; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر نواز علي دل، نظام الدين ڪاڪا،
Showing posts with label ڊاڪٽر نواز علي دل، نظام الدين ڪاڪا،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر نواز علي دل، نظام الدين ڪاڪا،. Show all posts

18 July, 2019

ڊاڪٽر نواز علي دل - نظام الدين ڪاڪا


ڊاڪٽر نواز علي دل
محبتن جو مسيحا
نظام الدين ڪاڪا
هُو، جنهن جي سُڃاڻپ هڪ ڊاڪٽر طور آهي ۽ جنهن کي صحت کاتي سنڌ جي نالي واري اسپتال لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل هيلٿ سائنس ڄامشوري ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ڪيو آهي، جتي هو ڪيترن مجبور، لاچار، محروم، غريب ۽ بي پهچ انسانن لاءِ مسيحا بڻيل آهي. هو نه رڳو دردن جو درمان ۽ دوا ڪري ٿو پر بي پهچ ۽ لاچار انسانن لاءِ دلاسو ۽ ڏَڍُ بڻيل آهي. ان ڪري هو ماڻهوءَ جي عضون جي سرجري ڪري علاج ته ڪري ٿو پر اُداس ۽ هيسيل ماڻهن جي ذهنن کي تازگي ۽ توانائي بخشي اميد ۽ ڀروسي جوڳو بنائڻ جو هنر به ڄاڻي ٿو. ان ڪري هُو منهنجي حواسن ۾ هڪ سماج سڌارڪ، وفادار، آئيءَ ويل اهنج ۽ ايذاءَ وقت ڪم اچڻ وارو قدردان انسان آهي. هُو پنهنجي ڪراچيءَ واري دوست بابر سان ڪَيل ويساگهاتيءَ تي پريشان ٿي سندس احساسن ۽ اُدمن ۾ سمائجي سندس دلاسو ۽ آسرو ته ٿئي ٿو پر کيس پريشانين جي سير مان ٻاهر ڪڍي ڪناري لڳائي پار ڪري به ڄاڻي ته شاهُو کوسي جي فالتو ڳالهين کي به احترام سان ٻڌي منجهيل سُٽَ کي سُلجهائڻ به ڄاڻي. اڪبر درس جو قريبي دوست ۽ ٻانهه ٻيلي رهيو آهي ۽ سندس زندگيءَ جي هر مسئلي جي حل ۾ ساڻس گڏ رهندو پيو اچي. جڏهن ته نظام ڪاڪا سان مشورا ڪري پنهنجي ڪاميابين ۽ ڪوتاهين کي وڏي خبرداريءَ سان نمٽائي به ڄاڻي. مير حيدر علي ٽالپر ۽ مير شير محمد ٽالپر ٻئي سندس محسن رهيا آهن. پنهنجي راڄ ڀاڳ کي، پنهنجي ڪاروبار کي، پنهنجي ٻني ٻاري کي نه رڳو سنڀالي پر پنهنجي ڳوٺ جي، ماڻهن جو پنهنجي جُوءِ جي ماڻهن جو علاج معالج مفت ڪرڻ سان گڏ سندن روزمره جي زندگيءَ جي مسئلن جو تدارڪ به ڪري. بيمارن، معذورن ۽ محرومن کان هلي حال پڇڻ وارو مون هي پهريون ڊاڪٽر ڏٺو آهي. جنهن کي ماڻهو ”ڊاڪٽر نواز علي دل“ جي نالي سان ياد ڪندا رهندا آهن. حيدرآباد تعلقي جي ڳوٺ صالح دل ۾ وڏيري عمر دل جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هي سڪيلڌو ٻار واقعي پينگهي ۾ پڌرو صدورو ۽ سُڀاءُ وارو ثابت ٿيو آهي. ڊاڪٽر نواز ماڻهن جا مسئلا جهول ۾ جهلي انهن کي ائين ترتيبوار حل ڪندو آهي جيئن هو مريضن کي نمبروار سرجري ڪري دوائون ۽ علاج لکندو هجي.