آغا نور محمد پٺاڻ
ڊجيٽل دور ۾ ڪتابن سان
رشتو بحال ڪرڻ لاءِ سندس جاکوڙ
نسيم بخاري
آغا نورمحمد پٺاڻ، ۱۹ آگسٽ ۲۰۲۶ تي اسان کي اڪيلو ڪري ويو آھي. اهو شخص
اسان کان وڇڙي ويو. هاڻي سندس ياد ان شخص جي شاھدي ڏيندي رهندي. هو جسماني طور جدا
ٿي ويو آهي، پر ان جو ذڪر ڳچ وقت تائين ٿيندو رهندو. ھن رڳو زندگي نه گذاري، پر
پنهنجي ويجهو رهندڙ نوجوانن جي تربيت به ڪئي. هن جي وفات ڄڻ هڪ استاد جو وڇوڙو
آهي. جنھن ماڻهن پنهنجي زندگي ٻين لاءِ بامعني بڻائي ڇڏي هجي، ان جو موت به ٻين
لاءِ هڪ پيغام بڻجي ويندو آهي. آغا اڄ اسان جي وچ ۾ موجود ناهي، پر سندس ياد هميشه
رهندي.
وقت وڏن ماڻهن کي
اسان کان کسي وٺندو آهي، پر تاريخ انهن کي اسان کان ڪڏهن به کسي نه سگهندي آھي.
ماڻهو جو جسم مٽيءَ ۾ دفن ٿي وڃي ٿو، پر ڪردار کي ڪڏهن به موت نٿو اچي.
آغا نور محمد پٺاڻ ۱۵ اپريل ۱۹۵۵ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو آغا
دوست محمد پٺاڻ هو. آغا اسلامڪ ڪلچر ۽ اقتصاديات ۾ ڊبل ايم. اي ھو. سندس ادبي
حيثيت ڪهاڻيڪار، نقاد، ڪالم نگار ۽ مترجم واري هئي. ’پاڪستان جا صوفي شاعر‘،
’پنجاھہ چونڊ افسانا‘، ’سنڌ جا سماجي ۽ اقتصادي مسئلا‘، ’سنڌي ڇپيل ڪتابن جو پنج
ساله جائزو- ۱۹۸۵ع کان ۱۹۹۰ع، ۽ ۲۰۰۰- ۱۹۹۹ع تائين ڇپيل ادبي رسالن تي تبصرو‘، ’سنڌي لوڪ ادب‘، ٺٽي ضلعي جا چونڊ
شاعر‘ جهڙن ڪتابن جو مصنف هو. اڪادمي ادبيات جي پليٽفارم تان ۱۹۹۰ع کان ۲۰۰۹ع تائين سوين ادبي پروگرام، سيمينار،
مشاعرا، ادبي ڪچهريون، ڪتابن جون مهورتون، اديبن سان رهاڻيون ۽ شامون، ادبي
ڪانفرنسون ڪرايائين. ۱۹۹۹ع ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي اديبن کي هول پاڪستان ٽوئر ڪرايائين. ۲۰۰۹ع پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جي نامور اديبن کي
سنڌ جو ۽ سنڌ جي ادبي ادارن جو دورو ڪرايائين . ۵۷ ملڪن جي اديبن جي وفدن جي پنھنجي اداري
پاران آجيان ۽ ميزباني ڪيائين . ڪراچيءَ ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ، سنڌي ادبي سنگت،
ثقافت کاتي ۽ ٻين سنڌي ۽ اردو زبان جي ادبي ادارن جي سهڪار سان اڪثر پروگرام
ڪرائيندو رهيو.
آغا نور محمد پٺاڻ
خدمت خلق واري جذبي تحت سنڌ ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ اسڪول لائيبريريون قائم
ڪيون. موبائل، انٽرنيٽ ۽ ٻيون اليڪٽرانڪ ميڊيا شيون وجود ۾ اچڻ کان پوءِ
لائيبريريون قائم ڪرڻ وارو لاڙو خطري ۾ پئجي ويو ھو ۽ ماڻهو صرف موبائلن ذريعي
پڙهڻ تائين محدود ٿي ويا ھا، باقي ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ مطالعي واري عادت ڏينهون
ڏينهن ختم ٿي رهي هئي . پر آغا نور محمد پٺاڻ پڙهڻ ۽ مطالعو ڪرڻ واري عمل کي وسعت
ڏيڻ لاءِ مختلف اسڪولن ۾ لائيبريريون قائم ڪري هڪ وڏو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو.
دنيا جي سڌريل ملڪن
جا ماڻهو ڪتابن جو مطالعو ڪري پنهنجي علمي صلاحيت کي وڌائي پنهنجي ملڪ جي معيشت کي
ترقي وٺرائي رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اوڀر وارا ملڪ هجن يا اولهه وارا، ترقي
يافته ملڪن جي يونيورسٽين ۾ مطالعو ڪرڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن. مطالعي يا علمي ڄاڻ
کي وڌائڻ لاءِ جيڪو مطالعو ڪيو وڃي ٿو ان کي عام ٻولي ۾ تحقيق چوندا آهن اها تحقيق
فقط لائيبريرين ۾ بهتر نموني ڪري سگهجي ٿي
.
آغا نور محمد پٺاڻ
انڊس ڪاٽيج لائبرريز ذريعي علم جي لاٽ ٻاري نه رڳو سنڌ ۾ پر سڄي پاڪستان جي سرڪاري
توڙي غير سرڪاري اسڪولن ۾ وڃي اتي لائبريريون قائم ڪري گذريل ڪيترن ڏھاڪن کان
لاڳيتو متحرڪ رهيو. انهن لائبريرين ۾ وڃي شاگردن جون مطالعي واريون سرگرميون پڻ
ڏسندو ھو. ضعيف انسان نوجوانن وانگر ڦڙتي سان ميدان ۾ لهي ڪم ڪندو ھو. هن جي چپن
تي هڪ مرڪ، دلي سڪون ۽ اطمينان هوندو ھو هن جو نيڪ جذبو هن کي اتسائيندو رهندو ھو.
نوجوانن توڙي هر عمر جي انسان جي تعليمي وسعت وڌائڻ لاءِ جستجو ۾ لڳل رهندو ھو،
طبيعت جي لحاظ کان آغا نور محمد نهايت سنجيده ۽ عملي ڪم ڪرڻ وارو سماجي هڏ ڏوکي
انسان ھو.
(ڏھاڙي دي
ايشيان ڪراچيءَ ۾ ۲۰ آگسٽ ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
آغا نور محمد پٺاڻ
علمي ۽ فڪري باب جي
پڄاڻي
طارق عزيز شيخ
سنڌ جي ادبي ۽ علمي
تاريخ ۾ ڪي شخصيتون اهڙيون به گذريون آهن، جن جي سڃاڻپ ڪنهن هڪ ڪتاب، عهدي يا ادبي
صنف تائين محدود نٿي رهي. انهن جو فڪري سفر ڪيترن ئي شعبن کي ڇهندو آهي ۽ سندن ڪم
جو اثر پنهنجي زماني کان اڳتي وڌي، ايندڙ نسلن تائين پهچندو آهي. آغا نور محمد
پٺاڻ به اهڙي ئي گهڻ پاسائين شخصيت هو، جنهن ادب، تحقيق، ثقافت، علمي سرگرمين ۽
مطالعي جي واڌاري لاءِ پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو وقف ڪيو. ھن پاڻ پڏائڻ بدران
عملي طور تي شعوري سلسلو اُجاگر ڪري ڏيکاريو.
۱۵اپريل ۱۹۵۵ع
تي شڪارپور ۾ جنم وٺندڙ آغا نور محمد پٺاڻ پنهنجي علمي ۽ ادبي سفر دوران افسانه
نگار، محقق، مترجم، نقاد ۽ مضمون نگار جي حيثيت ۾ پاڻ کي مڃرايو. آغا صاحب جي علمي
دلچسپين جو دائرو وسيع هو، ھن تعليمي طور تي ايم اي جون ٻه ڊگريون اسلامي تاريخ ۽
اقتصاديات ۾ حاصل ڪيون پر هن صوفي فڪر، سنڌي ادب، سماجي مسئلن، لوڪ ادب، تاريخ ۽
ثقافت بابت لکيو ۽ ترجمو ڪيو. ”پاڪستان جا صوفي شاعر“، ”پنجاهه چونڊ افسانا“، ”سنڌ
جا سماجي ۽ اقتصادي مسئلا“، ”سنڌي ڇپيل ڪتابن جو جائزو“، ”ٺٽي ضلعي جا چونڊ شاعر“
۽ ٻين موضوعن تي سندس ڪم سندس علمي دلچسپين جي وسعت جو پتو ڏئي ٿو. ٻه سؤ کان وڌيڪ
مضمونن وسيلي هن پنهنجي دور جي اهم سماجي ۽ فڪري سوالن تي به قلم کنيو.
پاڪستان اڪيڊمي آف
ليٽرس سان سندس ڊگهي وابستگي سندس علمي ۽ ادبي سفر جو اهم باب آهي. سنڌ ۾ رزيڊنٽ
ڊائريڪٽر ۽ بعد ۾ اسلام آباد ۾ ڊائريڪٽر طور ذميواريون نڀائيندي هن ادبي سرگرمين
جي تنظيم ۽ واڌاري لاءِ ڪم ڪيو. سندس آفيس رڳو انتظامي معاملن تائين محدود نه رهي،
پر اديبن، شاعرن ۽ دانشورن سان رابطن ۽ ادبي سرگرمين جو هڪ مرڪز پڻ بڻجي رهي.
آغا صاحب پنھنجي
اڪادمي ادبيات جي دؤر ۾ ۱۹۹۰ع کان ۲۰۰۹ع تائين سوين علمي ادبي پروگرام، سيمينار،
مشاعرا، ادبي ويھڪون، اديبن جون ورسيون، ڪتابن جي رونمائي، اديبن سان رهاڻيون ۽
ادبي ڪانفرنسون ڪرايون. صحافت ۽ ادارت جي ميدان ۾ به آغا نور محمد پٺاڻ جو پنهنجو
حصو رهيو. حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي ”شاگرد“ ۽ ٻين ادبي رسالن سان
سندس وابستگي رهي. ادبي ادارن سان لاڳاپيل رهندي هن سنڌ جي اديبن، شاعرن، محققن ۽
دانشورن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍڻ ۽ ادبي سرگرمين کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.
آغا نور محمد پٺاڻ
جي شخصيت جو هڪ اهم پاسو سنڌ جي لوڪ ادب ۽ سگهڙن سان سندس گهرو تعلق هو. سنڌ جي
سگهڙن کي منظم ڪرڻ، سندن علم ۽ ڏاهپ کي ادبي سڃاڻپ ڏيڻ ۽ لوڪ ادب جي اهميت کي
اجاگر ڪرڻ لاءِ هن اهم ڪردار ادا ڪيو. سگهڙن جي تنظيم سنڌ سگھڙ لوڪ ادب تنظيم
’سلات‘ جي قيام سان به سندس نالو لاڳاپيل رهيو. سنڌي سماج ۾ سگهڙ رڳو لوڪ شاعري يا
روايتي ڪچهريءَ جو حصو نه آهن، پر اهي صدين جي اجتماعي تجربن، ڏاهپ، مشاهدي ۽
زباني علم جا امين پڻ آهن. آغا صاحب انهيءَ ڳالهه کي محسوس ڪيو ۽ سگهڙن جي علم کي
منظم صورت ۾ اڳيان آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس اها ڪوشش سنڌ جي لوڪ دانش کي محفوظ ڪرڻ
واري وڏي ڪم جو حصو هئي.
آغا نور محمد پٺاڻ
جي فڪري زندگيءَ جو سڀ کان نمايان پاسو شايد مطالعي جي ثقافت کي عام ڪرڻ هو. هن
لاءِ ڪتاب رڳو پڙهيل لکيل ماڻهن جي دلچسپيءَ جي شيءِ نه هئا. سندس نظر ۾ ڪتاب سماج
جي ذهني تربيت جو اهم ذريعو هئا ۽ لائبريري علم تائين پهچ جو بنيادي دروازو. ان ڪري
هن اسڪولن، ڳوٺن ۽ انهن علائقن ۾ لائبريرين جي قيام تي خاص ڌيان ڏنو، جتي ٻارن ۽
نوجوانن لاءِ ڪتابن تائين رسائي محدود هئي.
رٽائرمينٽ کان پوءِ
به هن پنهنجي علمي سرگرمين کي محدود نه ڪيو. ان جي ابتڙ، مطالعي ۽ لائبريرين جي ڪم
سان وڌيڪ گهرو لاڳاپو پيدا ٿيو. آغا صاحب انڊس ڪاٽيج لائبريرين ذريعي علم جي لاٽ
ٻاري نه رڳو سنڌ ۾ پر سڄي پاڪستان جي سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسڪولن ۾ وڃي اتي لائبريريون
قائم ڪيون، جن جو تعداد ڇھه سؤ کان ست سؤ بڻجي ٿو. لائبريرين جي قيام، ڪتابن جي
فراهمي ۽ نوجوانن ۾ پڙهڻ جي عادت پيدا ڪرڻ لاءِ هن علم دوست ماڻهن کي متحرڪ ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي.
هن سوچ جي اهميت اڄ
جي دور ۾ وڌيڪ محسوس ٿئي ٿي. ڊجيٽل دنيا معلومات تائين رسائي ته آسان بڻائي ڇڏي
آهي، پر گهري مطالعي، ڪتاب سان ڊگهي وابستگي ۽ فڪري تربيت جو عمل ساڳئي رفتار سان
اڳتي نه وڌي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ قائم ٿيندڙ لائبريري به وڏي
سماجي تبديليءَ جو نقطه آغاز بڻجي سگهي ٿي. آغا صاحب شعوري جاڳرتا جي مهم ۾ سنڌ جي
مختلف شهرن ۾ لائبريريون قائم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو، ڇاڪاڻ ته موبائل انٽرنيٽ ۽
ٻيون اليڪٽرانڪ ميڊيا جهڙيون شيون وجود ۾ اچڻ کان پوءِ لائبريريون ويران ٿيڻ لڳي
ويون آهن، انھن جو وجود خطري ۾ پئجي ويو آھي ۽ ماڻهو صرف اخبارن پڙهڻ تائين محدود
ٿي ويا آھن، ھاڻي ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ واري عادت به ماڻھن ۾ ڏينهون ڏينهن ختم ٿي رهي آهي.
آغا نور محمد پٺاڻ
لائبريريءَ کي ڪتابن جي عمارت بدران فڪر جي جاءِ طور ڏٺو. سندس تصور ۾ لائبريري
اهڙي جاءِ هئي، جتي ٻار نصاب کان ٻاهر جي دنيا سان واقف ٿين، نوجوان سوال ڪرڻ سکن،
مختلف خيالن کي پڙهن ۽ پنهنجي سماج، تاريخ ۽ ثقافت کي نئين نظر سان سمجهن.
سندس علم دوستيءَ
جو هڪ ٻيو اهم پاسو اهو هو ته هن سنڌ جي علمي ۽ ثقافتي ورثي کي ايندڙ نسل سان ڳنڍڻ
تي زور ڏنو. سندس لکڻين ۾ سنڌ جي سماجي ۽ ثقافتي مسئلن جو ذڪر هجي يا صوفي شاعرن ۽
لوڪ ادب بابت تحقيق، هر جاءِ تي ماضي کي محفوظ ڪرڻ سان گڏ مستقبل جي نسل لاءِ ان
مان معنيٰ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش نظر اچي ٿي. اهڙيءَ طرح سندس فڪري سفر جا ٻه اهم پاسا
سامهون اچن ٿا: هڪ طرف سنڌ جي ادبي، تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي لکڻين ۽ تحقيق وسيلي
محفوظ ڪرڻ ۽ ٻي طرف ان علمي ورثي کي لائبريرين، مطالعي ۽ علمي سرگرمين وسيلي نئين
نسل تائين پهچائڻ.
آغا نور محمد پٺاڻ
جو تعلق سنڌ جي ان فڪري روايت سان هو، جنهن ۾ ادب کي زندگيءَ کان الڳ نه سمجهيو
ويندو آهي. ادب سندس لاءِ رڳو جمالياتي اظهار نه، پر سماج کي سمجهڻ، سوال اٿارڻ ۽
انسان جي فڪري تربيت جو ذريعو پڻ هو. ان ڪري سندس لکڻين ۾ سماج، ثقافت، معيشت،
سياست ۽ انساني زندگيءَ جا مختلف پاسا هڪ ٻئي سان ڳنڍيل نظر اچن ٿا. هو انهن ماڻهن
مان هو، جن سنڌ سان محبت کي رڳو جذباتي اظهار تائين محدود نه رکيو. سنڌ جي اديبن،
سگهڙن، شاگردن ۽ پڙهندڙن سان لاڳاپيل علمي سرگرمين کي اڳتي وڌائڻ سندس عملي ڪم جو
حصو رهيو. اسلام آباد جهڙي شهر ۾ رهندي به سنڌ جي مسئلن، ادب ۽ ثقافت سان سندس
وابستگي برقرار رهي.
آغا نور محمد پٺاڻ
جي زندگيءَ کي ڏسجي ته محسوس ٿئي ٿو ته هن علم کي پنهنجي ذات تائين محدود رکڻ
بدران ان کي ورهائڻ کي ترجيح ڏني. هن لکيو، تحقيق ڪئي، ترجما ڪيا، ادبي ادارن ۾ ڪم
ڪيو، سگهڙن کي منظم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ لائبريرين وسيلي ڪتابن کي انهن ماڻهن
تائين پهچائڻ جي جستجو ڪئي، جن لاءِ ڪتاب شايد اڃا تائين هڪ خواب هئا. اڄ جڏهن سنڌ
جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ اسڪولن ۾ لائبريرين جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي، تڏهن آغا نور محمد
پٺاڻ جي مطالعي واري فڪر کي رڳو سندس ذاتي دلچسپي سمجهڻ مناسب نه ٿيندو. اها دراصل
هڪ اهڙي سماجي سوچ هئي، جنهن جو مقصد پڙهيل نسل پيدا ڪرڻ کان به اڳتي وڌي سوچيندڙ
نسل پيدا ڪرڻ هو. آغا صاحب جو ڇڏيل ورثو سندس ڪتابن تائين محدود ناهي. اهو انهن
لائبريرين ۾ موجود آهي، جتي ٻار ڪتاب کولين ٿا، انهن پڙهندڙن ۾ موجود آهي، جيڪي
مطالعي کي زندگيءَ جو حصو بڻائين ٿا، سنڌ جي سگهڙن جي ان روايت ۾ موجود آهي، جنهن
کي هن سڃاڻپ ڏيڻ لاءِ ڪوشش ڪئي؛ ۽ انهن علم دوست ماڻهن ۾ موجود آهي، جن کي هن ڪتاب
۽ مطالعي جي اهميت جو احساس ڏياريو.
۱۹آگسٽ ۲۰۲۶ع
تي اسلام آباد ۾ آغا نورمحمد پٺاڻ جو 71 ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ٿيو، جيڪا علمي
ادبي حلقن لاءِ ڏکوئيندڙ خبر ھئي. آغا صاحب کي ڪجھه عرصي کان وٺي جيري جي تڪليف
ھئي، جنھن جو علاج ھلندڙ ھو پر آخرڪار ڊاڪٽرن جواب ڏئي ڇڏيو. سندن وڇوڙي سان سنڌ
پنهنجي هڪ علم دوست، ادب پرور شخصيت کان محروم ٿي وئي. آغا صاحب جي تدفين اسلام
آباد جي بارہ ڪھو مري روڊ واري قبرستان ۾ ڪئي وئي. سندن جنازي نماز اڳوڻي سينيٽر
سراج الحق پڙھائي. آغا صاحب سال ۲۰۱۵ع کان اسلام آباد ۾ پنھنجي مستقل رهائش اختيار
ڪري ورتي ھئي، سندن اولاد ۾ ھڪ نياڻي آھي.
ڪنهن به علم دوست
انسان لاءِ ان کان وڏي ڪاميابي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته سندس وڃڻ کان پوءِ به ڪتاب
پڙهيا وڃن، لائبريريون آباد رهن ۽ سندس مشن جاري رھي جيڪو نئين نسل جي ذهني تربيت
ڪري. علم ۽ ادب سان لاڳاپيل شخصيتن جو ورثو سندن جسماني موجودگيءَ سان ختم نه
ٿيندو آهي. سندن ڪتاب، لکڻيون ۽ قائم ڪيل ادارا کين ھميشه زنده رکندا آهن. آغا
نورمحمد پٺاڻ کي به ائين ئي ياد رکيو ويندو.
(پندرنهن وار
افيئر مئگزين ڪراچيءَ جي ۱۴ سيپٽمبر ۲۰۲۶ع واري پرچي ۾ ڇپيل)

No comments:
راءِ ڏيندا