ڊاڪٽر نواز علي دل
محبتن جو مسيحا
نظام الدين ڪاڪا
هُو، جنهن جي سُڃاڻپ
هڪ ڊاڪٽر طور آهي ۽ جنهن کي صحت کاتي سنڌ جي نالي واري اسپتال لياقت يونيورسٽي آف
ميڊيڪل هيلٿ سائنس ڄامشوري ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ڪيو آهي، جتي هو ڪيترن مجبور،
لاچار، محروم، غريب ۽ بي پهچ انسانن لاءِ مسيحا بڻيل آهي. هو نه رڳو دردن جو درمان
۽ دوا ڪري ٿو پر بي پهچ ۽ لاچار انسانن لاءِ دلاسو ۽ ڏَڍُ بڻيل آهي. ان ڪري هو ماڻهوءَ
جي عضون جي سرجري ڪري علاج ته ڪري ٿو پر اُداس ۽ هيسيل ماڻهن جي ذهنن کي تازگي ۽
توانائي بخشي اميد ۽ ڀروسي جوڳو بنائڻ جو هنر به ڄاڻي ٿو. ان ڪري هُو منهنجي حواسن
۾ هڪ سماج سڌارڪ، وفادار، آئيءَ ويل اهنج ۽ ايذاءَ وقت ڪم اچڻ وارو قدردان انسان
آهي. هُو پنهنجي ڪراچيءَ واري دوست بابر سان ڪَيل ويساگهاتيءَ تي پريشان ٿي سندس
احساسن ۽ اُدمن ۾ سمائجي سندس دلاسو ۽ آسرو ته ٿئي ٿو پر کيس پريشانين جي سير مان ٻاهر
ڪڍي ڪناري لڳائي پار ڪري به ڄاڻي ته شاهُو کوسي جي فالتو ڳالهين کي به احترام سان ٻڌي
منجهيل سُٽَ کي سُلجهائڻ به ڄاڻي. اڪبر درس جو قريبي دوست ۽ ٻانهه ٻيلي رهيو آهي ۽
سندس زندگيءَ جي هر مسئلي جي حل ۾ ساڻس گڏ رهندو پيو اچي. جڏهن ته نظام ڪاڪا سان
مشورا ڪري پنهنجي ڪاميابين ۽ ڪوتاهين کي وڏي خبرداريءَ سان نمٽائي به ڄاڻي. مير
حيدر علي ٽالپر ۽ مير شير محمد ٽالپر ٻئي سندس محسن رهيا آهن. پنهنجي راڄ ڀاڳ کي،
پنهنجي ڪاروبار کي، پنهنجي ٻني ٻاري کي نه رڳو سنڀالي پر پنهنجي ڳوٺ جي، ماڻهن جو
پنهنجي جُوءِ جي ماڻهن جو علاج معالج مفت ڪرڻ سان گڏ سندن روزمره جي زندگيءَ جي
مسئلن جو تدارڪ به ڪري. بيمارن، معذورن ۽ محرومن کان هلي حال پڇڻ وارو مون هي
پهريون ڊاڪٽر ڏٺو آهي. جنهن کي ماڻهو ”ڊاڪٽر نواز علي دل“ جي نالي سان ياد ڪندا رهندا
آهن. حيدرآباد تعلقي جي ڳوٺ صالح دل ۾ وڏيري عمر دل جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هي سڪيلڌو ٻار
واقعي پينگهي ۾ پڌرو صدورو ۽ سُڀاءُ وارو ثابت ٿيو آهي. ڊاڪٽر نواز ماڻهن جا مسئلا
جهول ۾ جهلي انهن کي ائين ترتيبوار حل ڪندو آهي جيئن هو مريضن کي نمبروار سرجري ڪري
دوائون ۽ علاج لکندو هجي.
دل قبيلو سماٽ قبيلو
آهي. دل ۽ ڪاڪا ٻئي سڳا ڀائر هئا، دَلَ جو اولاد دَلُ ۽ ڪاڪا جو اولاد ڪاڪا سڏجڻ لڳو.
ان ڪري دل ۽ ڪاڪا هڪڙي برادريءَ جا ٻه نالا آهن. دل قبيلي جي باري ۾ چون ٿا ته اهي
لطيف سائينءَ جا پوئلڳ هئا. دل مرزا مغل بيگ سان انهيءَ ڪري به نه ٺهيا جو مرزا
مغل بيگ جي نياڻي سندن مرشد لطيف سائينءَ کي پسند اچي وئي هئي ۽ دل قبيلو چاهيندو
هو ته اها ڇوڪري سيد کي ملي. شاهه عبدالطيف چيو آهي ته ”جنهن جي چيچ سيد جي هٿ ۾
تنهن لهر نڪو لوڏو“ پر ائين ٿي نه سگهيو ۽ ڇوڪري مغلن سيد کي نه ڏني. ان ڪري مغل ۽
دل ڪڏهن به نه ٺهيا. دل قبيلو سنڌ جو محبِ وطن ۽ باغيرت قبيلو آهي، جنهن پنهنجي
مادرِ وطن مان مغلن جا پير اکيڙڻ لاءِ سِرَ جو سَٽُون ڏنيون، بهادريءَ سان وڙهيا ۽
پنهنجي ڪڙم کي ڪڏهن به ٽِڪو نه لاتائون. انهن ئي ماڻهن جي قربانين جو نتيجو آهي جو
ورهاڱي کان اڳ هتي مغل يا ارغون ذات بنهه نه هئڻ جي برابر آهي. مغلن دل قبيلي سان
جيڪي عُقُوبتون ڪيون هيون تن جو انتقام هُو هر موقعي ۽ محل تي وٺندا ٿي رهيا، سنڌ
۾ جڏهن مغلن جو اقتدار ڪمزور ٿيڻ لڳو تڏهن سنڌ جي محبِ وطن ماڻهن جن ۾ دل به شامل هئا
تن رهيل مغلن جو صفايو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ مرزا مغل بيگ خلاف ڪارروائي به ان سلسلي جي ڪڙي
هئي. سنڌ جي قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر دل قبيلي کي محبِ وطن قبيلو سڏيو آهي
پر ڊاڪٽر نواز علي دل ۽ ڳوٺ الهداد چنڊ جي مغل قبيلي سان واسطو رکندڙ ڀاءُ خادم
مغل جي دوستي دل ۽ مغل قبيلي جي نئين سر جوڙجڪ، سٺي ورتاءُ ۽ ورجاءَ جو اعليٰ ترين
نمونو آهي. هنن ٻنهي پنهنجي قبيلن جون نفرتون پاسي تي رکي نئين نسل ۾ داخل ٿي
پنهنجي پراڻي تاريخ کي تاڪ ڪري پنهنجي دوستيءَ جو اهڙو ته پيڙهه جو پٿر رکيو جو اڄ
ڏينهن تائين سندن نيازمندي جو رشتو قائم ۽ دائم رهندو پيو اچي. ڊاڪٽر نواز هڪ ئي
وقت پنهنجي ذات ۾ هڪ محفل آهي. هو دوستيءَ جو سنگم آهي، سٺي سُڀاءُ ۽ ورتاءُ جي ڪري
جڏهن سندس دوستن ۾ سندس نالو کڻبو آهي ته نالو ٻڌي سندس دوست رليڪس ٿي ويندا آهن. ڊاڪٽر
صاحب پنهنجي ابي امان جو لاڏلو ۽ مُوڀي پٽ آهي سندس چپن تي سدائين معصوم مرڪ هوندي
آهي پنهنجي دوستن لاءِ سدائين معتدل رهيو آهي، هر دوست کي برابريءَ جي بنياد تي
اهميت ڏئي پنهنجي وفاداري جو ڀرم رکيو اچي.
رَوَشِ مان ئي رونما
ٿي پيار اٿس پڌرو پيو،
ماپ ۽ ماڻن بنا هُو
مُحبتون ٿو توري سگهي،
ڏکن جا ڏونگر اڻانگو
سفر جسم نازڪ ڇا ڪري،
ڏيل جي ڏَڍَ تي ڏک
۽ ڏولاوا به ٿو ڏوري سگهي.
چوندا آهن ته انسان
کي سندس گفتگوءَ مان پرکبو آهي. جيسين هو نه ڳالهائيندو تيسين هن جي سُڀاءَ لاءِ ڪا
راءِ قائم ڪرڻ مشڪل هوندي آهي. ڊاڪٽر نواز علي دل ۾ انساني همدردي نيڪي ۽ نيت جي
سچائي کان علاوه علميت ۽ اخلاق جو رنگ جهلڪا ڏيندو آهي. ڊاڪٽر صاحب جنهن سان ڳالهائي،
ڪچهري ڪري ته اهو ماڻهو سندس ٿي ويندو آهي، ڇا ڪاڻ ته ڊاڪٽر صاحب ماڻهوءَ جي اندر
کي گفتگوءَ سان ڇُهي وٺندو آهي. اصلي معنيٰ ۾ هو عُمدگيءَ سان تراشيل هڪ اهڙو هيرو
آهي جنهن جي شخصيت تي سندس دوست پيا رشڪ ڪندا آهن ۽ بحث پيا ڪندا آهن ته ڊاڪٽر
نواز توهان کان وڌيڪ منهنجو همدرد ۽ قريبي دوست آهي. پنهنجي اداري ۽ پيشي سان
سچائيءَ جي ڪري سندس ڊپارٽمينٽ جا ماڻهو کيس وڏي قدرداني جي نگاهه سان ڏسندا آهن.
ائين به ناهي ڪو ڊاڪٽر غم، سور، تڪليفون، اداسيون، محروميون ۽ مايوسيون نه ڏٺيون
آهن پر هو ڏکن، مشڪلاتن، محرومين ۽ اداسين سان پيو رومانس ڪندو آهي ۽ انهن کي پنهنجي
همت، ڏاهپ، جرئت، خود اعتمادي ۽ زنده دليءَ سان ائين پيو سلجهائيندو آهي جو جهڙوڪر
ڪجهه ٿيو ئي نه هجي. ڊاڪٽر صاحب پريشانين ۾ پچرجي پڄرجي پارس ٿي دردن جي ڪيفيتن
مان نڪري پاڻ کي پارس بڻائي اڳتي وڌندو ٿو رهي، مان سمجهان ٿو ته درد به سندس دادلا
دوست آهن.
وقت جو ويڻ جيسين
وهاٽي نه ٿو،
گهاءُ غم جو جيسين
گُهماٽي نه ٿو،
جيسين جيون جو
پيالو هي پلٽي نه ٿو،
تيسين زندگي زندگي
نه آ، زندگي زندگي نه آ.
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي سنڌ
جي سونهن شل سلامت رکي، رب پاڪ کيس نوازيو آهي سٺو عهدو، شهرت، عزت، دولت، صلاحيت
۽ سڄي سنڌ جي دوستن جي پيار سان ٽمٽار هن جي شخصيت ۽ آئيندو سدائين روشن جڳمڳائيندو
رهي.
No comments:
راءِ ڏيندا