; سنڌي شخصيتون: جمن ڊي بلوچ - مٺل جسڪاڻي

11 July, 2019

جمن ڊي بلوچ - مٺل جسڪاڻي


جمن ڊي بلوچ
رھي جمن ڪٿي به محبت ناھي
مٺل جسڪاڻي
شاعري ۾ رڌم يا لئي يعني موسيقيت جي لاءِ بحر ۽ وزن جي اهميت کان انڪار ڪونهي. شاعري ۾ جمالياتي حُسن به تمام گهڻي اهميت جو حامل آهي. شاعر جو جيترو مطالعو ۽ مشاهدو هوندو، کيس جيتري فني ڄاڻ هوندي، سندس شاعري جي اڏام به ان نسبت سان ئي بيهندي.


شاعري ۾، تخليق ۾ اوچي اڏام ماڻڻ جا خواھشمند، شاعري ۾ شاعري جو حسن چاھڻ جا خواھشمند، نوان استعارا، اصطلاح ۽ تشبيھون سرجڻ جا خواھشمند، شاعري ۾ جمالياتي حسن ۽ ان جي ڇانءُ ۾ منفرد تخليقن جا خواھشمند، ڀلي ته پنھنجي پر ۾ تمام وڏا ۽ برجستا شاعر ڇو نه ھجن، پر جيڪڏھن انھن جي شاعري ۾ معاشري جون موجودہ اوڻايون پوڻايون ۽ عيب ثواب شامل نه آھن، سڌاري ۽ واڌاري جون صلاحون، ڏس پتا يا آسون اميدون نه آهن، ته ھو پنھنجي ۽ پنھنجي شاعري لاءِ پاڻ ئي بھتر راءِ قائم ڪن.
ھونئن به منھنجو موضوع نه ته ڪو مقبول شاعر آھي ۽ نه ئي ان جي شاعري، پر منھنجو موضوع ھڪ اھڙو عام شخص آھي، جيڪو خاص ٿيڻ جي ڊوڙ نه ڊوڙيو، جيڪو ڏٺائين، جيڪو ٻُڌائين ۽ جيئن محسوس ڪيائين، پنھنجي ڪچي ڦڪي ٻولي ۾ قلمبند ڪيائين.
جمن ڊي بلوچ پيشي جي لحاظ کان استاد هو. تعليم سان واڳيل هجڻ ڪري، هن تعليم کي موضوع بڻائي لکيو يا تعليم جي اهميت ۽ ضرورت کي محسوس ڪندي، کانئس تعليمي صورتحال پاڻمرادو لکرايو، پر هن لکيو، ته مون ڪڏهن سندس واتان ٻڌو، ته ڪڏهن سندس فيس بوڪ اڪائونٽ مان پڙهيو. هڪ چوسٽي ۾ لکي ٿو:
علم جي اڄڪلھ ساڳي ڪٿي اوج آھي،
رڳو هر هنڌ هلندي ڪاپي جي موج آھي،
ڏسي به لکي نٿا سگهن ٿيندا سي آفيسر،
رڳو پاس ٿين والدين جي اها سوچ آھي.
ساڳئي موضوع سان گڏوگڏ روايتي لوڪ ڏاهپ جي حوالي سان هڪ ٻئي چوسٽي ۾ لکي ٿو:
علم جي اها اوج ڪٿي آھي،
مهراڻ ۾ سا موج ڪٿي آھي،
جيڪي پير ڏسي پرکيندا هئا،
سا ماڻھن ۾ کوج ڪٿي آھي.
پاڻ جمن ڊي بلوچ کي مزاحمتي شاعر مڃون يا نه مڃون، سندس صحت تي، سندس حياتي ۾ به ڪو فرق نه پيو، هاڻ ته پاڻ سان گڏ به ڪونهي! امتحانن ۾ ڪاپي جي حوالي سان لکيائين، اوهان پڙهي، ٻُڌي فيصلو ڪريو ته مزاحمتي شاعري ڇا کي چئبو آهي. سندس هڪ شعر آهي:
جي استاد ڪرائين ٿا ڪاپي،
سي معاشري ۾ وڏا آھن پاپي.
امتحان جي ئي حوالي سان سندس هي سٽون به عرض ڪبيون:
امتحان شروع ڪلاس آھن ڀريل،
اسڪول اهي به آيا جي هئا کريل،
پاس ٿيڻ ته ڪومسئلو ئي ناهي،
ٻاهر هجي ڪو تاريخ وارو بيهاريل.
حالتون ۽ واقعا ئي لکرائيندا آهن. جمن ڊي بلوچ ڪنهن ته سبب جي ڪري هي سٽون لکيون:
جت منشي وڏيرن جا استاد آھن،
سي قومون بلڪل برباد آھن،
جن جي نظر آ پگهار تي فقط،
تن جا شاگرد ڪهڙا آفيسراسلام آباد آھن؟
سياري اونهاري جون موڪلون ٿينديون آهن، اهي موڪلون بحث جو موضوع بڻبيون آهن. جمن ڊي بلوچ لکي ٿو:
حال حڪومت کي به هر ڪنهن جو ڏسڻ گهرجي،
سامهون ڏسي سردي کي ڪجهه ته سوچڻ گهرجي،
استاد ۽ شاگرد به ويچارا آخر انسان آھن اي جمن،
سردي جي موڪل کين بنا ديراڳواٽ ڪرڻ گهرجي.
يا وري گرمي جي حوالي سان لکيائين:
ملي گرمي جي وئي موڪل آھي،
گهمڻ لئي دل منهنجي ٿي چاهي،
مگر وڃجي ڪھڙي پاسي نڪري،
رهي جمن ڪٿي به محبت ناهي.
استاد تنظيمن پاران استادن جا مطالبا مڃرائڻ لاءِ ٿيندڙ ڪوششن جي نتيجي ۾ ساڻن حڪومت جي ورتاءُ جون خبرون پوڻ تي لکيائين:
هن دور جون ملازمن سان ڪيل جٺيون، سدا ياد رهنديون،
پوليس هٿان استادن کي ھڻايل لٺيون، سدا ياد رهنديون،
حق پنهنجو گهرڻ به هت لڳي ٿو وڏو ڏوھ آھي جمن،
جنهن لاء هنن ايتريون تڪليفون سٺيون، سدا ياد رهنديون.
عام ماڻهن سميت اڪثر شاعرن سندن استادن لاءِ جيڪي ٽئونر ٽُڪيا، کين جيڪا ڀيٽا ڏني آهي، ان جو مطالعو ڪندڙن ۽ ڪچهريون توڙي بحث ڪندڙن ۽ ٻُڌندڙن کان وڌيڪ ڪنهن کي اندازو هوندو؟ جمن ڊي بلوچ هڪ دفعي فيس بوڪ تي لکيو ”منهنجو پهرئين کان پنجين ڪلاس تائين استاد مرحوم حاجي الھ بخش رستماڻي هو، منهنجي پياري استاد جي نانءِ“:
اڄ موجود مون وٽ منهنجو استاد ناهي،
پڙھايل سائين تنهنجو اکر به اکر ياد آھي،
ڀل ته ڪير پاڻ کي ڪيڏو وڏو سمجهي،
هن جي ئي دعائن سان زندگي شاد آھي.
عام ماحول جي نسبت سان لکيائين:
ڏس زماني ۾ قرب ڪيڏو نه گهٽجي ويو آ،
اڄ جو انسان به هڪ ٻئي کان مٽجي ويو آ،
اڳ پيار ملندو هو سڪ مان جمن سڏي،
ساڳيو پيار آ پر اندر اسان جو ڪٽجي ويو آ.
ياري دوستي، سنگت ساٿ، هر ڪنهن جي مجبوري، هر هڪ لاءِ ضروري. پراڻي ۽ نئين دور جي ياري دوستي جون گهڻيون ئي ڳالهيون ٻڌيون ۽ پڙهيون. جمن ڊي بلوچ جون هي سٽون ڪنهن پڙهيون نه پڙهيون، حاضر آهن:
دنيا اندر دوستن ۾ آ گهڻي ڪاهي پئي ڪپت،
ھيڪاندي هلي پئي هر هنڌ کوٽن سندي کپت،
مشڪل سان ملندي ڪٿي ڪا ئي وڃي محبت،
سوچي رک تون سنگت جڳ ۾ ٿو جمن چوي.
جمن ڊي بلوچ جون سٽون آهن:
اڄ جي سنگت ٿي ويئي آ اهڙي ڇا ڪجي؟
هن ملڪ جي سياست آ جهڙي ڇا ڪجي؟
سچ ٻڌڻ ٻڌائڻ لاء ڪو تيار ئي ناهي جمن،
جڳ جي حالت ٿي وئي آ ڪهڙي ڇا ڪجي؟
جمن ڊي بلوچ ٿر تي مورو به لکيو ۽ هي سٽون به لکيائين:
وٺو ڪينڪي آھي هيل هت ٿر،
لڳو چئو طرف پيو آھي ڏڪر،
مرن بک پيا ماڻهو ۽ جانور جت،
ڪري ڪونه پيو ڪو سندس واهر.
شاعر وٽ اهڙا احساس هجڻ گهرجن، جيڪي جمن ڊي بلوچ وٽ به هئا. هُن جي پنهنجي ڏسڻ واري اک هئي، هن جو پنهنجو تقابلي جائزي ۽ ان جي بيان جو انداز هو. سندس ڪجهه شعر آهن:
مونکي اچي ياد ڏاڍو ٿو ماضي جو زمانو،
هوندو هو هر ماڻھو وٽ محبت جو خزانو،
هر هنڌ ملندي هئي محبت جمن عام جام،
هاڻي هر هڪ واتان ٻڌون ٿا ڪوڙو فسانو.
***
انسانيت وئي الائي هتان ڪيڏانهن لڏي،
وحشت ويئي آ هو هت اسان وٽ ڇڏي،
انسان ڪري ڪم ڪهڙا پيو ڏس جمن،
افسوس حيوان به هت ٿو انسان سڏي.
***
جڏھن ڌن دنيا ۾ ھوندو آ خاشو موچارو،
تڏھن سڀ سڏين ٿا آھي اسانجو پيارو،
ٿيندو حال هيڻو جڏھن آ جڳ ۾ جمن،
تيار ناهي هوندو ڏيڻ لاءِ ڪوئي سهارو.
جمن ڊي بلوچ جي ڪچي ڦڪي شاعري ۾ امُلهه سُلوڪ ۽ سُخن به ملن ٿا. هڪ هنڌ لکي ٿو:
جنهن کي جيترو دل سان چاهيندين،
سڀني کان وڌيڪ کيس تون ڀائيندين،
دوست ڦري سو جلد دشمن ٿيندو جمن،
ساري عمر پيو پوءِ ان تي پچتائيندين.
***
زماني ۾ اڄڪلهه جيڪا محبت ڏسين ٿو،
ڪرڻ پيار وارن جي جا حالت ڏسين ٿو،
رڳو زور زر جي تي هلي جمن دوستي پئي،
سچي ڪائي نه هت ڪا سنگت ڏسين ٿو.
***
مرڪون ڏسي منهن تي متان سمجهين سچ،
هوندو سچو ڪو ڪو باقي سڀ ڪوڙ ۽ ڪچ.
***
چون ٿا ته پنهنجا ڏاڍا پيارا هوندا آھن،
مگر سي سڀ کان وڌيڪ مارا هوندا آھن،
خبر سڀ هوندي آ پنهنجن کي هرڳالهه جي،
اهي ئي دشمن وڌيڪ سگهارا هوندا آھن.
***
وفا رهي ناهي جڳ ۾ سا ڳولڻ آ اجائي،
ڪٿان ذرو ڪا نه ملندي گهرڻ سان جائي،
وڍي وڻ ڇڏيا ماڻھن سڀ وفا جا جمن،
ڇڏي ڪا نه اٿن تن جي هت نشاني ڪائي.
پاڻ هڪ ٻئي لاءِ توڙي جمن ڊي بلوچ لاءِ ڀلي ته سچ ئي چوندا هجون، پر اهڙو سچ ڪهڙو، جنهن لاءِ جمن چيو:
چوڻ سچ ٻئي کي لڳي ٿو سکيو،
ٻڌڻ سچ ٻئي جو لڳي ٿو ڏکيو،
مڃي ڪو نٿو ڪنهنجي ڳالھ ڪا،
جمن جڳ ۾ آ گهڻن کي هت پرکيو.
جمن ڊي بلوچ جي هن تجربي، هن مشاهدي کان ڪيئن ٿو انڪار ڪري سگهجي؟
موبائيل ۽َ مين پڙي جو پيو آ ميل جول تي وڏو اثر،
جنهن سان ملڻ وڃ پڙي وات ۾ ۽ موبائيل ۾ نظر،
ڪچهري ڪرڻ کان هو لڳي ٿو جمن ڄڻ ته قاصر،
ڇو لنگهي وڃجي ان در جو مصروف سدا آ موبائيل ۾.
***
روز ڪئين ڪئين آھن ملندا ماڻھو،
تن مان ڪي ڪي آھن وڻندا ماڻھو،
سور به تن جا جمن سڀ سهڻا پوندا،
جيڪي هر وقت آھن گڏ ھلندا ماڻھو.
جمن ڊي بلوچ کي اسان جا دوست، شاعر هجڻ نه هجڻ يا سندس شاعري جي معيار جي نسبت سان به رايا ڏيندا رهيا. جڏهن ته خود جمن ڊي بلوچ کي ان جو احساس به هو. ان ڪري هن پاڻ کي به بخش نه ڪيو ۽ هڪ غزل ۾ لکيائين:
آڏا ابتا اسان شاعر آھيون،
جهڙا اندر تهڙا ٻاهر آھيون.

گيت غزل چئوسٽو لکون ٿا،
ايڏا ڪينڪي ماهر آھيون.

ناز نخرا ڪينڪي ٿا ڄاڻون،
هر ڪنهن سندا ڀائر آھيون.

دولاب دغا مان ڪونه ڄاڻون،
ڪوڙا اسين نه ڪانئر آھيون.

جڳ ۾ جمن سهڻن ستايلن جي،
ڪندا هر ممڪن واهر آهيون.
جمن ڊي بلوچ جي هڪ شڪايتي غزل ۾، صلاح به تمام سهڻي شامل آهي:
رشتا ائين ٽٽنڊا وڃن ٿا،
ويڇا ڇو وڌندا وڃن ٿا؟

پنهنجا ڀي ٿا پراوا لڳن،
دشمن به وڌندا وڃن ٿا!

وقت ڊوڙي تيز پيو ٿو،
وڻ پيار جا ڪرندا وڃن ٿا!

انسان اڄ ڪٿي بيٺل آھي؟
احساس انجا مرندا.وڃن ٿا!

پاليل پکي جي پيار سان،
سي آھستي اڏرندا وڃن ٿا!

آ جهان ۾ اڪيلو مشڪل رهڻ،
هرطرف جمن حملا ٿيندا وڃن ٿا!
ٽنڊو الهه يار ۾ احمد سولنگي جي صدارت ۾ ٿيل روحل ڪالرو سان رهاڻ ۽ مشاعري واري تقريب ۾ جمن ڊي بلوچ ”کان يار بچجانءِ“ جي رديف يا شايد وراڻي سان، جنهن به يار يا جن به يارن کي صلاحون ڏنيون هيون، انهن صلاحن تي ڪنهن يار يا ڪن يارن عمل ڪيو يا نه پر، اهي صلاحون به ڪم جون هيون.
جمن ڊي بلوچ، پنهنجن سان احتجاج به ڪندو هو، ان جو هو اظهار به ڪندو هو. هڪ هنڌ لکي ٿو:
ملين ڇو مون سان پيو اهڙو،
هجان تولاء غير آئون جهڙو،
خطا جيڪا ٿي سا مونکي ٻڌاءِ،
ڪيو تنهنجو ڏوھ جمن آَ ڪهڙو؟
آئون سندس لاءِ سندس ئي هنن سٽن سان سهمت آهيان:
ڪرڻ پيار مونکي هرگز ناهي ذرا ايندو،
ٻڌاءِ کڻي ڪو اڄڪلھ ڪيئن آھ ٿيندو،
صفا سادو سودو انسان ھي آهي جمن،
کلي جو ڳالھائي ان جو آھي ٿي ويندو.
شاعري جي عالمي ڏينهن تي کانئس سندس راءِ معلوم ڪرڻ تي استاد ۽ شاعر سائين جمن ڊي بلوچ وراڻيو ”شاعر به هن معاشري جو هڪ فرد آھي پر هو دنيا جي ڏکن سورن کي دل سان محسوس ڪري کين لفظن جي صورت ۾ عوام آڏو پيش ڪري پنهنجي اندر جو بار هلڪو ڪري ٿو.“
جمن ڊي بلوچ ڀلي ته گھڻ پڙھيو ۽ گھڻ گھميو نه ھو، ھُو ڀلي ته ڪو وڏو شاعر، وڏو اديب، نالي وارو، ناميارو نه ھو، پر ڇا اھو ڪافي ناھي ته جمن ڊي بلوچ مشھور ۽ معروف شاعرن جي نظر انداز ڪيل موضوعن جو پرچارڪ ھو.

(هفتيوار ادبي صفحو ”تخليقڪار“، ترتيب: واحد پارس هيسباڻي، روزاني عبرت حيدرآباد، اربح ۱۰ جولاءِ ۲۰۱۹ع)

No comments:

راءِ ڏيندا