امر ساهڙ
سنڌ جي نماڻي شاعر سان ڳالهه
ٻولهه
انٽرويو: وقار
راهمون
امر ساهڙ سنڌ جو
نالي وارو شاعر آهي، ٿر جي ڀٽن ۾ جنم وٺندڙ هن شخص شاندار شاعري ذريعي سموري سنڌ ۾
محبت ڀرئي موٽ حاصل ڪئي. همعصر دور ۾ هو ٿر مان سنڌي ادب جو نمائندو ڪوي آهي. مون
ساڻس ڪجهه سوال ڪيا آهن، جيڪي اوهان پڙهندڙن آڏو پيش آهن.
سوال: ٿر ۾ اوهان جو
جنم ڪٿي ٿيو؟ ان وقت سياسي، سماجي حالتون ڪهڙيون هيون؟
جواب: مُھراڻي جي ھڪڙي
ڳاٽ مٿي منهنجو ڳوٺ آھي ٿاڌات، اتي ئي مون پنهنجي دور جي هڪ مثالي استاد محمد صديق
ساھڙ جي گھر ۾ اک کولي ۽ اتي ئي اک پورڻ
جو ارادو اٿم. جڏھن منهنجو جنم ٿيو، ان وقت بقول وڏڙن جي لالي ايوب جي مارشلا ملڪ ۾ لاڳو ھُئي. ۱۹۶۵ واري جنگ جا ڪارا ڪڪر ملڪ مٿان لامارا ڏيئي
رھيا ھُيا. ٿر جي اڌ آبادي دربدريءَ جو عذاب ڀوڳي رھي ھُئي. ٿر ڏُڪارن جي لپيٽ ۾ ھُئڻ
ڪري مسلسل لڏپلاڻ ۽ ٻن ويلن جي مانيءَ لئي
به مجبور ھو. مٿان وري بئراجي علائقن کان ٿر ڏانهن ڪڻڪ کڻي وڃڻ تي به بندش ھُئي.
اھڙي حالت ۾ ٿر جي معاشي توڻي سماجي حالتن جو اندازو اٽي جو پاءُ کائيندڙ ھر اھلِ
دل انسان آسانيءَ سان لڳائي سگهي ٿو. باقي ان وقت ٿر جون سياسي حالتون ساڳي روايتي
راڄواڙن واريون ھُيون. چند اقتدار پسند گهراڻا واري وٽيءَ سان فقط پاور ۽ پئسو
حاصل ڪرڻ لاءِ اٽڪلن سان اليڪشنون لڙندا رھيا مختلف پارٽين جي پليٽ فارمن تان يا
مارشلائن جي شيلٽر ھيٺ پاڻ ۽ پنهنجي طبقاتي
ڪلاس کي تاتيندا رھيا، جنهن ۾ خلق ِخدا کي ڪا اھميت حاصل ڪا نه ھُئي ۽ نه ئي عوامي
فلاح و بهبود جي ڪا گنجائش ھُئي. بلڪ ان دور ۾ روڊ رستا بجلي ۽ ٻين بنيادي سهولتن
جو ته ڪو تصور ئي ڪونه ھو.
سوال؛ اوھان جو تعليمي
سفر ڪٿان شروع ٿيو ۽ ڪٿي پهتو؟
جواب؛ پرائمري جا
پنج درجا پنهنجي والد وٽ پنهنجي ئي ڳوٺ (ٿاڌات) ۾ پڙھيس. گھر-گھيٽلو ھُئڻ ڪري گهر
کان ٻاھر رھڻ ڏُکيو لڳندو ھُئم، جنهن ڪري منهنجو شروعاتي تعليمي سفر ڪجهه وقت
متاثر ضرور ٿيو پر پوءِ به مڊل تائين تعليم ڳوٺ گرڙاٻهه ۾ پرايم. مئٽرڪ ۽ انٽر مٺي
مان ڪيم. پوءِ ميرپور خاص ۾ نيشنل بئنڪ ۾ عارضي نوڪري دوران منهنجي مُحسن عبدالماڪ
چانگ جي مالي ۽ اخلاقي ھمت افزائي جي ڪري پي ٽي سي ڪاليج ميرپورخاص مان ريگيولر ٽيچر
ٽرننگ حاصل ڪيم. بعد ۾ پرائيويٽ ايم اي سنڌي ادب ۾ (فرسٽ ڪلاس) سنڌ يونيورسٽي مان
۽ بي ايڊ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس مان پاس ڪيم. باقي علم ته سمنڊ آھي، ان بحر-بيڪران
مان اسان اٻوجھن کي ته اڃا ھڪڙي سُرڪ به نصيب ڪانهي ٿي.
سوال: زندگيءَ جو
ذريعي معاش ڪا نوڪري يا ڪو ڪاروبار؟
جواب: بيروزگاريءَ
جا شروعاتي چار پنج سال ڪاري پاڻيءَ جي سزا کان به سخت ترين گذريا، بابا پوليس ۾ ڀرتي
ڪرايو پر اُھي ڏھاڪو مهينا مون ڄڻ ته قيد ۾ ڪٽيا. ڏھ ئي مهينا نڪو وردي پاتم نه ئي
ٽرننگ ڪيم. ان وقت جي ايس پي بهرام طارق جي بنگلي جي باغيچي ۾ گلن ۽ ٻُوٽن سان ٻٽيھه
دليون لڳايم. بهرام طارق خود ھڪ ڪلاڪار ھو تنهن کي منهنجي گلن سان محبت وڻي ان ڪري
تعريفي سَندَ ۽ روڪ انعام به ڏنائين. پر پوءِ نيشنل بئنڪ جي زونل چيف ميرپور خاص
سائين عبدالمالڪ چانگ صاحب جي معرفت بئنڪ ۾ نوڪري ملي. پر اھا عارضي ھُئي، ان ڪري
ھڪ سال پي ٽي سي ڪيم. پوءِ وري نئين روشني اسڪول ۾ ٽيچر ٿيس ان ئي سال پرائمري
استادن جي ٽيسٽ ورتائون ان ۾ پاس ٿيس ته تڏھوڪي ڊي اي او ٿرپارڪر سائين محمد صالح
گوپانگ ۽ سندس ستن ڄڻن تي مشتمل ٽيم انٽرويو ورتو جنهن ۾ پاس ٿيس ته پرائمري استاد
جو آرڊر مليو. ۳۰ سال ايمانداري ۽ فرض شناسي سان پنهنجو فرض پورو ڪيم، پر شوگر بي پي ڪولسٽرول
۽ ڪريٽن جي ڪري صحت ساٿ نه ڏنو ان ڪري رٽائرمينٽ
جي وقت کان ۸,۷ سالون اڳ ئي نوڪري
ڇڏي ڏنم. ڏھاڪو سال ريڊيو مٺيءَ تي ڪمپيئرنگ به ڪيم، اتان به دل کٽي ٿي ته ھليو
آيس. ڪُجھه ادبي رسالا (ڪجلاسر ۽ سڀ رنگ سانول) به اعزازي ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪڍيم.
سنڌي ادبي سنگت شاخ نئين ڪوٽ جو بانيڪار ھُئڻ ڪري سائين اياز رضوي، اشوڪ شرما،
صوبدار اوٺي قاسمي ۽ ٻين دوستن سان گڏجي اتي ڏھاڪو سال ساس کي سرگرم رکيوسين اتان
به دل ڀري ته ھليو آيس. بقول استاد بخاريءَ جي، ان کان اڳي جو دل ڀڄي، محفل ڀڳي چڱي
آ.
سوال : ادب ۾ انٽري،
۽ شاعريءَ ڏي سفر جا سبب، مُحرڪ؟
جواب: ننڍي لاڪون ڳوٺن
۾ عورتن جا ڳايل ڳيچ لاڏا، ريڊيو تان مائي ڀاڳي نوربانو قزبانو جيجي زرينا، بلوچ
جا لوڪ گيت قاسم اوٺي ۽ چاڪر چانڊيي جا ڳايل ڪلام مون کي تمام گھڻو وڻندا ھُئا جتي
به شادي ھُوندي ھُئي رڳو ڳيت ٻُڌڻ لاءِ پڄي ويندو ھُئس رات جو سوڙ ۾ سمھڻ بدران جاڳي
ماين جا گيت ٻُڌندو ھُئس ۽ پوءِ جھر جھنگ ۾ اھي گيت ساڳي ڌُن ۾ پيو جھونگاريندو ھُئس.اڄ
تائين اھي ڳيچ لاڏا مون کي ياد آھن. ريڊيو تان نثر ٿيل ڪلام به ساڳي انداز ۽ ڌُن ۾
جھونگاريندو ھُئس. رڌم ته ڄڻ منهنجي روحَ جي رڳن ۾ رت جيئن گردش ڪري رھيو آھي.
ايسيتائين جو، عاشورن دوران اي حُسين ياحُسين جو رڌمڪ ورد يا فوتگي وقت عورتن جي
اوسارن جو ترنم به مون کي جنجھوڙي ۽ جھوري وجھندو آھي.
موسيقيءَ سان محبت
جو اھو عالم آھي، جو ۳۰ سالن کان ريڊيو مون سان گڏ سُمھي ٿو ۽ گڏ
جاڳي ٿو. مٿان وري غم دوران جي گھڙين ۾ عزيز مھراڻوي وٽ ڄامشوري ۾ عزيز جا ڪتاب پڙھڻ
۽ ڪڏھن ڪنهن کوھَ تي ڪنهن سان کينچل ڪندي اک اٽڪي پوڻ، يا ڪٿي ڪنهن سان ڪڏھن ڪا اک
لڳي ته پو اک ڪونه لڳي.
ٻئي پاسي منهنجي
ماءُ سگھڙ آھي سندس ھٿن سان ڪوريل ڪٻريون رليون ڪنجرين تي ڀانت ڀانت جي ڀرتن جا ڪرمچي
رنگ ۽ ڪي ٻيا ڪارڻ ھُئا جن مون کي اپيل ڪئي ته جيڪا اندر ۾ اُڻتڻ آھي اُساٽ آھي اُڃ
آھي ۽ جيڪا خارجي سماجي، سياسي صورتحال جي بيچيني
آھي انهيءَ جو اظھار ڪريان ۽ پوءِ اھو اظھار ڪڏھن شعر جي صورت ۾ ته ڪڏھن
وري نثر جي روپ ۾ پڌرو ٿيندو رھيو آھي.
انساني آدرش،قدر، وطن دوست ترقي پسند فڪر منهنجي شاعريءَ جا بُنيادي مُحرڪ رھيا آھن. پر سچ اھو به آھي ته ڪا
اھڙي اڄاتي قوت آھي جيڪا مون کي لکڻ جي
سگھه عطا ڪري ٿي.
۽ آئون اھو
چوندي به ڪا ھٻڪ محسوس (باقي صفحي ۵ تي)
ڪانه ڪندس ته مجازي
عشق جي آويءَ ۾ پڇي راس ٿيڻ ، مطالعي ۽ مشاھدي کان سواءِ فن ۽ فڪر تي دسترس حاصل نٿي ڪري سگهجي. ضروري ڪونهي ته مطالعو رڳو ڪتابن
جو ئي ڪجي پر فطرت جو، چھرن جو زندگيءَ ۽ زماني جي ھر رنگ جو مطالعو ۽ مشاھدو به
ضروري آھي. فن ۽ فڪر وري ٻئي ھڪٻئي لئه ايئن لازمي آھن، جيئن شراب لئه صُراحي ۽
جسم لئه ڪپڙا.
سوال: سنڌ ۾ سرجندڙ
موجوده ادب (شاعري/نثر) کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ ڇا اهو معياري آهي يا رڳو مقداري؟ هاڻوڪي
سنڌي شاعريءَ ۾ ڪهڙا وڏا نالا آهن، جن جي شاعري متاثر ڪندڙ آهي؟.
جواب: سنڌي ادب جي
پيرن ھيٺان زمين به پنهنجي آھي، ته آسمان به پنهنجو اٿس. جنهن ٻوليءَ جا ڪردار ۽
موضوع وطن دوستيم عالمي امن پورھيت فڪر انساني آدرش ۽ سيڪيولر سوچ ھُجن انهي ٻوليءَ
جو ادب ڪڏھن به ڪنگال ٿي نٿو سگهي. پر ڳالھه جيڪڏھن جديد سنڌي ادب جي آھي ته واقعي
تمام گھڻي شاعري پئي ٿئي پر معياري شاعري به ججھي پئي ٿيئي ۽ ڪمال جي پئي سرجي
جديد سنڌي غزل توڻي نظم ٻئي انتهائي لاجواب لکجن پيا. انهن مان ڪيئي نظم اھڙا آھن،
جن کي جيڪڏھن دنيا جي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪجي ته اُھي دنيا جو ڌيان سنڌي شاعريءَ
طرف ڇڪرائڻ جي ڀرپور سگھه رکن ٿا.
نالا وڏا يا ننڍا
ناھن ٿيندا کوڙ شاعر اھڙا آھن جيڪي نه رڳو
صاحب اسلوب ۽ منفرد لهجي جا مالڪ آھن. بلڪ پنهنجي پوري دور تي اثر انداز به ٿيا آھن.
جن ۾ آڪاش انصاري، ادل سومرو، اياز گل، حسن درس، مظھر لغاري، احمد سولنگي، آسي
زميني، رخسانا پريت چنڙ، اياز جاني، ساحر راھو، علي آڪاش، فقير جاويد شبير، سعيد
ميمڻ، ايوب کوسو، فياض ڏاھري، بخشڻ مهراڻوي، امر سنڌو، حسن مجتبا، سائيندا ساند، وسيم
سومرو، اقبال رند، حليم باغي، اياز رضوي، امر اقبال، حاجي ساند، فراق ھاليپوٽو، روحل
ڪالرو، خليل ڪنڀار ۽ نئين ٽھي ۾ وري سرواڻ سنڌي، سعيد سومرو، منور ھاليپوٽو، عزيز
گل، عزيز کوسو، اشرف پلي، عمر تيوڻيو، چندر ولاسائي، احمد شاڪر ۽ کوڙ سارا ٻيا. ڪھاڻي
جيتوڻيڪ گھڻي مقدار ۾ ته نه پئي لکجي پر پوءَ به شاندار ڪھاڻي اڄ به لکجي پئي محمد
علي پٺاڻ، رحمت الله ماڃوٺي، رسول ميمڻ، زيب سنڌي، طارق قريشي، انور ابڙو، ضراب
حيدر، حفيظ ڪنڀر، نصير ڪنڀار ۽ ٻيا کوڙ اھڙا ڪھاڻيڪار آھن جيڪي جديد سنڌي ڪھاڻي جو
ڳاٽ اوچو ڪيو اچن. جڏھن ته جديد سنڌي ناولن، سفرنامن. آتم ڪٿائن ۽ ادبي خطن وارو
پاسو به مقدار ۾ ٿورو ئي سهي، پر معيار ي ضرور آھي.ھوڏانهن صحافتي ادب جي اھميت
کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي، جنهن سڄي جديد سنڌي صحافت جي ڪايا پلٽ ڪري ڇڏي آھي.
مظھر لغاري، اعجاز منگي، نثار کوکر، اشفاق آذر، اشفاق لغاري، منظور ميراڻي، اسحاق
سميجو، امير منڌرو، دستگير ڀٽي، حسين ڪپري، حسن مجتبيٰ، لطيف جمال، منظور سولنگي
سميت کوڙ بي باڪ صحافتي ادب جا انتهائي سگهارا آواز آھن، جن اخباري ڪالمن جي
روايتي موضوعن کي رد ڪري نئين نڪور ڊڪشن ۾ ادبي چاشني رومانوي رنگيني، روشن خيالي،
ٻاجھاري ٻولي، وطن دوستي ۽ عوام دوستي جا محبوب جي مرڪ جھڙا موضوع منتخب ڪري مقبوليت ماڻي آھي.
سوال: سنڌي ادب ۾
اديبن ۽ ادبي ادارن جي ڪردار کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: اھي
الزام ڪي اجايا به ڪونهن سنڌ فڪري نظرياتي
۽ آدرشي قدرن جي بدترين قحط ساليءَ مان
گذري پئي. سچ اھو آھي ته اڄوڪي سنڌي اديب پاڻ کي ڏاڍو سستو کپايو آھي. ادبي ايوارڊن
عھدن مالي مدد ميلن ۽ مانيءَ تي پنهنجي ضمير کي تين وال ڪيو آھي. سرڪاري وظيفن جي صدقي آدرشي اصولن
کي پُٺي ڏني آھي، ڌرتي ۽ عوام جو ڀرجھلو ٿي بيھڻ بدران وقت جي حڪمرانن جي
چاپلوسي ۽ چمچاگيري کي پنهنجو دين ۽ ايمان
بڻائي ڇڏيو آھي. حڪمرانن جي جائز يا چڱي ڪم کي ته ڇڏيو پر سندن بدعنوانين ۽ بي واجبين تان اڳڙي کڻڻ بدران ذاتي
مفادن خاطر انهن تي ڪک رکڻ به اسان جا
ادبي وڏيرا پنهنجو جمهوري حق سمجهن ٿا.
مجموعي طور تي سنڌ
جا ادبي۽ ثقافتي ادارا اٽي تي چٽي بڻيل آھن
جتي رڳو ناني ويڙھا آباد آھن، جيڪي پنهنجي اصلي ڪم بدران اقرابا پروري، حڪمرانن جي
ناجائز فرمائشن کي پورو ڪرڻ ۽ جي حُضوري ۾
عوام جي قيمتي وقت ۽ پئسي جو ذيان ڪري رھيا آھن ڪو به تخليقي ۽ تحقيقي ڪم اھي
ادارا نه ڪرڻ جي اھل آھن ۽ نه ئي ڪرڻ جي نيت رکن ٿا.
سوال: ٿر ۾ سرجندڙ
شاعري ۽ نثر کي ڪيئن ٿا ڏسو، ڪهڙن ليکارين کان متاثر آهيو؟.
جواب: پهرين ڳالھه
ته آئون ٿر کي سنڌ جو ھڪڙو طبعي ڀاڱو سمجهان ٿو، ان ڪري ٿر، اُتر، لاڙ ۽ ناري کي
الڳ الڳ ڪري ڀيٽ ڪرڻ واري روش کي رد ٿو ڪريان. باقي باصلاحيت
باشعور ۽ باضمير ماڻھو ڪھڙي به خطي جو ھُجي مان لھڻي. سو سنڌ جي ٻين حصن جيئن ٿر پاسي شاعري توڻي نثر ٻئي زبردست لکجن
پيا. نئين نڪور نثر ۾ نصير ڪنڀر، خالد جوڳي، ناشاد رحم علي، نور احمد
جنجهي، حاجي محمد ڪنڀر، نثار بلوچ، ڀارو مل امراڻي، نندلال، دليپ ڪوٺاري، ساگر
خاصخيلي، عنايت الله نھڙيو ۽ امر راءِ سنگھه راجپوت وارا نهايت ئي جاندار ۽ شاندار
نثر لکن پيا.
ٿر جو لوڪ ادب به
سنڌي ٻوليءَ جو شاھڪار سرمايو آھي، ان تي به ڀارومل امراڻي ۽ ٻين دوستن ڪافي ڪم ڪيو
آھي.جڏھن ته شاعري ۾ سائينداد ساند ته
ھُونئن ئي ھر دور جو غضب جو شاعر آھي، امام علي جنجھي ۽ شنڪر ساگر کانپوءَ خاص طور
تي نئين ٽھي ۾ خليل ڪنڀار، معصوم سوندرائي،
نندلال، نثار بلوچ، مشتاق جنجھي، چندر ولاسائي، ساگر خاصخيلي، چمن آر ٿري، الماس
نھڙيو عبدالله آس ھنڱورجو ۽ کوڙ ٻيا لاجواب لکي رھيا آھن. آئون ته نئين نسل جي
تخليقي پورھئي مان قطعي مايوس ڪونه آھيان. جيڪي گھٽ ۾ گھٽ مون کان ته ڀلو ٿا لکن. ٿر
جي شاعرن/اديبن وٽ شاھڪار نج نبار ٻولي ۽ ان جا دلربا ٿري /ڍاٽڪي لهجا آھن. جيڪي
کين الڳ سُڃاڻپ بخشين ٿا. پر ڪافي نوان دوست ٻين جي چُونڊيل چارن تي پيا ھلن جنهن جو
کين نقصان ئي ٿيندو ڇو ته پراوا ڪپڙا پائڻ سان ماڻھوءَ جي اوگھڙ ته ڍڪجي سگهي ٿي
پر ضروري ڪونهي ته اھي سؤ فيصد فٽ به ٿي بيهن.
سوال: ٿر ۾ ادبي ڌڙابندي
۽ نون ليکڪن جي روڪٿام واري شڪايت تي ڇا چوندا؟
جواب: لابيون نه رڳو
ٿر ۾ پر جتي ڪٿي آھن. ۽ اھو به سچ آھي ته علمي ادبي ڪم بدران اقرباپروري ۽ ياري باشي جي بنياد تي خاص سنگت کي نوازيو وڃي ٿو..
پر ڇا اھو سچ ڪونهي ته ڪافي نوجوان انهن ادبي لابين کي خود وڃي ڪُلھا ٿا ڏين؟
اوھان کي جيڪڏھن پنهنجي تخليق پنهنجي ڪم تي ڀروسو آھي ته پوءِ سهارا ۽ بيساکيون ڇو
ٿا تلاش ڪريو؟ اوھان پنهنجي پاڻ تي ڀاڙيو پنهنجي تخليقي ڪم آڌار پنهنجن پيرن تي
بيھڻ سکو وقت پاڻھي اوھان جي عزت ڀري انداز سان آجيان ڪندو، تاريخ ڪنهن جو به
پورھيو ضايع ناھي ڪندي. شرط اھو آھي ته ماڻھو کي پنهنجن تخليقي صلاحيتن تي اعتماد
ھُجي. باقي آئون اوھان جي ان ڳالھ سان قطعي متفق ناھيان ته ڪير ڪنهن جي راھ روڪي ٿو
يا اڳتي وڌڻ نٿو ڏئي. تخليق وھندڙ نديءَ وانگر آھي ان کي ڪيڏا به بند ٻڌو گس بدلائي
به وھي ويندي. اھڙيون ڳالھيون اھي ماڻھو ڪن ٿا جن کي يا ته شارٽ ڪٽ ذريعي سستي
شُھرت جي خواھش آھي يا وري پنهنجي تخليقي صلاحيتن تي اعتبار نٿو اچين. ماڻھن ته آرٽ
۽ فن کي زندگيون ارپي ڇڏيون پر دانهون ڪري ڪنهن جو ڌيان ڇڪائڻ بدران خاموشي سان
پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو ۽ دنيا کين پاڻھي مُڙي اچي مانُ ڏنو ۽ سرخ سلام پيش ڪيو.
سوال: ٿر جي سهڻي
منظر نگاري اوهان ڪيئن ڪئي آهي ۽ ڪهڙي ڪردارن کان اتساهه وٺو ٿا؟
جواب: ٿر منهنجي
جنم ڀومي آھي جيڪو منهنجي سپنن جي سرسبز سرزمين ۽ رسول حمزاتوف جي داغستان جھڙو
دلربا دلڪش ۽ دلنشين ديس آھي، بلڪ ايئن چئجي ته ڪو وڌاءُ ڪونهي ته صحرا مون ۾ ساھُ
کڻي ٿو. وڻن ڌڻن ۽ پکين سان منهنجي پراڻي پريت آھي، ڀٽُن سان منهنجي ڀائپي آھي، مون
اک ئي قدرت جي ان اوپن ايئر ميوزم ۾ کولي
آھي، جتي فطرت جا سمورا رنگ مور جي کنڀن، روھيڙي جي رنگن ۽ کوھن تي کينچل ڪندڙ پاڻيارين
جي ٻانڌڻن پڙن ۽ عاجَ جي چوڙن جي روپ ۾ انساني احساسن جي وارن ۾ آڱريون ڦيرن ٿا ته
ماڻھوءَ جي من-ننگر جو فنڪار ڇرڪ ڀري جاڳي پئي ٿو. جنهن کي مصور جي ڪنهن شاھڪار
تصوير جھڙي ٿر جي سونهن ۽ ڪنهن معصوم ٻار جي مرڪ جھڙا ڪومل منظر اپيل ڪن ٿا ته ڪو
گيت، ڪو غزل، ڪو نظم ڪا ڪهاڻي پاڻمرادو جنم وٺي ٿي. ان ۾ ڪنهن ڏانءُ يا ڪنهن ڪاريگريءَ
جو ڪو ڪمال ڪونهي.
ٿر جي حسناڪيءَ جا
سڀ کان سگهارا حوالا مورَ، مينهنُ ۽ محبوب آھن. پر مون کي منهنجي مِٽيءَ جا ھڙئي
حولا حسين لڳن ٿا. پوءِ اھي ڪي ڪردار ھُجن يا تاريخي ماڳ مڪان، جيڪي منهنجي اتساھ
جو عظيم ذريعو آھن. مون کي منهنجي ڌرتيءَ جا درد به دلڪش لڳن ٿا، ڇو ته ڏُکن جي
پنهنجي ڏِک آھي ته سُکن جي پنهنجي سونهنَ آھي.
سوال: پنهنجي شاعري
جي ٻولي بابت ڪجهه ٻڌايو؟
جواب: مُھراڻي ۾ گھڻو
ڪري سنڌي ٻولي ڳالھائي وڃي ٿي. پر اھا سنڌي
وچولي واري معياري سنڌي ڪونهي، ڇو ته ھتي واري گاڏڙ سنڌي لاڙي ۽ ڍاٽڪي يا ٿري لهجن
جي آميزش سان انتهائي حسين ۽ رنگين ٻولي آھي، جنهن تي انهن علائقن جي تاريخن،
ثقافتن ۽ تهذيبن جو گھرو اثر آھي. باقي بيان
ڪرڻ لئه مون کي ڪو خاص ھُنر ھٿ ڪرڻ جو اھتمام ٿورئي ڪرڻو ٿو پئي، فطري طور
جيڪا ٻولي مون کي ماءُ لوليءَ ۾ ٻُڌائي، يا جيڪا ٻولي مون پنهنجي ماحول ۾ ٻُڌي
اُھائي ئي ٻولي منهنجي اظھار جو ذريعو آھي. باقي جيڪي محاورا، ترڪيبون ۽ استعارا
مون پنهنجي نثر يا نظم ۾ ڪتب آندا آھن، اھي اڳئي مُروج آھن جيڪي سنڌي ۾ به آھن ته ڍاٽڪي
۾ پڻ، ھا البت ڪي ڪي لفظ جيڪي متروڪ بڻجي ويا ھُئا انهن کي مون وري جيارڻ جي ڪوشش
ضرور ڪئي آھي.
سوال: سنڌ جي ماڻهن
کان مليل موٽ ۽ پذيرائي مان خوش آهيو يا پڙهندڙن کي ميار ڏيندا؟
جواب: آئون سمجهان ٿو
ته منهنجي شاعراڻي قد ڪاٺ کان وڌيڪ مون کي
منهنجي مٽيءَ جي محبوب ماڻھن مانُ ۽ محبتون ڏنيون آھن. منهنجي ڪچي. ڦِڪي شاعريءَ
جي ئي مُھابي مون کي تمام گھڻيون بي لوث محبتون پلئه پيون آھن، ۽ منهنجي ڌرتيءَ جون
دلربا ھستيون ۽ دائمي دوستيون مون حقير فقير کي نصيب ٿيون آھن،جن جي بي پناھ پيار
جي سھاري آئون سڄي ڄمار گھاري سگهان ٿو. باقي ڪڏھن ڪڏھن ادبي وڏيرن جا اڍنگا رويا ڏسي
۽ ڪويتا- ڪيٽين جي ڪمدارن جا ناروا سلوڪ پسي دل چوندي آھي ته لکڻ کي ليڪو ڏيئي وڃي
ڳوٺ جي ڀٽن تي ٻڪرين کي وڙڪائجي ۽ ڳل تي ھٿ رکي مائي ڀاڳي جو لوڪ گيت جهونگارجي.
پر وري جڏھن پنهنجن پيارن پاٺڪُن جو پر خلوص پيار ٿو ڏسان تڏھن فخر ٿو محسوس ٿيئي
ته منهنجو ڪيل پورھيو اڻ توريو اگهجي پيو، ۽ مون جيڪو ٿلهو ٿنڀرو ڪتيو آھي سو سڀ
سجايو ويو آھي. پنهنجن ماڻھن جي اھا بي پناھ محبت ئي منهنجي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو
سرمايو آھي.
اسلام عليڪم ادا مھرباني ڪري مون کي ساھڙ زات جي ھسٽري تاريخ ٻڌائيندا ته آءٌ ان کي وڪيپيڊيا تي آرٽيڪل طور لکان مھربانيون
ReplyDelete03443910249
ReplyDeleteاسلام عليڪم ادا مھرباني ڪري مون کي ساھڙ زات جي ھسٽري تاريخ واٽس اپ ڪندا ته آءٌ ان کي وڪيپيڊيا تي آرٽيڪل طور لکان