اسڪول نوشهرو فيروز“ ملهايو ويو جنهن ۾ وڏي ڪوشش سيد ظفر علي
شاھ صاحب جي هئي، هن جشن ۾ صدر پاڪستان محترم فاروق احمد لغاري صاحب شرڪت ڪئي ۽
صدارتي فنڊ مان مدرسہ هاءِ اسڪول لاءِ ۳۰ لک روپين جي فنڊ جو اعلان ڪيو. سيد ظفر
علي شاھ صاحب ۽ ڊاڪٽر احمد علي شاھ صاحب جي ذاتي ڪوشش سان نوشهرو فيروز ۾ خانبهادر
سيد الهندو شاھ جي نالي سان سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري جي ڪمپس قائم ٿي آهي جتان هن
علائقي جي غريب شاگردن کي اعلي تعليم حاصل ڪرڻ جي سهولت حاصل ٿئي آهي.
ساھتي جو سرواڻ، درٻيلو شهر جو
شان سيد الهندو شاھ جهڙو تاريخ ساز اڳواڻ ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۱۹ع ۾ ۵۶ سالن جي عمر ۾ اسان
کان وڇڙي ويو ۽ کيس درٻيلو شهر ۾ سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. درٻيلو
جي ڪنهن دوست کي سيد الهندي شاھ جي سياسي، ادبي ۽ علمي خدمتن تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ
گهرجي ۽ ان گڏ سان شاھ صاحب جو جيڪڏهن لکيل ڪو مواد هجي تہ ان کي جلد کان جلد شايع
ڪرڻ گهرجي تہ جئين سنڌ جي نئي نسل کي اسان جي اصل هيرن جي باري ۾ معلومات ملي
سگهي.
(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾
۱۹ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا