سنڌ دوست اردو شاعر جو وڇوڙو
نصير مرزا
هو سوشلسٽ هو يا شيعو؟
اها ته خبر ناهي مون کي، البت ايتري ڄاڻ ضرور، ته هند مان اردو شاعرن ۽ دانشورن جي
جنهن کيپ، سنڌ ۾ اچي ديرو ڄمايو، اُنهن مان ڊاڪٽر الياس عشقي، پروفيسر آفاق
احمد صديقي ۽ حمايت علي شاعر جهڙا مخلص ۽
سنڌ دوست اردو قلمڪار، نه مون اڳ ڪڏهن ڏٺا، نه پوءِ.... حمايت علي شاعر صاحب، جنهن کي سڀني پيار ۾
سدائين ”حمايت ڀائي“ چئي مخاطب ڪيو، اصل ۾ حيدرآباد دکن جي اورنگ آباد جي مِٽي هو.
۱۹۵۰ع ۾ هن اتان لڏيو ته اول ته سنڌ جي دل ڪراچي ۾ اچي رهيو، پر پوءِ هُو حيدرآباد
۽ حيدرآباد ۾ به لطيف سائينءَ جي نالي سان منسوب لطيف آباد ۾ گهرڙو اڏي اچي ويٺو. جتي ست نمبر ۾ جيڪو
پنهنجو آکيرو جوڙيائين ان جو نالو رکيائين؛ ”گهواره“.