; سنڌي شخصيتون: ڪريم فقير - ڀارومل امراڻي

21 July, 2019

ڪريم فقير - ڀارومل امراڻي


ڪريم فقير
ڪيرٽي جو ڪلونت
ڀارومل امراڻي
ڪيسر مڪواڻي جي قرب نگر ڪيرٽي عرف ڪيرلي نگر ۾ آچار مڱڻهار جي گهر ۾ مئي ۱۹۶۱ع تي جنم وٺندڙ ڪريم فقير سنڌ جو سريلو راڳي آهي. جنهن جي آلاپ تي ريجهي صحرا جي شفق سنجها جو ڏيئو ٻاريندي آهي. جنهن جي سُرن جي ستارا ساک ڏيندا آهن، جنهن جي راڳ جي راحت ۾ ڀالوا جي ڀٽ مينهن وساڙن جو ڏيک ڏيندي آهي.
ڪريم فقير اڃان ٻه ٽن مهينن جو هو، تڏهن سندس مامي سروپي مڱڻهار وارا مٺي ڪوٺي آيا. پوءِ اتي ئي مامي جي گهر ۾ پلي وڏو ٿيو. سروپي مڱڻهار جي مٺي ۾ دهل جي وڄت جي حوالي سان وڏي مقبوليت رهي آهي.


اسي ۽ نوي (۸۰ ۽ ۹۰) جي ڏهاڪي ۾ اسٽيج ڊراما ۽ ناٽڪ پيش ڪرڻ جو مٺي ۾ وڏو رواج هوندو هو. ديوالي، لگن، رام ڀروسو ۽ ٻيا ڪيترائي اسٽيج ڊراما ۽ ناٽڪ پيش ٿيا. ڪريم فقير انهن ڊرامن ۽ ناٽڪن ۾ مزاحيه ڪردار ادا ڪندي هڪ ٻه ڀيرا ڳايو، ٻڌندڙن وڏي موٽ ڏني پر هن خاص ڌيان ڳائڻ تي نه ڏنو. وڏي وقت تائين صادق فقير سان گڏ ڍولڪ وڄائيندو رهيو.هڪ ڀيري ڍولڪ وڄائيندي رت جي الٽي اچي ويئي. پوءِ هن ڍولڪ وڄائڻ ڇڏي ڏنو ۽ باقائده ڳائڻ شروع ڪيو. سال ۱۹۸۸ع جي ڏڪار ۾ ٿري فنڪارن جي سهائتا ڪرڻ جي لاءِ مهراڻ آرٽس ڪائونسل ۾ هڪ پروگرام رکيو ويو هو. اتي هن ڳايو. هن جو ڳائڻ ٻڌي ٻي ڏينهن عنايت بلوچ صاحب ريڊيو پاڪستان تي وٺي آيو. ان ڏينهن هن جي ريڊيو تي پهرين انٽري ٿي. هن ريڊيو تي پهريون ڪلام سائينداد ساند جو غزل ڳايو؛
ڳاڙهو جوڙو پاتل هوندو،
ڪرندو جنهن تي ڪاجل هوندو.
غزل جي گونج راڄن ۾ ٻڌي ويئي. ڪريم فقير کي وڏو داد مليو. ائين ڪريم فقير مزاحيه ڪردار ۽ ڍولڪ نواز کان ڳائڻي جي پنڌ ڏانهن وڌيو. ڪريم فقير پاڻ به ڪيترائي لوڪ گيت لکي ڳايا آهن. هن قربان چنا جي سهڪار سان پي ٽي وي تي پنهنجي شاعري مان ‘وس ڪڪرڙا وس منهنجي ڪارونجهر تي وس’ ڳائي وڏي مقبوليت ماڻي.
ڪريم فقير باقاعده اسڪول جي پڙهائي حاصل نه ڪري سگهيو. پر جڏهن فن جي دنيا ۾ آيو تڏهن سندس دوستن ڊاڪٽر نند لال ۽ وجئه لهاڻي هن کي لکڻ پڙهڻ سيکاريو. ڪريم فقير دل جو مخلص ۽ سچو شخص آهي. صادق فقير ڪريم فقير کي ڏاڍو ڀائيندو هو. هڪ ٻي سان ڏاڍا چرچا ڪندا هئا. مٺي جي نجي ڪچهرين ۾ اڄ به اهي لطيفا دهرايا ويندا آهن.ڪريم فقير مٺي جي ٻين مزاحيه ڪردارن سان به گڏ ويهي چرچن جا چنڊ اڀاريا آهن. هي اهل دل انسان راڳ، رهاڻ ۽ کل ڀوڳ سان دل جي دنيا آباد ڪري چاهتن جي چانڊوڪيءَ ۾ خواهشن ۽ خوابن آرٽ کي زندگي ۽ زندگي کي آرٽ بڻائيندو آهي. هن جي دل جي خانن ۾ خوشين کان وڌيڪ لڙڪ آهن. پر هن پنهنجا لڙڪ لڪائي ٽهڪن جا پوپٽ اڏاريا آهن. روهيڙن جي رنگت راڳ جا روپ رچايا آهن.
ٿر جي هن سادي سودي لوڪ ڳائڪ جي راڳ ۾ ريگستان جي اڃ آهي. پيار جي پانڌيڙي جو اوسئڙو آهي، پريت جي تمنا جي تڙپ آهي.پاري نگر جي بي انتها اداسي جڏهن ميڙي ڳائيندو آهي ته صحرا جي ننڍ اڏامي ويندي آهي.ٿر جي پسمنظر ۾ لکيل مهان ڪوي شيخ اياز جو مشهور گيت ‘ جت لڳي، اڪ تپن، سو ديس مسافر منهنجو ڙي’ ڪريم فقير جيان ٻيو ڪوئي راڳي ڳائي نه سگهيو آهي. شيخ اياز جا جيڪي ٻيا ڪلام به هن جي ڪنٺ ۾ من کي موهيندا آهن تن ۾ هي شامل آهن.
تو کي ڪهڙي ڪل،
جيءُ اچي نه جهل،
مون کان سنڌ نه وسري
_
ائين نه ٽاڻو ٽار،
متان چنڊ لهي وڃي
_
اڪ مٿان ڦلڙيون،
ٻٻر مٿان ٻور،
پوءِ به پرين دور
_
سانوڻ ڪيئن اڪيلو آئين ساجن کي به ته آڻ،
ساجن کي به ته آڻ
ڪريم فقير صادق فقير سان گڏجي شيخ اياز سان مليو هو.ان محفل ۾ ‘مون کان سنڌ نه وسري’ واري وائي هن شيخ اياز جي سامهون ڳائي هئي. ڪريم فقير رقم الحروف پاران ٿري ٻولي ۾ ترجمو ڪيل شيخ اياز شاعري کي سرن جا ويس ڍڪايو آهي.
ڪريم فقير ايازگل ۽ سائينداد ساند کي دلڪش انداز ۾ ڳايو آهي. اياز گل جي شاعري مان ‘منهنجا لڙڪ سوالن وانگي’، ‘وقت ڪيا ويرانا ماڻهو’ تمام گهڻا مشهور ٿيا. سائينداد ساند جو مشهور غزل‘ ڪنهن هٿ هلايا ته ڳوڙها ڳڙي پيا’ سڀ کان پهرين ڪريم فقير سرن ۾ آندو. سائينداد ساند جي ٻولن ۾ ‘يادون جاڳيون سپنا جاڳيا’، ‘سوا تو شامون’ ۽ ‘روح ۾ رهجي ويو رقص تنهنجي ڇير جو’ ڪريم فقير جي آواز ۾ ٻڌي دل بي اختيار داد ڏيندي آهي.
اهڙي طرح ڪريم فقير ڪلاسيڪل، لوڪ ۽ جديد شاعري ۾ شاهه لطيف، سچل سرمست، ڪبير ڀڳت، بليٰ شاهه، مصري شاهه، خليفو نبي بخش قاسم، سيد عباس علي شاه، سيد مرتضيٰ شاهه ڏاڏهي، استاد بخاري، راشد مورائي، ادل سومرو، سروپ چندر شاد،حسن درس، بلاول اوٺو، ايوب کوسو، اياز رضوي، خليل ڪنڀر، پيارو شيواڻي، امولک امر، شوڪت تبسم، ناشاد سمون، شهاب نهڙي، سوائي مانڌو.مرچو ورتيو، مهندرو مستانو ، ڀيرو جوشي، نورمحمد مهراڻوي، رقم الحروف ۽ ٻين کي ڳايو آهي.
ڪريم فقير کي ‘مارئي ايوارڊ،’ ‘لوڪ ورثا ايوارڊ’‘مڪلي ايوارڊ’ ‘ڪارونجهر ايوارڊ’، صادق فقير ايوارڊ سميت 30 کان وڌيڪ ايوارڊ ملي چڪا آهن.ڪريم فقير پنهنجي دوست جئديو شرما ۽ ٻين جي سهڪار سان ٿر لوڪ سنگيت اڪيڊمي جوڙي مٺي ۾ موسيقي جو مانڊاڻ مچايو آهي.جتي هر روز شام جو راڳ ۽ ساز جي رهاڻ ٿيندي آهي. ڪريم فقير سان گڏ هيرو لوهار سر وکيريندو آهي. ڳوٺ ڦليو جو نوجوان ڪرمون ميگهواڙ گهڙو وڄائيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن عبدلشڪور ڪماچ وارو به اچي وارو وٺندو آهي.
استاد حسين فقير جي شاگرد ۽ ڪيرٽي جي هن ڪلونت جو مون سان روح جو رشتو رهيو آهي.منهنجي شاعري ۾‘ڪڏهن ايندين ڪيرٽي’، ‘سهڻا تنهنجي سار وري آ’ ‘ڪجلاسر جي ڪپ تي’ کي ڳايو آهي. ڪيرٽي جي پسمنظر واري وائي تي هن جون اکيون اشڪبار ٿي پونديون آهن. ڪريم جڏهن به ڪنهن گيت کي نئين ڌن ترتيب ڏيندو آهي. تڏهن روبرو يا فون ذريعي مون کي ٻڌائي راءِ ضرور وٺندو آهي. منهنجي راءِ ته ’ڪن رس’ جي ‘ڪوڏيي’ واري هوندي آهي. پر فقير وڏي مان مرياده سان خيال رکندو آهي. اها هن جي دلبري آهي. باقي مزاحيه رس ۾ هن موقعو ملڻ تي چرچن ۾ بخش نه ڪيو آهي.
ڪريم فقير لوڪ گيتن کي لاکيڻي انداز ۾ آلاپيو آهي. هن جي پوري ڳائڪي لوڪ راڳ ۾ رنگيل آهي. هن جيون خاڪي جون خبرون ڪريم فقير جي ڳايل لوڪ گيت ‘هون تو هلي ري هيل ڀرڻ ماءُ مٿي ٻوليو ري مور’ جي من موهيندڙ ٻولن سان اتي اڌ ۾ ڇڏجن ٿيون. باقي ڳالهيون ٿري چوڻي ‘جڏهوڪا مينهن، تڏهوڪا پاڻي’ جي مصداق ٻي موقعي تي ڪبيون.
حياتي جي هوندي، وري ٿيندا ميڙا،
چڱو پار ٻيڙا،
سِڪن جي سڳن جا ڇڪي جهلج ڇيڙا،
چڱو پار ٻيڙا،
(سائينداد ساند)
(ڪتاب ٿر ٿر اندر ٿاڪ منجھ ڇپيل ۽ ڀارومل امراڻي جي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا