عرض محمد ابڙو
ڪي ماڻهو واقعي تاريخ ٿين
ٿا!
نبيل ابڙو
شيخ اياز چواڻي ته
”مان اهو فيصلو نه ڪري سگهيو آهيان ته تاريخ ماڻهن کي ٿي ٺاهي يا ماڻهو تاريخ کي“
بلڪل ساڳي ريت ان ڳالهه ۾ فرق ڪرڻ بنهه ڏکيو آهي ڇاڪاڻ ته هن دنيا ۾ اهڙا ماڻهو به
آهن جن تاريخ ۾ پنهنجا باب لکي ڇڏيا جڏهن ته ڪن کي وري تاريخ امر ڪري ڇڏيو.
