علي حسن ملاح
سنڌي ٻوليءَ کي جديد ٽيڪنالاجيءَ
سان هم آهنگ ڪندڙ ماھر
مُشتاق ٽانوري
ڄامشوري مان علي حسن ملاح جي وڇوڙي
جي خبر پهتي، تمام گهڻو ڏک ٿيو. سنڌ کيس سنڌي نوجوانن ۾ ڪمپيوٽر سافٽ ويئر، آءِ ٽي
۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي تعليم لاءِ هميشه فڪرمند ڏٺو. گذريل سال ۲۳ جنوري ۲۰۲۵ع تي ھڪ سنڌي ٽي وي نيٽ ورڪ
حيدرآباد جي ”سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري“ جي هال ۾ ”سنڌ ٽي وي سوشل ميڊيا ڪانفرنس“
ڪوٺائي هُئي، جنهن ۾ موبائل فون کان وٺي مصنوعي ذهانت تائين ميڊيا جي ترقي ۽ واهپي
تي پُرمغز سيشن ٿيا. پنهنجي نوعيت جي انوکي ڪانفرنس ۾ جديد ٽيڪنالوجي جي ماهرن سنڌي
ٻولي ۽ جديد ٽيڪنالاجي ۾ ان جي واهپي جي حوالي سان ويچار ونڊيا. ان ڪانفرنس ۾ مون
علي حسن ملاح کي ڏٺو ۽ ٻُڌو. ان ڪانفرنس ۾ علي حسن ملاح سان گڏ ٻين ماهرن جون
تقريرون ۽ خيال ٻڌي ان ڳالھ تي ويساھ وڌيو ته اهي ئي” آنڌيءَ ۾ جوت جاڳائڻ وارا سنڌي
آهن“ جيڪي بنا ڪنهن سرڪاري مدد جي پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ علم وادب سان محبت جي جذبي
سان پنهنجي هڙان توڙي وڙان خرچ ڪري ڪم ڪري رهيا آهن. سندن سوچ بس اها آهي ته جديد ٽيڪنالوجي
جي شور وغُل ۾ لطيف جي ٻولي پنهنجو وجود نه وڃائي ويهي. ماجد ڀرڳڙي کان علي حسن
ملاح تائين انهن ماهرن جو سنڌي ٻولي سان اٿاھ عشق آهي جو ٽيڪنالاجيءَ جي ان زبردست
لهر ۾ سنڌي ٻولي وري به پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺي آهي.
سنڌ جي علمي، ادبي ۽ ٽيڪنالاجي
ميدان ۾ جِن شخصيتن پنهنجي محنت، صلاحيت ۽ جدت سان نمايان سڃاڻپ پيدا ڪئي آهي ان ۾
علي حسن ملاح جو نالو وڏي اهميت رکي ٿو. هو نه رڳو سنڌي ٻوليءَ سميت ڏکڻ ايشيا جي
مختلف ٻولين جي لکتن جو ڄاڻو ۽ ماهر ڪيليگرافر ھو پر هڪ حساس دل شاعر، برجستو
صحافي ۽ ذميوار استاد طور به سڃاتو ويندو ھو. سندس خيال، سوچون ۽ خواب عام رواجن
کان هٽي ڪري نوان رستا کوليندڙ هُئا.
علي حسن ملاح ۸ آگسٽ ۱۹۶۸ع تي ضلعي ڄامشوري جي تاريخي
علائقي لڪي شاهه صدر ڀرسان ڳوٺ آباد نونداڻي ۾ محنتي هاري، حاجي خان ملاح جي گهر ۾
جنم ورتو. سندس ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان شروع ٿي، جنهن بعد هن ميٽرڪ ڄامشوري
جي آر بي بي ڪالوني هاءِ اسڪول مان ۽ انٽر ڊگري ڪاليج ڪوٽڙي مان مڪمل ڪئي. اعلي
تعليم لاءِ هن سنڌ يونيورسٽي جو رخ ڪيو، جتان هن بي اي مڪمل ڪرڻ سان گڏ ڪمپيوٽر
سائنس ۾ ڊپلوما پڻ ڪئي. مهراڻ يونيورسٽي مان پي سي آءِ ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽي جي ميڊيا
اينڊ ڪميونيڪيشن شعبي مان ماسٽرس ڊگري پڻ حاصل ڪيائين. پيشي طور هو تعليم سان
وابسته ۽ پرائمري استاد جي حيثيت سان سماج جي نئين نسل جي تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري
رهيو هو پر سندس سڃاڻپ رڳو هڪ استاد تائين محدود نه هُئي . هو ”انڊس ليڪان سافٽ
ويئر“ جو باني ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر پڻ هو، جيڪو سنڌي ٻولي ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي
جي واڌاري لاءِ ڪم ڪري رهيو هو. علي حسن ملاح جو سڀ کان وڏو ڪارنامو سنڌي ٻولي کي
جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ آهي. هن سنڌي ٻاراڻي ڪتاب کي سافٽ ويئر ۾ تبديل ڪري
هڪ نئون باب کوليو. هن رڳو سنڌي لکت تائين پاڻ کي محدود نه رکيو پر مختلف ڏکڻ
ايشيائي لکتن جهڙوڪ گرمکي، هندي، شاهه مکي، گجراتي، رومن، تامل، تيلگو، ڪنڙ،
مليالم، اڙيا ۽ بنگالي لکتن ۾ سنڌي متن کي تبديل ڪرڻ جو منفرد ڪم ڪيو. ”لکت بدل“
جهڙي جدت ذريعي هن مختلف ٻولين جي وچ ۾ رابطي کي سولو ڪيو، جنهن سان نه رُڳو مطلب
سمجهڻ سولو ٿيو پر ثقافتي ويجهڙائپ به وڌي آهي. سندس اهم تخليق سنڌي ٻاراڻي ڪتاب
جو اليڪٽرانڪ روپ آهي، جنهن ۾ سنڌي الفابيٽ کي آواز ۽ تصويرن سان پيش ڪيو ويو آهي.
هن جديد تعليمي سافٽ ويئر ۾ انگن اکرن، رنگن، شڪلين، جانورن ۽ پکين جي آوازن کي
شامل ڪري سکيا کي دلچسپ ۽ اثرائتو بڻايو آهي. هي ايپ نه رڳو ٻارن لاءِ پر بالغن
لاءِ به سکڻ جو هڪ نئون ۽ آسان ذريعو بڻجي چڪو آهي. علي حسن ملاح ۽ سافٽ ويئر
انجنيئر سيما ڀٽو جو گڏ تيار ڪيل هي ايپ گوگل پلي اسٽور تي عالمي سطح تي ٽاپ ٽين ۾
شامل ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪري چڪو آهي، جيڪو سنڌي ٻولي لاءِ وڏو سنگ ميل آهي. هن ڪاميابي
جو راز ايپ جي ”واهپيدار دوست“ ۽ ”انٽر-ايڪٽو“ هجڻ ۾ لڪل آهي، جنهن سکيا کي راند
جي صورت ڏئي ڇڏيو آهي.
هُن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي
شاعريءَ کي به جديد انداز ۾ پيش ڪندي ”شاهه جو رسالو“ پنج مختلف لکتن ۾ تيار ڪيو،
جنهن سان سنڌي ادب کي عالمي سطح تي پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ آساني پيدا ٿي آهي.علي حسن ملاح
نه رڳو ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرو هو پر سنڌي ٻولي جي عالمي سڃاڻپ لاءِ به سرگرم رهيو آهي.
يوني ڪوڊ ۾ سنڌي ٻولي جي شامل ٿيڻ لاءِ سندس ڪوششن سبب اڄ سنڌي ٻولي دنيا جي اهم ڊجيٽل
ٻولين ۾ شامل آهي. هن جوخيال ۽ پختو يقين هو ته سنڌي ٻولي کي ڪو به خطرو ناهي پر
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تعليم جي نظام ۾ جدت آندي وڃي. هو روايتي پڙهائي بدران
موسيقي ۽ جديد طريقن سان سکيا ڏيڻ جو حامي آهي.
ادب جي دنيا ۾ به سندس سڃاڻپ
مضبوط آهي. سندس شاعري ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي چڪي آهي ۽ مشهور فنڪارن
ان کي ڳائي به پيش ڪيو آهي. هن پنهنجي تعليمي دور ۾ صحافت سان به وابستگي رکي ۽
اخبارن ۾ سب ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون.
علي حسن ملاح مارچ مهيني جي
وچين هفتي ۾ جيري جي تڪليف سبب حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ داخل ٿيو، جتي ۲۳ مارچ ۲۰۲۶ع تي ۵۷ ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. علي حسن ملاح گهڻ رخي شخصيت هو، جنهن
علم، ادب، ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جي ميدانن ۾ پنهنجي محنت سان نوان مثال قائم ڪيا.
سندس ڪم نه رڳو سنڌي ٻولي کي جديد دور سان جوڙيو، پر ايندڙ نسلن لاءِ سکيا جا نوان
در به کوليا.
(ڏھاڙي دي ايشيان ۽ عوامي آواز
ڪراچيءَ ۾ ۲۵ مارچ ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
علي حسن ملاح
اديب ملاح
مائٽ علي حسن ملاح سان منھنجي
پھرين ملاقات ۲۰۰۴ع جي دوران سندس ڄامشوري واري آفيس ۾ ٿي، پھرين ملاقات ڏاڏي رستم
سنڌ پھلوان شير ميربحر جي تصويرن بابت ھُئي. ان وقت علي حسن رانگير ڊاٽ ڪام ويب
سائيٽ ھلائيندو ھو. ھن ويب سائيٽ تي سنڌ جي تقريبن سمورن ملھ پھلوانن جون تصويرون
۽ ملھ مقابلن جا قصا ھُئا. مان يونيورسٽي کانپوءِ ڪراچي ھليو ويس. پوءِ سائين علي
حسن سان موبائيل فون ۽ سوشل ميڊيا جي وسيلي رابطو رھندو ھو، پر جڏھن ۲۰۱۴ع ۾ وري
حيدرآباد آيس ته پوءِ ايف ايم ۱۰۵ ريڊيو جي پروگرامن ۾ ملاقاتون ٿينديون رھنديون
ھيون.
علي حسن ملاح پيسي ڪمائڻ تي
توجھ تمام گھٽ ڏني. کيس مختلف پروجيڪٽس ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ به ٿي پر ھن قبول نه ڪئي.
سموري زندگي سادگي ۾ گذاري. انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي جِي واڌ ويجھ، نوجوانن ۾ اي آءِ
جي استعمال، جديد ڪاروباري نظام ۾ سنڌي نوجوانن جِي شموليت ڪرائڻ لاءِ ڪم ڪندو رھندو
ھو.
زندگي ۾ ڪيترن ئي فنڪارن ۽ ماڻھن
کي ميڊيا وسيلي پروموٽ ڪيائين. ھُن کي خبر ھُئي ته دنيا کيس موٽ ۾ ڪجھ به نه ڏيندي
بس پنھنجي نيڪ نيتي سان پنھنجي حصي جو ڪم ڪندو ھليو ويو، سندس رول ماڊلس عبدالستار
ايڌي، اديب رضوي، سنديپ مھيشوري ۽ بل گيٽس ھُئا. کيس سائين جي ايم سيد سان اڻکٽ ۽
غير مشروط محبت ھئس ۽ ھن جو خيال ھو ته سنڌي قومپرسٽ پارٽيون ڊجيٽل ٿين ۽ پنھنجو
بيانيو ۽ پروگرام سوشل ميڊيا پليٽ فارم وسيلي ونڊ ڪن ۽ سندن پروگرام سموري دنيا
اندر ڪجھ ئي سيڪنڊس ۾ پھچي وڃي.
علي حسن انٽرنيٽ جو ماڻھو ھو.
اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ سبب سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي ماڻھن، سنڌ ذاتين جِي بھ وڏي ڄاڻ ھئس.
سندس ڪڇھري جو موضوع ھر دفعي نرالو ھوندو ھئس. سموري دنيا اندر يا ڪٿي به ڪنھن سنڌي
جي اسٽوري ملندي ھئس ته پوءِ ان کي پروموٽ ڪرڻ ۾ لڳو پيو ھوندو ھو. ھو سيوھاڻي
ملاح فقيري طبيعت وارو ھو. سندس دوستن جي فھرست سنڌ دوست ھئس، ھُو سنڌ ۽ سنڌين جو
عاشق ھو، ھُن کي لڪي شاھ جا جبل به پيارا ھُئا ۽ ڪينجھر ڪناري وڻن تي ويٺل پرديسي
پکي به دل وارا، سندس دل ٿر، اتر، لاڙ کان ويندي اٿل، حب ۽ ناني جي مندر سان ٽمٽار
ھُئي.
علي حسن تحريرن ۾ ھميشا سنڌي سمنڊ لکي ڪراچي جِي مالڪي
جو احسان ڏياريندو ھو، کيس وڏيرن، موقعي پرست ۽ فنڊيد ماڻھن کان چِڙ ۽ بيزاري
ھُئي، ھُو المنظر جو ماڻھو درياھ دل ھو، چانھ بھ ڪيفي صلاح صدر جِي پيئئبي، سينڊوڇ
بھ انڊس ھوٽل جو کائبو ۽ پاڻي ھميشا اڪوافينا پيئبي...
ھاڻ نه علي حسن رھيو، نه ئي اھي
ڪڇھريون ٿينديون ۽ نه ئي وري ھڪٻئي جي برٿ ڊي جا ڪيڪ ڪاٽي سڀ دوست ڪجھ گھڙيون ساٿ
گذارينداسين. سائين علي حسن جي ڪري سائين امير جويو، وقار ملاح، بھار لغاري، ولي ڏاھري
۽ ٻيا کوڙ سڇا دوست مليا.
علي حسن امير سنڌ جو غريب استاد
ھو، جنھن جي ڪلھن تي ذميوارين جو بار ھو، ھُو سموري سنڌ جي غريب ٻارن لاءِ گھڻو ڪجھ
ڪرڻ پئي چاھيو، سندس محنتون رنگ لائينديون، سندس خواب ضرور سانڀيان ٿيندا .....
(فيسبڪ پوسٽ ۲۸ مارچ ۲۰۲۶ع تي رکيل)
No comments:
راءِ ڏيندا