; سنڌي شخصيتون: آغا نور محمد پٺاڻ - استاد لغاري

06 July, 2019

آغا نور محمد پٺاڻ - استاد لغاري


آغا نور محمد پٺاڻ
علم و ادب جو عاشق
استاد لغاري
آغا نور محمد ولد آغا دوست محمد پٺاڻ، ۱۵ اپريل ۱۹۵۵ع تي، شڪارپور شهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪيائين. اعليٰ تعليم جي سلسلي ۾، اسلامي ڪلچر ۽ اقتصاديات ۾ ڊبل ايم اي ڪيل اٿس. پاڻ علم و ادب ۾ ڪهاڻيڪار، نقاد ۽ ترجمه نگار جي حيثيت ۾ وڏو مقام رکن ٿا. هن وقت تائين جيڪي ڪتاب لکيا اٿس، انهن ۾، “پنجاھ چونڊ افسانا”، “سنڌ جا سماجي ۽ اقتصادي مسئلا”، “پاڪستان جا صوفي شاعر”، “سنڌي ڇپيل ڪتابن جو پنج سالا جائزو”، “ڇپيل ادبي رسالن تي تبصرو”، “سنڌي لوڪ ادب”، “ٺٽي ضلعي جا چونڊ شاعر” وغيره شامل آهن.


عملي طور سڀ کان پهريان، اڪادمي ادبيات پاڪستان ڪراچيءَ ۾، ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر جي عهدي تي ڪم ڪيائون ۽ اڪادمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد جا ڊائريڪٽر به ٿي رهيا آهن. جتان کان سال ۲۰۱۵ع ۾، باقاعده رٽائر ٿيا. اڪادمي ادبيات پاڪستان جي پليٽ فارم تان، سوين علمي ۽ ادبي پروگرام، سيمينار، مشاعرا، ادبي نشستون، ڪچهريون، ڪتابن جون مهورتون، اديبن سان رهاڻيون، شامون ۽ ادبي ڪانفرنسون پڻ ڪرائي چڪا آهن. ملڪ جي ڪيترن ئي نامور عالمن ۽ اديبن کي، بين الصوبائي دورا ڪرايا اٿس. دنيا جي ۵۷ ملڪن جي اديبن کي، پنهنجي اداري پاران آجياڻا به ڏيئي چڪو آهي. هن وقت انڊس ڪاٽيج لائيبريريز نيٽورڪ پاڪستان اسلام آباد ۾، چيئرمين جي عهدي تي، والنٽيئرلي ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪو هڪ ساراهڻ جوڳو عمل آهي.

(ڊيلي جيجل ۽ هلال پاڪستان اربع ۰۳ جولائي ۲۰۱۹ ع جي ٿورن سان.)

No comments:

راءِ ڏيندا