; سنڌي شخصيتون: حسن مجتبي - مختيار شاھنوازاڻي

11 July, 2019

حسن مجتبي - مختيار شاھنوازاڻي


حسن مجتبي
جرنلزم، ادب ۽ شاعري جو روشن چراغ
مختيار شاھنوازاڻي
ھن جي لکڻ جا رنگ رتول نرالا آھن، ھن جي جرنلزم جا وسيع دائرا ھجن ٿا. ھو ھڪ قلمڪار جي حيثيت ۾ اھو تخليقڪار آھي، جنھن جون تحريرون ۽ تجزيا ھلچل مچائي ڇڏين ٿا. ھن دور جو سگھارو آواز آھي. حسن مجتبي ۾ گھڻ رخيون صلاحتيون آھن، آدرشي اديب، برجستو صحافي ۽ اھو مورخ شاعر آھي جنھن جي شاعري ۾ تاريخ گفتگو ڪندي آھي. جنھن ۾ رُڪ (اسٽيشن) جي رڙ آھي ته پنڪي جي پڪار به ۽ دارا جو سپنو به. ھن جي نثر ۽ نظم جو ڊڪشن الڳ آھي. حسن مجتبي جا ڪالم ابتدا کان اختتام تائين معني خيز ھوندا آھن. ھن جي اسٽوري جي اڻت ياترا جيان دل ۽ دماغ ۾ ڦرندي رھندي آھي. حسن مجتبي جي تخيل ۾ سفرنامي جو آرٽ ھوندو آھي ھن جي لکڻ جي اسلوب ۾ اھڙيون خوبيون آھن جو پڙھندڙ مشاھدو ڪندو ھجي. ھن جي جرنلزم جي ڏيھان ڏيھ ھاڪ آھي ھن وقت نيويارڪ جي عالمي اشاعت پيپرن ۾ لکي ٿو ۽ ھُن جي تحريرن جو ايڏو اميج آھي، جو سنڌ جون اڪثر اخبارون ھن جي آرٽيڪل ۽ اسٽوري جون مشتاق ھونديون آھن.


ھُن جو پورو نانءُ محمد حسن آھي قلمي ۽ ادبي طرح حسن مجتبي سان مشھور آھي، سنڌ کان ست سمنڊ پار نيويارڪ ۾ رھي ٿو سائين محڪم الدين دايو جي گھر اوٻاڙو ۾ جنميو. علمي ڊگري ڊپلومه جيڪا ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ميرس مان ورتائين. ھو جيڪو صحافت جو نرالو نانءُ آھي جيڪو پنھنجي تحريرن ۾ ٽانڊاڻن جيان ٽمڪندي چراغ ٻاري ڇڏيندو آھي ھُن جو نثر پنڌ ڪندو آھي جنھن جي مسافرين ۾ منزل جو ڏُس آھي ھن جا ڪالم ڏاھپ جو اڀياس آھن ھن جي مادري زبان سنڌي آھي پر انگريزي ۽ اردو تي به دسترس ۽ مھارت رکي ٿو حسن مجتبي جون لکڻيون صحافت جي سونھن آھن ۽ ڄاڻ جي کاڻ آھن. ھن جي تحريرن ۾ سچ جون صدائون گونجار ڪنديون آھن ھن جا آرٽيڪل ايڊوڪيٽ آھن جيڪي مٽي ھاڻن ماڻھن جي دانھن کڻي عوامي عدالت ۾ فرياد ڪندا ھجن. ھُن جو قلم ڀاري آھي ھو لاغرض ٿي لکندو آھي ضيا جي ڪاري دور ۾ ھن جي لکڻين تي بندوشون پيون ۽ سنسرشپ جون ڪئنچون اڀيون ٿيون ته ھن دربدريون قبوليون پر آزاد صحافت جي قلم جو ڳاٽ اوچو رکيو. حسن مجتبي جي لکڻ سان ھڪڙي سوچ سلھاڙيل آھي ته ادب معني عوام جا ڏک سور صحافت معني صحيفو سچ جو آواز.
مونکي ياد آھي جڏھن ھن مادر علمي جي ماحول تي ”ڪيٽي ڄامشورو“ جي عنوان سان نيوز لائين ۾ اسٽوري لکي ھُئي ته ڇوڪرا ھن تي ڪاوڙيا ھيا، پر ھن سچ لکڻ کان بيزاري نه ڏيکاري. سچ لکڻ جو ڪوڏيو آھي.
حسن مجتبي نيوز لائين، گلف، نيوز، فرنٽيئر پوسٽ، جنگ، ڪاوش، برسات، ۽ خلق تائين سنڌي انگريزي ۽ اردو اخبارين ۾ لکي چڪو آھي. جڏھن ماضيء ۾ ”تو راز ڪري فاش“ جي عنوان سان برسات ۾ ڪالم لکندو ھو اھي ادب ۽ صحافت جا انسائيڪلوپيڊيا ھيا جيڪي شعور-وند ذھنن کي جنھجوڙي ڇڏيندا ھيا. حسن مجتبي وٽ ھڪڙي لکڻ جي چونڊ ھجي ٿي. ھُن جي لکڻ جو اسٽائيل، ڪالم ۾ ٻولي جو استعمال ۽ عنوانن کي ڳولھي لھڻ جو ڪمال آھي جئين جيوڻي ٻائي جي ڳايل ڪلام جو بند سليڪٽ ڪيائين ته
مون دل به ڏني توکي، دنيا کان لڪائي آ
تو راز ڪري فاش، سڄڻ خلق خلائي آ
بيدرد جي اقرار ۾ ھرگز نه سچائي آ
ماضيء ۾ سنڌ ريڊيو تان جيوڻي ٻائي جون درد ڀريون آلاپون پي ٻڌيون. پر اھو حسن مجتبي جو I.Q آھي جنھن پنھنجي تخليقي تحرير ۾ ان جيوڻي ٻائي جي ڳايل ٻول جي سٽن کي پنھنجي اظھارِ خيال جو نئون عنوان بڻايو.
حسن مجتبي جا نظم مشعلون آھن ھن جي شاعري پھاڙن جي پڪار آھي جيڪا پري پري تائين آواز جو پڙلاءُ ڪري ٿي ھن جي نظمن ۾ سرڪشون آھن ھن جي نظمن ۾ تاريخ ڳالھائي ٿي ۽ ھڪڙو درد آھي ھڪڙي پيڙاءُ آھي جيڪا”بليڪ اپريل“ ”منھنجي پڄاڻان“ ”وار ڪِراءِ“ ”پھريون نظم“ ”زندگي جي ٽارچر سيل“ ”اينٽي ڪلائميڪس“ ”مارگلا جي پھاڙين تان رات لھي“ ”گناھن جھڙي ڪاري رات“ ”SINDH 88/90“ جھڙن نظمن ۾ سينڍ وڄائي ٿي.
جيل جي کوليءَ مٿان جو چنڊ آھي
ڄڻ ننڍو ھي کنڊ آھي
يا
بندوق سان گھايل ڪنور جو مُک آھي
۽ صدين جو دُک آھي
حسن مجتبي جي نثر ۽ نظم جا ڪتاب اچڻ گھرجن ڇو ته ھو سنڌي ادب ۾ جرنلزم ۽ شاعري جا شاھڪار آھن سندس اردو شاعري جو مجموعو ”کوئل شھر کی کتھا“ ڇپيو آھي جيڪا اردو ۾ ڏاڍي خوبصورت شاعري آھي جنھن ۾ شاعراڻي رومانس جون دلبريون آھن
دوستی په کھلا عشق کا پرتوا
کر کے ترکِ تعلق جدا ھوگا
روئیں تو کیا خو منائیں کسے
گھر کو بیٹھے صنم جو خدا ھوگا
يا پنڪي تي شاندار نظم

وه دریا دیس سمندر تھی
جو تیرے میرے اندر تھی
وه سوندھی مٹی سندھڑی کی
وه لڑکی لال قلندر تھی.

وه دیس دکھی کی کوئل تھی،
یا تھر میں برکھا ساون کی
وه پیاری هنسی بچوں کی،
یا موسم لڈیاں پاون کی

تم کالی راتیں چوروں کی ،
وه پنکھ پکھیرو موروں کی
وه بهن کسانوں کی پیاری ،
وه بیٹی مل مزدوروں کی
حسن مجتبي اھو اديب شاعر ۽ قلمڪار آھي جنھن سنڌي ٻولي ۾ ته وڏو لکيو آھي پر ھن وقت اردو ۽ انگريزي ۾ به سگھارو لکي پيو. ھو ھڪ ادارو آھي جيڪو پنھنجي اڪابر صلاحيتن سان عالمي ليول جي جرنلزم ۾ شمار ٿئي ٿو. اھا سنڌ جي خوش قسمتي آھي جو ھڪ سنڌي حسن مجتبي جي نانءُ سان نيويارڪ ۾ سڃاتو وڃي ٿو ۽ سڄي دنيا جي صحافتي حلقن ۾ مقام رکي ٿو.

No comments:

راءِ ڏيندا