; سنڌي شخصيتون: عرض محمد ابڙو - نبيل ابڙو

01 July, 2019

عرض محمد ابڙو - نبيل ابڙو


عرض محمد ابڙو
ڪي ماڻهو واقعي تاريخ ٿين ٿا!
نبيل ابڙو
شيخ اياز چواڻي ته ”مان اهو فيصلو نه ڪري سگهيو آهيان ته تاريخ ماڻهن کي ٿي ٺاهي يا ماڻهو تاريخ کي“ بلڪل ساڳي ريت ان ڳالهه ۾ فرق ڪرڻ بنهه ڏکيو آهي ڇاڪاڻ ته هن دنيا ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جن تاريخ ۾ پنهنجا باب لکي ڇڏيا جڏهن ته ڪن کي وري تاريخ امر ڪري ڇڏيو.


شهيدن جي شهر طور سڃاتو ويندڙ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڌرتي تي ڪيترن ئي اهم شخصيتن جنم ورتو آهي، جن پنهنجي سوچ، لوچ، عقل، ڏاهپ، جدوجهد ۽ صلاحيتن ذريعي نه صرف پنهنجي ڌرتي جو نالو روشن ڪيو آهي پر قوم جو نالو پڻ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ روشن ڪيو آهي، جڏهن به تاريخ جا ورق کوليا ويندا تڏهن سندن عمل ۽ ڪردار اسان آڏو اچي ويندو. اسين اڄ اهڙي ئي شخصيت جو ذڪر ڪنداسين جنهن جي ڏاهپ، انسان دوستي ۽ تعليم دوستي جي شاهدي هر اهو شخص ڏيندو جيڪو کيس سڃاڻي ٿو، ان ڪردار جو نالو عرض محمد ابڙو آهي، هو هڪ گهڻ رخي شخصيت هو جيڪو پنهنجي ڏاهپ، سياڻپ ۽ عقل جي آڌار تي مختلف کاتن ۾ مختلف عهدن تي فائز رهي، سنڌ ۽ سنڌين جي خدمت ڪئي.
عرض محمد ابڙي جو جنم ۱۴ مئي ۱۹۳۴ تي لاڙڪاڻي ضلعي جي تاريخي شهر ڳيريلي ڀرسان ڳوٺ ڪلي ۾ ٿيو، سندس والد علي محمد ابڙو هڪ عام زميندار هو، عرض محمد ابڙو پنهنجي ڳوٺ جو پهريون ماڻهو هو، جيڪو تعليم جهڙي زيور سان روشناس ٿيو، هن شروعاتي تعليم نصيرآباد جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي، جنهن بعد ۱۹۵۶ ۾ لاڙڪاڻي جي پائليٽ هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ بعد ترت ئي کيس پوليس ۾ ملازمت ملي پر سندس والد جي اجازت نه ڏيڻ ڪري هن پوليس ۾ ملازمت اختيار نه ڪئي، چوندا آهن ته انسان پاڻ قابل هجي ته پوءِ اهو نوڪرين پٺيان نه پر نوڪريون ان جي پٺيان پيون ڊوڙنديون آهن، بلڪل ساڳي طرح ۱۹۵۷ ۾ پاڪستان پوسٽل سروسز ۾ اڪائونٽنٽ جي حيثيت سان لاڙڪاڻي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين، جنهن بعد کاتي ۾ سٺي ڪارڪردگي جي بنياد تي کيس پوسٽ ماسٽر ڪري نئين ديري ۾ مقرر ڪيو ويو. پر جڏهن انسان جا حوصلا بلند هجن ۽ ڪجهه ڪرڻ جي جستجو اندر ۾ هجي ته پوءَ ڪاميابيون ملنديون رهنديون آهن، ٽي سال پوسٽل سروسز ۾ ڪم ڪرڻ بعد کيس تعليم کاتي ۾ نوڪري ملي ۽ هنگورجا ۾ بطور انگريزي استاد پڙهائڻ شروع ڪيائين، جنهن بعد پنهنجي ئي اسڪول پائليٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي بدلي ٿيس، اها بدلي خود عرض محمد ابڙي ۽ سندس ڳوٺ جي شاگردن لاءَ سٺو سنئوڻ ثابت ٿي، پائليٽ هاءِ اسڪول ۾ پڙهائڻ دوران هن پنهنجي ڳوٺ جي ڪيترن ئي شاگردن کي تعليم پرائڻ لاءِ پائليٽ هاءَ اسڪول ۾ داخلائون وٺي ڏنيون ۽ کين پڙهائڻ لاءِ اتساهيندو رهيو، شاگرد سندس ڪارڪردگي مان ايترا ته متاثر هئا جو پرنسپال کي درخواستون ڪندا رهندا هئا ته اسان کي ابڙو صاحب ئي ڪلاس ٽيچر کپي، سندس شاگردن ۾ نثار کهڙو، شهزادو شيخ، مشتاق لاشاري، اسلم لاشاري، عنايت الله ابڙو ۽ ٻيا ڪيترائي ناليوارا ماڻهو شامل آهن جيڪي وڏن عهدن تي فائز رهي چڪا آهن، هو اڪثر چوندو هو ته سنڌي ماڻهو محنت ڪري اعليٰ مقام حاصل ڪندا ته ان کان وڌيڪ سنڌ جي ٻي ڪهڙي خدمت ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن تعليم جي بنياد تي سنڌ جا ماڻهو سڃاتا وڃن ته اها هڪ پائيدار ترقي آهي، هو ڳوٺ جي ماڻهن کي هميشه چوندو هو ته ڳوٺن مان نڪرو شهرن طرف اچو تعليم پرائي اعليِٰ مقام حاصل ڪري سنڏ جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهو.
محنت ۽ جدوجهد ته ڄڻ عرض محمد ابڙي جي زندگي جو حصو هئي، مسلسل ڪم ڪم ۽ ڪم ڪرڻ واري عادت جي ڪري ئي هو ڪاميبايون حاصل ڪندو رهيو ۽ اڳتي وڌندو رهيو، اهو ئي سبب آهي جو ۱۹۶۶ ۾ ويسٽ پاڪستان روڊ ٽرانسپورٽ ۾ اسسٽنٽ ٽرئفڪ مينيجر جي حيثيت سان ملازمت اختيار ڪيائين، اها سندس بهترين ڪارڪردگي جو چٽو ثبوت آهي ته ۱۹۶۹ ۾ کوڙ سارن سينيئر آفيسرن کي ڇڏي کيس سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪمپني ۾ ڊسٽرڪٽ ٽرئفڪ مينيجر طور ترقي ڏني وئي، جڏهن ته بنگال جي پاڪستان کان ڌار ٿيڻ جي فورن بعد کيس ڊسٽرڪٽ مينيجر ايس آر ٽي سي حيدرآباد بڻايو ويو، جتي هن اداري اندر نواڻ آندي، مسلسل محنت سبب سندس ضلعي ۾ ايس آر ٽي سي ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندي رهي، هن جي اولين ترجيح اها هوندي هئي ته عوام کي بهتر سفري سهولتون مهيا ڪجن، اهو ئي سبب آهي جو کيس بعد ۾ ريجنل ڊسٽرڪٽ مئنيجر جي چارج پڻ ڏني وئي، هر ورڪر، هر ملازم ۽ ايس آر ٽي سي جو هر مسافر سندس ڪارڪردگي مان تمام خوش هوندا هئا. عرض محمد ابڙي لاءِ مشهور هوندو هو ته ايس آر ٽي سي جو جيڪو به ڊيپو خساري ۾ هوندو هو ته عرض محمد ابڙي جي بدلي ان ڊيپو ۾ ڪئي ويندي هئي، جيئن ادارو مستحڪم ٿي سگهي، هن ڊسٽرڪٽ مئنيجر طور ڳوٺ ۽ تر جي ڪيترن ئي ماڻهن کي کاتي ۾ روزگار پڻ ڏنو، هو چوندو هو ته تر جا ماڻهو روزگار ڪندا ته اها ترقي سنڌ جي آهي. ايئن ئي هو سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ مقرر ٿيندو رهيو ۽ عوام کي بهترين ۽ سستيون سفري سهولتون ڏيندو رهيو.
هڪ ننڍڙي ڳوٺ سان تعلق رکندڙ عام زميندار جو پٽ صرف ۽ صرف پنهنجي محنت تي يقين رکندڙ شخص هو ۽ پنهنجن ٻارڙن ۽ شاگردن کي به محنت ڪرڻ لاءِ سدائين اتساهيندو رهندو هو، سڄو ڏينهن دفتري ڪم ڪرڻ باوجود رات جو پنهنجن ٻارن کي پاڻ پڙهائيندو هو، اهو ئي سبب آهي جو اڄ سندس شاگردن سان گڏوگڏ اولاد پڻ اعليِٰ عهدن تي فائز آهي. ۱۹۹۴ ۾ ايس آر ٽي سي مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد سندس بهترين ڪارڪردگي جي ڪري سندس ملازمت ۾ هڪ سال جي واڌ ڪئي وئي، جڏهن ته ان وقت جي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جيڪو سندس سٺو دوست پڻ هو، ان کيس سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪمپني جو چيئرمين به ڪيو پر بدقسمتي سان حڪومت مٽجڻ جي ڪري هن اها چارج نه سنڀالي، اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه، ترقي پسند اڳواڻ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ برڪت جاگيراڻي سندس دوستن منجهان هئا. سال ۱۹۹۵ ۾ هن وڪالت شروع ڪئي، هاءِ ڪورٽ جي وڪيل جي حيثيت سان پنهنجي وس آهر سدائين غريبن ۽ مسڪينن جا ڪيس وڙهندو رهيو ۽ ۲۰ مئي ۲۰۰۴ تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، پر سندس ڪم، ڪردار ۽ شخصيت جي ڪري هو اڄ به ڪيترن ئي دلين ۾ زنده آهي.
شيخ اياز جون چيل هي سٽون مون کي سدائين هن شخصيت لاءِ ياد اچن ٿيون ته:
ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا،
گهايل ڌرتي جي سيني جي،
اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا،
جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي،
جا دنيا کي بدلائي ٿي.

No comments:

راءِ ڏيندا