انور جاني
ڀٽائيءَ جو فقير جاني جاپان
وارو
شڪيل احمد ڪٻر
دنيا ۾ هن سان
منهنجو پڦاٽ ۽ ماروٽ وارو رشتو هيو. ليڪن روحاني اک سان، مون انهي انور جاني کي ڀٽائي
جو فقير ڏٺو. ڪيترن ئي راتين جي آخري پهر ۾ حيدرآباد کان ڀٽائي پهچي، مرشد جي اڱڻ تي
اڀين پيرين نيڻن مان لڙڪ ائين وهائيندو هيو، جيئن عاشق محبوب جي جدائيءَ ۾
وهائيندو آهي. ڀٽائي جي فقير جاني جاپان واري جي زندگيءَ تي روشني وجهڻ لاءِ سوچي
رهيو آهيان ته ڪٿان شروعات ڪجي.
انور جاني جي ڄمڻ کان
جاپان سفر ۽ ابدي ننڊ سمهڻ واري هن شهزادي جي ڪهاڻي هن ريت آهي؛
خيرپور ضلعي جي شهر
سيٺارجا لڳ، ڳوٺ محمد صادق ڪٻر ۾ تعليمدان استاد مرحوم محمد ابراهيم ڪٻر جي گهر ۾
خوبصورت ٻارڙي جنم ورتو. سندس امڙ ايڏو ته خوش هئي، ڄڻ کيس لال ملي ويو هجي. سندس ڇٺي
ايڏي ته ڌام ڌوم سان ڪئي وئي، جهڙوڪ ڪو ڪاڄ هُجي.
وقت جا ڪانٽا ايترا
ته تيزي سان گذرندا ويا جو اهو معصوم ٻار علم جي روشني حاصل ڪرڻ لاءِ حيدرآباد پڻ
پهتو. جتي پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ بعد، گول بلڊنگ سامهون گورنمنٽ هاءِ اسڪول
حيدرآباد مان پڙهائي مڪمل ڪري، سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي.
والد جي وفات بعد،
غربت سبب سندس حالات معاشي طور ڪمزور هوندا هيا، ليڪن سندس امڙ، ماءُ واري پيار
سان گڏوگڏ پيءُ وارا فرائض نڀائي، پنهنجي دادلي لخت جگر پٽ کي پڙهائيءَ لاءِ خرچ
موڪليندي رهي هئي.
انور کي ٻاهرين ملڪ
وڃڻ جو به وڏو شوق هوندو هيو. دنيا ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃائڻ لاءِ هن جاپان وڃڻ جي وڏي
جدوجهد ڪئي. سندس محنتن رنگ لاتو ۽ خدا سندس دل جي تمنا پوري ڪئي. هڪ ڏينهن هو پاڪستان
مان جهاز تي اڏام ڪري، جاپان جي سرزمين تي پهتو. جاپان مهانگو هئڻ ڪري، سندس وٽان
کڻي آيل پئسه پورا ٿي ويا ۽ هڪ جاپاني ناري سان سندس ملاقات ٿي. انهيءَ ڇوڪري هن
کي هڪ هوٽل ۾ نوڪري ۽ رهائش جو بندوبست پڻ ڪرائي ڏنو. هڪ سال گذرڻ کان پوءِ جاپان
مان انور هڪ خط ذريعي پنهنجي مٽن مائٽن کي آگاهه ڪيو ته آءٌ هيڏين وڏين تڪليفن کان
پوءِ سک سان جاپان ۾ ڪمائي رهيو آهيان.
انور مٿان ڀارت جي
فلمي اداڪار اميتاڀ بچن جو ايترو ته اثر ڇانيل هيو جو لباس، هيئر اسٽائل ۽ شوز هُن
جهڙا پائيندو هو. هڪ ته سنڌ ڌرتي جي چيڪي مٽي جو ڄاول ٻيو جاپان جي خوبصورت موسم
واري ملڪ ۾ رهڻ سبب، انور ڳاڙهو ڳٽول، گلاب جي گل جهڙو چهرو رکڻ سبب کيس مٿان
هاريندڙ پاڻي جي بالٽي، نوڪري ۽ رهائش وٺي ڏيندڙ اها جاپاني ڇوڪري جنهن جو نالو ساچيڪو
هيو، اها مٿس موهت ٿي پئي ۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ هنن شادي ڪري ڇڏي. جنهن بعد هُن کي
جاپان جي شهريت حاصل ٿي. انور پنهنجي وني کي سنڌي زبان پڻ سيکاري.
شاديءَ جي ۳ سالن بعد پنهنجي امڙ جي خواهش تي پنهنجي ڪنوار
کي پاڪستان، سنڌ اباڻي ڳوٺ محمد صادق ڪٻر ۾ وٺي آيو ۽ ٺيٺ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ
انهيءَ جاپاني گڏي کي سنڌ جي ثقافت ڏيکارڻ سميت صوفي بزرگن حضرت سچل سرمست رحه،
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه، قلندر شهباز رحه ۽ ٻين بزرگن جون حاضريون ڀرائي دعائون گهرايون.
هڪ مهينو سنڌ ۾ ترسڻ بعد هو جاپان وڃي پهتا.
جاپان جهڙي تيز
ترين ترقي يافتا ملڪ ۾ محنت ۽ جفاڪشي ڪندي امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ جي ڪاروبار سان گڏ هن
گاڏين جو شوروم پڻ کوليو. حقيقت هيءَ آهي ته جاپان ۾ انور جاني سنڌ جي ثقافت کي
قائم رکڻ لاءِ مهمان نوازي پڻ عروج تي ڪندو رهيو. سندس مٽ مائٽ کيس پئسا ضايع ڪرڻ
کان روڪيندا هيا، ليڪن انور مهمانن کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏئي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ
جو بندوبست ڪرڻ کي اولين فرض سمجهندو هيو. جنهنڪري پاڪستان، سنڌ مان آيل سوين ماڻهن
کي سهارو ڏئي سيني سان لائڻ ۾ بيحد چاهه ۽ سڪون محسوس ڪندو هيو. پاڪستان جا ڪيترا ئي
ناليوارا سياستدان، سيڪريٽري ۽ ٻئي بيوروڪريسي پڻ جاپان واري مهمان خاني جا مهمان
بڻيا.
انور کي جاپاني زال
ساچيڪو مان ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد پڻ هيو، جن جا نالا هُن عامر، امان ۽ دعا
رکيا. هن سنڌ ڄائي، پنهنجي جاپاني زال کان، اهو پڻ عهد ورتو ته منهنجي لاڏاڻي کان
پوءِ جسم خاڪيءَ کي سنڌ ڏانهن اباڻي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو وڃي. مار پئي انهيءَ
موذي مرض ڪينسر کي، جيڪو انور کي مڪمل طور وڪوڙي چڪو هو. جاپان جي ڊاڪٽرن پاران بلڊ
تبديل ڪرڻ باوجود سندس حياتي نه بچي سگهي ۽ انور هن فاني دنيا مان هميشه لاءِ لاڏاڻو
ڪري ويو. اهڙي واقعي کان پوءِ عشق ڪندڙ سندس گهرواري پنهنجي مڙس سان ڪيل واعدي تي
عمل ڪرڻ لاءِ جاپان ۾ مسلمانن کي گڏ ڪري جنازي نماز ادا ڪري بزنس ڪلاس جهاز ذريعي
سنڌ ڏانهن سندس مڙهه موڪلرائي، انور جي ڀائرن کي اطلاع ڏنو. روحاني بزرگن سان
عقيدت رکندڙ انهيءَ فقير جو مڙهه جاپان کان ڪراچي تائين ۲۴ ڪلاڪن ۾ پهتو. سندس مڙهه ايمبولنس ذريعي سندس اباڻي ڳوٺ محمد صادق ڪٻر ۾ آندو
ويو، جتي پنهنجي پياري جي جدائي ۾ مٽ مائٽ ۽ دوست صدمي ۾ وٺجي ويا هئا. پير نوت
شهيد قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
هوڏانهن جاپان ۾ سنڌ
جي سٻاجهي پُٽ جي ڪنوار، پنهنجي ٽن معصوم ٻارڙن کي اهو چئي دلاسا ڏئي رهي هئي ته
توهان جو بابا پاڪستان ويو آهي، جيڪو جلد واپس ايندو. اها عورت ٻارڙن جي انهيءَ پڇيل
سوالن تي سخت پريشان ٿي پنهنجي مڙس جي هم شڪل ڀاءُ منور کي خط لکيو ته انور جي ٽن
معصوم ٻارڙن کي اڃا تائين پيءُ جي فوت ٿيڻ جو ٻڌائڻ بجاءِ پاڪستان ۾ ويل هئڻ جو
چيو آهي، جنهن ڪري هڪ سال گذرڻ کان پوءِ مون کي انهن ٻارڙن جي سوالن مُنجهائي ڇڏيو
آهي، جيڪڏهن تون چاهين ته آءٌ تنهنجي لاءِ جاپان جي ويزا ۽ ٽڪيٽ موڪلي ڏيانءِ تون
هتي اچ. اهڙو خط پڙهڻ کان پوءِ جاپان ڏانهن بي چين ۽ بيقرار رهندڙ منور جي اکين
مان خوشيءَ جا لڙڪ وهي پيا. نيٺ منور پاڪستان مان اڏام ڪري جاپان پهتو ۽ جڏهن گهر
جي دروازي مان اندر داخل ٿيو ته پيءُ جي پيار جا اڃايل ۳ معصوم ٻارڙا انور جي هم شڪل ڀاءُ منور کي
پنهنجو پيءُ سمجهي چنبڙي ويا ۽ روئيندي روئيندي چيو ته؛ بابا تون اسان کي ڪاڏي ڇڏي
ويو هئين ۽ ٻيهر اسان کي ڇڏي نه وڃجانءِ. معصومن جا اهي الفاظ ٻڌي منور پنهنجي ڀاءُ
جي نشانين کي سيني سان لائي چمندو رهيو ۽ کين پڪ ڏياري ته هاڻي اوهان کي ڇڏي ڪاڏي
به ڪو نه ويندس. ڪجهه مهينا گذرڻ کان پوءِ منور جي ڀاڄائي کيس معصوم ٻارڙن خاطر
شادي ڪرڻ بابت پڇيو، جنهن پنهنجي ڀاءُ جي نشانين کي هميشه لاءِ پنهنجو ڪندي ڀاڄائيءَ
سان نڪاح ڪيو، جيڪو ڪيترن ئي سالن کان پنهنجو فرض ادا ڪرڻ سميت، پنهنجي يارن جهڙي
يار ڀاءُ انور جي ياد ۾ زندگي جاپان ۾ گهاري رهيو آهي. رمضان جي بابرڪت ڀلاري
مهيني جي چوٿين روزي تي انور جاني جو دم پرواز ٿيو هو. رمضان جو مهينو جيئن ئي ايندو
آهي، سندس يادن جو سمنڊ سڀني جي سينن ۾ ڇوليون هڻڻ لڳندو آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا