; سنڌي شخصيتون: سھيل مڪاني

08 February, 2026

سھيل مڪاني

سھيل مڪاني

منظور ڪوھيار

-- ۱ --

پهريان جڏهن ڪو بزرگ وفات ڪندو ھيو ته چيو ويندو ھيو ته؛ ”سائينجن هن دنيا مان برقعو مٽائي ويا!“ ۽ بزرگ عورتن لاءِ به سندس ننهرن کي چوندي پنهنجي سرلن ڪنن سان ٻڌوسي ته ”ادي! منهنجي سس، جنهن کي الله جنت (جھنم) نصيب ڪري، جڏهن برقعو مٽايائين ته مون کي شوال ۾ پھريٽي پٽ ڄائو ھيو!“ انهن ڳالھين مان تصور جڙيو ته عزرائيل بزرگن ۽ بزرگاڻين کي برقعا پارائي ٻي پار پھچائيندو آھي. ان کان اڳ جو عزرائيل مون کي برقعو پارائي کڻي وڃي، پختو ارادو ڪيو اٿم ته سھيل مڪاني تي خاڪو لکي ڇڏجي. پوءِ خبر ناھي الائي ڇا حياتي....!


پر اھو سوچيندي مٿي ۾ سور پئجي ويو آھي ته ”سھيل مڪاني“ تي ڇا لکي، ڇا لکان...؟ سچ پچ ته دوستيءَ جي ڪنهن دائري ۾ ئي نه ٿو اچي..... مثلن ديرينه دوست، دلي دوست، دوست جاني، جگري دوست، غمِ دوست وغيره. جيڪو چوڻ چاھيان ٿو، چئي نه ٿو سگھان. اکيون ٻوٽي سٺ پنجھٺ سال اڳ جو منظر ڪجھ ھن ريت نظر اچي ٿو ته گھر گھر جي، در در جي سامھون. دروازو کوليان ته سنگھ وھيس ٿي (ھر ننڍي وڏي کي پنهنجي سنگھ نظر نه ايندي آھي.) سامھون مون کي سڪائڻ لاء در تي بيٺو تِرن جي لائي ٿو کائي. ڏسي چوندو هيومانس، ”ٿولي ته ڏي!“ ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪندو هيو ته چتائيندو هيومانس، ”شام جو مڱيلا نه ڏيندومانءِ!“ اهو ٻڌي ڪسو اڌ ڏئي ڇڏيندو هيو. توڙي جو پنهنجي امڙ جو جھليل هيس ته مڱيرا نه کاءِ، کنگھ ۾ ٻٽجي ٿو وڃين!...پر پيٽ چٽيو ڪاٿي ٿو مڙي!.. شام جو اسان جي گھر جي دڪي تي ويٺو هوندو ته مان ڪڏهن ٿو مڱيرا وٺان ته حساب چڪتو ڪري. ٻنهي جو لاشعوري طور تي ان پھاڪي تي عمل ٿيندو ھيو ته ”ليکو آ چؤکو، چؤکي آ پريت“ ان ڪري شايد ٻنهي جي ھڪ ٻئي کان سواءِ نه سرندي ھئي......

اڳي پاڙي وارا مٽن مائٽن کان به وڌيڪ ويجھا هوندا هيا. وٿيون صرف گھٽين ۽ ڀتين جون هونديون هيون. پر دليون هڪ ٻئي سان ڳتيل هونديون هيون. ٿڌي ڪوسي، شادي مرادي، جيءُ مَرُ، ڪم ڪار، اُڌي کٽيءَ ۾ پهريون پاڙي وارو ڪم ايندو هيو، پوءِ ڪو مٽ مائٽ. ھاڻ شھرن جي حالت اھا ٿي وئي آھي ته ”پاڙي ناھ پروڙ ته ڪا رات رنجائي گذري..“

مان ان لاڙڪاڻي شھر جي لاھوري محلي جي ڳالھ ٿو ڪيان، جنهن ۾ مان پلجي وڏو ٿيو هيس. ٻنهي (سھيل ۽ منهنجي) جي گھرن ۾ فرق، گھٽيءَ جي ويڪر چار ٻرانگھون مس ھيون، لڳندو هيو ته هڪ وڏي گھر يا حويلي ۾ ٿا رهون.

ٻاروتڻ دؤر جي ھڪ ٻي جھلڪ

امڙ چوندي هئي، ”وڃ! سهيل ماءُ (اڳي امڙيون ھڪ ٻئي کي ٻارن جي نسبت سان نالو وٺنديون ھيون.) کان ڪئنچي ته وٺي اچ، پنهنجي ڪم نه ٿي ڪري!“

مان ڊڪندو سهيل جي گھر پھچي سندس امڙ کي چوندو هيس، ”ماسي! تئنچي (ڪئنچي) ته ڏي، امان ڌري (گھري) ٿي!“

سھيل ماءُ سلائي مشين مان ڪئنچي ڪڍي ڏيندي هئي ۽ پوءِ چوندي هئي، ”ڪئنچي سان ڀت تي ليڪو نه ڪڍجانءِ!“

”نه!“ چئي، نڪرندو هيس، سهيل ۽ سندس سؤٽ تنو (تنوير) ڪڍ لڳا ايندا هيا. توڙي جو مان ڪئنچي سان ڀت تي ليڪو نه ڪڍندو هيس. پوءِ به سهيل ھٿ جي هڻڻ ۾ دير نه ڪندو، ماءُ کي چوندو هيو، ”ليتو (ليڪو) تڌينئين!“

”تو نه تڌيئين (ڪڍيئين)“ تنو (سھيل جو سؤٽ) نڪ سڻڪي، سھيل جي پت وائکي ڪندو هيو.

ٽيون منظر

سهيل اسان جي گھر ۾ اچي چوندو هيو، ”ماتي (ماسي) امان چوي ٿي ته جوھر جي تڪي (ٽڪي) ته اي!“

امان ڪنهن دٻي مان جوهر جي ٽڪي ڪڍي چوندي هيس، ”اڙي! متان پاڻ کائي وڃين!“

” امان وڏو بکو (بکيو) ٿي، کائي ويندءُ!“ مان امان کي سمجھائيندو هيس، ته نه ڏيس.

امان دٻو کولي ٻي ٽڪي ڏيندي هيس، ”ھان، هي تنهنجي آ، باقي ٻي ماءُ کي ڏجانءِ! نه ڏينديس ته ڪن پٽينديسانءِ!“

سھيل، پنهنجي حصي جي ٽڪي هڪدم وات ۾ وجھي ڇڏيندو هيو ته متان مان نه کسي وڃانس. ائين جوهر جي ٽڪي صحيح سلامت سهيل ماءُ کي پهچي ويندي ھئي.

لاهوري محلي جي ڏاکڻي حصي ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جو وڏو کليل ۽ وسيع ميدان آھي. هاڻي چؤطرف وڏيون ڀتيون کڙيون ڪيل آهن ۽ اڳي چئن فوٽن جي اوچائي وارو حاطو ڏنل، هڪ اوڀر ۾ وڏي گيٽ ۽ اتر کان بنان دروازن جي ٻه ننڍڙيون گيٽون هيس. ان ڪري جيئن ئي گھٽيءَ کان ٻاهر نڪرڻ جھڙا ٿياسي، ته ننڍڙيون گيٽون ٽپي اسڪول جي ميدان ۾ ڏڪي ڏڪر، بُلر، ونجھوٽي، ٽينس بال سان سٽ ڪٽ، ڪوڏي ڪوڏي، ملھ، لغڙ بازي يا ڌوڙ اڏائڻ جھڙا شغل ڪندا ھياسين.

اڃا وڌيڪ شرارت ڪرڻي هجي ته ڀرسان نواب لاهوري جي زيتونن ۽ ٻيرين جي باغ ۾ اوچتو ماڪڙ وانگر گھري ڪچا پڪا زيتون يا ٻير پٽڻ شروع ڪندا هياسي. باغ جو راکو ڪؤڙومل هيو، جيڪو ڪمان جھڙي غليل ۾ غليلا وجھي زور سان ”ھات!“ چئي هڻندو هيو ته کڙين تي زور ڏيندا هياسي. ڌوڙ ڀڪليا منهن ڏسي مائرون هلڪيون ٻه لپاٽون هڻي اگھاڙو ڪري نلڪي هيٺان تيل ميٽ سان وهنجاري، ڌوتل ڪپڙا پارائي ٻاهر نڪرڻ کان سختيءَ سان منع ڪري ڇڏينديون هيون!... پر جڏهن گھر ۾ ٻارن جو گوڙ گھمسان وڌي ويندو ته وري ڪن کان وٺي ٻاهر ڪڍي ڇڏينديون ته ”وڃي گھٽيءَ ۾ کيڏو، پر گھٽيءَ کان پري نه وڃجو!“ گھٽيون ٻارن کانسواءِ خالي هونديون هيون. نه رڪشا، نه چنگچيون، نه ڪارون. ڏينهن ۾ ڪو هڪ اڌ ٽانگي وارو ” کٽ! کٽ!“ ڪندي گذرندو هيو، نه ته صفا خاموشي. گھر ۾ ڪو کنگھي کڙڪي ته ٻڌڻ ۾ اچي. آهستي آهستي گھٽيءَ ۾ گهرن جي ڀرسان ٽي واٽي واري بمبوءِ هيٺان پاڙي جي وڏي گھٽيءَ جا ٻار مڙي ويندا هيا، جن ۾ خاص ڪري سهيل جو سؤٽ تنوير، صابر جوکيو، خادم سومرو، رضا سومرو، شبير سومرو، اربو ڪاٺيو، مختيار ڪاٺيو، امين کوکر، سعيد سهتو، نواز ڀٽي وغيره شامل هوندا هيا. مختلف قسم جون رانديون ٿينديون. جن ۾ خاص ڪري شينهن ٽپي ۽ اک ٻوٽ ته ضرور کيڏبي هئي. ايستائين بس نه ٿيندي جيسين وڏڙا دڙڪا داٻ ڏئي يا ڪن کان گھلي گھر نه وٺي وڃن.

ان بي فڪري واري زندگيءَ جا معصوم پل ھرگز وسرڻ جوڳا ناھن، بقول ڪنهن شخص جي ته

Childhood memories are timeless treasures of the heart

(ٻاروتڻ جون يادون دل جي لازوال خزاني جيان آھن)

--۲--

پھريان اچئون ٿا عمر تي.....

اسڪول جي سرٽيفڪيٽ مطابق سهيل مڪاني مون کان ٽي سال ننڍو يعني ۴ فبروري ۱۹۵۹ع ۾ ڄاول آهي. پر منهنجي خيال ۾ ايترو فرق ناهي، کڻي هڪ اڌ سال جو هجي ته هجي. اسان وٽ پرائمري اسڪول ۾ داخلا رجسٽر ۾ ٻار جي عمر گھٽ وڌ ٿي ويندي هئي. هاڻي جي خبر ناهي، اڳي داخلا وقت هيڊ ماستر ضرور اعتراض واريندو هيو ته ٻار جي عمر پنجن سالن کان گھٽ آهي. ان ڪري داخلا نه ملندي!... پر پاڻ ھرتڙي ٻار جا مائٽ بضد هوندا هيا ته داخلا ضرور ٿئي، ته جيئن ٻار ٻه پھر ٽريل ھجي ۽ مائٽ ويچارا آدام (آرام) ۾ ھجن. ٻار، داخلا رجسٽر ۾ ڇھ ٻارنهن مهينا وقت کان اڳ ڄمي پوندو هيو. پر جي ٻار جي عمر وڏي آهي، ته ماستر خيرخواه بڻجي ٻار جي عمر گھٽائيندو هيو ته جيئن مستقبل جو معمار، سرڪاري نوڪري ڪندي، ٻه ٽي سال قوم جي وڌيڪ خدمت ڪندو رهي. عمر گھٽائي وڌائي لکرائڻ جو هڪڙو مثال ته منهنجو پنهنجو آهي. هڪ سائي رنگ جي نوٽ بوڪ تي، والد جي هٿ اکرن مطابق ڄم جي تاريخ ھڪڙي ته اسڪول جي سرٽيفڪيٽ ۾ ڇھ مهينا وڌائي ڏيکاريل آهي. اهڙي طرح منهنجي ٻارن جي عمر جي داخلا، ذاتي ڊائري ۾ هڪڙي ته پرائمري اسڪول جي سرٽيفڪيٽن ۾ ٻي آهي. ان ڪري عمومن اسڪولي ٻارن جي جنم جو ڏينهن هڪڙو سرڪاري، ۽ ٻيو غير سرڪاري آھي. ويجھڙ ۾ نسيم پارس گاد کي ۳۰ نومبر ۲۰۲۵ع تي سالگرھ مبارڪ جو مئسيج ڪيم، وراڻيائين ته ”Thanks, but actual birthday is in January.“. ھاڻي سائين ڏيو منهن! يعني سڀن سان ساڳيو حشر آهي. مان سمجھان ٿو ته ٻيو سبب به ھيو ته سھيل کي اسڪول ۾ دير سان ان ڪري به ويھاريو ويو، جو مان به ٻاتو هيس، پر هي مون کان به چڙهيل ھيو. هن جي ٻولي صرف ماءُ پيءُ يا ھڪ جيڏا ئي سمجھي سگھندا ھيا. سھيل کي کائڻ جي ڪا شئي ھٿ ۾ هوندي هئي ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪو ٻار گھرندو هيس ته هڪدم پنهنجي وات ۾ وجھي چوندو هيو، ”ھم ڪلي ويم!“ مطلب ”کائي ويس! ھاڻي ڪجھ بچيو ئي ناھي ته ڇا ڏيانءِ....؟“

سهيل مڪاني کي هم عمر ھجڻ واري شاھدي ان ڪري به ڏيان ٿو، ته جڏهن اسان واري گھٽيءَ ۾ ڊينبڙو بچل شاھ ايندو ھيو ته ٻارن جي ڊنب ۾ هي وٽر سٽر ڇوڪرو اڳ اڳ ۾ هوندو هيو. بچل شاھ جي گودڙيءَ ۾ بڙ جي پنن جا پيل ٿھا هوندا ھيا، جن تي ڪاري مس ۾ نه سمجھ ۾ ايندڙ جناتي اکر لکيل هوندا ھيا. هو گھر جي در تي بيھي چوندو ھيو، ”فلاڻي مائي جو پٽ ڪير آھي؟“ جنهن ھٿ مٿي ڪيو، تنهن کي پن ھٿ ۾ ڏئي چوندو هيو ته ”وڃ ماءُ کي ڏئي اچ!“ لاھوري محلي جي قديمي رهندڙ ماڻهن جي سڀني مردن ۽ عورتن جا نالا کيس ازبر ياد هوندا ھيا. ڇوڪرو ڀڄندو گھر ويندو. موٽ ۾ ٽڪو، آنڪ، ٻياني يا پائلي کڻي واپس ورندو ۽ بچل شاھ کي اچي ھٿ ۾ ڏيندو ھيو. بڙ جو لکيل پن عورتون ڀاڳ سڀاڳ سمجھي گھر ۾ ڌاڳي سان ٻڌي ٽنگي ڇڏينديون هيون. بچل شاھ سال ۾ هڪ دفعو سڄي لاھوري محلي جو ڦيرو ڪندو هيو. انهيءَ ڦيري ۾ ڊنب ٻارن جا پٺيان هوندا ھيس. اسان جي گھٽيءَ جا ٻار کوکرن جي مسجد کان اڳتي ٻائي جي گھر تائين رسائي الوداع ڪندا ھيس. اتان وري ٻين ٻارن جي ازخود ڊيوٽي شروع ٿي ويندي ھئي. جيڪي شاھن جي پڌر تائين پھچائيندا ھيس. جتان وري ميمڻن جا ٻار توڙ رسائيندا ھيس.

بچل شاھ لاھوري محلي جي مقام ميھر شاھ بخاري جي ڀر ۾ هڪ ڀونگڙيءَ ۾ ويھي پنن تي ڪجھ لکندو يا سڳا وٽيندو نظر ايندو ھيو. خاص ڪري ننڍڙن ٻارن جي ننڊ ۾ ڇرڪ ختم ڪرڻ لاءِ ڌاڳو يا ڪنهن مائي جي مڙس کي مڄو ڪرڻ جو تعويذ وغيره... محلي جا ٽاٻرا ٻار کيس بچل شاھ ڀونگڙي ڪري سڏيندا ھيا. خاص ڪري ڏڪي ڏڪر، ونجھوٽي يا گھچي راند ڪندي نعرو ھڻندا ھيا، ”بچ بچل شاھ ڀونگڙي!!!“ مطلب اھو هوندو هين ته بچل شاھ کامڻ کان بچائجان..! جي بچل شاه کامجڻ کان بچايو ته چوندا ھيا، ”بچل شاه، بچل شاھ آ، جيڪو نه مڃي، تنهن تي لعنت آ...!“ نه بچايائين ته ”سيد ميرو ته به پنج سيرو“ بچل شاھ کي ڪير چوي ته تنهنجي ڪرامت ڪسي آ..!

ٻائي جي گھر جو ذڪر نڪتو ته ان گھر جي ٽريجڊي جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان. ٻائي جو نالو ته ياد ڪونهي. پر اھا خبر هئي ته اسان جي ھم عمر ڇوڪري نازڪ نفيس چيتن لال جو پيءُ آھي. چيتن پنهنجي گھر جي دروازي تي بيھي، اسان کي گھٽيءَ ۾ ڊڪندو ڏسي مشڪندو رھندو ھيو. ٻائي جي ڪلينڪ لاھوري محلي جي اوڀر ۾ واقع روڊ جي اورين ڀر ھوندي ھئي. ھو آئرويدڪ ۽ ايلوپيٿڪ ٻنهي طريقن سان علاج ڪندو ھيو. خصوصن غريب ۽ متوسط طبقي جا مريض ۽ باگڙي ڀيل وٽس جام ايندا ھيا. نالي ماتر في وٺندو ۽ اتي جو اتي دوا درمل يا ڏس ڏئي ڇڏيندو ھيو. سندس مرتيي کان پوءِ سندس وڏي پٽ موھن لال ساڳي طرز تي سٺي نموني سان ڪلينڪ ھلائي. آمر ضيا جي دؤر ۾ سنڌ جي ڌاڙيلن اغوائن ڪرڻ جو نئون نئون ڪاروبار شروع ڪيو ھيو. سندن ھٿن ۾ آٽوميٽڪ ڪلاشنڪوف اچي وئي ھئي. جڏهن ته سنڌ پوليس جي جوانن وٽ بولٽ ايڪشن ۳۰۳ رائيفل ھوندي ھئي. ڪڏهن ڇٽي، ڪڏهن نه...! پوليس جا جوان مقابلي ۾ مات کائي ويندا ھيا. ان ڪري ڌاڙيلن جو من وڌي ويو ھيو. ڏوھن جي دنيا ۾ پرو چانڊيو، جانو آرائين وغيره نالو ڪڍرائي رھيا ھيا. اسان جو ھڪڙو سپاھي مائٽ شيرمحمد بليدي به ڌاڙيلن سان رتيديري ڀرسان وڙهندي شھيد ٿي چڪو ھيو. اغوا جي حوالي سان ڌاڙيلن جو نشانو ڪچيون پنڊيون (پر امن ذاتيون) ھونديون ھيون. ماشاالله! ھاڻي ته ڪاروبار چوٽ چڙهيل آھي، ڪچيون ۽ پڪيون پنڊيون سڀئي ڏچي ۾ آھن. ڏينهن به انهن جو ته رات به ڌاڙيلن ۽ اغوا ڪارن جو آھي. سڄو ملڪ دانھون ۽ ڪيھان ٿي ويو آھي، پر حاڪمن جو چوڻ آھي ته ريھان کيھان لڳو پيو آھي.

خير، قصو ڪجي ٿو ان دؤر جو، جنهن ۾ ھڪ رات موهن لال اوچتو اغوا ٿي ويو. جنهن جاءِ کيس رکيو ويو ھيو، اتان رات جي اونداھيءَ ۾ ڀڄڻ جي ڪيائين ته اغوا ڪارن کي کڙڪ پئجي وئي. انهن مٿانئس انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ شھر جو ھڪ بي قصور مسيحا مري ويو. پرامن ماڻهن جي مرڻ جي ابتدا ٿي وئي، انتھا ته ٿيڻي آھي، سا ٿي رھي آھي.

ڳالھ عمر کان شروع ڪئي ھيم، بهتر آھي ته عمر تي دنگ ڪجي. اسان ٻنهي جون امڙيون (الله کين جنت نصيب ڪري، ھاڻ ھن دورنگي دنيا ۾ ناھن رھيون!) پنهنجي ٻارن جي حوالي سان وڏيون عمر چور ھيون. اسان ٻارن ٻچن وارا ٿي وياسين، ته به اسان جي عمر لڪائينديون رھنديون هيون. ڪچهري ڪندي، هڪ ھڻندي ھئي ته ٻي کڻندي هئي، ”ادي! ڏينهن گذرندي ويرم ئي ڪو نه. مان ته سمجھندي آھيان ته منهنجو ڇوڪرو ڪلھ ڄائو آھي!“ ٻي چوندي ھئي، ”بس مائي، آھن ته ھٿن جا ٻار، پر زالن جي چوڻ تي پاڻ کي مڙس ماڻهو (بالغ) ٿا سمجھن!“ مائرن جي مامتا پنهنجي جاءِ تي، پر اهو خيال نه ڪنديون ھيون ته گھر ۾ اھي ٻرڙاٽ ڪندڙ پوٽا پوٽيون ڪنهن جا آھن....؟

اسان جي يار غار مڪانيءَ جا ٻه نالا رکيل ھيا. ھڪ ”سھيل“ ۽ ٻيو سندس مرحوم ڏاڏي جي نسبت سان ”محمد حسين“. محلي جي ساڳي ئي گھٽيءَ ۾ گھر ھئڻ جي باوجود مان ۽ سهيل لاهوري محلي جي اندر قائم ٿيل جدا جدا اسڪولن ۾ پڙهياسي. هو گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۽ مان پرئڪٽسنگ پرائمري اسڪول ۾. ان ڪري پڙھڻ وقت ھڪ ٻئي کان ڌار پار رھياسي، نه ته سڄو ڏينهن ھڪ ٻئي تي ڪرڙي نظر ھوندي ھئي ته ڪو لڪائي ته نه ٿو کائي. اھا ڳڻتي اڃا وڌي ويندي ھئي، جڏهن سياري ۽ اونهاري جون موڪلون ٿينديون ھيون. جڏهن مان پوري خاندان سميت ڳوٺ ڪنڍو خان بليدي قنبر تعلقي ۾ ٿانيڪو ٿيندو ھيس ۽ سھيل درياھ جي ڀڪ ۾ ”ملڪن“ جي ڳوٺ (موري تعلقي) ۾ پهچندو ھيو. جڏهن موڪلون کائي موٽندا ھياسي، ته سھيل درياھي ڏنڀرن کائڻ جو ذڪر ڪري سڪائيندو ھيو، ۽ مان کيس روز ڇيلي جي گوشت کائڻ جو ٻڌائي گگ ڳاڙڻ تي مجبور ڪندو ھيس.. مجال آ جو دال، پلي، واڱڻ، ڀينڊي، لسي يا پٽڙي ڀت جو ذڪر نڪري....

--۳--

اچئون ٿا ھاءِ اسڪول واري زماني تي ته ان دؤر ۾ به پڙھائي جي حوالي سان هڪ ٻئي کان ڌار پار هياسي. مان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو ھيس، سهيل ميونسپل هاءِ اسڪول ۾. پر منهنجي گھر جي اوطاق تي مانجھاندو گڏ ٿيندو ھيو. هو اڪثر ڪري پنهنجي گھران ٻوڙ ۽ ڪڻڪ جون ڊڳڙيون کڻي ايندو ھيو ۽ مان پنهنجي گھر ۾ تيار ٿيل ٻوڙ سان جوئر يا چانورن جي ماني. جيئن چوندا آھن ته ”ڪنهن کي وا‌ڱڻ وائي، ته ڪنهن کي بصر بادي“. سهيل کي واڱڻ بنھ نه وڻندا ھيا، ته هو اسان جي گھر ۾ رڌل بصرن ۽ گوشت جي ڪڙهي شؤق سان کائيندو ھيو. مون کي بصر ان ڪري نه وڻندا ھيا، ته ڳوٺ مان آيل بصرن جا ٽُورا کُٽندا ئي نه هيا. امان ويچاري بصرن کي کائي کٽائڻ جا جتن ڪندي ھئي. ان ڪري مان واڱڻن جي ڀاڄي (تريل يا برفي) تي ٽٽي پوندو ھيس. بھرحال ھفتي ۾ ھڪ دفعو اسان جي گھر ۾ اسپيشل ڊش طور تي وڏي يا ننڍي گوشت جي ڀاڄي، ۽ سھيل جي گھران سيئل مڇي ايندي ھئي. سندس امڙ سائي مصالحي سان مڇي اھڙي ته سيئيندي ھئي، جو جڏهن سھيل کڻي ايندو ھيو ته کائڻ کانپوءِ آڱريون چٽڻ تي مجبور ٿي ويندو ھيس. هڪ ڏينهن مان امان کي سھيل جي امڙ جي حوالي سان مڇيءَ جي ٻوڙ جي تعريف ڪيم. اتفاق سان ان ڏينهن تي ميربحرياڻي راڄل (اصل نالو نه ٿو کڻان) آئي، جيڪا منهنجي نانيءَ جي ساھيڙي ھئي، ان ڪري مان به کيس ناني ڪري سڏيندو ھيس. تنهن اچڻ سان ناني راحت جو پڇيو ته امان ٻڌايس ته ڳوٺان ناھي آئي. وراڻيائين، ”راحت به رول ٿي پئي آھي.....“

امان چيس، ”ماسي! مڇي ٺاھڻ جا ٻه ٽي ڪي سٺا طريقا ته ٻڌاءِ؟“

اصلي نسلي ميربحرياڻي هئي. امان کي چيائين، ”لوٺي! تون مڇي ٺاھڻ به نه سکين آ. ڀلا تون آ ڪاسائڻ جي ڌيءَ تو کي ڪهڙي خبر.... چڱو، هن ڪُچر (مون ڏانهن اشارو ڪندي) کي موڪل ته مڇي مارڪيٽ مان ڏنڀرو وٺي اچي!“

امان مون کي پندرنهن روپيا ڏنا، مان وٺي وڃڻ لڳس ته چيائين، ”ڪُچر! تازو ڏنڀرو وٺي اچجانءِ، متان ٿيلھي وٺي اچين ته گوگائي وجھانءِ!“

مان سھيل کي ساڻ ڪري مڇي مارڪيٽ ويس ته جي صحيح ڏنڀرو نه مليو ته اڌ گوگائي مرچن جو سھيل به حقدار ھوندو. پر جيئن ته سھيل جا ناناڻا درياھ ڀڪ ”ملڪن“ جي ڳوٺ جا رھندڙ ھيا، کيس مڇي سڃاڻڻ جي خبر ھئي. ڏسي وائسي ڏنڀرو وٺي ڏنائين، ناني راڄي، امان کي مڇي ٺاھڻ جا طريقا پئي ٻڌايا. انهيءَ دؤران سھيل چار پنج ڀيرا مڪني ھاٿيءَ وانگر ڦيرا ڪندي دروازو کڙڪايو، ”ڏنڀرو تيار ٿي ويو...؟“

جڏهن ڏنڀرو تيار ٿيو، ته ڪجھ تريل، ڪجھ سيئل، سھيل ۽ مان پيٽ ڀري کاڌو.

اسان نام ڪٺين شخصيتن ۽ ھستين تي ته بار بار لکئون ٿا. پر انھن ڪردارن تي گھٽ ٿا لکئون، جيڪي زندگيءَ جا حقيقي ڪردار آھن. ان ڪري ناني ميربحرياڻي جو اصل نالو نه لکيم ته متان سندس پونيئرن مان ڪو رنج ٿئي. ناني ميربحرياڻي جو ڪردار مصنوعي زندگيءَ کان پاڪ ھيو، سندس گارين ۾ اھو ميربحرياڻو پيار سمايل ھيو، جو جڏهن به ناني راحت يا ھڪ جيڏين سان ملندي ھئي ته پيار وچان ”ڌيجھان!“ چئي گاريون ڏيندي ھين. پر اھي ڪاوڙجڻ بجاءِ مشڪنديون يا کلنديون رهنديون ھيون. هن پنهنجي مڙس جي مرڻ تي به جيڪي پار ڪڍيا ھيا، سي به ٻڌڻ وارن کان وسرڻ جوڳا نه هيا. چيائين پئي، ”او منهنجي ليکن کاڌا ورَ! تو ڪاڻ يا حسين!!... اڙي، ھن سال جا تازا پلا به نه کاڌئي، ڏنڀرا به نه کاڌئي. او رن يڌا، مان يڌيءَ کي ڪنهن جي آسري ڇڏي وئين..!!“ سندس مڙس ٻيڙين جو ڀلوڙ مستري ھيو. اسان جي ناني مزي وٺڻ خاطر پڇندي ھيس، ”ادي! تون سکر جي سوکڙي ٿي ڪري، لاڙڪاڻي ڪيئن پهتينءَ؟“

”اھي سورن جون ڳالھيون نه پڇ!“ ٿڌو شوڪاري ڀريندي ٻڌائيندي ھئي، ”منهنجي مڙس جا وڏا به اصلي روھڙيءَ جا ٻگھاڻي ھيا. پر لاڙڪاڻي ۾ جڏهن گھاڙ واھ تي ٻيڙين جو ڪم وڌيو ته لاڙڪاڻي وڃي ويٺا. اتي ننڍيون ٻيڙيون گاليا، ھيلھا، آڳيليون، ڪن پٽيون ٺاھيندا ھيا. منهنجا اباڻا ته سکرائي ھيا، وڏيون ٻيڙيون ۽ ٻيڙا ٺاھيندا ھيا. اسان جو گھر بگوچڻ (وڏي ٻيڙيءَ جو ھڪ قسم) ۾ هوندو هيو. اسان جي بگوچڻ اھڙي سھڻي هئي، ڇا ٻڌايانو ته جھڙي ڪنوار. آڳل ۽ پاڇل وچ ۾ ٽي کينجيون (ڪوٺيون) هيس. هڪڙي کينجي سامان لاءِ، ٻي رھڻ لاءِ ۽ ٽين مهمان تائي لاءِ! سڄي بگوچڻ تي چنڊ تارن ۽ چؤڪڙين جي اھڙي ٽڪ ٿيل هوندي ھئي، جو ماڻهو ويٺو ڏسي. بابي جي ھٿن جي ٺهيل ھئي، بابو شاھ ڪاريگر ھيو. مهاڻن جو چوڻ آھي ته ٻيڙي ۽ ڪنوار جو سينگار کٽڻو ناھي. ان ڏينهن تي امڙ چاندِيءَ جي نئين جھانجھر پيرن ۾ وڌي ھئي. منهنجا ڪڏهن آڳل تي ته ڪڏهن پاڇل تي ڪڏڪار ھجن. ڪچڙي منجھند جي ويل ٿي ته سانوڻ (سندس مڙس) ۽ ھڪ اڌ وھي گانگٽ مُڇر اچي پهتا. بابي کين کيڪاري مهمانن واري کينجيءَ ۾ وهاري حال حوال ورتو ته اڌ وھي چيو ته؛ ”استاد! لاڙڪاڻي ۾ ٽن بار وارن ھوڙهن جو ڪم مليو آ، پر مهيني اندر ڏيڻا آھن، اوهان جي ڪارخاني تي ڪاريگر واندا هجن ته ڪم ۾ ھٿ وجھئون. بابي چيس ته؛ سڀايا! ڪم هتي به گھڻو آ، ڏسئون ٿا ته ڪهڙا ڪاريگر واندا آھن ته پوءِ ”ھا يا نھ جو جباب (جواب) ڏبو. مانيءَ جي صلاح هنيائين ته ويھي رھيا. دل ۾ نه ڪجو! هونئن به لاڙڪاڻي وارا مانر ٿين. جاتي به ماني ڏسن، کپ ڳئي ٻارنهن مهينا....“

”ادي، اسان ته ٻڌو آھي ته سکرائي پٺي ڏئي ماني کائيندا آھن.“ ناني ٽوڪيندي ھيس.

”اهي ٻيا ماءُ جا....ھوندا مائي! اسان سانجيجن جي گھر ۾ ته سدائين تئو چڙهيل ھوندو ھيو! امڙ مرحيات مزمانن کي پئي ھٿ کڻي پٽيندي ھئي ته ڳاٽي ڀڳا کٽن ئي نه ٿا. هڪ اٿي ٿو ته ٻيو ٽينگريو بيٺو آھي. ھميشه وانگر بابي، امان کي ماني پچائڻ جو ۽ امان مون کي ھٿ ونڊائڻ جو چيو. مان ۽ امڙ آڳل تي ويھي ڪرت کي لڳي وياسي. مان ڪمين ڪارين آڳل پاڇل تي وڃان ته سانوڻ مون کي ٻلي وانگر ويٺو تاڙي. مان به ڇالي مڇي (وڏا ٽپا ڏيندڙ طاقتور مڇي، جنهن جو وجود سنڌوءَ ۾ پلي کان اڳ ۾ ختم ٿي چڪو ھيو) کاڌل هيس، سمجھي ويس، پر دل ۾ چيم ته ڀلي تاڙي، مان ٿڪ به نه ھڻانس!“

”پوءِ؟“

”پوءِ هفتو به نه گذريو ته منهنجو سڱ گھرڻ لاءِ پيءُ، پٽ ۽ سس ٺوٺيون ٺوڪيندا اچي پهتا. منهنجي سس کي الله بخشي، امڙ گارين ۾ سڄي شھر جا ڪتا چاڙھيندي چيس ته منهنجي ڌيءُ لاءِ سکر ۾ مڙس کٽا، جو ھاڻي لاڙڪاڻي وارا سنبريا آھن. ڀائرن به گھٽ نه ڪين ته توهان جي هتئون گهڙي، هتئون گھڙئون، اوهان کي ھمٿ ڪيئن ٿي! بابي به ڌڪا ڏئي بگوچڻ تان لاٿن...“

”پوءِ ڇا ٿيو؟“

”ٻيو هفتو نه گذريو ته اھڙا بي نؤسا، روھڙيءَ مان اسان جو مرشد وٺي آيا. ڪنڌ تي ڪاتي اچي وئي. بابي، امان ۽ ڀائرن کڻي بس ڪئي. بس ادي ائين ڳوھ ڦاٿي ڊوھ سان. لکيو منجھ نراڙ، قلم ڪياڙي نه وھي. مان اچي لاڙڪاڻي پهتس. پر بابي ۽ امان سوٺا کڻاين ته جڏهن به اسان جي ڌيءَ اڌرات مڌرات اباڻي گھر جي تانگھ ڪندي ته اوهان کي پھچائڻي پوندي!“

”پوءِ نڀايون!“

”کلي چوندي هئي، ”بلي! انهن جي وڏن به نڀايو. مان ساڻن ڪتي جھڙي ڪندي هيس، ته به منهنجو مڙس ٻڙڪ نه ڪڇندو ھيو. منهنجا ناز نخرا سھندو هيو“ پوءِ سڏڪي ڀري چوندي هئي، ”پر اھو ماڻا ٽاڻا سھڻ وارو ئي نه رهيو ته ڪنهن سان ڪيان؟“ شڪايت ڪندي چوندي ھئي، ”پٽن ۾ اھو حياءُ ڪونهي ته ماءُ ماتا آھي، ڄڻي ڏيھُ ڏيکاريو اٿئين...“ آخر ۾ پنهنجو تجزيو پيش ڪندي چوندي ھئي، ”ھاڻي امان! پُئيون (پائخاني) ٿيون وڻن!.... اڳيان وڃن وسري، پويان لڳن مصري، ھاءِ! ھاءِ!!“

منهنجي اوطاق کي ڇھ دريون ھيون، اونهاري ۾ اھي عمومن کولي سهيل ۽ مان مانجھاندو ڪندا ھياسي، جو بجلي ته هوندي هئي پر پکو نه ھوندو ھيو. گھٽيءَ مان ھر ايندڙ ويندڙ جي نظر اسان تي پوندي ھئي. پاڙي جي هڪ ”ش“ اکر سان شروع ٿيندڙ ھم عمر ڇوڪري، سھيل کي چيو ته ”مان به ماني کڻي اچان ته مانجھاندي ۾ شامل ڪندئو؟“

سھيل وراڻيس، ”ڀلي!!“

هو ڪڏهن دال، ڪڏهن پلي ته ڪڏهن صرف چٽڻي کڻي ايندو هيو. هڪ دفعي غوث بخش اعواڻ جي مانڊڻيءَ تان ٻنهي ڄڻن شئي پئي ورتيسي ته ”ش“ جي والد (جيڪو رٽائرڊ سرڪاري ملازم ھيو) مانڊڻيءَ تي بيٺي پئي چيو، ”غوث بخش! روز روز به پلو نه ٿو وڻي. پر گھر جي رنن کي روز پلو کپي...!“ پوءِ زوردار کٽي اوڳرائي ڏيندي پيٽ تي ھٿ ڦيرائيندي ھليو ويو.

اسان ٻڌي، سوچيوسي اڄ ”ش“ پلو ضرور کڻي ايندو. جڏهن منهنجي اوطاق تي ماني لڳي ته ”ش“ صرف ڪڻڪ جي ھڪ ڊڳڙي ۽ چٽڻي کڻي آيو.

سھيل پڇيس، ”پلو ڪاٿي آ؟“

”ڪهڙو پلو؟“

”تنهنجي پيءُ جو مامي غوثل (غوث بخش اعواڻ کي پاڙي جا ٻار مامو غوثل ڪري سڏيندا ھيا) چيو پئي ته روز پلو ٿا کائون!“

”ڀائو! امام حسين جي رت جو قسم، ته اڄ گھر ۾ ٻوڙ ئي ناھي چڙھيو!“

پوءِ اسان کيس سختي سان چيوسي ته ”سڀاڻي پلو نه کڻي آئين ته شامل نه ٿجانءِ!“

پوءِ ”ش“ وري پلي جي ڪري شامل نه ٿيو.

اڄ به سھيل ۽ مان جڏهن ان ڳالھ کي ياد ڪندا آھيون، ته کلندا به آھيون ته افسوس به ٿيندو آھي....

خبر ناھي ته پيءُ سچو ھيو يا پٽ......؟

--۴--

ستر جي ڏھاڪي ۾ هاءِ اسڪولن ۾ نصابي سرگرمين سان گڏ غير نصابي سرگرمين کي به وڏي اهميت حاصل هئي. اهي شاگرد نمايان ليکبا هيا، جيڪي سخت پاڙهو يا رانديگر هيا. اسڪولن ۾ تقريري مقابلا، تصويري مقابلا، ڪئمپ فائرس، ڊراما، موسيقي، پي. ٽي (فزيڪل ٽريننگ ايڪسرسائيز) ۽ مختلف راندين جا مقابلا ٿيندا هيا. خاص ڪري مکيه راندين ۾ ڪرڪيٽ، فوٽ بال، هاڪي ۽ ايٿليٽڪ کي وڌيڪ حيثيت حاصل هئي. انٽر ڪلاسس ٽورنامينٽ ٿينديون هيون. انهن ۾ نمايان ڪارڪردگي حاصل ڪندڙن جي في معاف هوندي هئي، وڌ ۾ وڌ ڪلاس ٽيچر جو ٿورو ٿڪو دڙڪو دھمان ضرور هوندو هيو. ضلعي ليول تي ٿيندڙ انٽر اسڪول ٽورنامينٽس ۾نمايان ڪارڪردگي حاصل ڪندڙ اسڪول جا ھيرو ليکيا ويندا هيا. توڙي جو اسان ٻئي (سھيل ۽ مان) گڏجي مختلف ميدانن تي راند رهندا ھياسي. پر مختلف اسڪولن ۾ هئڻ ڪري راندين ۾ مد مقابل هوندا ھياسي.. ميونسپل هاءِ اسڪول ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي وچ ۾ ساليانه راندين جو سخت مقابلو ٿيندو هيو. راندين ڏسڻ لاءِ ڄڻ سڄي شهر جا ماڻهو ڪولين جيان ڪٺا ٿيندا هيا. جيتوڻيڪ ضلعي جا ٻيا اسڪول به مقابلن ۾ لھندا هيا، پر انهن جي ڪنهن هڪ اڌ راند ۾ ڪارڪردگي هوندي هئي، نه ته ٿيو خير!... اصل مقابلو گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۽ ميونسپل هاءِ اسڪول جو ٿيندو هيو. عمومن ڪرڪيٽ ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي سرسي ٿيندي هئي ته فوٽ بال ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول جي. هاڪي ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول جي ته ايٿليٽڪ ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول اڳڀرو هوندو هيو.

سال ۱۹۷۰ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۽ ميونسپل هاءِ اسڪول وچ ۾ انٽر اسڪول ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ ٻن ميجر گيمس (مکيه راندين) جو نتيجو ابتڙ نڪتو. ايٿليٽڪ ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول کٽيو. جنهن جو سهرو سهيل مڪاني جي سِر تي هيو. حقيقت ۾ ته سھيل Natural Athlete ٿي رھيو آھي، يعني اهو پهلوان جنهن کي قدرتي ڏات مليل ھجي. جيئن استاد عاشق (سومري) پهلوان لاءِ چيو ويندو ھيو. ”سھيل“ پولو والٽ، لانگ جمپ، هاف اسٽيپ جمپ ۽ جيولن ٿرو ۾ نه صرف پهرين پوزيشن کنئي بلڪه پولووالٽ ۾ رڪارڊ پڻ قائم ڪيو. فوٽ بال ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۽ ميونسپل هاءِ اسڪول جي ٽيمن ۾ سخت مقابلو ٿيو. سهيل مڪاني سينٽر فارورڊ پوزيشن تي کيڏندو هيو ۽ مان پنهنجي اسڪول جي ٽيم جو فل بئڪ هيس. سهيل جي گول ڪرڻ جي ٽيڪنڪ کان خوب واقف هيس. ٻئي لاهوري فوٽ بال ڪلب ۾ گڏ کيڏندا هياسي. راند جي دؤران کيس بلاڪ ڪيون بيٺو هيس. اسڪولن جون ٻئي ٽيمون ايڪسٽرا ٽائيم ۾ به هڪ هڪ گول تي برابر رهيون. پينلٽي ڪڪ تي به ساڳيو نتيجو نڪتو. سج لهي چڪو هيو. ٻي ڏينهن تي ايوارڊ سيريمني ھئي. ان ڪري ميونسپل هاءِ اسڪول ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي گيمس انچارجن (منظور رند بلوچ ۽ عبدالله مڪاني) وچ ۾اهو طئي ٿيو ته ٽاس ڪئي وڃي. ٽاس ٿي گورنمينٽ هاءِ اسڪول کٽيو. ايڏو ته اسڪول ۾ جشن ملهايو ويو ڄڻ ڪا جنگ کٽي هجي. سبب اهو هيو ته گورنمينٽ اسڪول ڪوئي ٻارنهن سالن کان پوءِ اهو اعزاز حاصل ڪيو هيو. مان جڏهن به اها ڳالھ فخريه انداز ۾ سهيل مڪاني آڏو ڪندو آھيان ته هڪدم ڪچي ڪرڻ ۾ دير ناھي ڪندو، ”خبر آھي ٽاس تي کٽيو هيوَ!“ مطلب دوستي پنهنجي جاءِ تي، اسڪول جو ناموس پنهنجي جاءِ تي...

بهرحال ميونسپل ھاءِ اسڪول سان مقابلي ۾ برابري ڪرڻ به اسان جي ٽيم جي وڏي ڪاميابي ھئي. سچي ڳالھ آهي ته اھا ڪيپٽن سيد محمد رضا عرف ”راجا“ جي اڻٿڪ محنت هئي. لاھوري محلي جو رهندڙ اردو اسپيڪنگ فيملي سان تعلق ھيس. انتهائي پُر خلوص، ۽ جنوني رانديگر ھيو. (مان ان تي ”سياڻن جي شھر ۾ پاڳل ماڻهو“ جي عنوان سان ڪهاڻي لکي هئي، جيڪا اردو ۾ ترجمو ٿي، ۽ آصف فرخي جي توسط سان الھ آباد انڊيا مان نڪرندڙ رسالي ”شب خون“ ۾ ڇپي ھئي. جنهن جو تفصيل سان ذڪر آصف فرخي جي خاڪي ۾ ڪبو.) ٽاڪ منجھند جو ته ڇا چانڊوڪي راتين ۾ به ٽيم کي فوٽ بال جي پريڪٽس ڪرائيندو ھيو. جنهن جي ڪري رانديگرن جا هڪ ٻئي سان ٽڪرائجڻ ڪري پير نڪتا ۽ دون سڄيا پيا ھوندا ھيا. جڏهن ۱۹۷۰ع ۾ سنڌ ليول تي انٽر اسڪول گيمس نواب شاه ۾ ٿيون ته اسان جي ٽيم جو پھريون رائونڊ جيڪب آباد جي ٽيم سان لڳو. (جيڪا ڪيترن سالن کان وٺي چئمپئن ٿيندي پئي آئي) راند جي پهرين اڌ ۾ اسان جي ٽيم خوب مقابلو ڪيو. راند جي ٻي ھاف (اڌ) ۾ مون سميت ٻه رانديگر زخمي ٿي ٻاھر ويٺا. اسان جي متبادل کيڏندڙ رانديگرن ۾ حال نه هيو، ان ڪري جيڪب آباد جي ٽيم جا حملا تيز ٿي ويا. حملن کي روڪڻ لاء فل بئڪ پوزيشن تي محمد رضا پاڻ ٿي بيٺو. جيڪب آباد جي ٽيم جي مسلسل حملن ڪري ايترو ته بتال ٿي ويو جو پنهنجي ئي گول پوسٽ ۾ شاٽ هڻي ڪڍيائين، جنهن تي ڪامينٽري ڪندڙ اردو ۾ مزاحيه انداز ۾ ڪمينٽس ڏنا، ”يه هئے لاڑکانه کی ٹيم کا کيپٹن، جس نے اپنے هی گول پوسٹ میں گول کرنے کا اعزاز حاصل کيا..!!“ توڙي جو لاڙڪاڻي ٽيم جي گول ڪيپر افضال احمد ڪيترائي گول بچايا. پر ٻي ھاف ختم ٿيڻ تائين ڏھ گول ٿي ويا. راند ختم ٿيڻ تي سيد محمد رضا اردو گاڏڙ سنڌيءَ ۾ مايوسيءَ جو اظهار ڪندي چيو، ”يار منظور، اج تو دل خودڪشي ڪرن جو چئي ٿو!“

مون کيس آٿت ڏيندي چيو، ”رضا! گول ڪيپر افضال جو ٿورو مڃ جو يارنهون گول ڪرڻ نه ڏنئين، نه ته اسان جي ٽيم کي شرٽون لاھڻيون پون ھا..“

ٿڌو ساھ ڀريندي چيائين، ”ھان يار، تون جو گال (ڳالھ) صحيح آھي.“

ان زماني ۾ اھو مشھور هيو ته يارنهن گولن ٿيڻ تي ھارايل ٽيم کي گرائونڊ ۾ شرٽون لاھڻيون پونديون آھن، يعني مڪمل ھار جو اظھار ڪرڻو پوندو آھي.

ڪن جو چوڻ آھي ته فوٽ بال جي راند ۾ ڪو اھڙو رول ئي ڪونهي، اھو صرف افواھ ڦھلايل آھي ته جيئن رانديگر ساوڌان رھن. وڌيڪ رولز جو ماھر ارشاد مخدوم جيڪب آبادي (جھونو اسپورٽس آفيسر) روشني وجھي سگھي ٿو۔

--۵--

لاهوري محلي ۾ روايتي راندين جون سرگرميون به اؤج تي هونديون هيون. محلي جي اولھ ۾ آب ڪلاڻي جي موسم ۾ رائيس ڪئنال ڌڌڪا ڪري وهندو هيو. ان مان ٻه واھ ڦٽندا هيا، هڪڙو گھاڙ واھ ۽ ٻيو آبڙو. اُهي ڄڻ ته لاڙڪاڻي وارن لاءِ ننڍا وڏا سوئمنگ پول هيا. جن ۾ ننڍا ٻار ترڻ سکندا هيا. وڏا وري رائيس ڪئنال ۾ ترڻ جا مقابلا ڪندا هيا. جنهن ۾ خاص ڪري ريگيوليٽرس جي دروازن جي ھيٺان گذرڻ، پاڻي جي پيمائش وارا ٺلھ پڪڙڻ، پاڻيءَ جي گجگوڙ ۾ پل جي لوهي ريلنگ تان بيهي ٽپا ڏيڻ يا رائيس ڪئنال کي هڪ ساھي ۾ آر پار ڪرڻ.وغيره. ان چٽا ڀيٽي ۾ مان سهيل مڪاني کان ڪجھ سرس هيس. پر سهيل ڪوڏي ڪوڏي جو يگانو رانديگر هيو. خاص ڪري سندس ”وڃ“ جو انداز نرالو هيو. هو ”وٺ“ ڪرڻ واري کي بغلن مان هٿ ٽپائي اهڙي ته خطرناڪ اڇل ڏيندو هيو، جو وٺ ڪرڻ وارو ھمراھ وڃي ھيٺ ڦهڪو ڪندو هيو. ڪوڏي ڪوڏي راند ۾ لاهوري محلي جي رمضان رند جي چنبي، نول راءِ جو ڳلٿو ۽ عبدالله ميمڻ جي ڪئنچي وارا داوَ مشھور هيا. ملھ ۾ به سهيل مڪاني پنهنجي جوڙ جو سٺو ملھ هيو. سندس استاد سائين ڏنو (سڳي ناني جو ڀاءُ، جيڪو ”نانو سائنو“ سڏبو ھيو ) ۽ مامو مشتاق احمد جوکيو هيا، جيڪي کيس ملھ جا انگ اکر ٻڌائيندا هيا ته وارو ڪيئن کڻبو، اندريون ۽ ٻاهريون جاٺو ڪيئن هڻبو آ، منڙي ڪيئن هڻبي آهي وغيره. نانو سائنو، پنهنجي جوانيءَ ۾ ملھ وڙهڻ جا قصا وڌائي چڙھائي ٻڌائيندو هيو. سھيل جي ڪري اسان کي به ٻڌڻا پوندا ھيا. اتفاق سان ھڪ دفعي گھٽيءَ جي ٽه واٽي تي ”ناني سائني“ جي ڊاڙ ڊش دؤران سهيل مڪاني جو سؤٽ تنوير اچي پهتو، ٻڌڻ کانپوءِ ڪچي ڪرڻ ۾ دير نه ڪيائينس، ٻڌايائين ته ”ناني سائني“ جي عمر وارا ٻڌائيندا آهن ته هڪ دفعي نانو سائنو، ڊيٽي واڻيي سان ملھ وڙهيو، ڊيٽي ڦيرائي جو هنيس ته نانو ٺري ويو!“ بس پوءِ ته نانو سائنو آپي کان نڪري ويو، ”اڙي وٺي آ ھاڻي به ھندوستان مان ڊيٽي کي، جي چيلھ نه ڀڃانس ته منهنجو نالو ڪتي تي رکجانءِ!“ لڳو پئي ته ڊيٽو واڻيو موري جي پاسي جو ڪو ڀلوڙ ملھ هيو. جنهن کي ورھاڱي جي اريڙ بلا ڳهي وئي...

نانو سائنو، نه صرف ملھ، پر سر ساز جي به ڄاڻ هيس. عمومن واٽ سان گھوڙي ڇاپ ماچيس ڇڻڪائيندي اها ڪافي ڳائيندو رھندو هيو،

”سڏ ڏي ميھر يار، سڏ ڏي ساھڙ يار!

ناھي واھ بچڻ جي، حيلا ڪيم ھزار...!“

ھڪ ڏينهن مذاق ڪندي چيومانس، ”نانا! لڳي ٿو ته تو کي به عشق جي چوٽ لڳل آ؟“

ٿڏو ساھ ڀري وراڻيائين، ”يار ڪيو ھيم ھڪڙو، پر دنيا کي ليڪ ھئي....!“

”ڪٿان جو هيو، لاڙڪاڻي جو يا ملڪن جي ڳوٺ موري جو...؟ پڇيومانس ته چڙي پيو، ”ھاڻي توهان کي ايڊريس به ٻڌايان ڇا؟۔

 نانو سائنو سڄي عمر ڇڙو ڇڙمل ٿي رهيو۔ آخر ۾ بنان اُلڪي حياتيءَ جي اونهين مان اڪري پار پهچي پنهنجي ميهار سان مليو ۔

نانو سائنو گھڙو به سٺو وڄائڻ ڄاڻندو هيو. لوڪل محفلن ۾ محمد حسن چني سان سنگت ڪندو ھيو. محمد حسن چنو سريلو ۽ شوقيه راڳي ھيو. پهريان گورنمينٽ ھاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ استاد هيو، پوءِ پرائيويٽ ڪاليج سچل سرمست ڪاليج لاڙڪاڻي جو پرنسپل بڻيو. ھاءِ اسڪول جي زماني ۾ اسان کي سنڌي سبجيڪٽ پڙهائيندو ھيو.. خاص ڪري جڏهن ڀٽائي جو سر مارئي مان اھو بيت پڙهندو هيو

واجھائي وطن کي، آ جي ھت مياس،

گور منهنجي سومرا، ڪج پنهوارن پاس،

ڏج ڏاڏاڻي ڏيھ جي، ولڙين منجھان واس،

ميائي جياس، جي وڃي مڙھ ملير ۾“

 ته اکيون ڀرجي اينديون هيس. پاڻ به ڀلوڙ شاعر ۽ اديب هيو. ستر جي ڏهاڪي ۾ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري ٿي رهيو. نهايت نرم دل ۽ ملائم مزاج رکندڙ انسان ھيو.

ناني سائني کي ساريندي تنوير مڪاني جو برسبيل ذڪر اچي ويو، جيڪو وقت کان اڳ ”جنت مڪاني“ ٿي ويو... ھڪ جيڏن ۾ دل آويز ۽ دلربا ماڻهو ھيو. تنوير مڪاني، ڪامريڊ شوڪت مڪاني هاري تحريڪ جو ھمدرد ۽ دبنگ قسم جي صحافي جو فرزند ۽ سھيل مڪاني جو سڳو سؤٽ ھيو. تنوير مڪاني هاڪي جو بهترين پليئر ۽ پاڪستان ليول تي مڃيل گول ڪيپر هيو. نيشنل ٽيم ۾ به سليڪٽ ٿيو. پر کيس انٽرنيشنل مئچن ۾ چانس نه ڏنائون. آرھڙ جي موسم ھئي، وڏي ڀيڻ سان ملڻ لاءِ موري جي ڀرسان ڳوٺ ”ملڪَ“ ڏانهن ويندي ڏينهن لڳڻ ڪري ڦوھ جواني ۾گذاري ويو.

تنوير جي حوالي سان هڪ دلچسپ قصو ياد ٿو اچي. هڪ دفعي سومھياڻي مهل شھر مان موٽندي ڏٺم ته گھر ڀرسان ٽواٽي جي بمبوءَ هيٺان ڏنڊ پئي هنيائين، سبب پڇيومانس، ته چيائين، ”منجھند کان بکيو آهيان، بک جو خيال ٿو مٽايان!“ بکئي رهڻ جو سبب پڇيومانس ته ٻڌايائين ته گھر وارن سان چانورن تي رٺو آهيان. روز چانور ٿا چاڙهن، اھا ڪا شرافت آ!“ ٻڌايومانس ته ”مان اڃا ماني ناهي کاڌي، هلي آ ته گڏجي ٿا کائون!“ اوطاق ۾ ويهاري ڪڻڪ جي ماني ۽ بھن جي ڀاڄي کارائيمانس. ڍؤ ڪري کائڻ کانپوءِ چوڻ لڳو، ”تو ماني کارائي ٿورو ڪيو آهي، نه ته سڄي رات ننڊ نه اچي ھا. ٻڌاءِ ته اهو ڪيئن لاهيان؟“

چيومانس ته ”چاچو عبدالله مڪاني ڊائجسٽون پڙهي پوريون ڪري ته مون کي جلدي پڙهائيندو ڪر، سهيل ڏيڻ ۾ ڪجھ دير ٿو ڪري!“ واعدو ڪري هليو ويو. ٻي ڏينهن تي بالڪل نئين نڪور ”سب رنگ ڊائجسٽ“ ڏئي ويو. ٽين ڏينهن تي سهيل ٻڌائڻ لڳو، ”يار، بابا مون تي ڪاوڙجي پيو آهي، ته سندس نئين ڊائجسٽ ”سب رنگ“ ڪيڏانهن گم ٿي وئي...؟ سندس شڪ مون تي آهي، جو مان پڙهي پوءِ توکي ڏيندو آهيان.“

ٻڌايومانس، ”مون وٽ پهتي آهي، پر سورس Source نه ٻڌائيندوسانءِ!“

سھيل ڪنهن حد تائين ته سمجھي ويو، چيائين، ”سورس ڀلي نه ٻڌاءِ، ڊائجسٽ ڏي ته مٿي ڪوٺي تي رکي ڳالھ کي ٺاهيان!“ مون کيس ڊائجسٽ ڏني، سهيل ور ۾ هڻي، مٿي ڪوٺي تي کڻي، ڳولهڻ جو بهانو ڪري، اچي والد کي ڏني ته گھر ۾ ٺاپر ٿي وئي.

تنوير مڪاني جو ذڪر نڪتو ته ڪيتريون دلچسپ ڳالهيون ياد آيون۔ بي ساختگي ۾ اهڙي ڳالھ ڪري ويندو هيو، جو ماڻهوءَ کان ازخود کل نڪري ويندي هئي. هڪ دفعي مان نئين شرٽ ۽ پينٽ پائي علي شير جي اوطاق تي بن ٺن لڳو ويٺو هيس، ڏسي چيائين، ”اڄ ته ڪامريڊ مان ڪانگريس (ڪانگريسي سرمائيدار) لڳو پيو آھين!“ پاڙي جي هڪ جيڏن ۾ محمد نواز ڀٽي وڏو چرچائي هيو، تنهن ساڻس والد جي حوالي سان چرچو ڪيو ته چيائينس، ”هل ڙي! توهان جي والد جي دوڪان جون ٽائپون (ٽائيپ رائٽرس مشينون) اهڙيون آهن جو هڻ A کي ته لڳي B ٿي!“ اهو ٻڌي سڀئي کلي کلي کيرا ٿي پيا. محمد نواز جو والد محمد حسن سيکڙاٽن کي پھريان پراڻين ٽائپ مشينن تي ٽائيپ ڪرڻ سيکاريندو هيو. جيڪو به نويل سکڻ ويندو هيو، اهو اِها دانهن ڪندو هيو. محمد حسن ڀٽي نهايت نازڪ نفيس ۽ با ادب انسان ھيو. سٺي روايتي شاعري ڪندڙ ھيو. ڪڏهن ڪڏهن ”روح رھاڻ ادبي سنگت لاڙڪاڻي“ ۾ به تشريف کڻي ايندو ھيو. سندس ھڪ غير روايتي شعر، گڏجاڻي ۾ خوب داد حاصل ڪيو. جنهن ۾ دقيانوسي مُلن تي خوب طنز ٿيل هئي. جنهن جي صرف وراڻي ياد آھي،

”تنهنجي منهنجي خيالن ۾ آ، فرق وڏو اي مولانا!“

--۶--

ڊائجسٽن پڙهڻ جي عادت مون کي چاچي عبدالله مڪاني وڌي. چاچو عبدالله ڊائجسٽن پڙهڻ جو وڏو شؤقين هيو. انگريزي جي ريڊر ڊائجسٽ کان وٺي اردو يا سنڌي، هر قسم جي ڊائجسٽ پڙهندو هيو. ان جو اثر سهيل مڪاني ۽ مون تي به پيو. چاچي عبدالله مڪاني ڊائجسٽ پڙهي پوري ڪئي ته اها سهيل وٽان ٿيندي مون وٽ پهچندي هئي. ان کان پوءِ مان ته اهڙو ناسوري ٿي ويس جو ڊائجسٽ ملي ناهي، پڙهي ناهي. انهن ڊائجسٽن ذريعي جاسوسي، پراسرار، مهم جوئي وارن موضوعن سان گڏوگڏ دنيا جي ڪلاسيڪل ادب به نظر مان گذريو. خاص ڪري فرينچ اديب ”موپاسان“، آمريڪن اديب ”ايڊگر ايلن پو“ ۽ روسي ڪلاسيڪل ڪهاڻيڪار ”ليو ٽالسٽاءِ“ ۽ ”انتوني چيخوف“ جون ڪهاڻيون پڙهيون. پوءِ سندن اردو يا انگريزي ۾ ٿيل ترجمن وارا ادبي ڪتاب پڻ نظر مان گذريا. ان عرصي دؤران مان ريلوي بوڪ اسٽال تان سويت يونين مان نڪرندڙ انگريزي ٻوليءَ ۾ انتھائي خوبصورت نفيس پيپر تي ڇپيل ”اسپٽنڪ ڊائجسٽ“ جو باقاعده خريدار بڻيم. جنهن ۾ سھيل جي دلچسپي صرف اسپورٽس جي صفحن تائين ھوندي ھئي. آڪٽوبر ۱۹۷۹ع جي اسپٽنڪ ڊائجسٽ جي ٽائٽل پيج تي سويت يونين جي جمناسٽ ڇوڪري ”ايلينا مڪھينا“ جو فلور ايڪسرسائيز وارو رنگين فوٽو ڏنل ھيو. سھيل بار بار ھٿ گھمائيندي پئي چيو؛ ”منظور! ھن جي فٽنيس تي ڏس!“

وراڻيومانس، ”ايترو به ھٿ به نه گھماءِ جو ٽائيٽل گسي وڃي!“

”مان فٽنيس جي ڳالھ ٿو ڪيان، تون وري الائي ڪاڏي ٿو ڇڪين!“

”مان تنهنجي کھري ھٿ جي فٽنيس جي ڳالھ ٿو ڪيان...“ کلي چيومانس.

حقيقت اھا هئي ته ماسڪو ڄائي ”ايلينا مڪھينا“ اھا جمناسٽ ھئي جنهن ۱۹۷۸ع ۾، اسٽراسبرگ (فرانس) ۾ منعقد ٿيل ورلڊ چئمپئن ٽائيٽل ۾ رومانيه جي ناديه ڪومنچي (۱۹۷۶ع جي سمر اولمپڪ جي ناقابل شڪست چئمپئن) کي شڪست ڏني ھئي. افسوس جو ماسڪو ۾ ٿيندڙ ۱۹۸۰ع جي ”سمر اولمپڪس“ ۾ حصو نه وٺي سگھي. سمر اولمپڪس کان ڪجھ مهينا اڳ سندس ڄنگھ ڌڪجي پئي، اڃا ڄنگھ ٺيڪ ئي نه ٿيس ته ڊاڪٽر ۽ ڪوچ جي جلد بازي ڪري کيس سخت ٽريننگ ڪرائي وئي. جنهن جي ڪري سندس ريڙھ جي ھڏي ۾ مسئلو پيدا ٿي پيو ۽ پوءِ مڪمل طور اپاھج ٿي وئي. نتيجي ۾ ناديه ڪومنچي ۽ سويت يونين (ھاڻوڪي بيلورس) جي ”نيلي ڪم“ جمناسٽڪ جي مختلف ايونٽس ۾ گولڊ ميڊل کڻي ورتا. سندس اھڙي بي وسي ۽ بدقسمتي تي اسپورٽس سان محبت ڪندڙن کي ڏاڍو رنج رسيو ھيو. اھڙن پرستارن ۾ مان به ھڪ هيس. سوچيندو ھيس ته انسان جي زندگيءَ ۾ قسمت يا اتفاق وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا. پٽ کان کڻي کٽ تي ويھارين يا کٽ کان کڻي پٽ تي ويھارين. ۲۳ ڊسمبر ۲۰۰۶ع ۾ پنهنجي آفيس (لاڙڪاڻه ڊيولپمينٽ اٿارٽي) مان ڪم اڪلائي منجھند ڌارا سهيل مڪاني جي آفيس (ڊپٽي ڊائريڪٽر اسپورٽس لاڙڪاڻو) ۾ پهتم. مانجھاندو گڏ ڪندا ھياسي. جيئن ته سندس آفيس ۾ ويهن انچن جي ٽي وي لڳل هئي. مان رموٽ کڻي ٽي وي تي بي بي سي چينل کوليو ته اھا خبر پئي ھلي ته ۲۲ ڊسمبر ۲۰۰۶ع جو ۴۶ سالن جي عمر ۾ ”ايلينا مڪهينا“ دل جي دؤري پوڻ ڪري گذاري وئي. مان ٿڌو شوڪارو ڀريندي سھيل کي چيو ته ”يار! اڄ منجھند جي ماني ڪاٿي وڻندي!“

سھيل مون کي اداس ڏسي گھنٽي وڄائي ۽ پٽيوالي مشتاق کي چيو، ”ٻڌ! سائين ۽ منهنجي گھران ماني کڻي اچڻ بدران، هي پندرنهن سؤ وٺ!.. لاڙڪاڻي بئڪري مان چار چڪن پيٽيز پر تازيون، ھڪ انگورن جي جوس جو دٻو، ريل بند واري پڪوڙائي کان سؤ روپيه جا بھن وارا پڪوڙا، ٻن سون جا ملان جا ڇولا، ڪلو نارنگيون، ڪلو تازه زيتون وٺي تڪڙو موٽ!“

جيستائين مشتاق موٽي، سھيل مون سان ائين تعزيت پئي ڪئي ڄڻ ته ايلينا مڪھينا منهنجي سڳي سؤٽ ھجي (جيتوڻيڪ نه مون کي ڪا سڳي سؤٽ ھئي ۽ نه ڪنهن کي اڄ تائين بڻايو اٿم) ٻنهي ڄڻن پري وش جمناسٽڪ ڇوڪرين جي ايونٽس کي دل سان ساريوسي. جنهن ۾ روسي جمناسٽ ”نتاليه“ جي ”والٽ ايونٽ“ کان وٺي ”اولگا ڪوربت (جنهن کي بيلوروس جي گاديءَ جي هنڌ منسڪ جي جھرڪي سڏيو ويندو ھيو) جي ”بيلنس بيم“، رومانيه جي ناديه ڪومنچي جي ”اَن ايون بارس ايونٽ“ جي پرفيڪشن جي تعريف ڪندي, دنگ ايلينا مڪھينا جي ”فلور ايڪسرسائيز“ تي ڪيوسي. ان مان اوھان اسان رانديگرن جي تعزيتي گڏجاڻي جو اندازو ڪري سگھو ٿا...!

جيئن اديبن جو نظريو ادب برائي ادب يا ادب برائي زندگي آھي. تيئن رانديگرن جي محبت يا دوستي برائي فٽنيس هوندي آھي. مشتاق سامان سوڌو موٽيو ته غم غلط ڪرڻ لاءِ آھستي آهستي ڪري آندل شيون سڀ کائڻيون پيون. توهان اسان کي ”ڪُٽيءَ کائو مجنون“ چئي سگھو ٿا، ڀل چئو! پر جان آ ته جھان آ... ملان ۽ رانديگر ۾ مشترڪه ڳالھ اھا آھي ته مرڻو به کائن ته پرڻو به. فرق اھو آھي ته ملان لڪائي، رانديگر سنگت ساٿ کي صلاحي کائيندو.

جسماني فٽنيس يا بدني بناوت جي ڳالھ نڪتي ته پنهنجي پاڙي جي ”گلي ڀنگياڻي“ به گھٽ نه هئي. توڙي جو ڪاري ڪِٺُ ھئي. پر هلندي سندس انگ انگ ڪنهن ڪاريھر نانگڻ جيان ور وراڪا کائيندو هيو. اسان ته ڇا، پر پڪا پوڙھا به کيس ايستائين ڏسندا ھيا، جيستائين ڪنهن گھٽيءَ جي وڪڙ ۾ اکين کان اوجھل نه ٿي وڃي. ھوءَ ھڪ ڪراڙي ڀنگياڻيءَ جي نئين نويلي ننهن هئي، جيڪا ويچاري ڪم ڪار کان ويهجي چڪي هئي. پر ڪنهن نه ڪنهن جي جاءِ جي دِڪي تي ويهي دوڏا ڦاڙي نظرداري ڪندي هيس. ٻي به هڪ نوجوان ”مايا“ نالي ڀنگياڻي هئي، ”مايا“ ڀوري ۽ تلھڙ ھئي. پر خبر ناھي ڇو ڪوئي اک کڻي به نه نھاريندو هيس. جيئن ته اسان جو پاڙي جي شرفاءَ گھراڻن سان واسطو هيو، ان ڪري خانداني ڀرم رکندي ”گُليءَ“ کي ٻلي واري جوھ وجھي نه، پر اک جي پڇڙيءَ سان ڏسندا هياسي. هڪ ڏينهن دوڪان تان تِرن جي لائي وٺندي پڪڙجي پياسي. گلي ڀنگياڻي ڀرسان ٻانهن هڻندي لنگھي ته ازخود ڪنڌ ڦري ويو. پاڙي جو هڪ پير فرتوت (قابل احترام پوڙھو بزرگ) تاڙي ويو، بيھاري چوڻ لڳو، ”بابا! ان بغلن ڪاري، ارھن اڇي، بدچال کي نه ڏسندا ڪيو، اوهان خانداني ڇوڪرا آھيو، ڪجھ سمجھ ڪيو...!“

اسان کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو. پاڙي جي پير فرتوت جي نصيحت آڏو تسليم خم ڪيوسي.

پر سهيل ٻه ٽي دفعا پڇيو ته ”اِن بزرگ کي ڪيئن خبر پئي ته گُلي ارهن اڇي بغلن ڪاري آ؟“

”چريا! وڏن جي وڏي نظر هوندي آھي، ائين سمجھ ته ايڪس ري!“ سمجھائڻ جي ڪئيمانس.

پر سمجھائڻ سان ڪٿي ٿو سمجھي، ”وڏي عمر وارن جي نظر ته گھٽ هوندي آھي، هن جي نظر ڪيئن ايڪس ري ٿي...؟“

ننڍي لاءِ کان وٺي سھيل کي ”پڇ پڇ“ ڪرڻ جي عادت ھئي، ٻڌايومانس ته اھو پهاڪو هڪ بد چال عورت لاءِ ڏنل آهي ته ”ارهن اڇي، بغلن ڪاري، پنجوءَ ماءُ ڪنهن نه موڙي!“

”پنجو ماءُ ڪٿان جي ھئِي...؟“

تنگ ٿي چيومانس، ”پنجو ديري جي ھئي!“

”گليءَ کان وڌيڪ فٽنيس ھيس ڇا؟“

”خدا کي مڃ، مٿو نه کاءُ...!“ ھٿ ٻڌي چيومانس.

”پوڇنا تو ھمارا فرض بنتا هئي!“ پٺاڻ واري لطيفي کي پس منظر ۾ رکي معصوميت سان چيائين.

خير، ڳالھ آئي وئي. هفتو نه گذريو ته گھٽيءَ ۾ هنڀ ٿي ويو. اسان به گھران نڪري پهتاسي. گليءَ جي ھٿ ۾ ڪرفٽي ميڙڻ وارو چمٽو هيو ۽ پير فرتوت جو مٿو هيو، سڀن آڏو سندس پتا پڌرا پئي ڪيائين، ”جڏهن به هتان لنگھان ٿي ته ڪڏهن پئسا، ته ڪڏهن ريشمي گوڏ مٿي ڪري ٿو ڏيکاري... غريب ڀنگي آهيون، ته ڇا ٿيو، توهان جو ڪيل گند ڪڍي ٻاھر ٿا اڇليون!“ ڪجھ ڏينهن ڀنگي ۽ ڀنگياڻيون احتجاجن نه آيون ته سڀن کي خبر پئجي وئي، ته پنهنجي ئي اندر جو ڪڍيل گند دفع ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. پوءِ پاڙي جي چئن چڱن ميونسپالٽي ۾ وڃي معافي تلافي ڪري جان ڇڏائي. ان واقعي تي اھو انگريزي پهاڪو ياد آيو هيو۔

An old devil is worse than a young one

(نوجوان شيطان کان، پوڙهو شيطان بدتر ٿئي ٿو.)

--۷--

لاڙڪاڻي جي مشھور تعليمي اداري ”گورنمينٽ ڊگري ڪاليج “ ۾ پڙهائي جي لحاظ کان سھيل مڪاني ”فرسٽ ايئر پري انجنيئرنگ“ ۾ ھيو ته مان بي اي پارٽ ون ۾ هيس. تعليمي حوالي سان الڳ الڳ، پر راندين جي حوالي سان ڄڻ ته ڪٺي هياسين. مان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪيپٽن ھيس ۽ سھيل ٽيم جي بهترين رانديگرن منجھان ھڪ ھيو.

ان دؤر ۾ ڊاڪٽر شبيھ حيدر رضوي صاحب پرنسپال ھيو. ڏاڍو سھڪاري ۽ اپڪاري شخص ھيو. ھڪ دفعي شام جو سڀئي رانديگر ڪرڪيٽ جي پريڪٽس جي سامان جي کوٽ جي شڪايت کڻي ڊي پي (ڊائريڪٽر آف فزيڪل ايڊيوڪيشن) کي چوڻ بجاءِ سڌو سنئون سندس گھر پھتاسي. مارچ جو مهينو ھيو. اسان کي بيٺڪ ۾ ويهاري شربت پياريائين. پوءِ مخاطب ٿي چيائين، ”سڀاڻي آفيس اچجو! ”ڊي پي“ ۽ ”اڪائونٽنٽ“ کي گھرائي، اوهان جو مسئلو حل ڪري ڇڏبو!“

ٻي ڏينهن تي ڊي پي ۽ اڪائونٽنٽ کي منهن سامهون گھرائي چيائين، ”هنن کي پوري سال جو سامان وٺي ڏيو، جيئن ان معاملي ۾ ٻيھر شڪايت نه ڪن!“ ائين ئي ٿيو. ٻارنهن ڊزن ٿري اسٽار بال، ڇھ ولو بيٽس، ۱۲ پارچمينٽ بيٽس، پيڊن جون ڏھ جوڙيون، ھينڊ گلووز، ايبڊامن گارڊس، اسٽمپس ۽ بيلس، ايستائين جو فرسٽ ايڊ ڪِٽ به. مطلب ته ايترو وافر مقدار ۾ سامان مليو جو مان ڪيپٽن جِي حيثيت سان ان سامان کي پورا ٻه سال ھلايو.

انتھائي لائق فائق انسان ھيو. پرنسپال ٿي ڪري زولاجي سبجيڪٽ جي حوالي سان پاڻ ڪلاس وٺندو هيو. نه صرف اھو پر سائنسي معلومات ڏيڻ خاطر سائنس ۽ آرٽ جي شاگردن کي گڏ ويهاري ليڪچر ڏيندو ھيو. هڪ دفعي مون کي گھرائي چيائين، ”اڄ سڀني رانديگرن کي چئو ته منهنجي ليڪچر ۾ ضرور ويهن!“ مان سندس چوڻ تي ڪاليج جي رانديگرن کي سڏي ڪلاس ۾ ويھاريو. هن جيري (Liver) تي ليڪچر ڏنو. جنهن ۾ جيري جي فنڪشن ۽ بيمارين بابت معلومات ڏنائين ۽ اهو به ٻڌايائين ته جيري کي طاقتور ڪرڻ لاءِ ڪھڙيون شيون کائجن ۽ ڪاسائي کان جيري وٺڻ کان اڳ خراب ۽ سٺي جيري جي ڪيئن سڃاڻپ ڪجي. سندس آفيس ۾ هڪ ننڍڙو فش اڪيوريم (Fish Aquarium) پيو هوندو هيو. سندس خاص مڇين جي حوالي سان تحقيق هلندڙ هئي. ھڪ رات ڪي مت جا موڙھا ۽ جذباتي ھوڙهيا آيا، سندس گھر جي گھنٽي وڄائي، جيئن ئي ھو ٻاھر نڪتو مٿانئس فائر ڪري ڀڄي ويا ۽ ھو شھيد ٿي ويو. اھا تلخ حقيقت آھي ته دنيا ۾ تعصب ۽ نفرت جي باھ ڪيترن ئي معصوم ماڻهن کي ڄرڪي وئي. جن جي هن دنيا کي اشد ضرورت ھئي. مختصر لفظن ۾ سندس شخصيت کي بيان ڪجي ته منهنجي نظر ۾ شبيھ حيدر رضوي صاحب ”فنا في العلِم“ شخصيت ھيو. ھن جي شھادت جي حوالي سان عربي جي اھا چوڻي تُز آھي ته ”موت العالِم، موت العالَم (ھڪ عالِم جو موت، سموري عالَم جو موت آھي)

ان زماني ۾ ڪاليج جي ھڪ ٻي شخصيت به قابلِ ذڪر راجه محمد نواز ھيو. ھو ھردلعزيز آغا منظور پٺاڻ شڪارپوري جي بدلي کانپوءِ ڪاليج جو ڊي پي (ڊائريڪٽر فزيڪل ايڊيوڪيشن) بڻيو. نيشنل ليول جو ايٿليٽ (جيولن ٿرو جو ايونٽ ڪندڙ) ۽ سندس تعلق پنجاب جي پوٺھار علائقي سان هيو. پوٺوھارين لاءِ مشھور آھي ته سخت طبيعت ھوندا آھن، پر هي ان جي ابتڙ ھيو. ائين لڳندو ھيو ته ڄڻ ميان محمد بخش جو مريد هجي. جنهن چيو ھيو ته

مٺا ميوا بيري ديوي، ڦير وي وٽي کاوي

صبر بيري دا ويک ”محمد“، نيڪيان ڪردي جاوي

انتھائي صابرين، ٿڌي مزاج ۽ اصول وارو ماڻهو. ڪاليج جي سٺن رانديگرن يا ٽيمن جي عزت افزائي ڪندو هيو. سندس سفارش تي مان ڪرڪيٽ ٽيم جي سڀني رانديگرن جي ماھوار في معاف ڪرائي ويندو ھيس. پرنسپل شبيھ حيدر رضوي کي سفارش جو ھڪ جملو چوندو هيو، ”سر! يه بچي ڪالج کي شان هئين!“ پر جي رانديگر ڪا غلطي ڪندو ھيو، ته ھرگز پٺڀرائي نه ڪندو ھيو. جنهن جو ذڪر مان اڳتي ھلي ڪندس.

ڪاليج جي ڪرڪيٽ ٽيم جو، سھيل کاٻيئڙو ميڊيم فاسٽ بالر هيو. سندس بال تي مڪمل گرفت هوندي هئي. مان ڪيپٽن جي حيثيت سان بئٽس مئن جي ڪمزور سائيڊ کي تاڙيندو رھندو ھيس. پوءِ مان کيس پِچ (Pitch) جي جنهن جاءِ تي چوندو هيس، اتي بال ڪيرائيندو هيو. جي بئٽس مئن آئوٽ نه به ٿي، پر رنسون نه ڪري سگھندو ھيو. سھيل مڊل آرڊر بئٽس مئن ۽ بهترين ھٽر (Hitter) پڻ هيو. اچڻ سان ئي بالرن جون وايون ولڙيون ڪري ڇڏيندو ھيو. پنجويھ ٽيھ رنسون ٺاھي ٿرٿلو مچائي ٻاھر نڪري ايندو ھيو. ڊسٽرڪٽ ليول تي انٽر ڪاليج ٽورنامينٽس ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ناقابل شڪست هئي. اسان جي ٽيم جي فائنل مئچ عمومن ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي سان ٿيندي هئي. ڪامرس ڪاليج جو هڪ خطرناڪ فاسٽ بالر، چڱيءَ طرح ياد ڪونهي، شايد ته نالو ”اقبال“ ھيس، باؤنسر ھڻندو هيو. ان زماني ۾ هيلمئٽ (Helmet) پهرڻ جو رواج نه هيو. بئٽنگ ڪندي هڪ بائونسر کي زوردار ڌڪ ھڻڻ جي ڪوشش ۾، بال گسي سڌو اچي منهنجي نڪ ۾ لڳو. ايتري رت اڙهي جيئن چئبو آھي، ڪتا به نه چٽن. مان فرسٽ ايڊ وٺي وري ڪريز تي اچي بيٺس. ڀؤ کان باؤنسر بال کي ڇڏي پئي ڏنم. احتياط سان کيڏندي ۹۶ رنسون ٺاھي ورتم. اقبال جي اوور شروع ٿي، دل ڌڪ! ڌڪ! ڪرڻ لڳي. سوچيم پئي ته اقبال باؤنسر هڻي ڌڪي نه وجھي. پر هن اسپورٽس مئن اسپرٽ جو مظاھرو ڪندي، سؤلڙي نموني سان فلٽاس بال اڇلائيندي چيو، ”آ منظور، سينچري مڪمل ڪر!“ مان ان جو فائدو وٺي گيپ ۾ شاٽ هڻي بال کي بائونڊري پار ڪرائي چار رنسون ورتيون. ائين مان پهريون دفعو سينچري پليئر ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.

ھڪ ٻي اھم انٽر ڪاليج ٽورنامينٽ سکر ڊويزن رنامينٽ جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي. جنهن ۾ ”تر جي گٿي سؤ چوٽون کائي!“ جو پهاڪو صادق اچي ٿو. گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جي ٽيم خيرپور ۽ جيڪب آباد جي ٽيمن کان کٽي سيمي فائنل ۾ نوابشاھ (سابقه چئمپئن ٽيم) سان مد مقابل ٿي، ۽ مئچ کٽي ورتي. بحيثيت ڪيپٽن مون کان غلطي اها ٿي جو سکر ڪاليج سان فائنل مئچ دوران پنهنجي ڪاليج جي ھڪ مشھور سابقه آل رائونڊر رانديگر (پر سازشي ذهن رکندڙ) جي چوڻ تي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي اوپنر بئٽسمئن ملڪ محمد کي کيڏايو. هن راند دؤران ڪا خاص ڪارڪردگي به نه ڏيکاري، صرف ست رنسون ٺاھي آئوٽ ٿي ويو. ان آل رائونڊر وڃي سکر ٽيم جي مئنيجر کي ٻڌايو ته ٻاھريون پليئر کيڏايو اٿئون. ان لکت ۾ پروٽيسٽ ڪيو. مون کان جڏهن راجا محمد نواز پڇيو ته مون ساڻس سچي ڪئي ته اھو پنهنجي ڪاليج جي مشھور سابقه پليئر جي چوڻ تي ڪيو. راجا محمد نواز کي ان سابقه پليئر کي گھرائي سرزنش ڪئي ته هن شرمسار ٿيڻ بجاءِ صلاح ڏنس ته ”سر! ڪا ڳالھ ئي ڪونهي، اوهان ملڪ محمد جو ڪاليج مان ڪوڙو شناختي ڪارڊ ٺھرائي پيش ڪري ڇڏيو، پروٽيسٽ ازخود ختم ٿي ويندو!“

راجا محمد نواز انڪار ڪندي انگريزي جو قؤل ورجائيندي چيو،

Mistake is a mistake only if you make it twice

(غلطي تڏهن غلطي آھي، جڏهن اوھان ان کي ورجايو ٿا)

نتيجي ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي ٽيم Debarred يعني ٽورنامينٽ ۾ حصي وٺڻ کان محروم ٿي وئي. سکر ۽ نواب شاه جون ٽيمون فائنل ۾ پهتيون. سکر جي ٽيم به ساڳي ئي غلطي ڪئي، توڙي جو ڪاليج جا ڪوڙا شناختي ڪارڊ ڏيکاري ٻه پليئر ٽيم ۾ شامل ڪيا ويا ھيا، پر پڪڙجي پيا. انت ته نواب شاھ جي ٽيم وري چئمپئن ٿي وئي.

ٽين ٽورنامينٽ جو ذڪر ڪرڻ به ضروري سمجھان ٿو. سال ۱۹۷۶ع ۾لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ انٽر ڪلب ٽورنامينٽ ھئي. مان ڊگري ڪاليج جي ٽيم پوري تياري سان لاٿي هئي. نتيجي ۾ ڪاليج جي ٽيم فائنل ۾ پهتي. مد مقابل يوٿ ڪرڪيٽ ڪلب هئي. (توڙي جو مان يوٿ ڪرڪيٽ ڪلب جو ميمبر ھيس. پر جنهن ٽورنامينٽ ۾ ڪاليج جي ٽيم حصو وٺندي ھئي، اتي ڪيپٽن جي حيثيت ۾ ترجيح ڪاليج جي ٽيم کي ڏيڻي پوندي ھئي.) جنهن ۾ نوي في صد رانديگر لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ ٽيم جا هيا. يوٿ ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم کي ڪاليج جي ٽيم ۱۳۸ رنسن تي ڍير ڪري ڇڏيو. ان مقابلي ۾ باؤلنگ جي حوالي سان سهيل مڪاني ۽ اڪرام تونيي زبردست ڪارڪردگي ڏيکاري. جڏهن اسان جو وارو آيو ته اٺن وڪيٽن تي اسان ۱۳۲ رنسون ٺاھي ورتيون. کٽڻ لاءِ صرف ۷ رنسون درڪار ھيون. مان اڃا ڪريز تي بيٺو هيس. انهيءَ دؤران اوچتو اسان جي ٽيم جا ٻه سٺا بئٽس مئن غائب ٿي ويا. هڪڙو هيو محمد اسلم سنديلو ۽ ٻيو هيو اڪرام تنيو. ٻنهي جي پراسرار نموني سان غائب ٿيڻ ڪري اسان ڇھن رنسن تي هارايو. پوءِ خبر پئي ته کين ڀڄائڻ ۾ مختيار احمد جلباڻي جو هٿ هيو، جيڪو يوٿ ڪرڪيٽ ڪلب جو وائيس ڪيپٽن ۽ پنهنجي سڀاءَ ڪري سڀني رانديگرن جو ”مامو“ سڏبو هيو. پر جلباڻين جي سرداري خاندان سان تعلق هجڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن سردارڪي جُوجڪي اچي ويندي ھيس. جڏهن خبر پئي ته مامي مختيار جلباڻي کان پڇيم ته چيائين، ”اها بي عزتي ناهي، جو يوٿ ڪلب جيڪا ذري گھٽ ڊسٽرڪٽ جي ٽيم آهي، تنهن کان ڪاليج جي ٽيم کٽي وڃي!“

مان مامي مختيار جلباڻي کي ته ڪجھ نه چئي سگھيس، ڇو جو هو منهنجو محسن به ھيو. ھڪ سال ڊسٽرڪٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪيپٽن ”نذر محمد سيال“ جي شڪايت تي ڊسٽرڪٽ ڪرڪيٽ ايسوسيئشن اعزاز ڏيڻ واري تقريب ۾ مون کي بليزر نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، جو مان ڪراچي جي ٽيم سان هڪ اھم مئچ ۾ غائب رهيو ھيس. (شايد اهميت جتائڻ لاءِ ڪيو هيم يا ڳوٺ ضروري ڪم هيو.) جيتوڻيڪ نذر محمد سيال صاحب سندس گھاٽو دوست ھيو. پر مامي مختيار جلباڻي ايسوسيئشن وارن سان وڙهي جڙهي، منهنجي ڀر کڻي بليزر وٺي گھر ڏئي ويو. البته اسلم سنديلي ۽ اڪرام تنيي کان جواب طلبي ڪيم. اسلم سنديلي ٻڌايو ته ضروري ڪم لاءِ کيس والد محترم جو نياپو آيو هيو، ۽ ساڳيو من و عن عذر اڪرام به ڏنو. محمد اسلم سنديلي کي ته ڪجھ نه چيم، جو ڪاليج جي پرنسپال سائين عبدالڪريم سنديلي جو فرزند ارجمند هيو. البته اڪرام تنيي کي ٿڦ وهائي ڪڍيم، جيئن چئبو آهي ته ڏاڍي تي ڪاوڙ چڙهي ڪو نه، هيڻي تان لھي ڪو نه. ٻئي ڏينهن تي ڏاڍي شرمساري ٿي. اڪرام تنيي کان ڪاليج ۾ سڀني رانديگرن آڏو معافي ورتم، اھو سوچي ته

Not admitting a mistake is a bigger mistake

--۸--

ڊاڪٽر شبيھ حيدر رضوي جي شھادت جي حوالي سان ڪيئي افواھ ھلندڙ ھيا ته هو امتحانن ۾ ايڪسٽرنل جي حيثيت سان سخت گير رويو رکندڙ يا تعصب پرست ھيو. ان ڪري ڪجھ ڏنڀيل شاگردن کائنس انتقام ورتو آھي. ڪن جو چوڻ هيو ته اھو ٽُوٽ ٽرڙن جو ڪارنامو آھي، جيڪي پڙهن نه ڪڙهن، رڳو بدمعاشي ڪن. جيترا وات اوتريون ڳالھيون. بھرحال اسان جو مؤقف اھو هيو ته جي ڪنهن ڌر لاءِ ناپسنديده به هيو ته سندس بدلي ڪرائي سگھجي پئي. ڀٽن صاحبن )ذوالفقار علي ۽ ممتاز علي) جي عوامي حڪومت ھئي، گرو گنجو شڪايت کڻي وس وارن وٽ پهچي ويندو ھيو ته ٻُڌو ويندو ھيو. جي ڪو شڪايت کڻي وڃي ھا ته شايد اھو سانحو نه ٿئي ھا. بهرحال ٻين استادن اھو سبق سکيو ته ڇڏ منڊن کي واريءَ ۾، خاص ڪري اردو جي هڪ پروفيسر محمد شريف صاحب، وقت جي تقاضا کي سمجھي ورتو. ان ڪري جھالت جي راھن ۾ رلندڙ شاگردن ۾ نهايت مقبول ھيو. سندس لاءِ مشھور هيو ته جھڙو نالو محمد شريف اٿس، اھڙو ئي شريف آ. مُٺ تي سگريٽ ھوندو ھيس، بي پرواھ لڳو پيو ھلندو وتندو هيو. لاڙڪاڻي جي بندر روڊ تي هلندي به الائي ڪيترا شاگرد ساڻس پيرين پئي ملندا ھيا. ڪو نه ڪو کيس اجرڪ اوڍائي سندس ڪيل ٿورو مڃيندو ھيو. امتحانن ۾ عمومن ايڪسٽرنل ٿيندو هيو. ڪاپي ڪندي ڪنهن کي به پڪڙڻ ته ڇا رهندو سهندو ببانگ دھل ھمٿائيندو هيو. حقيقت ۾ شريف صاحب سمجھي ويو هيو ته جيڪو ڳڙ سان مري ان کي زھر ڇو ڏجي....

ان دؤر ۾ محمد لطيف ورڪ ڪاليج ۾ سوشيالاجي سبجيڪٽ جي حيثيت سان ليڪچرر ٿي آيو. پر شاگرد ڪٿان اچن؟... ڊي پي، راجا محمد نواز جي چوڻ تي بي اي ون ۾ ٻن رانديگرن مان ۽ سعيد احمد مغل اھو سبجيڪٽ کنيو ھيو. ھن اسان کي ڪورس کان وڌيڪ پڙهايو. سعيد احمد مغل حظ حاصل ڪيو يا نه...؟ پر مان گھڻو مستفيض ٿيس. نتيجي ۾ ڪاپي ڪرڻ جو ذھن ۾ تصور ئي نه هيو. بي اي پارٽ ون ۾ سوشيالاجي جو پيپر هجي. ڪلاس روم ۾ اسان ٻن ڄڻن (سعيد مغل ۽ مان) ويٺي پيپر پئي ڪيو، سعيد مغل ڪتاب کوليون ويٺو هيو. جيئن ئي شريف صاحب داخل ٿيو. تيئن مون کي ڏسي چوڻ لڳو، کتابيں کهاں هئين..؟وراڻيم سر! ضرورت ئی نهیں هئے

اچھا! تو تم ارسطو هو...؟..کتاب کھول کے لکھو، پھر نه کھنا کے پروفيسر شريف کے هوتے هئے فيل هوگيا!“ پوءِ انويجيلٽر کي به ھٿ کان وٺي ٻاھر ڪڍي ويو، ”آؤ ٹيچرس روم ميں بيٹھ کے چائے پيئيں، بچوں کو چھوڑو، تو اپنا کام کريں

سندس وڃڻ کان پوءِ مان ٿٿان فٿان ٿي ويس. سعيد مغل کان ڪتاب وٺي ڏسڻ لڳس، سمجھ ۾ نه پئي آيو ته ڏسي لکان يا حافظي جي بنياد تي.... حافظي ۾ ڪتاب کان وڌيڪ عبداللطيف ورڪ جي ڏنل معلومات ھئي. گڏ مڏ خيالن منجھائي وڌو. نيٺ پندرنهن ويهن منٽن جي ڪشمڪش کان پوءِ سعيد مغل کي ڪتاب موٽائي ڏنم ۽ حافظي جي بنياد تي لکي پيپر پورو ڪيم.

ڊاڪٽر شبيھ حيدر رضوي کان پوءِ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب پرنسپال بڻيو، جيڪو علمي و ادبي تحقيق حوالي سان ڪنهن تعارف جو محتاج نه هيو. اھو به ڄڻ ڦوڪي ڦوڪي قدم کڻندو هيو. ھڪ دفعي ارباب اقتدار پارٽي جو هڪ زورآور ڪنهن ڇوڪري جي غير قانوني داخلا جي سلسلي ۾ آفيس ۾ سندس ٽيبل تي ھٿ رکي تکو مٺو پئي ٿيو. ان وقت مان به پرنسپل صاحب جي آفيس ۾ داخل ٿيس. راندين جي ٿيندڙ ساليانه فنڪشن جي حوالي سان مون کي به ڳالھائڻو هيو. سنديلي صاحب ان کي بيزاريءَ مان چيو پئي تهادا! جي مان پسند ناھيان ته ڪو ٻيو پرنسپل مقرر ڪرايو، مون کي ان عهدي جي ڪا ضرورت ڪونھي!“

مان ان ھمراھ کي پرنسپل جي ٽيبل تي ھٿ رکي ڳالھائڻ کان منع ڪندي چيو، مھرباني ڪري، سائين سان بد تميزي واري انداز سان نه ڳالھايو!“ اھو ھمراھ مون کي گھوريندي نڪري ويو. اھا حقيقت آھي ته ذوالفقار علي ڀٽي عام ماڻهن کي زبان ڏني، پر ڪن ان جو ناجائز فائدو وٺي بدزباني کي پنهنجو حق سمجھيو. خير ان زبان دراز جي وڃڻ کانپوءِ مان سنديلي صاحب کي فنڪشن جي حوالي سان ميٽنگ جي تاريخ رکڻ لاءِ عرض ڪيو، ته چيائين، ميان! (اھو سندس پيار وارو لفظ ھوندو هيو) ڪاليج جي اسپورٽس ڪاميٽي جي چئرمئن ۽ عربي جي پروفيسر عبدالرسول شيخ سان مشاورت ڪيو، جيئن اھو چوندو تيئن ٿيندو!“ عبدالرسول شيخ صاحب جواني ۾ والي بال راند جو مشھور ڪوپو ۽ قداور رانديگر ھيو. مان عبدالرسول شيخ صاحب سان مليس. ان ٽين ڏينهن تي ڪلاسن جي پوري ٿيڻ کانپوءِ ميٽنگ ۾ راندين جي ڪپتانن کي آڊيٽوريم ھال ۾ اچڻ جو چيو. مان سڀن کي ٻڌايو. سڀئي آيا. پر مسئلو اھو هيو ته ڪن راندين ۾ ٻن ٽيمن جي رانديگرن جي مقابلي وارو انگ پورو نه پئي ٿيو. عبدالرسول صاحب تجويز ڏني ته صرف ھڪ راند رکو، جنهن ۾ شاگردن جي گھڻي شرڪت هجي، ته جيئن اھو ھڪ يادگار فنڪشن طور ياد ڪيو وڃي. ڪپتانن جي گھڻي جھڳ جھڳ کانپوءِ فيصلو ٿيو ته ٽن ڏينهن جي ايٿليٽڪ ميٽ ڪرائجي. جنهن ۾ بغير ڪنهن رڪاوٽ جي ھر شاگرد حصو وٺي سگھي ٿو.

راجا محمد نواز جي به ستت بدلي ٿي يا ڪرائي ويو، پر ايٿليٽڪ جي حوالي سان ٽريننگ ۽ ساز و سامان سميت سٺو ٻج وجھي ويو ھيو. جنهن جو سهيل مڪاني خوب فائدو ورتو. راجا محمد نواز جي جاءِ تي لاھوري محلي لاڙڪاڻي جو ڄاتل سڃاتل ھاڪي، ڪرڪيٽ ۽ ڪوڏي ڪوڏي جو ڪلاسيڪل رانديگر عبدالله ميمڻ“ ڊائريڪٽر فزيڪل ايجيوڪيشن ٿي آيو. عرفيت جي حوالي سان ٽن نالن سان مشھور ھيو. ڪوڏي ڪوڏي جا رانديگر کيس ملان ڪئنچي“ ڪري سڏيندا هيا (جواني ۾ پوري پني ڏاڙهي رکيل ھوندي ھيس.) ملان ڪئنچي جو وٺ وارو داءُ نهايت نرالو هوندو هيو. مخالف ٽيم جو ڪوڏي! ڪوڏي!“ ڪندو ليڪو ٽپي آيو ناهي ۽ هن ٽپو ڏئي سندس چيلھ ۾ پيرن سان ڪئنچي هنئي ناهي. همراه جيئن هيٺ ڪرندو، ملان ڪئنچي سندس سيني تي چڙهي ويندو ھيو.

سندس ٻي عرفيت عبدالله چپٽي“ ھئي. آرهڙ جي ڏينهن ۾ جڏهن رائيس ڪئنال ۾ پاڻي وهي ايندو هيو، ته لاڙڪاڻي شھر، خاص ڪري لاهوري محلي جا ٻار، جوان، پڪا پوڙھا لڌڙن جيان رائيس ڪئنال، گھاڙ ۽ آبڙي واھ ۾ اچي تڙڳندا هيا. تارن ۾ عبدالله ميمڻ سڀن کان تيز تر تارون ھيو. پڪي عمر ۽ جوان مرد عمومن تڙڳڻ کان اڳ ڏنڊي ڪونڊي سميت ڀنگ چپٽي خس خس، وڏا ننڍا ڦوٽا، مصري وغيره، پاڻ سان حصي آھر کنيون ايندا ھيا. عبدالله ميمڻ تي ڀنگ چپٽي رکيل هوندي هئي، ان ڪري سندس ھم عمر حجائتن مٿائنس اهو نالو رکيو ھيو. اڳي بندر روڊ تي ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن پاران قائم ڪيل سرڪاري گھتي تي ڀنگ، ترڪ آفيم گوريون ۽ ڏوڏي بالغ ماڻهوءَ کي مناسب مقدار ۽ سستي اگھ تي ملنديون هيون. ان سان هڪ ته روينيو جمع ٿيندو ھيو ۽ ٻيو منشيات وڪڻڻ وارن جي بيخ ڪني ٿيندي ھئي. اونهاري جي شديد گرمي ۾ وهنجڻ کان پوءِ پڪا پوڙها يا جوان ڀنگ گھوٽي پيئندا هيا ته جيئن واپس گھر ويندي تيز ۽ تکي اس اثر نه ڪري۔

ٽين عرفيت استاد عبدالله واري جونيئر رانديگرن طرفان مليل ھيس. سٺ جي ڏهاڪي ۾، ڪرڪيٽ جي حوالي سان ٻه رانديگر ڪلاسيڪل آل رائونڊر طور سڃاتا ويندا ھيا. ھڪ مجو رند (عبدالمجيد رند) ۽ ٻيو عبدالله ميمڻ. خاص ڪري فيلڊنگ ۾. سندن هٿن ۾ ڄڻ ته چقمق هوندا هيا، ڪيڏي به ڏکي ڪئچ هجي، هنن وٺي ڏيکاري. ڪڏهن به اسان سندن ھٿن مان ڪئچ ڪرندي نه ڏٺي. تڏهن ته چيو ويندو آهي ته ڪئچز، ونر مئچز(Catches winner matches) يعني ڪئچون کٽائينديون مئچون آھن. استاد عبدالله ٻارنهن سال لاهوري ڪرڪيٽ ڪلب“ جو بلا غيري شرڪت ڪيپٽن ٿي رھيو. سھيل ۽ مون کي پنهنجي ٽيم ۾ شامل ٿيڻ لاءِ حجت ڪندي مزاحيه انداز ۾ چوندو رھندو هيو، ڦِڏا ڦِڏا ٽيم ۾ شامل ٿين ٿا. جي توهان پاڙي جي ٽيم ۾ شامل ٿي وڃو ته خدا جو قسم! لاھوري ڪلب ڊسٽرڪٽ چئمپئن ٿي وڃي! سال ۱۹۷۷ع ۾ سھيل ۽ مان جڏهن ڪرڪيٽ ڇڏڻ جي پئي ڪئيسي، تڏهن استاد عبدالله جي دل رکڻ لاءِ لاھوري ڪلب جوائن ڪئيسي. ان سال ئي لاھوري ڪلب، لاڙڪاڻه ڊسٽرڪٽ انٽر ڪلب ٽورنامينٽ جي چئمپئن ٿي ۽ استاد عبدالله جي ديرينه آس پوري ٿي. ڪلب جي ڪجھ رانديگرن جا نالا ياد اچن ٿا، تن ۾ مون سميت، استاد عبدالله ميمڻ (ڪيپٽن)، نوابزاده مصطفي حسين لاھوري، سهيل مڪاني، اشفاق حسين بدوي، رفيق لاڙڪ وغيره ھيا. مان۳۳ رنسون ڪري آئوٽ ٿي ويو ھيس. حقيقت ۾ فائنل مئچ ۾ اشفاق حسين بدوي جي ۷۵ رنسن جي بئٽنگ ۽ سھيل مڪاني جي بالنگ کٽرايو ھيو.

ھاڻي ڪيون ٿا ان ايٿليٽڪ ميٽ جو ذڪر، جيڪا ۱۹۷۵ يا ۱۹۷۶ع (سرٽيفڪيٽ ڳولهي سال ڏسڻا پوندا) ۾ پورا ٽي ڏينهن ھلي هئي، جنهن ۾ سھيل مڪاني چئمپئن ٿي، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جي ايٿليٽڪ ٽيم جو ڪيپٽن بڻيو. توڙي جو مِيٽ“ ۾ سندس مد مقابل مون سميت سينئر ايٿليٽ علي شير رونگھو، عزيزالله پيچوهو، سعيد احمد مغل ۽ جواهر لال اوڏ هيا. هن ميٽ“ جو ھڪ دلچسپ ڪردار جنهن جو نالو ياد ڪو نه ٿو اچي، پر ذات جو ورک ڇوڪرو ھيو، سڀني ايونٽس ۾ لٿو، پر ڪنهن ۾ به پوزيشن حاصل نه ڪري سگھيو، تنهن کي به ڪاليج جي اسپورٽس ڪاميٽي بيسٽ لوزر“ جو خطاب ڏئي انعام سان نوازيو. انعامن اڪرامن جي ڳالھ ڪجي ته رانديگرن کي بهترين شرٽون، ٽوال، ڪَپَ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا. انعامن جو اهڙو معيار ته اسان ڪڏهن انٽرورسٽي گيمس ۾ به نه ڏٺو. ريفريشمينٽ جي حوالي سان به ايترو انتظام ٿيل ھيو، جو کائي کٽائي نه سگھياسي. آخر ۾ ڪاليج جو ھيڊ پٽيوالو درياه خان کوسو بڊ ڀري ڳوٺ کڻي ويو. ان سموري انتظام جو سهرو ڪاليج جي اسپورٽس ڪاميٽي جي چئرمئن پروفيسر عبدالرسول شيخ صاحب جي سر تي ھيو. اسان جي زندگيءَ ۾ ايٿليٽڪ راند جي حوالي سان اھو شاندار ۽ يادگار فنڪشن ٿي گذريو. جنهن جي فائنل پروگرام جو چيف گيسٽ سنڌ جي صحت کاتي جو صوبائي ۽ سينئر وزير مرحوم عبدالوحيد ڪٽپر هيو.....

--۹--

اسپورٽس هاسٽل ۾ ڇوڪريون هڪ ٻئي کي لطيفا ٻڌائي رهيون هيون. هڪڙي ٻي کان پڇيو، ”ڇا ڇوڪرا به هڪ ٻئي کي اھڙا لطيفا ٻڌائيندا آھن، جيئن اسان ٻڌائي رهيون آھيون؟

ٻئي چيس، ”اسان کان به وڌيڪ!!!“

پهرئين چيو، ”ڪي وڏا حرامڙا آھن!!!“

بقول ڪنهن شخص جي ته زباني چشڪو وٺڻو هجي ته رانديگرن جا لطيفا ٻڌجن، ۽ جي عملي طور تي مزو وٺڻو هجي ته علت المشائخ اختيار ڪجي.۔۔۔۔

رانديگرن جي حوالي سان اھو لطيفو مون سميت گھڻن تي صادر اچي ٿو.

ھڪ عورت کان ڪنهن پڇيو ته ” تنهنجو مڙس رانديگر آھي؟

وراڻيائين، ”ھا، تمام سٺو رنر (ڀاڄوڪڙ) آھي!“

”رننگ (ڀڄڻ) جي ڪهڙي ايونٽ ۾ حصو وٺندو آھي؟“

”گھرو ذميواري نه کڻڻ واري ايونٽ ۾!“

شايد ته مان گھر جي ذميواري کڻڻ بجاءِ ۱۹۷۷ع سنڌ يونيورسٽي جي شعبي ”سوشيالاجي“ جو شاگرد ٿيو ھيس ته جيئن سنڌ يونيورسٽي جي حيدربخش جتوئي پويلن جي وشال ميدان ۾ رانديون کيڏي پاڻ موکيان. مان اتي ايٿليٽڪ ڪيپٽن بڻيس. پر حالت اھا هئي جو شام جو اتي چند شاگرد بيٺا ھوندا ھيا ڪڏهن ته اھي به نه هوندا ھيا، صرف مان ڪن ڪڍيون بيٺو هوندو هيس. فقير محمد مهر ڊائريڪٽر فزيڪل ايڊيوڪيشن هيو. هن جي به منشا اھا هوندي هئي ته رانديگر ميدان ۾ نه هجن ته ڀلو آ. ھوندا ته مٿي ۾ ڀت رڌيندا. ان ۾ به ڪا ڀلائي ھئي، جو پوء منهنجو ڌيان نوي سيڪڙو پڙھائي ڏانهن، ۽ صرف ڏھ سيڪڙو راند طرف رهيو.

جڏهن ته سھيل مڪاني لاڙڪاڻي ۾ اسپورٽس جي سرگرم ماحول ھئڻ ڪري، ايٿليٽڪ جي ايونٽ جيولن ٿرو (نيزو اڇلائڻ) ۾ گھڻي محنت ڪئي. ان جو ڪريڊٽ ھڪ حوالي سان سابقه ڊي پي راجا محمد نواز ڏانهن به وڃي ٿو، جنهن بين الاقوامي معيار جو اسٽيل جويلن گھرائي ڪاليج کي ڏنو هيو. نه ته بانس جي سنهي لڪڙي کي لوھي چنهنب لڳل جيولن هوندو هيو، جيڪو ھوا جو دٻاءُ گھٽ برداشت ڪندو ھيو. ان ڪري ايٿليٽ پنهنجي اڇل جو صحيح اندازو نه ڪري سگھندو ھيو. سنڌ ليول تي انٽر ڪاليج مقابلن ۾جويلن ٿرو جو رڪارڊ اشتياق انصاري جو ۱۶۰ فوٽن کان ۱۷۰ جي درميان هيو. سھيل ان کي ۱۸۰ فوٽن تائين پهچايو، اڳتي ھلي لاھوري محلي جي هڪ نوجوان صفدر علي لاڙڪ ۱۹۰ فوٽن جو رڪارڊ قائم ڪيو. (اھي رڪارڊ ۷۰ ۽ ۸۰ جي ڏهاڪن جا آھن، پوءِ جي خبر ناھي.....)

ھڪ ٻيو اسپورٽس جي حوالي سان لطيفو ٻڌي ڇڏيو، جيڪو هڪ ھاءِ جمپ ڪندڙ ايٿليٽ عورت ۽ جيولن (نيزو) اڇليندڙ مرد بابت آھي.

پراڻي شناسائي رکندڙ ايٿليٽَ، ڪافي عرصي کان پوءِ هڪ رانديگر دوست جي شاديءَ تي مليا. مرد، عورت کان پڇيو؛ ”تو شادي ڪئي؟“

”نه اڃا نه!“ عورت ايٿليٽ وراڻيو.

”ٻڌو هيم ته توکي ڪنهن ڪرڪيٽيئر پروپوز ڪيو هيو!“

”ها پر، مون انڪار ڪيو هيو.“

”ڇو؟“

”ڪرڪيٽيئئرن ۾ مستقل مزاجي ڪٿي...! ڪڏهن سينچري ته ڪڏهن زيرو تي آئوٽ!“

”اهو به ٻڌو هيم ته هڪ مشھور فوٽ بالر به پرپوز ڪيو هيو تو کي...؟

”ها برابر، پر فوٽ بالرن جي هڪ ڪني عادت آھي ته سنئون سڌو گول نه ڪري سگھن ته گول پوسٽ ۾ ڪارنر هڻن يا ھيڊ (مٿو)، ان ڪري مون انڪار ڪري ڇڏيو!“

”ھڪ هاڪي واري رانديگر لاءِ به مشھور هيو ته توتي اڪن ڇڪن آهي. ان توکي ته ضرور پروپوز ڪيو ھوندو!“

 وراڻيائين، ”جنهن جي اسٽڪ ئي ٽيڙي هجي، ان سان شادي ڪا بي سمجھ ئي ڪندي!“ ان کان پوءِ مرد کان پڇيائين، ”تون ٻڌاءِ، شادي ڪيئي يا اڃا جيولن (نيزو) اڇلائيندو ٿو وتين؟

ايٿليٽ مرد ٿڌو ساھ ڀريندي وراڻيو، ”ٻانهن ۾ سٽ اچڻ ڪري جيولن (نيزو) اڇلائڻ بجاءِ، ھاڻ لوڊو ٿو کيڏان...“

سھيل مڪاني تي اھو لطيفو صادر اچي ٿو يا نه، پر گھر جي اشد ضرورتن کي منهن ڏيڻ لاءِ کيس نوڪري ڪرڻي پئجي وئي. سال ۱۹۷۸ع ۾ پهريان بحيثيت ”جونيئر اسڪول ٽيچر“ جي ھن خيرپور جوسي جو اسڪول جوائن ڪيو، پوءِ سال ۱۹۷۹ع ۾ ميونسپل ھاءِ اسڪول ۾ بدلي ٿي آيو. صوبائي يا نيشنل ليول تي جويلن ٿرو جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ لاءِ کيس موڪل يا وقت نه پئي ملي سگھيو. مان ۱۹۷۸ع ۾ ايم اي سوشيالاجي (ريگيولر) ڪري ورتي ھئي. ڪتاب ۽ نوٽس ڏيندي شؤق ڏياريومانس ته هن ۱۹۸۰ع ۾ پرائيويٽ طور ايم. اي سوشيالاجي ڪري ورتي. پوءِ ۱۹۸۲ع ۾ ايل ايل بي ڪيائين. (مون کي وري ۱۹۸۶ع ۾ زوري ايل ايل بي ڪرايائين) پر هن کي ٽيچنگ يا وڪالت کان وڌيڪ اسپورٽس سان رغبت هئي. اسڪول ۾ ٽيچنگ ڪرڻ سان گڏوگڏ گيمس انچارج پڻ هيو. پڙهائڻ کان وڌيڪ توجھ شاگردن کي راندين ۾ ڀڙ ڪرڻ تي ھوندو هيس. هن جي شديد خواھش ھئي ته اسپورٽس ڊپارٽمينٽ جوائن ڪري. پر ان لاءِ کيس بي پي ايڊ (بيچلر آف فزيڪل ايڊيوڪيشن) جي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ھئي. منهنجي صلاح سباب سان هن اسڪول مان موڪل وٺي، ۱۹۸۷ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج آف فزيڪل ايجيوڪيشن ڪراچي ۾ داخلا ورتي۔ ڪورس مڪمل ڪري سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري ورتو. انهيءَ سال گھر وارن جي پرزور مطالبي تي ته ”نوڪريءَ سان گڏ گھر ۾ ڇوڪري جو هجڻ به ضروري آھي.“ سندس ناناڻڪي ڳوٺ ملڪن (موري) مان شادي خانه آبادي ٿي وئي. هونئن سج لٿي کان اڳ گھر ويندو هيو. شادي کانپوءِ سومهياڻي ڪري وڃڻ لڳو. پڇڻ تي معنيٰ خيز جواب هوندو هيس ته ”ميرا گھر، ميري جنت لڳو پيو آ... تڪڙ ڪري ڪيئن وڃجي..؟“ منهنجي به جڏهن ۱۹۸۷ع ۾ خيرپورميرس کان سکر بدلي ٿي ۽ روز آئوٽ بئڪ ڪرڻ لڳس ته اندازو ٿيو ته منهنجو گھر به سرڳ سمان آھي. نه صرف اسان پر ميونسپل هاءِ اسڪول جو هڪ تيز فھم ۽ ذهين استاد عيد محمد لغاري به اسان سان شاملِ حال هوندو هيو. اسٽار پلس تي، مشھور ڊرامه سيريل ”کيونکه ساس بھی کبھی بہو تھی“ ته سن ۲۰۰۰ع ۾ هلڻ شروع ٿي، پر عملي طور اھو ڊرامو برصغير جي سماج ۾ ھزارن سالن کان وٺي هلندڙ هيو ۽ آھي. اسان لاءِ به اھا ڪا نئين ڳالھ ڪونه ھئي، ۽ اھا پڻ خبر هئي ته ”جاءِ چوي جوڙائي ڏس، شادي چئي ڪري ڏس!“

--۱۰--

گھڻو ڪري ته سعدي شيرازيءَ جو شعر آھي،

پسر نوح با بدان بنشست، خاندان نبوتش گم شد

سگ اصحاب کهف روزي چند، پئي نيکان گرفت و آدم شد

نوح (نبي) جو فرزند بُرن ماڻهن جي صحبت اختيار ڪئي، ته خاندانِ نبوت ختم ٿي وئي

جڏهن ته اصحابي ڪهف جي ڪتي نيڪ ماڻهن جي صحبت ۾ رهيو ته ماڻهو ٿي ويو.“

ماڻهوءَ جي سڃاڻپ سندس ساٿ سنگت مان ٿيندي آھي. ميونسپل ھاءِ اسڪول ۾ نوڪري دؤران سھيل جي سنگت ۾ سٺو اضافو ٿيو. خاص ڪري اسڪول ۾ ”عيد محمد لغاري“ جھڙو سينئر اسڪول ٽيچر، عمومن اسڪول کان موڪل ملڻ جي باوجود به سھيل سان گڏ گيمس روم ۾ ويٺو ھوندو. منهنجو به شام جو سکر کان موٽندي پهريون پڙاءُ سھيل وٽ ٿيندو هيو. سھيل مون کي ڏسي چوڪيدار محمد بخش سانگي کي چانھ جو چوندو. محمد بخش سانگي ڀڄندو پريل جي ھوٽل تان چانھ وٺي ايندو. چانھ جي چسڪين دؤران تعليم، ادب، سماجيات يا سياست جي موضوع تي ڪچھري ھلندي. عيد محمد لغاري جو تجزيو دليلن تي ٻڌل ۽ وقتائتو هوندو. شاندار تعليمي رڪارڊ هيس. مئٽرڪ ۽ انٽر ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي ھيائين. خاص ڪري مئٿمئٽڪ جي پيپرن ۾ سؤ مان سؤ مارڪون کنيون هيائين. ميونسپل ھاءِ اسڪول ۾ مئٿمئٽيشن جي نالي سان مشهور ھيو. انجنيئرنگ ڪاليج يا يونيورسٽي ۾ ان ڪري نه پڙهي سگھيو، جو مالي مشڪلاتن ڪري نوڪري ڪرڻي پئجي ويس. نصابي حوالي سان بهترين استاد هيو، جنهن جو صاف ۽ بلند آواز ڪلاس روم جي پٺين بئنچن تي ويٺل شاگردن جي ڪنن تائين گونجندو هيو. نه صرف ايترو بلڪه بهترين ادب دوست ۽ اديب پڻ هيو. ھميشه ھٿ ۾ ڪا نه ڪا اخبار ۽ رسالو هوندو ھيس. هو هڪ نوٽ بوڪ تي پنهنجي آتم ڪٿا به لکندو رهندو هيو، جنهن ۾ سندس ڏکن جي رام ڪھاڻي سمايل هوندي هئي. پڙهي ٻڌائيندو هيو ته اکين ۾ پاڻي اچي ويندو هيو. سياري اونهاري ڏينهن ٺاري، سج لٿي مهل ميروخان ويندڙ آخري بس تي ڳوٺ سائينداد لغاري ويندو هيو. دراصل ڳوٺاڻن جھيڙن جھٽن ۽ دنگن فسادن کان ونئن ويندو ھيو. ان ڪري پنهنجي ڳوٺاڻي ماحول کان سخت نالان ھيو. مان سندس لکيل ٽي افسانه ٻڌا ھيا. ائين لڳندو هيو ڄڻ ”شرت چندر“ (بنگالي اديب) وانگر سندس سماجي ناانصافي تي گھري نظر ھجي. چيومانس ته ڪنهن رسالي ڏانهن موڪلي ڇپرايو ڇو نه ٿا..؟ وراڻيو ھيائين ته ”ڪھڙو ويھي پنهنجي ڦوڪيءَ تان لٽو لاھجي!“ خبر ناھي ڪهڙي سبب اوچتو سندس بڪين ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. چند ڏينهن ۾ زندگيءَ جي الجھيل مسئلن کي الوداع ڪري مٽ مائٽ، دوست احباب کان ھميشه لاءِ موڪلائي ويو. اھڙن عجب جھڙن ماڻهن، جيڪي لائق فائق هوندي به، سماجي حالتن جي جبر ڪري اڀري نه سگھيا. انهن لاءِ بس ”غالب جو هي شعر چئي ئي افسوس ڪري سگھجي ٿو؛

سب کهان؟ کچھ لاله و گل مين نمايان هوگئين

خاک مين کيا صورتين هون گي که پنهان هوگئين

سهيل مڪاني جي دوستي جي نئين دائري ۾ داخل ھڪ ٻئي دوست نجم الدين مري جي ڳالھ نه ڪيان ته ڳڻ چور سڏجان. نجم الدين مري لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ ڪوآپريٽو آفيس ۾ انسپيڪٽر هيو. اصل دادو جي ڳوٺ ”ڀرٽ پنهور“ جو ويٺل هيو. سچ پچ ته مون کي عربي جي مشھور ڪتاب ”المستطرف في ڪل فن مستظرف“ ۾ ڪشاده دل عرب بدوين جي مهمان-نوازي وارو ڪردار لڳندو ھيو، جيڪي پنهنجي غربت جي باوجود مهمانن جي خاطر پنهنجو سڀ ڪجھ قربان ڪري ڇڏيندا ھيا. موڪل وارن ڏينهن ۾ سهيل عمومن ڪچڙي منجھند جو ڪو آپريٽو آفيس (پراڻي دؤر جي زمينداري بئنڪ جي عمارت) ٻاهران ٿلهي تي نجم الدين مري، نصرت حسين ابڙي ۽ رستم تنيي سان ڪچهري هڻندو هيو. منجھند جو آفيس جي هڪ ڪمري ۾ گڏجي ماني به کائيندا ھيا ته وي سي آر گھرائي ڪا ڪلاسيڪل پاڪستاني يا ھندوستاني فلم به ڏسندا هيا. مان ھميشه وانگر موڪل واري ڏينهن تي علي شير رونگھي جي اوطاق تي ويندڙ هيس. اوطاق تي پھچڻ لاءِ ٻن پاسن کان رستا هيا. هڪڙو ڀرڳڙي پلازه کان ۽ ٻيو پي ڪو آپريٽو آفيس کان. مان جيڪڏهن آفيس جي پاسي کان ويندو ھيس ته سھيل ۽ سندس سنگت ٿلھي تي رکيل ڪرسين تي ويٺل نظر ايندي ھئي. نجم الدين مري، سھيل کان اڳ هڪدم گرمجوشي سان اٿي ڀاڪر پائي ڪرسي تي زوري ويھاري چانھ پياريندو ۽ پوءِ دل سان مانيءَ جي صلاح هڻندو. جڏهن ٻڌائيندو هيومانس ته ماني علي شير رونگھي ڪرائي ڇڏي هوندي، جو مان کيس ٽيليفون تي اچڻ جو ٻڌائي ڇڏيو آھي ته سھيل سان شڪوه ڪندي چوندو هيو ته ”سھيل صاحب! منظور صاحب جي زوراوري ڏسو ٿا لنگھي نجم الدين مريءَ جي اڳيان ۽ ماني نه کائي، اھا انتھا (زيادتي) آھي. ”انتھا“ لفظ سندس تڪيو ڪلام هيو، جنهن کي مختلف جملن ۾ استعمال ڪندي ڪيئي معنائون ڏيندو هيو. مثلن ”دليپ ڪمار“ فلم ”ديوداس“ ۾ اداڪاري ڪندي انتها (ڪمال) ڪري ڇڏي يا سهيل صاحب توهان اچڻ ۾ انتها (گھڻي دير) ڪري ڇڏي!“ وغيره. سندس مهمان-نوازي جي حوالي سان صرف هڪڙو واقعو ٻڌائي قصو ڪوتاه ٿو ڪيان ته هڪ دفعي مون کي ليبر ھال لاڙڪاڻي ۾ هڪ ادبي پروگرام ۾ شموليت ڪرڻي هئي. سهيل مڪاني، نصرت ابڙو، رستم تنيو ۽ نجم الدين مري آفيس آڏو ٿلھي تي ڪرسين تي ويٺي ڪچهري پئي ڪئي. مان اتان گذرندي ساڻن ھٿ ملائڻ کانپوءِ ترت وڃڻ جي ڪئي ته نجم الدين مري چيو؛ ”منظور صاحب، اڄ ماني کائڻ کانسواءِ نه ڇڏيندوسانوَ!“ مون ساڻس معذرت ڪئي ته هڪ ادبي پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻي آهي، جيئن ئي ٽائيم مليو ته موٽي اچي ماني ضرور کائبي! جي نه پهتم ته حاضر ميلو ڪري ڇڏجو.“

نجم الدين وراڻيو؛ ”توهان کي پروگرام ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪو ٻيو گھلي ويندو، مان به هلي پروگرام ۾ ويهان ٿو، جيئن پروگرام ختم ٿيندو ته اوهان کي وٺي ماني کارائي پوءِ هٿ ڪڍبو!“

نصرت ۽ سهيل کيس گھڻو سمجھايو ته اديبن جو پروگرام خشڪ ۽ بي مزي هوندو ٿي، بور ٿيندين. اديب هڪ چانھ جي ڪوپ تي ٻه ٽي ڪلاڪ مٿو هڻندا آهن. پر پوءِ به نه مڙيو. گڏ هليو، پروگرام ۾ ويٺو. جيئن ئي پروگرام ختم ٿيو ته ٻانهن ۾ ھٿ وجھي پنهنجي ٿاڪ تي وٺي آيو. ماني کارائي پوءِ هٿ ڪڍيائين. اھو صرف مون سان نه پر سندس آڏو گذرندڙ ھر ڄاتل سڃاتل کي زوري سڏي چانھ پاڻي ۽ ماني جي صلاح ھڻندو هيو. نجم لاءِ سھيل اھو به ٻڌائيندو آهي ته قرض کڻي به مهمان کي سٺي ماني کارائيندو آھي. صحيح بخاري ۾ روايت آھي ته پاڻ نبي ڪريم جن جو فرمان آهي ته ”حقيقت ۾ غني اھو آهي، جنهن جي دل غني هجي.“

سهيل جي ان سنگت ۾ ٻيا به ڪلاسيڪل قسم جا دوست هيا. مثلن رستم علي تنيو. واقعي تنيو فقير هيو. ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ڊپارٽمينٽ جو ننڍو رٽائرڊ ملازم، پر دل جو ڪشادو ھيو. ٺيڙهي خيرپور ميرس جي پاسي کجين جو پورو سارو باغ هيس. موسم آھر ڇليون ڀري ڏنگ ڏوڪا، ڇونهارا يا ڪتل کڻي ايندو، اوڙي پاڙي ۽ سنگت ۾ ونڊي ورهائي ڇڏيندو. ڳالهائڻ ۾ رک رکاءُ اصل نه ڪندو، جيڪو چوڻو هوندس، منهن سامهون چئي ڏيندو. پوءِ سچ چوڻ تي يار رسي ته ڀل رسي. نصرت ابڙو جيڪو ڪو آپريٽو آفيس جو اسٽنٽ رجسٽرار پڻ هيو. ٻئي ماڻهوءَ جي هلندڙ قصي کي اڌ ۾ڪٽي به پنهنجي ڳالھ ڪري وڃڻ جو عادي هيو. مان ھڪ دفعي ڪچڙي منجھند جو ڪو آپريٽو آفيس آڏو لنگھيم، ڏٺم ته رستم علي تنيو ٻاھر ٿلھي تي اڪيلو ڪرسيءَ تي ويٺو آھي. پڇيومانس، ”سنگت اڃا ناهي پهتي ڇا؟“ وراڻيائين؛ ”اندر ڪمري ۾ ويٺي آهي!“ چيومانس، ”پوءِ تون ڇو ٻاهر ويٺو آھين؟“ ٻڌايائين؛ ”نصرت صاحب ڳالهائڻ ئي نه ٿو ڏي. اڃا ڪا ڳالھ ڪيان ٿو ته چوي ٿو، معاف ڪجانءِ تنهنجي ڳالھ اڌ ۾ ڪٽيان ٿو!... پوءِ پاڻ بس ئي نه ٿو ڪري. توهان مهرباني ڪري سمجھايوس، نه ته اڳتي مان نه ايندس!“ نيٺ مون کي ثالثي ڪرڻي پئجي وئي. سنگت ۾ ڳالهائڻ جي حوالي سان اهو طئي ٿيو ته ڪير به ڪنهن جي ڳالھ نه ڪٽي ۽ ٻيو ته پنجن منٽن کان وڌيڪ نه ڳالهائي، نه ته ان تي مانيءَ جو ڏنڊ پوندو. جنهن تي سڀئي راضي ٿيا. ان کان پوءِ نصرت ابڙو صاحب ڪنهن جي به ڳالھ نه ڪٽي، البته اھو چئي وري به پنهنجي ڳالھ ڪري ويندو آھي ته ”معاف ڪجو! توهان جي ڳالھ کي اڳتي وڌائي پنهنجي ڳالھ ٿو ڪيان ته...“ ان کي چئبو آھي، ھارھياڙي جي هير، ٽنگ ڀڄي به نه رھي. پر اھا به حقيقت آھي ته نصرت ابڙو ڪا غلط ناھي ڪندو. ھميشه بگڙجندڙ سماج کي سڌاري جو پڇ ٻڌڻ لاءِ ڪوشان هوندو آھي. نيڪ اطوار، نيڪ نيت ۽ نيڪ سوچ رکندڙ ماڻهو آھي. سندس دل ڪڙهندي آهي، جڏهن پنهنجي محلي علي گوهر آباد مان نڪري ريشم گلي جي گھٽين مان تنگ ڪپڙن ۾ ملبوس عورتن کي ڏسندو آھي. پوءِ اهو درد دل کڻي سنگت جي ڪچهري ۾ پهچندو آھي. ڳالھ ڪرڻ کان اڳ ۾ سندس اهو مشهور جملو هوندو آهي ته ”خدا جو قسم! ته مان قسم ناهيان کڻندو!“ ھاڻي ٻڌايو ته ڪھڙو مسلمان سندس ڳالھ تي اعتبار نه ڪندي پنهنجو ايمان وڃائي. جڏهن معاشري ۾ بي حيائي ۽ بي شرمي جي منظر ڪشي ڪندي، آخر ۾ ”توبه استفغار!“ پڙهندو آھي ته اسان جا ڏوھ به ڏڪي ويندا آھن.

پر سھيل مڪاني هڪدم آڏي پڇا ڪندس، ”تون هروڀرو ريشم گلي مان ڇو گذرندو آھين...؟ جڏهن ته تون مڇي مارڪيٽ ۽ پاڪستان چؤنڪ کان به اچي سگھين ٿو!“

”پنج منٽ کن ٽائيم بچي ٿو، ٻي ڪا اھڙي ڳالھ ڪونهي، سائين سھيل!“ نصرت ابڙو وضاحت ڪندس.

ھڪڙي دفعي ۱۹۶۲ع جي ٺھيل فلم ”شھيد“ جي ڪيسٽ نجم الدين مري ڏسڻ لاءِ کڻي آيو. جڏهن نسيم بيگم جو ڳايل، مسرت نظير تي فلمايل اهو مشھور گانو ھليو ته

”ميري نظرين هئين تلوار،

کس کا دل ھي روکي وار،

توبه توبه استفغار!!!!“

سڀني ھڪ آواز ٿي چيو؛ ”پڪ سان اھا نصرت ابڙي جي شاگردياڻي هوندي.....!“ ۽ پوءِ کلندي اھو گانو ڪيئي دفعا روائينڊ ٿيو....

نجم الدين مري ۽ رستم علي تنيو چند سال اڳ، دل جي دؤري پوڻ ڪري، اوچتو هي جھان ڇڏي ويا، ته ائين لڳو ڄڻ هن جھان مان مانائتن ۽ شانائتن ماڻهن جي ڪمي ٿي وئي ھجي. پر جيستائين جيئرا آھيون، ته سندن ڳڻ ۽ ڳالهيون سنگ سنگ رهنديون....

--۱۱--

سھيل مڪاني سنگت ۾، ”ھمين ياران بهشت، ھمين ياران دوزخ“ جو قائل رھيو آھي.

جي پڇبس ته؛ ”بهشت هلئون؟

پڇندو؛ ”اتي ڇا ھوندو؟“

”اتي باغ بستان، حورون ۽ غلمان ھوندا....“

”انهن کي ڇڏ، پر اتي کائڻ لاءِ ڇا ملندو؟“

”کير، ماکيءَ جون نهرون، ڦل فروٽ، شرابن طھورا وغيره.“

”پوءِ ھلبو، ڇو نه ھلبو!“ هلڻ لاءِ تيار ٿي ويندو.

پر جي پڇبس ته ”دوزخ ۾ هلبو؟

پڇندو؛ ”اتي ڇا ھوندو؟“

”باھ جي پڪل ھر شئي!“

”مثلن؟

”چانھ، ڪافي، ڪيڪ، ڪڙهائي، سجي، قورمه، برياني، پلاؤ وغيره!“

”اوڏانهن ته ضرور ھلبو!!“ دوزخ ھلڻ لاءِ هڪدم سنبري بيهندو.

”پر اتي ڏينهن رات پادر به لڳندا...“ ٻڌائبس.

نرڙ تي گھنج ئي نه پوندس، وراڻيندو، ”ٻه ٽي ڏينهن کڻي لڱن ۾ سور پوندو، سمجھ ته ڄڻ فزيڪل ايڪسرسائيز ٿي ويندي!“

سهيل مڪاني جو ايمان رهيو آهي ته ”اَن آ ته ايمان آ، نه ته بندو بي ايمان آ...“

سندس چوڻ آهي ته زندگي کائي پي مرڻ جو نالو آهي، نه ڪي سڪي مرڻ جو. ان نظريي پٺيان سندس اهو منطق آهي ته فرض ڪيو، جيڪڏهن هڪ ماڻهوءَ جي عمر سؤ سال هجي ۽ سندس گذر بصر بانڊ تي هجي. ان کان ته حياتي جا اهي ٻه ڏينهن ڀلا، جنهن ۾ صبوح جو ناشتي ۾ مغز، منجھند جو تريل مڇي ۽ رات جو پڪل سجي هجي. وري ٻي ڏينهن تي صبوح جو پاوا، منجھند جو مرغي ڪڙهائي ۽ رات جو گولا ڪباب هجن. ٽين ڏينهن تي، ماڻهو ڀل اسر جو کٽي اوڳرائي ڏئي مري، پر مرڻ کان اڳ ۾ مرحيات جي اکين ۾ حسرتن پوري ٿيڻ جا تاثر ۽ چهرو پُر-نور هوندو. پري کان سندس وات چغليون پيو هڻندو ته کائي مئو آهي، نه ڪي سِڪي ساھ ڏنو اٿئين. غسل ڏياريندڙ ملان به پيو، سندس چهري کي ارمان سان ڏسندو ۽ دل ۾ دعا گھرندو ته خدا به کيس اهڙو پيٽ ڍوائي جو موت نصيب ڪري. جڏهن ته سِڪي مرندڙ جي اکين ۾ سواءِ موجِ حسرت جي ٻيو ڇا هوندو...؟ بي رونق اکيون، چهرو جھڙو سڪل ڇؤڙو، جنهن کي ڏسي، ملان کي بار بار ”استغفر الله!“ پڙهڻو پوندو ۽ چوڻو پوندو ته خدا کيس اهڙي بي لذت موت کان بچائي!!“

ان ڪري سندس نقطه نظر آهي ته ”پڪي سنگت ڇڏجي، پڪل ماني نه ڇڏجي!“ ڇو ته پڪي سنگت هرگز ڪچي نه ٿيندي، پر پڪل ماني يا نصيب!.... سهيل مڪاني ان اصول جو به قائل آهي ته ٿورو کائجي پر سٺو کائجي، ڪِنَ ڦٿ کان پرهيز ڪجي. جواني ۾ سهيل کي جي ڪنهن ڪشاده دل صلاح هنئي ته ”سائين ڇا کائيندئو؟“ ته جواب ۾ ميزبان کي ڪسر نفسي ڏيکاريندي چوندو ته ”گھڻي تڪليف نه ڪجو، وڌ ۾ وڌ ڏھ کن اوڦراٽا هجن. پر هجن سچي گيھ ۾. ٻه ڀريل ڊش باسمتي چانورن جا، پر ڦوٽي جي داڳ سان. ٿورڙا کڻي ڪوفتا به هجن، وڌ ۾ وڌ اٺ نوَ داڻا!“ ان کان پوءِ ڪسر نفسي جو آخري حد تائين اظهار ڪندو ته ”بس ڪڙهائي ٻه ڪلو، پر ڪارن مرچن ۾، ڇيلي جي ڪمر يا ران جو گوشت هجي ته بهتر آ...!“ سندس آخري ھدايت ۽ نصيحت ميزبان کي اها به هوندي ته ”خيال رکجو ته ماني بچي ڀلي، پر کُٽي نه!...ان ۾ اوهان جي نيڪي آ، نه ته کائيندڙ گلا ڪرڻ ۾ دير ناهي ڪندو...!“ نتيجي ۾ ميزبان کي پنهنجي عزت بچائڻ لاءِ اهو سڀ ڪجھ ڪرڻو پوندو، ڇو جو هن کان پڇڻ جو گناھ سرزد ٿيو هيو. پر جي نه پڇي ھا، ته جيڪو آڻي ھا، جي بسم الله ٿي وڃي ھا. ائين نه هيو ته فرمائشي طعام صرف سهيل کائيندو ھيو؛ ھڪ اڌ مون جھڙو دوست به جوڙ ۾ هوندس. بس ائين، جيئن چئبو آهي ته ڪارو نانءُ ڪانءَ جو، ملڪ ڳيرا کائي ويا. اهڙن موقعن تي، دوست هئڻ جي ناتي سهيل مڪاني منهنجا گرھ به ڳڻيندو هيو. جڏهن اڪيلا ٿيندا هياسي ته ميار ڏئي چوندو هيو ته ڏهن مان ڇھ اوڦراٽا ۽ نَون گولن ڪبابن مان پنج تون کائي وئين..!“ اسڪول جي زماني کان وٺي هڪ ٻئي جي گرھن تي ته ڇا مٺائي کائڻ تي به نظر رهي آهي، جڏهن به رائل سئنيما جي ڀر ۾ مشھور واڻئي (دليپ سويٽ واري جو ڏاڏو) جي دوڪان تان ناريل جي مٺائي وٺندا هياسي ته سهيل مڪاني جي اها شڪايت هوندي هئي ته مان تڪڙ ۾ گھڻو کائي ٿو وڃان، ۽ مون کي به ساڳي شڪايت هوندي هئي. پوءِ هڪ ٻئي جي ميارن کان بچڻ لاءِ ورهائي کڻڻ لڳاسين ته جيئن ڪا شڪوه شڪايت نه رهي.. ڇو جو ”ليکو آ چؤکو، چؤکي آ پريت.. حساب جؤ جؤ، بخشش سؤ سؤ!“ اھو ئي سبب هيو جو پنهنجي جواني ۾ به پت پريت قائم رھي. ھاڻي ته کڻي مجبوري آهي.

ٻيو ڪم پوري وقت تي ٿئي يا نه، خير آھي. پر صحت جي اصولن مطابق سهيل پوري وقت تي ماني کائڻ جو قائل آهي. ٿوري به دير ٿي ته سندس پنج ئي حواس ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آھن... ان حوالي سان جوانيءَ جو هڪ منظر پيش خدمت آهي.

عيدالاضحي جو ڏينهن آهي. نماز پڙهڻ کان پوءِ سهيل مڪاني منهنجي گھر جو دروازو کڙڪائي ٿو. عيد مبارڪ ڏيڻ بجاءِ پڇي ٿو،” ماني تيار آهي؟“ مون کي خبر آهي ته سهيل جي گھر عيد جي ماني، عيد نماز کانپوءِ ٿيندي آهي، جڏهن ته اسان جي گھر ۾ عيد نماز کان اڳ ٿيندي آهي. مان اوطاق جو در کولي سهيل کي ويهاريان ٿو. سهيل ويهڻ سٽ چوي ٿو، ”ماني کڻي اچ نه!“ مان ھاسڪار ڪن لاٽار ڪري سندس بي چيني جو مزو وٺندي چوانس ٿو، ”سکر ۾ ھفتي کان پوءِ ريلوي گرائونڊ تي انٽر ڪاليج ايٿليٽڪ ميٽ (مقابلو) ٿيڻي آهي، هلبو نه؟

پاسا ورائيندي وراڻي ٿو، ”سکر هلي، ڀاڙا ڀري حبيب هوٽل تي ماني ڇو کائجي!“ پوءِ بيزاري مان چوي ٿو، ”ڏس! ماني پڪي آ؟

وري پڇانس ٿو، ”رات جو پهريون يا آخري شو ڏسڻ لاءِ رائل سئنيما تي هلبو؟“

”هلجي ته سهي، پر واڻئي جي مٺائي واري دوڪان تي رش هوندي!“ پوءِ بيزاريءَ مان چوي ٿو؛ ”وڃي ڏس! ماني پڪي آ؟

پوءِ مان مشڪندي، گھران ماني کڻي اچان ٿو. ماني کائڻ وقت مجال آ جو سهيل ڳالهائي، ڇو جو هن جو ننڍي لاءِ کان وٺي ان ڳالھ تي يقين آهي ته کائڻ وقت ڳالهائبو ته سامھون ويٺل شيطان کائي ويندو. ان ڪري، پهريون طعام، پوءِ ڪلام... ماني کائڻ ۽ اوڳرائي ڏيڻ کانپوءِ سندس حواس ڪم ڪرڻ شروع ڪندا. پڇندو، ”تون اڳوڙي ڇا پئي چيو ته سکر ۾ ايٿليٽڪ ميٽ ٿيڻي آهي! تو کي ڪنهن ٻڌايو؟...اڳلي سال ٿي چڪي آھي... هاڻي ٿيندي ته حيدرآباد يا ڪراچي ۾... نه سمجھيئي!!....

پوءِ ھڪدم کيس عيد ملڻ به ياد اچي وڃي ٿي، اٿي ڳراٽي پائي چوي ٿو، ”عيد مبارڪ!!“ مان جواب ۾ وراڻيانس ٿو، ”خير مبارڪ!“ مطلب ته ماني کائڻ کانپوءِ سڀ حواس بحال، ايستائين جو ياداشت ۽ ڇهين حِس به تيز....!!

آخري نقطو جنهن تي ڳالھ مڪائجي ته سھيل ان اصول جو به قائل رھيو آھي، ”کائجي ته کارائجي، نه ته اصلي نه کائجي!“

گذريل سال ۱۷ جنوري ۲۰۲۵ع تي لاڙڪاڻي وڃڻ ٿيو. سهيل مڪاني لاڙڪاڻي جي هوٽل ”برج المرجان اِن“ ۾ اهي سڀ شيون گھرايون، جنهن جو ڪنهن زماني ۾ ذڪر ٿيندي ئي وات پاڻي پاڻي ٿيندو هيو. پر اهوئي سهيل هيو، جيڪو چوي پيو، ”پهريان تون کڻ!“ ۽ مان چوانس پيو، ”پهريان تون!...“ مانيءَ جون ٽي ڊڳڙيون، اڌ ڪلو ڪڙهائي، چار گولا ڪباب ۽ ويجيٽيبل رائس جو هڪ ڊش به ڇڏائي نه سگھياسي. ٻيا گھرايل مال مليده به جيئن جو تيئن ٽيبل تي ”ھيڙو! ھيڙو!“ ڪندا رھيا.

نه ته اها به چوڻ جي ڳالھ هئي ته سهيل چوي؛ ”پهريان تون!“ ۽ مان چوانس؛ ”پهريان تون...!!“

ڀلا ڙي وقت!....

چڱن ڀلن خوش خوراڪن جا وات ڀڃي ڇڏيئي!!.....

--۱۲--

اردو جو هڪ شعر آهي ته

جو نه جانباز هو، اس راه ميں رکھے نه قدم

يه منزلِِ عشق هے، بچوں کا کوئی کھيل نهیں

پر هندو ڌرم جا رشي مني چون ٿا ته: ”ھي سنسار برهما جو سپنو آهي ۽ ايشور جي ليلا (راند) آهي.“

سنڌيءَ ۾ به اهڙي قسم جو هڪڙو پهاڪو آهي ته ”جڳ مڙوئي جوا بازي (راند)، ڪن کٽي، ڪن هاري۔“ ان بحث ۾ پوڻ بجاءِ ته ڪير صحيح، ڪير غلط...؟ پر جيڪڏهن ڪو راند سان عشق ڪري يا راند کي عشق سمجھي، ته ان کي ”سهيل مڪاني“ چئبو آهي. جيئن ئي هن کي ۱۹۹۰ع ۾ ڪلچر ۽ اسپورٽس ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي نوڪري ملي ته ھن لاءِ ھر روز، روزِ عيد ۽ ھر رات شب برات ٿي وئي. هن جي آفيس مني اسٽيڊيم (کھڙو اسپورٽس ڪامپليڪس) ۾ ھئي. اھو ائين هيو ته ھرڻي اڳي ئي ڪڏڻي، ويتر ٻڌائونس ڇير. ان وقت لاڙڪاڻي ۾ ٽائون پلاننگ جي نئين آفيس کلي ھئي. مون کي چارج ملي ته مان به انتظاميه جي اجازت سان مني اسٽيڊيم جي ٻن ڪمرن ۾ آفيس جو قيام عمل ۾ آندو. سھيل گھري الله کان هڪ اک کيس ٻه ملي ويون. پوءِ ته ”ٻه ته ٻارنهن“ ٿي وياسين. ٽائون پلاننگ جي نئين نئين آفيس هئي، نه ٽپڙ پورا نه اسٽاف پورو. پوري مهيني ۾ ڪو هڪ اڌ ڪيس پلاٽن جي ”مهاڳ رائيٽ“ يا ” اولڊ آڪيوپنسي“ جي حوالي سان ٽيڪنيڪل رپورٽ لاءِ ايندو ھيو، نه ته ٿيو خير...! آفيس ۾ مکين مارڻ بجاءِ سھيل، لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ راندين جي فروغ لاءِ ٻانهن ٻيلي ٿيڻ لاءِ چيو۔ انڪار ڪرڻ جي ته گنجائش ئي نه هئي. جتي به کيس ڊرافٽنگ يا ٻي ڪم ۾ منهنجي مدد درڪار ھوندي هئي، ڪندو ھيس. پهريائين ته هن انهن راندين کي متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون، جيڪي لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ نه کيڏيون وينديون هيون. جيئن ته مان اڳي ئي پنهنجي ويجھي عزيز ڪراٽي ماسٽر (بلئڪ بيلٽ) اعجاز حسين بليدي جي تائيڪوانڊو اسٽائيل ايسوسيئشن جو صدر هيس. سھيل مون کي ٽاسڪ ڏنو ته جوڊو ۽ باڪسنگ جون ٽيمون به لاڙڪاڻي ۾ ٺهڻ گھرجن. مان اهو بار سيڪريٽري اعجاز حسين بليدي تي رکيو. ان پنهنجي جانفشاني سان ٽيمون ٺاھي ورتيون. جن سنڌ ۽ نيشنل ليول تي تمام سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري. ٽيمن جي رانديگرن برانز، سلور ۽ گولڊ ميڊل حاصل ڪيا. سھيل مڪاني پنهنجي ڀاءُ وجاھت حسين مڪاني کي سومنگ جي ٽيم ٺاھڻ لاءِ زور ڀريو. وجاهت حسين مڪاني ڊيڪاٿلون (Decathlon) ايونٽ ۾ نيشنل ليول جي ايٿليٽ هئڻ سان گڏ سٺو تارون به هيو. تنهن لاڙڪاڻي ۾ پراپر سومنگ پول نه هئڻ جي باوجود رائيس ڪئنال ۾ تڙڳندڙ ڇوڪرن مان سومنگ جي اھڙي ٽيم ٺاھي تيار ڪئي، جو انهن مان هڪ ڇوڪرو محبوب علي چانڊيو سنڌ ليول جي مقابلن ۾ ”فري اسٽائل سومنگ“ جو ڪيترا سال چئمپئن ٿي رهيو. مون کي هڪ ٻيو ٽاسڪ به ڏنائين ته ”ھينڊ بال“ جي ٽيم ٺاھيان ۽ ان جو مئنيجر ۽ ايسوسيئشن سيڪريٽري به ٿيان. مان ٿيس. طلعت حسين مڪاني جي ڪپتاني ۾، پهرين ئي سال هينڊ بال جي ٽيم سنڌ ليول جي ٿيندڙ مقابلن ۾ برونز ميڊل کٽيو. اھڙي طرح گرلس هاءِ اسڪول لاھوري جي ھيڊ مسٽريس مس ممتاز جانوري جي تعاون سان ڇوڪرين جون مختلف ٽيمون ٺاھي ورتائين. جن ڊويزن ليول ۽ سنڌ گيمس ۾ ٿيندڙ مقابلن ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري. سھيل مني اسٽيڊيم ۾ ٺهيل اسڪاش ڪوٽ کي به آباد ڪيو، جيڪو ڀڙڀانگ لڳو پيو هوندو هيو. ٽيم ٺاھيائين، پر ٽيم جي نازڪ مزاج رانديگرن ڪلياڻ ڪو نه ڪيو.

سھيل مڪاني نه صرف بين الاقوامي راندين کي لاڙڪاڻي ۾ متعارف ڪرايو، پر سنڌ جي روايتي راندين جا رولز پنهنجي ھم منصب دوست ارشاد مخدوم (حيدرآباد جو اسپورٽس آفيسر) جي مدد سان ٺاھي، پنهنجي کاتي جي بالا حڪام کان منظور ڪرائي نوَ ٽڻ، ونجھوٽي، ملھ، ڪوڏي ڪوڏي، ٻلھاڙو، ڏاندن ۽ گڏهن جي گوءِ پڻ ڪرائي.

سھيل جي اھا خوبي هئي ته هو ڊويزن اندر راندين جي ٿيندڙ مقابلن ۾ عمومن سينئر رانديگرن کي عزت ڏئي چيف گيسٽ ڪندو هيو. سواءِ انهن مقابلن جي، جن لاءِ کيس ھيڊ آفيس مان ڪي خاص هدايتون مليل هونديون هيون ته فلاڻي وزير، مشير يا ڪنهن بيوروڪريٽ کي چيف گيسٽ ڪري. نه ته هن جو مول متو اهو هيو ته چيف گيسٽ اھڙو ڪجي، جنهن جي انتظار ۾ نه تارا ساوا ٿين ۽ نه ڳلو خشڪ ٿئي. ھڪيو تڪيو حاضر ھجي ۽ راند ڏسندي لطف حاصل ڪري. مان ۽ عبدالوهاب سھتو ته سندس ٻڌا گراهڪ هياسي. هڪ دفعي سھيل مڪاني جي نگراني ۾ سنڌ اسپورٽس بورڊ طرفان ”آل سنڌ فوٽ بال ٽورنامينٽ“ جي فائينل مئچ جيڪب آباد ۾ ٿي رھي هئي. هن فوٽ بال جي ھڪ مشھور مرادوند سينئر رانديگر کي چيف گيسٽ ٿيڻ لاءِ چيو. اهو جو ڀڳو ته وڃي ڊي. سي جيڪب آباد کي ايلاز ڪري وٺي آيو. ڊي سي صاحب کي انتظامي حوالي سان ٻيا به گھڻا ڪم هيا، سو معذرت ڪندي رانديگرن سان فوٽو سيشن ڪرائي گاڏيءَ تي چڙهي نڪري ويو. سھيل مون کي چيو؛ ”جڏهن سينئر رانديگر کي عزت راس نه اچي ته مان ڇا ٿو ڪري سگھان!“

سٺي ايٿليٽ ھئڻ جي حيثيت سان سھيل جي خاص نظر راندين جي راڻي ايٿليٽڪ تي هوندي هئي. سندس محنت ۽ توجھ سان لاڙڪاڻو ڊويزن ڪافي اڳتي وڌي آيو. خاص ڪري ھن سنڌ ۽ نيشنل ليول جا رانديگر تيار ڪري ورتا. جن ۾ سجاد علي سومرو پولو واٽ، طاھر سومرو شاٽ پٽ، صفدر علي لاڙڪ جيولن ٿرو، وجاھت حسين مڪاني ڊيڪاٿلون جي ايونٽس ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري. پر ايٿليٽڪ جي حوالي سان جي محمد اسحاق ابڙي جو ذڪر نه ڪجي ته اھا وڏي زيادتي ٿيندي. اسحاق ابڙو بذات خود ھيمر ٿرو جي ايونٽ ۾ نيشنل ليول جو سينئر ايٿليٽ هيو. هن پنهنجن فرزندن خاص ڪري زاھد ابڙو کي ايٿليٽڪس جي ايونٽس ھيمر ٿرو ۽ اورنگزيب کي پولو واٽ ۾ ڀڙ ڪيو. انهن به سنڌ ۽ نيشنل ليول جي مقابلن ۾ پاڻ موکيو. راندين جي حوالي سان جي اسحاق ابڙي جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو ڳڻائجي ته ايٿليٽڪس ۾ ھن پنهنجين نياڻين ”انيلا“ کي ڊسڪس ٿرو ۽ ”ياسرا“ کي ھيمر ٿرو وارن ايونٽس ۾، نيشنل ليول جي مقابلن ۾ چئمپئن بڻايو. محمد اسحاق ابڙي جو لاڙڪاڻي جي آدي بڻيادي زميندار ڪماريي خاندان سان تعلق ھيو. نذر ڳوٺ سندس وڏن جي نالي سان ٻڌل هيو، جيڪو پوءِ شھري حدن ۾ اچڻ ڪري محلو ٿي ويو. نهايت ذھين ۽ زيرڪ شخص هيو. ايل ايل بي ٿيل ھيس. انگريزي تي دسترس هجڻ ڪري، ٻارن لاءِ هڪ ڪتاب به لکيل هيس. جنهن تي کيس انعام به مليو هيو. فنڪارانه صلاحيتون به جام هيس. مان سندس جوڙايل ”قلوپطره“ سئنيما جي اسٽيج تي کيس بئنجو وڄائيندي، ڳائيندي ۽ ھڪ مزاحيه ڊرامي ۾ قلندر بخش ڪلو سان اداڪاري ڪندي به ڏٺو ھيو. بس طبيعتن ڪجھ اٻهرو هيو. مان کيس منهن سامهون چوندو هيس ته کلي چوندو هيو، ”جي اٻهرو نه هجان ها ته چار شاديون ڇو ڪيان ھا...“ چڱا سال ٿيا جو وڏو اھل عيال ڇڏي، هن دنيا جي ڌنڌن مان فارغ ٿي رحلت ڪري ويو. بهرحال، اسپورٽس جي حوالي سان هي به هڪ باڪمال شخصيت (legend) هيو۔

--۱۳--

سال ۱۹۹۸ع ۾ سڀاڳو خان جتوئي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن ٿي آيو ته هن سھيل مڪاني کي ”ڪمشنر ڪرڪيٽ اليون“ قائم ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو. سھيل ان وقت لاڙڪاڻي جي نوجوان کلاڙين جي چونڊ ڪئي. پاڻ مئنيجر ٿيو ۽ مون کي ڪوچ ٿيڻ جي حجت ڪيائين. مني اسٽيڊِم ۾ شام جو عجيب منظر هوندو هيو، جيئن پريڪٽس جي دؤران ٻين رانديگرن کي غلط شاٽ کيڏڻ لاءِ دڙڪا ڏيندو هيس، تيئن هڪ ڏينهن سڀاڳو خان جتوئي دڙڪن جي ور چڙھي ويو، ترش لھجي ۾ چيومانس، ”بار بار سمجھائڻ جي باوجود به اسڪاش جي رڪيٽ وانگر بيٽ کي ڇو ٿا گھمايو؟

سڀاڳو خان جتوئي اسڪاش کيڏندڙ هيو، ۽ هو اڪثر اھا غلطي دھرائيندو ھيو. جواب ۾ آھستگي سان چيائين، ”ساري (Sorry) سر!!“ سھيل پريشان ٿي ويو. پريڪٽس ختم ٿيڻ کان پوءِ مون کي نويڪلائي ۾ چيائين، ”يار! ڪمشنر صاحب کي پنهنجي ترش لهجي جي ساري  (Sorry)ڪري ڇڏجانءِ!“ مان چيومانس، ”گھوڙي ڪن برابر هوندا آهن. ميدان ۾ لهڻ کان پوءِ صاحب صاحب ناھي رهندو، رانديگر هوندو آھي! باقي جي ڪوچ جي حيثيت سان منهنجو رويو صحيح ناھي، ته ڀلي ٻيو رک!“

”چڱو مان ساري چئي ڳالھ کي ٺاھڻ جي ڪوشش ڪندس!“

”تون ڀلي ڪرينس!“ وراڻيومانس.

ٻي ڏينهن تي سهيل ڪمشنر آفيس وڃي، منهنجي رويي جي حوالي سان ”ساري!“ چوڻ جو سوچي ويو ته ان کان اڳ سڀاڳي صاحب چيس، ”مڪاني! ڪوچ ته زبردست رکيو ٿي. اميد آھي ته ان جي ڪوچنگ ۾ اسان جي ٽيم سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندي! اھو ڪوچ رنيومريشن (معاوضو) وٺڻ چاھي ته ٻڌائجانءِ!“

پر مون معاوضو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، وٺان ها ته ڳيجھو ٿيان ها.

بهرحال، سھيل ۽ منهنجي محنت جو نتيجو اهو نڪتو ته ڏيڍ سال کن سڀاڳو خان جتوئي ڪمشنر لاڙڪاڻه ڊويزن رهيو. ان عرصي ۾ ڊويزن ۾ يا ڊويزن کان ٻاھر ڏھرڪي تائين ”ڪمشنر ڪرڪيٽ اليون“ ڪا ٽورنامينٽ يا شو مئچ نه هارائي. جڏهن ويو ته ڪمشنر اليون به نه رهي. اسان جي ڪامياب مئنيجر ۽ ڪوچ ٿيڻ جو ڀرم به رھجي ويو.

۲۰۰۴ع ۾ ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ لاڙڪاڻو جي تعاون سان گڏيل ثقافتي ۽ راندين جو ھڪ گڏيل فيسٽوئل منعقد ٿيو. ناظم خورشيد احمد جوڻيجو ھيو. سھيل مڪاني گرانڊ اسپورٽس پروگرامس کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات ڀڄ ڀڄان ڪئي. ڪڏهن راندين جي ميدانن کي سنوارڻ ۾ جنبيل ته ڪڏهن انتظاميه سان لھ وچڙ ۾ مشغول. راندين جا نتيجا ٺاھي پريس وارن کي ڏيڻ ته ڪڏهن مختلف هنڌن تي چيف گيسٽس جي آجيان ڪرڻ. وغيره. سندس ان ھڻ ھڻان جي ڪري فيسٽئول ۾ اسپورٽس پروگرام شايانِ شان ٿيا. آخري ڏينهن تي ”سمبارا اِن هوٽل“ ۾ ٿيندڙ ڪلوزنگ سيريمني ۾ مختلف شعبن ۾ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شخصيتن کي ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب منعقد ٿي. مون کي پهريون ايوارڊ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس ڪميٽي طرفان ”هينڊ بال“ راند کي ڊسٽرڪٽ ۾ متعارف ڪرائڻ جي حوالي سان مليو. ٻيو ايوارڊ ”جوڊو ڪراٽي جي تائيڪوانڊو اسٽائل“ ۾ پنهنجي ڊويزنل ڪراٽي ايسوسيشن طرفان ڏنو ويو. ٽيون ايوارڊ ادب جي شعبي ۾ ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ طرفان ”ڪهاڻيڪار“ جي حيثيت سان ڏنو (ادبي ڪميٽي جو چئرمئن ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو بدرالدين اڄڻ صاحب هيو.) ايوارڊ سيريمني ۾ ويٺل ڪافي ماڻهن ايوارڊ وٺڻ تي تاڙيون وڄايون، ڪن کي رنج به رسيو، خاص ڪري ميڊم ڪلپنا ديوي جي اٿي بيهي تاڙين وڄائڻ تي....

اڃا اسپورٽس پروگرامن ڪرائڻ جا ٿڪ ئي نه لٿا ھيس ته ڪن ساڙ سڙين سھيل مڪاني جي خلاف ناظم ۽ ڊي سي او کي اکيون ٻوٽي شڪايت ڪئي ته ھن سيڪريٽري ڊسٽرڪٽ اسپورٽس ڪميٽي جي حيثيت سان پنهنجي گھاٽي دوست کي ٽي ايوارڊ ڏياريا آهن. جڏهن تحقيقات ٿي ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي پيا ته سواءِ هينڊ بال کي متعارف ڪرائڻ جي حيثيت سان اسپورٽس ڪميٽي طرفان ايوارڊ ڏنل آھي. جنهن جو چئرمئن بذات خود ڊي سي او صاحب پاڻ آھي. باقي ٻين ايوارڊن سان ڊسٽرڪٽ اسپورٽس ڪميٽي جو ڪو تعلق ئي ڪونهي. نتيجي ۾ ”ڪتي جو منهن ڪارو، رٻ اوتري جي اوتري“ ٿي وئي. خير سان اھا انڪوائري ختم ٿي ته هڪ ٻيو الزام لڳس ته جمنازم ۾ رکيل ٻه مشينون کپايون اٿئين..؟ ڪوڙ کي پر ٿيندا آهن، پر پير نه ھوندا آهن. سھيل جڏهن اهو ليٽر پيش ڪيو، جنهن ۾ ڊسٽرڪٽ انتظاميه جي حڪم تحت ٻه مشينون آفيسرس ڪلب لاڙڪاڻي کي منتقل ڪيون ويون هيون ته شڪايت ڪندڙ جو منهن ڀت سان لڳو. اڃا ان مان جان آجي ٿيس ته اسپورٽس جي سامان ۾ خرد برد ڪرڻ جو ٽيون سنگين الزام لڳس. انڪوائري ڪندڙن کي هڪ هڪ سامان جي وچور ڏئي پنهنجي ساک بحال ڪيائين. حقيقت اھا هئي ته سچو هو، تڏهن بچيو هو. نه ته مخالفن گھٽ نه ڪئي هئي. پر ان دؤران دل برداشت به ٿيو. سمجھي ويو ته ڪجھ نا سھو ماڻهو سندس پٺيان پئجي ويا آھن، جيڪي پنجابي ٻولي جي آکاڻ جيان ”نه کيڊان گي، نه کيڊڻ ديانگي!“ تي عمل پيرا آھن. جيستائين سچ سچ ٿئي، تيسين ڪوڙ سچ کي کائي ٿو وڃي. ذهني دٻاءَ جي ڪري کيس پريشاني به ڏاڍي ٿي. پر سماني سنگت جي ڏڍ کيس مايوس ٿيڻ نه پئي ڏنو. جن سمجھائيندي چيس پئي ته ”ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ، سچ ته بيٺو نچ!“

ان ذهني دٻاءَ مان مس نڪتو ته وري گوڏن جو عارضو ٿي پيس. يڪ نه شد، دو شد وارو قصو ٿي ويو. ان جو سبب جوانيءَ ۾ لڳل راندين جا ڌڪ ھيس. اھا حقيقت آھي ته رانديگر جي آخري عمر ۾ لڳل ڌڪ ائين اٿلي پوندا آھن، جيئن ڇٽل ڦٽ ڇڙي پون. سھيل مڪاني جواني ۾ بهترين ”پولوواٽ (لڪڙي سان اتانهون ٽپو ڏيڻ)“ ڪندڙ رانديگر ھيو. (ايٿليٽڪ ۾ اھو ڏکئي ۾ ڏکيو ايونٽ ليکيو ويندو آھي.) ان زماني ۾ پولوواٽ جي حوالي سان مخصوص گدا يا ڪُشن نه ھيا. فائبر گلاس جو لچڪيدار پول (لڪڙو) به نه هيو. نه وري اسپيشل جوتا يا گوڏن ۾ پيڊ ٻڌل هوندا هيا. ايٿليٽ کي ڏهن کان پندرنهن فوٽن جي اوچائيءَ تان بانس جي لڪڙي جي سھاري مٿي ٿي، ”ڪراس بار“ پار ڪري ھيٺ وڇايل واريءَ تي ڪرڻو پوندو هيو. نتيجي ۾ گوڏن جون ڍڪڻيون ٽڙڪي پونديون هيون. اھڙن ڌڪن جي اٿلي پوڻ ڪري اسان جو يار سھيل مڪاني اسٽڪ کڻي منڊي ڪٻر جيان هلڻ لڳو. جيڪو ان حالت ۾ ڏسيس، سو ھڪدم حڪيم جالينوس بڻجي ڏس ڏيس. ڪو سانڊي جي تيل جي مالش ڪرڻ جو چويس. ته ڪو وري چويس ته جھاز جو سڙيل تيل هڻندي ته ڪڏڪار ڪندو وتندي. ڪو چويس ته ڳئون جو گوشت يا اَڪ جا پن گرم ڪري گوڏي سان ٻڌ ته ٺيڪ ٿي ويندي. ڪو سلاجيت کائڻ جي صلاح ڏيس، ته ڪو ڪئلشم جون گوريون. پر ھرڪو آخر ۾ اھا نصيحت ضرور ڪندو ھيس ته خبردار! متان آپريشن ڪرائي ٿي، ھميشه لاءِ ويهجي ويندي!... سال سوا حاذق حڪيمن، انڌن منڊن ڊاڪٽرن جي چوڻ تي ھليو، پر ويو پؤڻو پوندو. منهنجو چوڻ هيس ته ”ڪراچي وڃي ڪنهن اسپيشلسٽ کي ڏيکار!“ نيٺ ڳالھ سمجھ ۾ آيس. جنهن آپريشن کان لهرايائين پئي، اھا ئي ٿيس. نيشنل هاسپيٽل ڪراچي جي ڊاڪٽرن گوڏن جون ڪمزور ٿيل ڍڪڻيون ڪڍي مخصوص قسم جي ڌاتو (Metal) جون لڳايس ته آئرن مئن ٿي ھلڻ لڳو. پر ھن ذھني ۽ جسماني آپدائن مان اھو سبق پرايو ته اسپورٽس جي وڏن وڏن پروگرام ڪرائڻ بجاءِ اھڙا پروگرام ڪرائجن، جن ۾ جھنجھٽ ۽ گھڻو کڦڙتال نه هجي. ٻيو ته ننڍن شھرن ۽ ڳوٺن کي به اھميت ڏجي. تڏهن ته چيو ويندو آھي ته ڪي وڃائي سِکن، ڪي سِکي وڃائن... اھا ”وڃائي سکڻ“ واري ترڪيب کيس وڏي ڪم آئي. ھن تعلقه ۽ ڳوٺن جي ليول تي اسپورٽس جا ھر حوالي سان بهترين پروگرام ڪرايا ۽ نيڪنامي حاصل ڪئي...

انهن مان ڪجھ پروگرامن جا اسان اکين ڏٺا شاهد ھياسي. مثلن مني اسٽيڊيم لاڙڪاڻي ۾ سنڌ اسڪول گيمس ۽ موهن جي دڙي جي ڀر ۾ نورشاھ جي ميلي تي شاندار آل سنڌ ملاکڙو ڪرائڻ، جنهن ۾ عنايت ميمڻ ۽ عبدالوهاب سهتو به موجود ھيا. سجاول جي ميلي ۾ ڪرايل سنڌ جي پنجن مکيه روايتي راندين (ملھ، ڪوڏي ڪوڏي، ونجھ وٽي، ڏاندن ۽ گڏهن جي گوءِ) جو انعقاد.. جنهن ۾ گڏهن جي گوءِ واري ايونٽ ۾ مانوارو ايگزيڪيوٽو انجنيئر پبلڪ ھيلٿ عبدالوهاب سهتو چيف گيسٽ هيو. هو گڏهن کي ٽڪَ ڏانهن ڊوڙندي ڏسي ائين گد گد ٿيو هيو، جيئن آمريڪي صدر ٽين دنيا جي ملڪي سربراھن کي پاڻ ڏانهن ڊوڙندي ڏسي بغليون ھڻي.......

--۱۴--

ڪنهن داناءَ جو چوڻ آهي ته ”جيڪڏهن تون پاڻ سڃاڻڻ چاھين ٿو ته تو ڪير آھين؟. ته تون پنهنجن پنجن بهترين دوستن کي ڏس، ته تون اهو ئي آھين!“ سچ پچ ته دوست دوستن جا آئينه هوندا آھن. سھيل مڪاني منهنجن اھڙن پنجن دوستن مان هڪ آهي، جنهن تي مون کي فخر آھي. اسان چڱن ڀلن خاندانن جي انهن ھم عصر دوستن کي ڏٺوسي، جن کي سنگ تاريو، ڪسنگ ٻوڙيو. ھڪ نه پر ڪيئي مثال مشاھدي ھيٺ آيا. تڏهن ته هنديءَ جي هڪ ڪهاوت جڙيل آھي ته ”سنگت سي گڻ اوپجي، سنگت سي گڻ جائي..“

سھيل مڪاني ۽ منهنجو ساٿ صرف راندين تائين محدود نه هيو. پر ھو سٺي رانديگر هجڻ سان گڏ ادب دوست به ٿي رهيو. ستن اٺن سالنِ کان وٺي مون کي پڙهڻ جي عادت پيل ھئي. ان جو سبب والد جو اوچتو وڇوڙو منهنجي حياتي جو وڏو حادثو هيو. جنهن مون کي گھري نفسياتي صدمي (Trauma) ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. سندس حد کان وڌيڪ ڏنل پيار وڏي تشنگي ڏني. مان ستن اٺن سالن جي عمر ۾ پنهنجي مرحوم والد جي ڪٻٽ ۾ رکيل ڪتاب ۽ خط اٿلائي پٿلائي ڏسندو هيس. توڙي جو لفظ پوريءَ ريت سمجھ ۾ نه ايندا هيا، ته به ان کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو هيس. ان عادت جي ڪري چوڏنهن پندرنهن سالن جي عمر ۾ سھيل به ڀاڱي ڀائيوار ٿيو. هو مون کي پنهنجي والد صاحب جون ڊائجسٽون پڙھڻ لاءِ ڏيندو هيو. جيڪي مان ٻن ٽن ڏينهن ۾ پڙھي کيس موٽائي ڏيندو ھيس. پر منهنجو جنون ڪجھ وڌيرڙو هيو. پاڻ کان ٻه سال وڏي پاڙيسري صابر علي جوکيي سان سنگت رکيم، جيڪو ابن صفي جا ناول پاڪستان چؤڪ تي چوڌري لائبرئري مان ڪرايي تي کڻي ايندو هيو. ابن صفي جي ناول جو ۲۴ ڪلاڪن جو ڪرايو آنڪ، اسلامي طرز جي ناولن جو ڪرايو ٻه آنه ۽ ڪلاسيڪل ادب جي ڪتابن جو ڪرايو چار آنه هيو. ڇهن مهينن اندر مون نه صرف چؤڌري لائبرري جا سڀ ڪتاب پڙهيا، پر سھيل کي به چونڊ ڪتاب پڙهايا، خاص ڪري سعادت حسن منٽو ۽ ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جا مجموعه. ان کان پوءِ ميونسپل لائبرري جو ميمبر ٿيس، جنهن جو لائبررين گل محمد گاد جھڙو ساڃاھوند شخص هيو. جنهن ”لاڙڪاڻو، ساھ سيباڻو“ جھڙو ضخيم ڪتاب مرتب ڪري ڄڻ لاڙڪاڻي جي گم گشته تاريخ محفوظ ڪري ڇڏي. پاڙي جي ننڍن وڏن دوستن کي به منهنجي ان جنون جي خبر هئي. مون کان ٻه ٽي سال ننڍو ۽ لاڙڪاڻي جونيئر باڊي بلڊر چئمپئن عبدالغفار عباسي پنهنجي ڏاڏي جي قائم ڪيل ”سرڪيولئر لائبرئري“ مان ڪيئي ڪلاسڪ ايڊوينچر ناول پڙهايا.

سال ۱۹۷۴ع ۾ لاھوري محلي ۾ قلندر بخش بدوي پنهنجي اوطاق ۾ ”بزم شهباز“ جي نالي سان ادبي محفلون ڪرائيندو هيو. جنهن جو ذڪر مون پنهنجي خاڪن جي ڪتاب ”ڪي ڪي ماڻهو وديا ساگر“ ۾ به ڪيو آھي. ھڪ دفعي بدوي صاحب جو اسان ٻنهي کي ڪتاب هٿن ۾ ڏٺا ته ”بزم شھباز“ جي ادبي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏنائين. جتي ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، ڊاڪٽر عبالمجيد ميمڻ ۽ عربي جي عالم مولوي نورالدين ”نور“ جھڙا وڏا صاحبِ فضيلت ۽ مهرالله شيخ (مهرومل) جھڙا ادب پرور ڪٺا ٿيندا ھيا. مهرالله شيخ جو منچلو فرزند به پنهنجي پر ۾ وڏو محقق هيو. پاڻ سان گڏ دنيا جو نقشو کنيون ايندو هيو. جيڪو کولي ٻڌائيندو هيو ته ڪوري ڪوريا مان، چنا چين مان، ابڙا ايران مان ۽ شيخ شام مان آيا. سھيل پڇيو ھيس، ”ڀلا، ٻروچ....؟“ نقشي تي جُوھ وجھندي وراڻيو ھيائين، ” لڳي ٿو سمنڊ مان نڪتا آھن!“ پوءِ ته اسان جا سوالن مٿان سوال ۽ ھن جا ترڪ به ترڪي جواب ھيا. محفل زعفران بڻجي وئي. پر اھو سڀ ڪجھ مزاح جي حد تائين محدود ھيو. پر اڄڪلھ سوشل ميڊيا تي مذهبي، مسلڪي، قومي، علاقائي بحثا بحثي سان گڏوگڏ ھاڻي نسلي بنيادن تي به ڪج بحثي هلي رهي آھي. ملڪ جيئن پوءَ تيئن ”نفرستان“ بڻبو ٿو وڃي. لڳي ٿو معاشرو ڪنهن وڏي خانه جنگي طرف وڌي رهيو آھي....

”بزم شهباز“ ۾ کل ڀوڳ وارو پاسو پنهنجي جاءِ تي، پر سنجيدگي وارو پاسو وڏو وزندار هيو. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ۽ ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ جھڙن شخصيتن جي فڪر انگيز گفتگو اسان کي سنڌي ادب طرف راغب ڪيو. بزم شهباز ۾ مون پهريون مضمون يوناني فلاسافر ۽ سائنسدان ڊيموڪريٽس جي شخصيت بابت ”دمقراط“ جي نالي سان ۽ پهرين ڪهاڻي ”سرڳواسي طوطا رام“ جي عنوان سان پڙھي ھئي. جيڪا محمد علي پٺاڻ کي اڄ تائين ياد آھي. اھو به ان گڏجاڻيءَ ۾ موجود هيو. ان کان پوءِ مان ۱۹۷۵ع ۾ روح رھاڻ ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو ميمبر ٿيس ته سھيل کي به ڪڏهن ڪڏهن گڏجاڻين ۾ صلاحي وٺي ويندو هيس. مرحوم افضل قادري ڏسي، وڏي اڪير سان آجيان ڪندي چوندو ھيس، ”مائٽ! ايندا ڪيو، نه!“ افضل قادري، کيس ”مائٽ“ ڪهڙي حوالي سان چوندو هيو، اھا هڪ خبر سھيل کي ۽ ٻي افضل کي.....

سال ۱۹۷۷ع ۾ جڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتم ته ادبي سلسلو به منقطع ٿي ويو. هڪ ته اها سنگت ساٿ نه رهي، ٻيو ته منهنجو به پڙهائي طرف ڌيان وڌي ويو. ان ڪري ٻه گدرا ھڪ مٺ ۾ نه پئي اچي سگھيا. بهرحال ان دؤر ۾ مان ڪورس کان علاوه سينٽرل لائبرري سنڌ يونيورسٽي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو لائبرئري، آمريڪن سينٽر، برٽش لائبرئري حيدرآباد، مان تاريخي ڪتاب خوب پڙهيا. خاص ڪري علامه ابن خلدون، ٽوائن بي ۽ ول ڊيورانٽ کي....

سال۱۹۸۰ع کان ۱۹۸۸ع تائين نوڪريءَ جي گھڻ چڪر (vicious circle) ۾ ڦرندي گھرندي نون سالن جي عرصي تائين مون قلم سيراندي ڪري رکيو. جڏهن خيرپور ميرس کان سکر بدلي ٿي، ۽ لاڙڪاڻي آئوٽ بئڪ ٿيڻ لڳي ته وري ڪجھ لکڻ جو شؤق پيدا ٿيو. پر ان وقت قلندر بخش بدوي جي سرپرستي ۾ هلندڙ ”بزم شهباز“ سندس وفات کانپوءِ ختم ٿي چڪي هئي. ۱۹۷۹ع کان پوءِ نوجوانن جي قائم ڪيل روح رهاڻ ادبي سنگت لاڙڪاڻو، ميمبرن جي ڇڙوڇڙ ٿيڻ ڪري وجود وڃائي چڪي هئي. سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي گڏجاڻين ۾ ويس، پر اتي اديبن جي ڄُنڊا پٽ ڏٺم ته سهيل کي چيم ”يار! لکڻ پڙهڻ جو خبط کنيو بيٺو آهي. دل چوي ٿي ته ڪواھڙو ادبي ماحول ٺاهجي، جيڪو شرڪت ڪندڙن کي اتساھي...“

سھيل مڪاني ڀڳت ڪبير جو اهو دوهو ورجائيندي ھڪدم ھمت افزائي ڪئي؛ ”ڪل ڪري سو آج، جو آج ڪري سو اب!“

ائين صلاح مصلحت سان ۱۹۸۸ع جي آخر ۾ ميگھ ملهار ادبي سنگت جو بنياد رکيوسي. جنوري ۱۹۸۹ع ۾ پنهنجي گھر جي اوطاق ۾ ادبي محفلون مچڻ لڳيون. ان دؤر جا متحرڪ اديب ۽ ادب دوست اچڻ لڳا، جن ۾ چاچو عبدالله مڪاني، افضل قادري، رزاق مهر، انيس انصاري، سرڪش سنڌي، محمدعلي پٺاڻ، واجد ناز، ڪامريڊ ڪريم بلوچ، مظفر شاھ، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، منٺار سولنگي، عنايت مگسي، علي شير رونگھو، شعيب علي عمراڻي قابلِ ذڪر آهن. سهيل مڪاني ان زماني ۾ چڱيرڻيون چار پنج خود ڪلاميه انداز ۾ ڪهاڻيون لکيون. پر ڇپائڻ جو شوق نه هيس. وقت سان گڏ اھي به کانئس ھيٺ مٿي ٿي ويون... سھيل مڪاني جو لکڻ وارو رجحان گھٽجي راندين طرف ان ڪري به وڌي ويو، جو اھا سندس ”اسپورٽس“ واري نوڪري جي تقاضا هئي. پر منجھانئس ادب دوستي وارو جذبو ڪڏهن به نه گھٽيو. مان پنهنجيون لکڻيون عمومن کيس ٻڌائيندو يا پڙهائيندو هيس ۽ سندس بي لاگ تبصري مان محظوظ ٿيندو هيس. هڪ ٻئي جي طبيعت کان خوب واقف ھئڻ ۽ سنمان ڏيڻ ڪري دوستيءَ جي نازڪ رشتي ۾ ڪڏهن به ڏار نه پيو. زندگيءَ ۾ اسان هڪ ٻئي جي اڳيان پٺيان نه پر گڏوگڏ هلندا رهياسي.... 

--۱۵--

سال ۱۹۹۰ع ۾ موهن جي دڙِي تي ھر هفتي وڃڻ ٿيندو ھيو. مرحوم هدايت منگي جي ترغيب تي ”ميگھ ملهار ادبي سنگت“ ختم ڪري، ”سنڌي ادبي سنگت شاخ موهن جو دڙو“ جو بنياد رکيوسي. بنيادي ميمبرن ۾ سھيل مڪاني جو پڻ ساٿ هيو. چار پنج سال هدايت منگي ۽ منهنجي سيڪريٽريشپ ۾ سنگت جون گڏجاڻيون ڌوم-ڌڙاڪي سان هليون. پوءِ جڏهن ڪنعيو گيانچنداڻي سيڪريٽري ٿيو ته ڪجھ گڏجاڻين کان پوءِ پوين پساهن ۾ اچي پنهنجي آخري انجام تي پهتي. سال اڌ کانپوءِ ٻاڙائي محسوس ٿي، سوچيوسي ته ڪو اھڙو ادبي پليٽ فارم ٺاهجي، جنهن ۾ ادبي ٻاڙ پوري ٿي. ان ڪري ۱۹۹۶ع ۾ ڊاڪٽر اياز حسين قادري جي اوطاق تي ”رائٽرس ڪلب لاڙڪاڻي“ جو بنياد رکيوسي، سھيل مڪاني بنيادي ميمبرن منجھان هڪ هيو. رائٽرس ڪلب جو پهريون سيڪريٽري مان ٿيس. مون کان پوءِ ترتيب وار سھيل مڪاني، ڊاڪٽر ذوالفقار راھوجو، استاد خالد چانڊيو ۽ هاڻي ستن اٺن سالن کان وٺي عنايت ميمڻ آھي. ھر سيڪريٽري پنهنجي پنهنجي دؤر ۾ شاندار پروگرام ڪرايا. رائٽرس ڪلب جو اھو اصول رکيوسي ته جيڪو به دوست ”ڪلب“ کي احسن طريقي سان هلائي ته ان کي ھلڻ ڏبو. رائٽرس ڪلب لاڙڪاڻي ۱۹۹۶ع کان ادبي ليڪچر ڪرائڻ سان شروعات ڪئي. جن ۾ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو ڊائريڪٽر ۽ اردو ادب جو نقاد ضمير علي بدايوني، ڊاڪٽر اياز حسين قادري، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، محمد ابراهيم جويو، رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر الھداد ٻوهيو، مولانا عزيزالله ٻوهيو، ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو ۽ مسلم شميم جا ليڪچر يا تقريرون قابل ذڪر آھن. تنهن کانسواءِ ڪيترن ڪتابن جون مهورتون پڻ ٿيون. موهن جي دڙي تي آمريڪا کان آيل ”ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ“ جي مانائتن شخصيتن زاهد مخدوم ۽ سھيل انصاري کي آجياڻو ڏنو ويو (اهڙن پروگرامن جو تفصيلي ذڪر استاد خالد چانڊيي جي کٽل خاڪي ۾ ضرور ڪبو، جي حياتي آھي ته....) ستن اٺن سالن جي تسلسل سان رائٽرس ڪلب لاڙڪاڻي جي پليٽ فارم تي، عنايت ميمڻ جي سرڪردگي ۾ شاندار ماھوار مشاعرو ٿي رهيو آھي. اھي سڀ پروگرام ميمبرن جي سهڪار سان ھڙئون وڙئون ٿيندا رهيا آھن. ڪڏهن به ڪنهن مخير شخص يا اداري آڏو رائٽرس ڪلب نه ھٿ ٽنگيو آھي ۽ نه وري سھڪار ورتو آھي.

”آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو“ جي بنياد وجھڻ واري عمل ۾ به سھيل مڪاني جو ڪليدي ڪردار رهيو. جون ۲۰۰۸ع ۾ پهرين گڏجاڻي سندس آفيس ۾ ٿي هئي. جنهن ۾ چانھ پاڻي ۽ طعام جو بندوبست به سهيل طرفان ٿيل هيو. جنهن ۾ ڊاڪٽر مولابخش ڪلھوڙو، مختيار سمون، نذيراحمد کهاوڙ ۽ عبدالستار کهاوڙ پڻ شرڪت ڪئي هئي، ۽ اتي ايڊهاڪ باڊي ٺاھي وئي. جنهن ۾ مان سيڪريٽري ۽ سھيل مڪاني جوائنٽ سيڪريٽري جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ڇھن مهينن اندر آئين ٺاھڻ، ميمبرشپ ۽ رجسٽريشن ڪرائڻ ۾ سندس مددگار وارو رول رهيو. پر ان سڄي عمل ۾ سياسي ٽيڪ عبدالستار کھاوڙ، ٽيڪنيڪل معاونت اسدالله ابڙو (ايڊيشنل ڪمشنر) ۽ مواد جي سوڌ سنوار (ڪمپوزنگ) ۾ عبدالهادي بگٽي جي به هئي.

مان جو آرٽس ڪائونسل ۽ پنهنجي باري ۾ ميان مٺو ٿي ”ٽيون! ٽيون! ڪيان. منهنجي ناول ”ڊيناڪ ۱۰۹“ تي لکيل سهيل مڪاني جا پيش لفظ بعنوان ”دوستاڻو تعارف“ جا چند ٽڪرا خود وضاحتي(Self-explanatory)  آھن.

”منظور ڪوھيار، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جو بنياد وجهندڙن ۾ مک ۽ اھم رڪن رھيو آھي. جنهن جي پهرين ميٽنگ، کهڙو اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ ٿي هئي. وڏو شاهد لاڙڪاڻي جي ڊان اخبار جو بيوروچيف مشهور صحافي مولا بخش ڪلهوڙو آھي، جو اھو پڻ بنيادي ميمبرن منجهان ھڪ آھي. منظور نه صرف بنيادي ڪم، جنهن ۾ آئين لکڻ، ميمبر شپ فارم ٺاھڻ، متعلق ادارن سان لک پڙھ ڪرڻ، ميٽنگس ڪنڊڪٽ ڪرڻ، منٽس آف ميٽنگ تيار ڪرڻ، رجسٽريشن ڪرائڻ وغيره جهڙا ڪم ڪيا. پر ھن ڪڏھن به دعوى نه ڪئي، ته مان آرٽس ڪائونسل جو بنياد وجهندڙ واحد فرد آھيان. چوندو آھي، ته اھي سڀئي بنيادي ميمبر آھن، جن پهرين ميٽنگ ۾ شامل ٿي ڪري، سڏ ۾ سڏ ڏنو. ھو هميشه We feelings جو قائل رھيو آھي. چوندو آھي، ته تنظيمون گڏيل ماڻهن جو ڦل ھونديون آھن، نه ڪي ڪو ھڪڙي ماڻهوءَ جو ڪارنامو. مون کي افسوس تڏھن ٿيندو آھي، جڏھن ڪو جاھل اھا دعوى ڪندو آھي، ته الاڻو فلاڻو آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي جو بنياد وجهندڙ آھي. اهڙن کان جيڪڏھن آرٽس ڪائونسل جي وصف پڇجي، ته اھا به نه ٻڌائي سگهندا.

ادبي حوالي سان منظور ڪوھيار جا ڪالم، ڪهاڻيون، مهاڳ، مضمون، اسٽيج ڊرامه يا ناول با مقصد ۽ با مطلب ھوندا آھن، جو ھو لفظي عياشي جو نه، پر مقصديت جو قائل آھي. سندس پهريون سفري ناول  JourneyNovel، طريقت جو سج “، به ۱۳ صديءَ جي تاريخ، سماجيات ۽ صوفي نظريه جو شاھڪار آھي. ڪنهن درٻاري نقاد ان کي سفرنامو پئي سڏيو، جڏھن ته اھا سفري ناول جي سنئين سڌي صنف آھي.

 ناول (ڊيناڪ ۱۰۹) ۾، جنهن خاص ڳالهه مون کي متاثر ڪيو، اھو يورپ جي تعليمي ادارن جي نصابي ۽ غيرنصابي سرگرمين جي حوالي سان مڪمل ڄاڻ جو ملڻ آھي... منظور ڪوھيار جو لکيل ڊائري ناول به حقيقت ۽ افساني جو مجموعو آھي. ھڪ اهڙي اسپورٽس مئن (ايٿليٽ) جي ڪهاڻي آھي، جيڪو ”ھارائڻ ۽ کٽڻ“ کي راند جيان زندگيءَ جو حصو سمجهي ٿو. پر جڏھن اھو اسپورٽس مين (ايٿليٽ) عشق جي اَري ۾ اچي ٿو، ته استاد بخاري جي ڪلام جي ان بند وانگر ٿي پوي ٿو، ته:

”حسن باز آ، مگر عشق وڏي آفت آ

مون ڏٺو آ ته ڪڏهن باز به جھٽجي ٿو وڃي.“

سھيل مڪاني جو اھو ”دوستاڻو تعارف“ منهنجي لاءِ امل ايوارڊ ۽ ريوارڊ مثل آهي. بهرحال مان ٻن سالن جي چونڊيل باڊي (۲۰۰۹ع ۽ ۲۰۱۰ع) جي مُدي پوري ٿيڻ کان هڪ سال اڳ استعفا ڏئي ڇڏي، سمجھي ويس ته چونڊيل گورننگ باڊي جي ڪجھ ميمبرن کانسواءِ باقين جي ڪم ڪرڻ کان وڌيڪ فنڊس ۾ نظر آهي. (جڏهن ته منهنجي ھڪ ليٽر ۽ سھيل جي ذاتي گذارش تي ”يوٿ افيئرس ڊپارٽمينٽ“ جي سيڪريٽري شعيب صديقي دلچسپي وٺي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي ۾ ھڪ وڏو پروگرام ڪرايو. جنهن ۾ ڪاليج ۽ اسڪول ليول تائين تقريري، ڪوئز، موسيقي، مصوري، ۽ اسٽيج ڊرامن جا مقابلا ٿيا. جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي يوٿ کي انعامن اڪرامن سان نوازيو ويو. اھڙي طرح لاڙڪاڻي ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي کي بنان پئسي شھرت ملي وئي.) جيتوڻيڪ مون کي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن جعفر عباسي صاحب (بحيثيت چئرمئن آرٽس ڪائونسل آف لاڙڪاڻو) جھليو ته استعفا نه ڏيان. پر جيئن چئبو آھي ته ”ڄنگھ ڀڳو ڪم ڪري، ٻانهن ڀڳو ڪم ڪري، پر دل ڀڳو ڪم نه ڪري!“ سطحي-پڻي وارو ماحول ڏسي دل ڀڄي پئي. سھيل کي منهنجي طبيعت جي خبر هئي ته مون وٽ ”ھا ته ها، نه ته نه هوندي آھي!“ سو ان به چيو ته ميلو متو ڇڏجي. ائين ٻئي ھٿ ڪڍي وياسين ته ”ھاڻي لنگھا ڄاڻن ۽ ڄاڃي ڄاڻن....!“

ڪراچيءَ ۾ مستقل رھڻ کانپوءِ سهيل مڪاني ۽ لاڙڪاڻي جي ٻين دلبر دوستن جي ڏاڍي ڪمي محسوس ڪندو آھيان. گلشن حديد ڪراچي ۾ ھيس ته وري به اھل علم ۽ اھلِ قلم دوستن سان ملندي آسيس ملندي هئي. خاص ڪري مرحوم محمد امين مگسي، ذوالفقار علي ڪمبوھ، نظير چنه، ڊاڪٽر فيض جوڻيجو، ڊاڪٽر غفور ميمڻ، لالا اڪرم پنهور ۽ ڪڏهن ڪڏهن محمد نواز چانڊيو سان ميل ملاقات ۾ ادب ۽ سماجيات جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. پر جڏهن کان سعدي ٽائون ۾ رهائش ٿي آھي. چري پُري نه ٿو سگھان. ائين ٿو لڳي ته ڄڻ ڪنڪريٽ جي جھنگل ۾ قيد آھيان. ماڻهو به ڄڻ واري، بجري سيمنٽ ۽ سريي جا ٺهيل آھن. پر وري به شابس آھي، ذوالفقار علي ڪمبوھ، غلام قادر مهر، محمد علي پٺاڻ کي مهيني ماسي منهڙو ڏيکاري تنهائي جي عذاب کان بچائيندا آھن. سه ماھي يا شش ماھي نسيم پارس گاد، گھر ڳنڀير ادبي شخصيت ذوالفقار علي قادري سان مکا ميلو ڪرائي نؤبنو ڪندو آھي. دادن ثقلين لاشاري اڄڪلھ مصروف آھي، نه ته اهو به دم ديدار ڪرائي اتساھيندو آھي. ائين اَشانت من کي شانتي ملي ويندي آھي. پر سچ اھو آھي ته سهيل سان ڪچهري ڪندي جواني موٽي ايندي آھي. ائين لڳندو آھي ڄڻ راند جي ميدان تي ٻالڪن جيان بيٺا هجئون. اھي سڀ ڳالهيون ياد اينديون آھن، جن کي ساريندي ازخود ٽهڪ نڪري ويندا آھن. ارد گرد بيٺل ماڻهو حيران ٿي ويندا آھن ته هنن پوڙهن کي ڇا ٿي ويو آهي، جو جوانن وانگر بغليون ٿا ھڻن...!!

No comments:

راءِ ڏيندا