مشڪور ڦلڪارو
هڪ آدرشي انسان
استاد لغاري
محمد بخش (مشڪور ڦلڪارو)
ولد شير محمد خان جو جنم ۰۳ اپريل ۱۹۵۵ع تي، ڳوٺ صوفي آباد، تعلقي ماتلي، ضلعي بدين ۾ ٿيو.
شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين ۽ مئٽرڪ جو امتحان سال ۱۹۷۲ع ۾، گورنمنٽ هاءِ اسڪول رپ شريف ۾ ڏيئي ڪاميابي
ماڻيائين. هي سنڌ جو عظيم اسڪالر، محقق ۽ آدرشي انسان، هن وقت ٽنڊي محمد خان جي
شهر ۾ رهائش پذير آهي. هن جو والد صاحب بنيادي طور هڪ مسڪين هر هاريءَ هيو. جنهن
جي ڪري مشڪور صاحب پنهنجي مدد پاڻ تحت، ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏسي، همت ڪري، ايم اي، ايل
ايل بي تائين پڙهي ويو. نوڪريءَ جي تلاش ڪندي، سڀ کان پهريان خانداني منصوبه بندي
کاتي ۾ فيلڊ موٽيويٽر مقرر ٿيو. ان بعد هڪ انٽرويو ۾ ڪاميابي حاصل ڪري، پرائمري
استاد طور خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪيائين. ايئن هو مختلف عهدن ۽ نوڪرين تي رهندي،
عمر جا ۶۰ سال پورا ٿيڻ بعد، ۰۳ اپريل ۲۰۱۵ع تي باقاعده سرڪاري سروس تان ريٽائر ٿيو. سروس دوران
پنهنجي پڙهائي به جاري رکندو آيو ۽ علمي ۽ ادبي کيتر ۾ شاعر، محقق ۽ بهترين اسٽيج ڪمپيئر
طور به پنهنجي پاڻ کي مڃايائين. شاھ جي رسالي ۽ شيخ اياز جي مزاحمتي شاعريءَ کي،
پنهنجي پسنديده موضوعن ۾ شامل ڪيائين. اسٽيج تي اچي چوندو هيو “باغي آهيان، باغي
آهيان، تنهنجو آئون سماج! تو سان وڙهندي رهندي منهنجي هر هڪ رت ڦڙي”. ته پنڊال ۾
ويٺل هزارين ماڻهو، تاڙين جي گونجار ۾، کيس ڀرپور داد ڏيندا هئا.