; سنڌي شخصيتون: حمايت علي شاعر

20 July, 2019

حمايت علي شاعر


سنڌ دوست اردو شاعر جو وڇوڙو
نصير مرزا
هو سوشلسٽ هو يا شيعو؟ اها ته خبر ناهي مون کي، البت ايتري ڄاڻ ضرور، ته هند مان اردو شاعرن ۽ دانشورن جي جنهن کيپ، سنڌ ۾ اچي ديرو ڄمايو، اُنهن مان ڊاڪٽر الياس عشقي، پروفيسر آفاق احمد  صديقي ۽ حمايت علي شاعر جهڙا مخلص ۽ سنڌ دوست اردو قلمڪار، نه مون اڳ ڪڏهن ڏٺا، نه پوءِ.... حمايت علي شاعر صاحب، جنهن کي سڀني پيار ۾ سدائين ”حمايت ڀائي“ چئي مخاطب ڪيو، اصل ۾ حيدرآباد دکن جي اورنگ آباد جي مِٽي هو. ۱۹۵۰ع ۾ هن اتان لڏيو ته اول ته سنڌ جي دل ڪراچي ۾ اچي رهيو، پر پوءِ هُو حيدرآباد ۽ حيدرآباد ۾ به لطيف سائينءَ جي نالي سان منسوب لطيف آباد ۾ گهرڙو اڏي اچي ويٺو. جتي ست نمبر ۾ جيڪو پنهنجو آکيرو جوڙيائين ان جو نالو رکيائين؛ ”گهواره“.  


آواز جي دنيا سان ته خوش آواز هجڻ سبب ڦوهه جوڀن کان ئي هن جي وابستگي هئي، ان ڪري عين جوانيءَ ۾ هو آل انڊيا ريڊيو حيدرآباد دکن جو مقبول انائونسر سڏبو هو، ۽ اهڙي هنر سبب بقول ڪنهن اردو شاعر جي، چوندو هو ته، ”يهي آخر ڪو ٺهرا فن همارا“. حيدرآباد دکن مان جڏهن هو ڪراچي پهتو ته ريڊيو ڪراچيءَ آواز ڏيئي هُن کي پنهنجو ڪيو. اتي حميد نسيم صاحب جهڙي عظيم براڊڪاسٽر جي منڊيءَ جي هُو ٽڪ بڻيو، ته ان بعد هاڻي ۱۹۵۵ع ۾ حميد نسيم صاحب جڏهن حيدرآباد تي ريڊيو جو اسٽيشن ڊائريڪٽر مقرر ٿيو ته سڪ سڳي ۾ ڇڪجي ”حمايت ڀائي“ به هوم اسٽيڊ هال واري اسٽيشن تي پهچي ويو. بي پناهه ٽئلينٽيڊ هو ۽ جهڙو سندس آواز مٺو، تهڙو خوش اخلاق، خوش لباس ۽ نثر نظم لکڻ ۾ روان دوان. تڏهن حميد نسيم صاحب پنهنجيءَ آتم ڪٿا ”ناممڪن ڪي جستجو“ ۾ ريڊيو حيدرآباد بابت جيڪو چيپٽر لکيو، ان ۾ ڄاڻايو ته، ريڊيو حيدرآباد کي نوجوان سرود نواز نذر حسين جهڙو جينئس موسيقار ملي ويو، شاعر حمايت عليءَ اُنهيءَ کي ڪو گيت ڪمپوز ڪرڻ لاءِ ڏنو ته نذر حسين، جيڪا اُن جي طرز ٺاهي، اها محض طرز ڪٿي، اها ته سمفني هئي، جنهن کي درد جو پس منظر هو. هيءُ گيت ماسٽر محمد ابراهيم پئي ڳايو...۽ جنهن وقت رڪارڊ پئي ٿيو ته بوٿ ۾ بيٺل سڀ اشڪبار هئا، ۽ رُنا پئي زارو زار...
اهڙي واقعي کي اڃا ٿورڙو ئي وقت گذريو ته ”هن جي قلم مان منظوم ڊرامو نڪري نروار ٿيو ”برزخ“... جنهن جي هيروئن بلبلِ مهراڻ روبينه بڻي... ان ڊرامي جي به چوپاسي ڌوم مچي وئي. هاڻي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي سالگرهه ملهائڻ جا هُل هُليا ته روبينه صاحبه، حمايت صاحب کان فرمائش ڪري غزل لکرايو، جنهن جي طرز اديءَ پاڻ تيار ڪئي ... اهو غزل مون ان جشن مان سڌو سنئون ريڊيو تان ٻڌو ... ”زيست مشڪل هئه اُسي اور ڀي مشڪل نه بنا...“ غزل جو هر بند شاهڪار هئو، پر جنهن شاهه بند مون کي گهائل ۽ حمايت صاحب ڏي مائل ڪيو، خاص ڪري سندس ان شعر جي هن سٽ...”عشق ڪو عشق سمجهه، مشغلهءِ دل نه بنا“...
سال ۱۹۸۴ع ۾، ريڊيو حيدرآباد تي آئون پروڊيوسر ٿئس، پوءِ جڏهن جڏهن به پاڻ پراڻن ھمعصرن سان ملڻ لاءِ اتي ايندا هئا، آئون کيس ويجهو ٿيندو ويس. ڀانيم، هو پاڻ به مون کي ڀانئين ۽ اهميت ڏئي پيو. ڪيترا اردو-سنڌي مشاعره، جن ۾ اسين ٻئي اسٽيج سيڪريٽري هوندا هئاسين، آخر ۾ هميشه هو مون کي دعا ڏيندي چوندو هو... جيتي رهو ميان... پَهلو پُهولو.“ ريڊيو حيدرآباد تي سندس آمد جي خبر پوندي هئي ته پاڻ فلاڻي دوست وٽ ويٺا آهن ته اتي فون ڪندو هوس. سر! ايڪ ڪپ چاءِ هماري ساٿ ڀي، ته وراڻيندو... چاءِ پي لي... چاهه ڪي لئه آتا هون... ۲۸ هين ڊسمبر ۱۹۹۷ع شيخ اياز صاحب وصال ڪيو ته ۳۰ هين ڊسمبر تي الائي ڪٿان، ريڊيو تي محمود صديقي صاحب جي نمبر تي مون کي سڏايائين... ٻئي طرف کان آواز آيو، ”ميان آپ ڪي ساٿ تعزيت...هماري مشترڪه عظيم دوست دنيا سي رخصت هوگئي.“ ان کان پوءِ شيخ صاحب سان پنهنجي قربت جا قصا ڇيڙڻ سان گڏ اياز صاحب بابت پنهنجي لکيل ڪتاب: ”شخص و عڪس“ جي ڪهاڻي به ٻڌائيندو رهيو. ريڊيو حيدرآباد جي احاطي ۾ مخدوم سائين طالب الموليٰ جي صدارت ۾، جيڪو ريڊيو حيدرآباد جي تاريخ جو طويل ترين شاندار مشاعرو ٿيو هو، اُن جي نظامت به حمايت ڀائي کان ئي اسان ڪرائي.
هاڻي هي ۲۰۱۲ع جو سن، آئون ريڊيو حيدرآباد جو ڊائريڪٽر هوس. تڏهن حيدرآباد جي ڪنهن تنظيم، ڏيئلداس ڪلب ۾ حمايت صاحب جي ۸۴ هين سالگرهه ڌام ڌوم سان ملهائڻ جو پروگرام رٿيو. فون تي چيائين، ”نصير ميان، آپ ڪو نه صرف آنا هئه- مگر بولنا ڀي هئه.“ بي شڪ، حمايت صاحب جا هي سڀ ڪتاب منهنجا پڙهيل هئا...”آگ ۾ پهول“، ”مٽي ڪا قرض“، ”هارن ڪي آواز“، ”تشنگي ڪا سفر“، ”حرف حرف روشني“...”آئينه در آئينه“... پر انهن شاندار ڪتابن بابت ڪا علمي گفتگو، ڪٿي هئي منهنجي وس ۾؟ سو ڇا ڪيم، سندس ڪن مشهور فلمي گيتن جا، صرف مکڙا چونڊيم، ترتيب سان ڪئسيٽ ۾ اهي ڊب ڪرائيم ۽ تقريب ۾ پهچي ويس. تقرير لاءِ منهنجو نالو انائونس ٿيو ته ڪئسيٽ... سائونڊ سسٽم واري کي ڏئي، ان کي هلائڻ ۽ پاز تي رکڻ جي اٽڪل سمجهائي، پاڻ وڃي روسٽرم تي مائيڪ آڏو بيٺس. چيم، ڊگهي عرصي بعد حيدرآباد ۾ آمد تي جيتري خوشي پئي مون کي ٿئي، ان جو اظهار خود حمايت ڀائيءَ جي ئي لفظن ۾ عرض ڪريان ٿو ۽ ائين چوندي ئي، منهنجي اشاري سان سائونڊ سسٽم واري ڪئيسٽ آن ڪري ڇڏي. تڏهن هر طرف کان مجيب عالم جي آواز ۾ شاعر صاحب جي هن گيت جا ٻول گونجڻ لڳا... ”مين خوشي سي ڪيون نه گائون، ميرا دل ڀي گا رها هئه...يه فضا حسين هئه اتني ڪه نشا سا چها رها هئه...“ گيت مکڙو ٿيو ۽ پاز آيو، تڏهن چيم، حمايت صاحب جي گهر واري انتقال ڪري سندس ساٿ ڇڏي چڪي آهي... پر شاعري، جيڪا مثل سندس محبوبا جي آهي... هُن جو ساٿ ڇڏڻ لاءِ قطعي تيار ناهي، اجهو هي ٻڌو ته ڇا پئي چويس...۽ ان سان ئي هي سندس ٻيو گيت فضائن ۾ آن ايئر ڪيم. ”نه ڇڙا سڪوگي دامن...جو مين دل ڪي باتون ڪهه دون، تو ڪهين نه جا سڪوگي.“
حمايت ڀائي مرثيه تحت اللفظ پڙهڻ تي به ڇا ته عبور رکندڙ... ۽ جنهن جو آئيڊيل هئو، حضرت عباس علمدار... مولا غازيءَ جي فرات ڏانهن روانگي ۽ اهلبيت جي خيمن مان سندن روانه ٿيڻ وارو جيڪو منظر، ان بابت مير انيس جون هي شاهڪار سٽون، حمايت صاحب جي گلوگير آواز ۾ مون پيش ڪيون...”اجڙا چمن هر اڪ، گُل تازه نڪل گيا، نڪلا عَلمُ ڪه گهر سي جنازه نکل گيا...“ آڊينس تي حمايت ڀائي جي انداز ۽ آواز جو سحر اڃا طاري ئي هئو ته چيم اسان جي شاعر صاحب، پنهنجي شاعريءَ ۾، آخرت واري ڇوٽڪاري جو به زبردست بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. هي ٻڌو ڇا پيو چوي...۽ ائين ڪندي، سائونڊ سسٽم تان نورجهان صاحبه جي آواز ۾ حمايت ڀائي جي چيل نعت شريف جا هي لفظ پوري پنڊال ۾ گونجڻ لڳا...”آپ ڪي در ڪي سوا ميرا يهان ڪوئي نهين، اي حبيبِ ڪبريا...“ تقرير ختم ڪري، مون حمايت ڀائي ڏانهن ڏٺو، هُو اشڪبار هو... خوشيءَ سان سرشار ۽ پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي مون کي ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ آتو.
هاڻي مٿس هي تعزيتي ڪالم لکڻ جو ويٺو آهيان ته ياد اچڻ شروع ٿي ويو اٿم... سٺ ستر جي ڏهاڪي ۾ جڏهن حمايت ڀائي سچل ڪاليج ۾ ليڪچرار ۽ گاڏي کاتي ۾ شام ٿيندي ئي ڀائي خان واري چاڙهيءَ کان سلطان هوٽل تائين يارن جي منڊليءَ سان گهمندو نظر پيو ايندو هو، تڏهن ريڊيو تان روزانه هُن جي لکيل فلمي گيتن جي گونجار به ته پئي ٻڌبي هئي...”جب سي ديکا هئه تمهين دل ڪا عجب عالم هئه“... ”ڪسي چمن ۾ رهو تم، بهار بن ڪي رهو“. ”اپني پرچم تلي، هر سپاهي چلي..“، ”مين ني تو پريت نڀائي نڪلا تو هرجائي...“، ”دور ويراني ۾ اڪ شمع هئه روشن ڪب سي“، ”جب رات ڍلي، تم ياد آئي“... ”دونون طرف هئه آج برابر ٺني هوئي“.. ”جاگ اٺا هئه سارا وطن ساٿيو“، ”تجهه ڪو معلوم نهين، تجهه ڪو ڀلا ڪيا معلوم“، ”چندا ڪي هنڊولي ۾“...”هم ڀي مسافر تم ڀي مسافر، ڪون ڪسي ڪا هوئي، راهي ڇپ ڇپ روئي...“ پوءِ مون کي ياد آيو ته پاڪستان مان سدائين لاءِ هجرت ڪري ڪينيڊا وڃي رهڻ جي ڳالهه ڏيئلداس واري تقريب ۾ هن ڪئي ته پنهنجي منظوم آتم ڪٿا مان، آخر ۾ هي شعر به ته پڙهيو هو،
هم ڪو تو نيند مين چلني ڪا مرض هئه،
پهنچين گي ڪهان خواب ڪي تعبير ڪهي گي!
۱۶ هين جولاءِ ۲۰۱۹ع تي ۹۳ ورهين جي ڄمار ۾ هن جي خواب کي نيٺ تعبير ملي چڪي ۽ ڪئنيڊا جي ڪنهن قبرستان ۾ هي مسافر شاعر، پنهنجي شريڪ حيات جي ڀرسان لحد ۾ هينئن چوندو، لهي ويو...
اب ڪوئي پُوڇي تو يه ڪهنا ڪه مُسافر تو گيا،
يه ڀي ڪهنا ڪه ڀلا اَب ڀي نه جاتا لوگو!؟




حمایت علی شاعر
حمایت طراب جنہیں اردو زبان و ادب سے محبت کرنے والی دنیا حمایت علی شاعر کے نام سے جانتی ہے 27 جون 1930 کو اورنگ آباد (حیدر آباد دکن) کے ایک فوجی خاندان میں پیدا ہوئے۔ انہوں نے پہلے افسانہ نگاری سے شروعات کیں اور پھر شاعری کا رخ کیا۔ وہ 1950 کے اوائل میں کراچی آکر ریڈیو پاکستان کا حصہ بنے۔ انہوں نے سندھ یونیورسٹی سے ایم اے کیا۔ حمایت علی شاعر نے جدید اردو شاعری میں ’’ثلاثی‘‘ کے فن کو ایجاد کیا۔ آپ نے پی ایچ ڈی کے سلسلے میں اپنا مقالہ ’’پاکستان میں اردو ڈراما‘‘ سندھ یونیورسٹی (حیدر آباد) سے جمع کروایا۔ حمایت علی شاعر کے ڈراموں کا مجموعہ ’’فاصلے‘‘ کے عنوان سے طبع ہوا۔ ایک اور تصنیف ’’شکست کی آواز‘‘ میں منظوم ڈرامے شامل ہیں۔
حمایت علی شاعر سندھ یونیورسٹی میں درس و تدریس سے وابستہ رہے اور ریٹائرمنٹ کے بعد ریڈیو پاکستان سے وابستہ ہوگئے۔ 1950 میں آپ کا شعری مجموعہ ’’گھن گرج‘‘ بھارت سے شائع ہوا۔ دیگر شعری مجموعوں میں سرگم، آگ میں پھول، مٹی کا قرض، تشنگی کا سفر اور ہارون کی آواز شامل ہیں۔ دیگر تصانیف میں دودِ چراغ محفل، شیخ ایاز، اردو نعتیہ شاعری کے 700 سال، برزخ وغیرہ شامل ہے۔
شعر و شاعری کے علاوہ آپ صحافت، ادارت، تدریس، فلم سازی، ہدایت کاری اور نغمہ نگاری سے بھی منسلک رہے، آپ نے حیدر آباد سندش میں دو اخبارات میں بھی ملازمت کی جن میں جناح اور منزل شامل تھے اس کے ساتھ ہی آپ نے حیدر آباد سندھ میں ’’ارژنگ‘‘ کے نام سے ایک ثقافتی ادارہ بھی قائم کیا تھا۔ حمایت علی شاعر نے دو فلمیں ’’نوری‘‘ اور ’’گڑیا‘‘ بھی بنائیں اور فلم ’’آنچل‘‘ اور ’’دامن‘‘ کے لئے نغمہ نگاری پر آپ کو نگار ایوارڈز بھی دیئے گئے۔ 2002 میں حکومت پاکستان کی جانب سے پرائیڈ آف پرفارمنس ایوارڈ سے نوازا گیا۔

No comments:

راءِ ڏيندا