; سنڌي شخصيتون: زيب ڪنگو - جميل چانڊيو

01 July, 2019

زيب ڪنگو - جميل چانڊيو


زيب ڪنگو
نامياري شاعر سان ڳالهه ٻولهه
انٽرويو: جميل چانڊيو
Image result for ‫زيب ڪنگو‬‎اڄ اسان هڪ اهڙي تخليقڪار سان رهاڻ ڪنداسين جيڪو انسان دوست ۽ ڌرتي سان انتهائي محبت ڪندڙ آهي، هونئن ته سندس پيشيوراڻو تعلق جيل پوليس سان آهي پر اسان جڏهن ساڻس انٽرويو لاءِ پهتاسين ته هو اسان کي انتهائي محبتي ماڻهو سان گڏوگڏ انسانيت سان انتها درجي جي محبت رکندڙ محسوس ٿيو، سندس پيشو جيل کاتي ۾ سپريٽنڊنٽ آهن، سندس ڌرتي سان محبت جو اظهار هن شاعري جي ذريعي ڪندي پنهنجي کاتي ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي. جيل کاتي ۾ اورنگزيب ڪنگو جنهن کي ادبي طور تي زيب ڪنگو جي نالي سان سنڌ توڙي پرڏيهي ۾ سڃاتو وڃي ٿو، زيب ڪجهه سال اڳ ڪراچي سينٽرل جيل ۾ پوسٽنگ دوران جيل ۾ ليکڪن جي ڳولا ڪري هڪ ٽيم تيار ڪئي جنهن ٽيم ذريعي هن جيل اندر ميگزين جاري ڪيو. جيڪو”دي پرزن رويو سنڌ“ جي نالي سان شايع ٿيو، جنهنجو سلسلو اڄ به جيل جي ليکڪ قيدين ذريعي سندس نگراني ۾ هلندڙ آهي، ان سلسلي ۾ زيب ڪنگو جو تعرف هن ريت آهي.


اصل نالو، اورنگزيب ۽ ادبي نالو زيب ڪنگو، والد جو نالو، قادرڏنو خان جنهنجو پيشو استاد طور هو
اورنگزيب ڪنگو جو جنم ۱.۳.۱۹۶۰ ڳوٺ ڪنگا تعلقو لاڙڪاڻو ۾ ٿيو، ابتدائي تعليم هن پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي جنهن بعد ميٽرڪ گورنمنٽ پائليٽ اسڪول مان حاصل ڪئي جڏهن ته گريجوئشن گورنمنٽ ڊڳري ڪاليج لاڙڪاڻو مان حاصل ڪئي.
زيب ڪنگو انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ته هن شاهه عبدالطيف ڀٽائي، شيخ اياز، استاد بخاري کان متاثر ٿي شاعري  شروع ڪئي جڏهن ته لکڻ جي شروعات ۱۹۹۰ کان ڪئي جنهن ۾ منهنجو پهريون ڪتاب ”احساس جون ڪتڪتايون“ ڇپيو، هڪ ڪتاب جو اڻ ڇپيل مواد صنفون، غزل، گيت، وائي، نظم، چؤسٽا، دوها، ڪنٺ، ٽيڙو نعت بيت جن تي ڀرپور طبع آزامائي ڪئي آهي منهنجي شاعري سنڌ جي نالي وارن راڳين ڳائي آهي جن ۾ عاشق نظاماڻي، شمن علي ميرالي، غلام علي سنديلو، برڪت علي گوپانگ، نجب علي وسطڙو، جيڪا ريڊيو پاڪستان حيدرآباد لاڙڪاڻي خيرپور ڪراچي تان نشر ٿيندي رهي ٿي، زيب ڪنگو وڌيڪ ٻڌايو ته منهنجي شاعري ۾ استاد اشرف زمان پير چنڊامي رهنمائي ڪئي، هينئر سنڌ جي خوبصورت نوجوان شاعر شهمير سومرو جي رهنمائي ۾ شاعري جو سفر جاري آهي.
تاس ڪيڏي ڏٺي هو نگاهن ۾،
خواب رولي ويو دشت راهن ۾.
ڪين هي اٿيو دنيا گلابن جي،
ڏس ٻڌي کوڙ رابيل ٻانهن ۾.
ڳالهه هن جي ڪيو آ، اثر دل تي،
جو ملائي، رنو درد دانهن ۾.
دل ٽٽي کي وجهي ڏور روزانو،
ٿو غمن کي اڏاري هوائن ۾.
باهه ماحول کي وئي ويڙهي،
ساهه ٻوساٽجي ٿو فضائن ۾.
اي خدا ڪيترو رحم دل تون، پر!!
ترس ڪونهي زميني خدائن ۾.
زيب ماريو وڃان جي وطن خاطر،
دوستو ياد رکجو دعائن ۾.
زيب ڪنگو سان ملي ڄڻ محسوس ٿيو ته هو انتهائي ملڻ ساز شخصيت جو مالڪ آهي ۽ ساڻس پهرين ملاقات بعد ائين لڳو پئي ته سندس ورهين جو ڪو اسان سان تعلق هجيس، ملاقات ۾ وقت ائين گذري ويو ته ڄڻ ڪو ڪلاڪ منٽ هجن، هن ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ قاسم آباد سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم ذريعي مشاعرن جي محفلن سان گڏ ادبي گڏجاڻين جو سلسلو جاري رهيو، جڏهن ته عبرت ميگزين، هالار ۽ وينجهار ذريعي شاعري جي ڇپجڻ جو پڻ موقعو مليو، هن پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته سنڌ اندر اهڙا به شاعر اديب آهن جيڪي پنهنجي معاشي تنگين سبب پنهنجي شاعري ۽ لکڻيون ڪتابن ذريعي شايع نه ٿا ڪرائي سگهن، اهڙن شاعرن، اديبن ۽ ليکڪن لاءِ سنڌ حڪومت هڪ اهڙو ادارو قائم ڪري جتي معاشي طور تي هٿي وٺرائڻ سان گڏوگڏ انهن جي همت افزائي طور تي مجموعه شايع ڪرايا وڃن ته جيئن سندن تخليقون دنيا آڏو نروار ٿي سگهن.

No comments:

راءِ ڏيندا