; سنڌي شخصيتون: مشڪور ڦلڪارو

13 July, 2019

مشڪور ڦلڪارو


مشڪور ڦلڪارو
هڪ آدرشي انسان
استاد لغاري


محمد بخش (مشڪور ڦلڪارو) ولد شير محمد خان جو جنم ۰۳ اپريل ۱۹۵۵ع تي، ڳوٺ صوفي آباد، تعلقي ماتلي، ضلعي بدين ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين ۽ مئٽرڪ جو امتحان سال ۱۹۷۲ع ۾، گورنمنٽ هاءِ اسڪول رپ شريف ۾ ڏيئي ڪاميابي ماڻيائين. هي سنڌ جو عظيم اسڪالر، محقق ۽ آدرشي انسان، هن وقت ٽنڊي محمد خان جي شهر ۾ رهائش پذير آهي. هن جو والد صاحب بنيادي طور هڪ مسڪين هر هاريءَ هيو. جنهن جي ڪري مشڪور صاحب پنهنجي مدد پاڻ تحت، ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏسي، همت ڪري، ايم اي، ايل ايل بي تائين پڙهي ويو. نوڪريءَ جي تلاش ڪندي، سڀ کان پهريان خانداني منصوبه بندي کاتي ۾ فيلڊ موٽيويٽر مقرر ٿيو. ان بعد هڪ انٽرويو ۾ ڪاميابي حاصل ڪري، پرائمري استاد طور خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪيائين. ايئن هو مختلف عهدن ۽ نوڪرين تي رهندي، عمر جا ۶۰ سال پورا ٿيڻ بعد، ۰۳ اپريل ۲۰۱۵ع تي باقاعده سرڪاري سروس تان ريٽائر ٿيو. سروس دوران پنهنجي پڙهائي به جاري رکندو آيو ۽ علمي ۽ ادبي کيتر ۾ شاعر، محقق ۽ بهترين اسٽيج ڪمپيئر طور به پنهنجي پاڻ کي مڃايائين. شاھ جي رسالي ۽ شيخ اياز جي مزاحمتي شاعريءَ کي، پنهنجي پسنديده موضوعن ۾ شامل ڪيائين. اسٽيج تي اچي چوندو هيو “باغي آهيان، باغي آهيان، تنهنجو آئون سماج! تو سان وڙهندي رهندي منهنجي هر هڪ رت ڦڙي”. ته پنڊال ۾ ويٺل هزارين ماڻهو، تاڙين جي گونجار ۾، کيس ڀرپور داد ڏيندا هئا.


ادبي کيتر ۾ عملي طور پير پائڻ مهل، سڀ کان پهريان شاعري ڪيائين. جيڪا سنڌ جي سمورين سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي. ان کان علاوه تحقيقي ڪالم به لکڻ شروع ڪيائين ۽ ريڊيو پروگرامن ۾ به حصو وٺندو رهيو. هن وقت تائين هن جا جيڪي چار مستند ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن انهن ۾، ۱. “ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس” (تحقيق)، ۲. “سنڌ ۽ سچ جي ساڃاھ” (شاعري)، ۳. “سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو” (تحقيق)، ۴. “سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر” (تحقيق) وڏي مڃتا ماڻي چڪا آهن. مشڪور ڦلڪاري صاحب جي اڻ ڇپيل ڪتابن جو تعداد ۸ آهي. جيڪي هن ريت آهن: ۱. سنڌي سماج جو تاريخي پسمنظر (تحقيق)، ۲. سوچون منهنجي ساھ جون (ايڪانيڪيون)، ۳. ۽ مون لکيو (مضمون، مقالا، ڪالم ۽ تاثر)، ۴. جيڪو گھاريم جيئن (آتم ڪٿا)، ۵. سنڌ جي تاريخ جي ڳولا جو سفر (تحقيق)، ۶. ۽ سنڌو مرڪي ڏنو (ناول)، ۷. آخري شام (تاريخي ناول) ۽ ۸. سنڌ جي سومرن جي تاريخ (تحقيق جاري).
شاعريءَ جي مشهور ڪتاب “سنڌ ۽ سچ جي ساڃاھ” ۾، سنڌي الفابيٽ جا اهي اکر، جن جي لاءِ چيو ويندو هيو، ته “اهي نج سنڌي اکر ڪنهن به لفظ جي اڳ ۾ استعمال نٿا ٿي سگھن”، ته محترم مشڪور ڦلڪاري صاحب پنهنجي تحقيق وسيلي، اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي، ته “اهي اکر به لفظن جي اڳياڙيءَ ۾ استعمال ٿي سگھن ٿا”. اهي مذڪوره نج سنڌي اکر هي آهن: ڃ، ڙ، ڱ، ڻ، ء. پاڻ پنهنجي شاعريءَ وسيلي، تحريريءَ طور باقاعده لکي ڏيکاريو اٿس، ته اهي اکر هن ريت لفظن جي اڳياڙيءَ ۾ اچن ٿا. مثال طور: “ڃُوڃڻ” ڇني آءُ تون، سارا دلبر دوست!”. “ڙاڪون” سنڌوءَ پيٽ ۾، ڏسي روئي روح”. “ڱڱا!” گونگو نه ٿي، منجھان لالچ لوڀ”. “ڻڻو” چڻو جيئن، رڌجي نه ڪاڙهڻ سان”. “ئُوئان ئُوئان” ڪندي، روئندي ٻالڪ ڄميو” وغيره.
واضح هجي ته اهي الفاظ، ڊرائننگ روم ۽ اي سي ڪمرن ۾ ويٺل، اپر ڪلاس جو ڪو ٻيو ماڻهو منظرعام تي آڻي ها، ته بلاشبه اهو هن وقت تائين صدارتي ايوارڊ ۽ گولڊ ميڊلز سان ضرور نوازجي چڪو هجي ها. اسان کي افسوس بلڪل ڪونهي، البت حيرت هن ڳالھ تي آهي، ته اسان ورڪر ڪلاس جي ماڻهن، هارين، مزدورن ۽ پورهيتن جي پٽن ۽ اولاد جي علمي پورهئي کان، اهڙيءَ ريت چشم پوشي، لاعلمي ۽ لاوارثي اختيار ڪئي ويندي آهي، ڄڻ ته اسان اهو علمي ۽ ادبي پورهيو ڪيو ئي ڪونهي. “ذات منهنجي ماءُ! ڪچو ٿي ڪيچين کي”. (شاھ) اگر اسان جو ڪو عالمي ليول جو ڪتاب منظرعام تي اچي ويندو آهي، تڏهن به نقلي نقاد ۽ هٿرادو حاسد اسٽيج تي اچي، اسان جي اهڙي ڪنهن تحقيقي ڪتاب يا ترتيب ڏنل شاھ جي رسالي کي، بازارن مان وري واپس وٺڻ جا مطالبا پيش ڪن ٿا. شيخ اياز چيو هو: “حيرت آهي! منهنجا مارو مون کي ويڻ ڏين، آئون اهو جو آيس تن جا ڪيئي ڪوٽ ڀڃي”.
محترم مشڪور ڦلڪارو صاحب، سنڌ جو سچو عاشق، محقق، تاريخدان ۽ قومي جذبن سان سرشار هڪ آدرشي انسان آهي. هن کي علم، ادب ۽ تحقيق سان جنون جي حد تائين لڳاءُ رهيو آهي. امداد علي اوڍو صاحب هڪ هنڌ لکي ٿو، ته “سنڌ جي تاريخ بابت تحقيق ڪرڻ، اسان جي ادارن جو ڪم آهي، جن کي هر سال ان ڪم جي لاءِ وڏي رقم ملندي آهي. پر اهي پنهنجيون ذميواريون پوريون نه ٿا ڪن. مشڪور ڦلڪاري صاحب کي، پنهنجي تحقيقي ڪم ڪرڻ جي لاءِ، ڪنهن به سرڪاري اداري جو ساٿ ۽ تعاون حاصل ڪو نه رهيو آهي. پر پوءِ به هو پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري، پنهنجي ڪم کي جنبي وڃي ٿو. جھر جھنگ جھاڳي ٿو ۽ هيرو لعل هٿن سان آڻي ڏئي ٿو”.
محترم مشڪور ڦلڪاري صاحب جڏهن پنهنجي مشهور ڪتاب “سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر” لکڻ جو ارادو ڪيو، ته سڀ کان پهريان مون ناچيز وٽ کپري جي شهر ۾ اچي ترسيو. جتان کان علم و ادب جي عاشقن ۽ جاکوڙي دوستن جي ساٿ سان، پاڻ اڇڙي ٿر ڏانهن اُسهيو. انهي تحقيقي جاکوڙ ۽ جفاڪشيءَ ۾، جن جن سهڻن سڄڻن ۽ ساٿين جو ساٿ ۽ تعاون حاصل رهيو يا سندس سفر جا سونهان بنيا، انهن ۾ مسٽر غلام صديق سومرو صاحب، دين محمد ڪنڀار، شير محمد لاشاري، استاد محمد جمن گجو، سانوڻ راڄڙ، جان محمد راڄڙ، ملوڪ درس، غلام علي راڄڙ، محمد خان راڄڙ، حافظ نور محمد، عبدالله راڄڙ، شفيع محمد راڄڙ، حسن علي راڄڙ، مير محمد نظاماڻي ۽ عاجز منگي جا نالا قابلِ ذڪر آهن.
مشڪور ڦلڪاري صاحب جو ڪتاب “سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر” جڏهن شايع ٿي منظرِعام تي آيو، ته ڊي جي ڪلچر محترم منظور احمد ڪناسرو صاحب ۽ سنڌ جي نالي واري اديب ۽ اسڪالر محترم مدد علي سنڌي صاحب پاران مبارڪ باد جا فون آيا. سندن لک لائق ۽ وڏا وڙ. مون پنهنجي ماڳ مڪانن واري تحقيقي ڪتاب جي لاءِ، جڏهن مڪلي ۽ سُونڊا ڏانهن سفر ڪيو، ته سڀ کان پهريان محترم مشڪور ڦلڪاري صاحب کي، ٽنڊي محمد خان مان ساٿيءَ طور کنيو. اسان پنهنجي تحقيق دوران، مڪليءَ تي پهچي، ڊي جي ڪلچر محترم منظور احمد ڪناسرو صاحب سان فون تي رابطو ڪيو. جنهن اسان جي آساني ۽ همت افزائيءَ خاطر، مڪليءَ تي موجود ڪلچر ڊپارٽمنٽ جي آرڪيالاجيڪل ڪنزرويٽر محترم سرفراز نواز جتوئي صاحب کي ڪجھ خاص هدايتون ڏنيون. جنهن جي ڪري به اسان جو تحقيقي سفر ويتر وڌيڪ آسانيءَ ۾ تبديل ٿيو.
محترم مشڪور ڦلڪاري صاحب جي چئن مستند تحقيقي ڪتابن ۽ منهنجن چوڏهن شاھ جي رسالن ۽ ڪتابن تي، سنڌ حڪومت، توڙي قومي ادبي اشاعتي ادارن جي نظر، في الحال نه پئجي سگھي آهي. جيستائين سُتل سنڌ حڪومت ۽ اهڙن ادبي اشاعتي ادارن جي نظر، اسان جي پيار ڀريي پورهئي تي پوي، تيستائين اسان جو علمي ۽ ادبي پورهيو، پنهنجي ئي همت ۽ هڙان وڙان خرچ ڪرڻ تي جاري آهي ۽ انشاءَالله! جاري و ساري رهندو. دُکائيندي دُونهڙا، منڌ! سيڻاني وڃ، پرياڻو م ڀڃ، ساٿ چڙهندو لڪيين. (شاھ)

روزاني مهراڻ ہفتہ ۱۳ جولائي ۲۰۱۹ ع جي ٿورن سان.




مشڪور ڦلڪارو

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي

سنڌي ٻولي جي ناليوارو شاعر، اديب، دانشور، محقق مشڪور ڦلڪاري جو اصل نالو محمد بخش ۽ ذات ڦلڪارو اٿس، سندس والد جو نالو شير محمد خان ڦلڪارو آهي. جيڪو پيشي جي لحاظ کان هاري هو. مشڪور ڦلڪاري جو جنم ۳ اپريل ۱۹۵۵ع تي ڳوٺ صوفي آباد تعلقي ماتلي، ضلعي بدين ۾ ٿيو، لڳ ڀڳ ويهن سالن کان ٽنڊي محمد خان جي پيپلز ڪالوني ۾ رهائش پذير آهي. پرائمري تعليم ڳوٺ صوفي آباد مان حاصل ڪيائين. ۱۹۷۲ع ۾ هاءِ اسڪول رِپ شريف تعلقي ماتلي ضلعي بدين مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پرائيويٽ طور ايم اي ماس ڪميونيڪيشن جي ڊگري حاصل ڪري، سنڌ لا ڪاليج مان ايل ايل بي ڪيائين. قائد اعظم ميڊيڪل ڪاليج راولپنڊي مان طب ۽ اليڪٽرو هوميو پيٿڪ ۾ ڊپلوما ڪورس ڪيائين. ۱۹۷۳ع کان تعليم کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. ڦلڪارا قبيلي جو هي پهريون ماڻهو آهي، جنهن مئٽرڪ پاس ڪري سرڪاري ملازمت حاصل ڪئي، جنهن بعد ڦلڪارا قبيلي جي ماڻهن ۾ پڙهائي جو رجحان وڌيو.

سال ۱۹۷۳ع کان ادبي پورهيي جي شروعات ڪيائين، شاعري، مضمون، ڪهاڻيون ۽ مقالا لکيائين. ٻه تاريخي ناول ”سنڌو مُرڪي ڏنو“ ۽ ”آخري شام “ لکي چڪو آهي، جيڪي اڻڇپيل آهن. ۱۹۷۷ع کان سنڌي ادبي سنگت جو باقاعده ميمبر آهي. سٺي تخليقڪار سان گڏ بهترين نقاد پڻ آهي. تاريخ جي موضوع تي وڏي دسترس حاصل اٿس. ۱۹۷۸ع ۾ سنڌي ٻولي جي ٻاونجاهه اکرن تي ”سنڌو حرفي“ جي نالي سان بيت لکيائين، جيڪو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ پهريون تجربو هو، ان کان پهرين ٽيهه اکري تي کوڙ شاعرن طبع آزمائي ڪئي. جيڪا روايتي طور هلندڙ هئي ۽ آهي. سندس اها ٻاونجاهه اکري سنڌو حرفي ڇپائڻ جي واعدي طور لاڙ ادبي سوسائٽي جي سرواڻ محمد سومار شيخ کانئس ورتي هئي، جيڪا ڇپجي ته نه سگهي پر سومار شيخ جي مالي حالت سندس بيماري سبب ڪمزور ٿي وئي، جنهنڪري اها سنڌو حرفي ڇپجي نه سگهي ۽ شيخ صاحب جي وفات بعد اهو مسودو ئي گم ٿي ويو. مشڪور ڦلڪاري ان پهرين سنڌو حرفي جا بيت ۱۹۷۹ع ۾ سن شهر ۾ ٿيندڙ ”حيدر شاهه سنائي ادبي ڪانفرنس“ ۾ پڙهيا، جنهن تي سائين جي ايم سيد انهن بيتن کي پسند ڪندي کيس ڀرپور داد ڏنو هو ۽ انهيءَ ڪم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ همت افزائيءَ ڪئي، ان بعد مشڪور ڦلڪاري ٻيهر هڪ نئين ۽ مڪمل ”سنڌو حرفي“ لکي ، جنهن ۾ ۵۲۰ بيت، ڪافيون ۽ وايون شامل آهن، جيڪو سندس وڏو ادبي ڪارنامو آهي. سندس اها سنڌو حرفي شاعري ۾ صرف ٻاونجاهه اکرن تي طبع آزمائي ناهي پر فڪري طور پيغام سنڌ جي تشريح آهي. مشڪور ڦلڪارو سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان سميت مختلف علمي ادبي فورمن ۽ سياسي، سماجي تنظيمن سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي سرگرميون جاري رکندو پيو اچي. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ڪيترائي ڀيرا ڪائونسلر ۽ ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر پڻ چونڊيو ويو. هو ۱۹۷۸ع کان سنڌ جي قومي تحريڪ جي باني، رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي صحبت ۾ رهندي سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي تائين سنڌ جي قومي آزادي لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. سائين جي ايم سيد جي وفات کانپوءِ قومي تحريڪ کي هڪ منظم قوت ۾ تبديل ڪرڻ واري مقصد خاطر جڏهن ۱۹۹۵ع ۾ ”جيئي سنڌ قومي محاذ “ جو بنياد پيو ته مشڪور ڦلڪارو ان جي پهرين جيئميسٽ ڪائونسل جو ميمبر پڻ بڻيو. سنڌ جي قومي تحريڪ جا لاها چاڙها هن پنهنجي اکين سان ڏٺا آهن، ان عرصي دوران قومي سياست جي سموري اُٿل پُٿل جو اکين ڏٺو شاهد پڻ آهي. هن وقت اُهي سمورا تجربا ايندڙ نسل جي رهنمائي لاءِ سهيڙي رهيو آهي. هن وقت به هو پنهنجو سمورو وقت لکڻ ۾ گذاري رهيو آهي. سندس تحقيقي ڪتاب ”ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس “ ۲۰۱۵ع ۾، سندس شاعري تي مشتمل ڪتاب "سنڌ ۽ سچ جي ساڃاهه" ۲۰۱۶ع ۾ ، ۲۰۱۷ع ۾ "سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو"، ۲۰۱۹ع ۾ "سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر" ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن. سندس ڪجهه ڪتاب "سوچون منهنجي ساهه جون" (ايڪانيڪيون)، "جيڪو گهاريم جيئن" (آتم ڪهاڻي)، "سنڌي سماج جي تاريخ" ۽ ٻيا مسودا اڻڇپيل آهن. تاريخ جي موضوع تي سندس ڪيترائي مضمون، مقالا ۽ ڪالم سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. مشڪور ڦلڪاري کي سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن.

هن وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان سان سلهاڙيل آهي. (ا.ڀ)

مشڪور ڦلڪاري جو چونڊ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:

ترانو

يارو توهان تقدير آهيو، سنڌو ديش مهان جي،

لطيف جي پيغام جي، جيئينم جي فرمان جي،

سنڌو ديش زندهه باد!

اوهين دودا، اوهين ننگر، اوهين هوشو هشمت وارا،

اوهين هيمون، اوهين بلاول، اوهين شاهه عنايت پارا،

اوهان جي اکڙين منجهه ڏسان ٿو، صورت دريا خان جي،

سنڌو ديش زنده باد!

سسئيءَ جي همت به اوهان ۾، مومل جي عظمت به اوهان ۾،

سهڻيءَ جي محبت به اوهان ۾، مارئيءَ جي عصمت به اوهان ۾،

ٻاگهيءَ جي غيرت جا راکا، صدا ڀاڳوءَ ڀان جي.

سنڌو ديش زندهه باد!

اوهان جي ٻولي ۾ آهي، لاک رتولي لولي لولي،

لوليءَ سان جا جاڳي اٿي ٿي، باغين جي سا ٽولي ٽولي،

ننگن خاطر جنگ ڏسان ٿو، غاصب سان گهمسانَ جي،

سنڌو ديش زندهه باد!

پاپ نگر جي پاڙ اکيڙي، ڏاڍ جا ڏونگر ڏاريو يارو!

ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ رکي اڄ، جيجل جوءِ جياريو يارو!

آزاديءَ جو عشق اُتانهون ، پرواهه ڪريو نه ڪا جان جي.

سنڌو ديش زندهه باد!

***********************************************

ثقافتي ترانو

ٽوپي اجرڪ زنده باد!

سنڌي ثقافت زنده باد!

پنهنجي سونهن نياري آهي، سنڌڙي پنهنجي پياري آهي،

بختاور هر ناري آهي، سهڻي سنڌو آدجڳاد!

ٽوپي اجرڪ زنده باد!

سنڌي ثقافت زنده باد!

پوڙهو جوان هر ناري جيئي، پورهيت جيئي، هاري جيئي،

ٿر جي ٿڌڙي واري جيئي، درد جو ٿي پئي شل ڪو داد!

ٽوپي اجرڪ زنده باد!

سنڌي ثقافت زنده باد!

گربي، کاڌي، کيس به سهڻو، ڀرت ڀريل سڀ ويس به سهڻو.

سنڌو پنهنجو ديس به سهڻو، هر دل محبت سان ٿئي شاد!

ٽوپي اجرڪ زنده باد!

سنڌي ثقافت زنده باد!

دودي جي همت به اوهان ۾، ٻاگهيءَ جي عصمت به اوهان ۾،

مارئيءَ جي محبت به اوهان ۾، ڪوري ڪڍو سڀ ڪوڙ عناد!

ٽوپي اجرڪ زنده باد!

سنڌي ثقافت زنده باد!

نڙ ’بوڙينڊا‘ چنگ وڄايون، يڪتاري جي تند تپايون،

شاه سچل ۽ سامي ڳايون، ڀير تي ڏونڪو وڄندا ناد!

ٽوپي اجرڪ زنده باد!

سنڌي ثقافت زنده باد!

گڏجي سڀ مشڪور سان ڳايو، جيجل سنڌوءَ ٿڃ ملهايو،

لايو ٿيندو نيٺ سجايو، سنڌڙي ٿيندي شاد آباد!

ٽوپي اجرڪ زنده باد

سنڌي ثقافت زنده باد!

**********************************************

نثري نظم

هو سنڌوءَ جي سورن جي

ڪهاڻي ٻڌائي

کيسي مان رومال ڪڍي ،

پنهنجا ڳوڙها اگهندي ،

اسٽيج تان هيٺ لٿو،

جلسي ۾ ويٺل

ڪپڙن ڦاٽل هڪ پوڙهو هاري اٿيو ،

نهايت عقيدت مان

هن جا هٿ چمڻ لئه اڳتي وڌيو ،

۽ هو پنهنجا هٿ

ڪوٽ جي کيسي ۾ لڪائي

روانو ٿي ويو ،

سوچيم،

ڇا ماڻهو به

واڳونءَ جيان ڳوڙها ،

ڳاڙيندو آهي!

 *************************************************

بيت

اجرڪ ٽوپي پٽڪو، سچ جي سڃاڻ،

غيرن ڪهڙي ڄاڻ، ثقافت ۽ سنڌ جي.

*************************

ٽوپي اجرڪ پٽڪو، آ سنڌين سندو شان،

موهن کان مهان، ثقافت هئي سنڌ جي.

*************************

اجرڪ ٽوپي ساڻ، مرڪن مانجهي سنڌ جا،

پٽڪو ۽ پهراڻ، ثقافت آهي سچ جي.

************************

اجرڪ، پٽڪا، کهنبا، بوڇڻ چُنري، موڙ،

جيڏن سندا جوڙ، سينگاريل سٽاءَ سان.

*************************

اجرڪ ٽوپي کيس تي، واهه رنگن جڙاءُ،

ڪيڏو سٻاجهو ساءُ، آهي منهنجي سنڌ جو.

************************

اجرڪ ۽ کٿيءَ جو، ذڪر منجهه قرآن،

پڙهي ڏس فرقان، مزمل ۽ مدثر ۾.

*************************

اجرڪ ٽوپيون پٽڪا، هٿين مينديءَ چٽ،

ٽئونرن مڙهيل جتيون، سڄي سونهاري سِٽ،

*************************

رکي ڪهاڙي ڪلهن تي، مورا ڳائين مِٽ،

نه کيٽو ڪجان کِٽ، ڌاريان منهنجي ديس ۾.

*************************

نڙ بوڙِينڊا، بئنسريون، الغوزا ۽ چنگ،

يڪتارو، گهاگهر، ٽلِيُون، کڙتالون، مرڌنگ،

***********************

سڀ واڄا ۽ ونگ، رچيل سنڌوءَ ساهه ۾.

ڪُڙتو پاجامون پائي، چٿرون ڪرين اجرڪ تي،

شايد تو نڪ ناهي، جو نمڪ ملهائين سنڌ جو!

************************

اجرڪ ٽوپي پٽڪي تي، چٿر ڪري سو چور،

رولُو لُچ لَغور، تڙي ڪڍون ڏيهه مان.

 

No comments:

راءِ ڏيندا