; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر ستار ٻٻر

04 April, 2026

ڊاڪٽر ستار ٻٻر

ڊاڪٽر ستار ٻٻر

ادبي دنيا کان اوجھل رهجي ويل سنڌي ٻوليءَ جو تخليقڪار

عزيز ڪنگراڻي


چٽي طرح ياد اٿم ۱۹۷۴ع ۾ جڏهن مان گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي ۾ اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس ته نئن سول يا شول (هاڻ گاج) ڪناري ڪاڇي جي ڳوٺ ڪنڊي ٻٻر ۾ ۵ مارچ ۱۹۶۱ع تي محمد فاضل ٻٻر جي گهر ۾ جنم وٺندڙ عبدالستار ٻٻر نالي نينگر ڳوٺ حاجي خان مان ستين جماعت پاس ڪري اٺين ڪلاس ۾ جوهي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي ۽ منهنجو ڪلاس ميٽ بڻيو. مون سان گڏ هڪ بينچ تي ويهڻ جي ڪري ساڻس گهڻي ويجهڙائپ ٿي جيڪا گَهَرِي دوستي ۾ تبديل ٿي وئي. نهايت ذهين ۽ محنتي هجڻ ڪري ڪلاس ۾ پڻ نمايان سڃاڻپ ماڻيائين.


اسين هڪٻئي جو گهڻو خيال رکندا هئاسين. مون لکڻ جي شروعات به اٺين ڪلاس کان ڪئي هئي. منهنجي پهرين ڪهاڻي روزاني هلال پاڪستان اخبار ڪراچي جي ٻارن لاءِ صفحي ۾ شايع ٿي هئي ته لکڻ جو اتساھ اڃا به وڌيو هو پر ڪتاب ميسر نه هجڻ سبب مطالعي جي کوٽ رهي. ڊاڪٽر ستار ٻٻر بعد ۾ ڊيل ڪارنيگي (Dale Carnegie) جي ڪتابن سان گڏ ادبي ڪتاب مونکي مطالعي لاءِ ڏنا هئا. مونکي ياد آهي ته مئٽرڪ تائين ڊاڪٽر ستار جو لاڙو ادب ڏانهن نه هئو پر اسانجي دوستي جو سُٻنڌ ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿيندو ويو. سندس رهائش سندس والد محمد فاضل ٻٻر جي دوست باقر رند جي گهر ۾ هوندي هئي. ڳوٺ باقر رند جوهي شهر جي ڏکڻ ۾ ٿوري مفاصلي تي آهي. سندس جوهي شهر ۾ پڻ جاءِ هوندي هئي. مان ڳوٺ باقر رند توڙي سندس شهر واري جاءِ تي ڪچهري لاءِ ويندو هوس. کيس ڳائڻ جو پڻ شوق هوندو هو. مونکي اڪثر يامين غمگين ٻٻر جي شاعري سُريلي آواز ۾ ڳائي ٻُڌائيندو هئو.

هاءِ اسڪول پڙهڻ دوران مان سندس ڳوٺ ڪنڊي ٻٻر پڻ ويس جتي ڪاڇي جي انهيءَ سُريلي ۽ علم عروض جي ماهر شاعر يامين غمگين ٻٻر سان پهرين ملاقات ٿي جنهن جي شاعري ڳائي ٻُڌائيندو هئو. سندس والد ۽ ٻين قريبي رشتيدارن سان واقفيت به ساڻس رغبت جي ڪري ٿي. ڊاڪٽر ستار ٻٻر مئٽرڪ ۾ هئو ته سندس والد صاحب وفات ڪري ويو.

ڊاڪٽر ستار ٻٻر لکڻ جي شروعات يارهين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران ڪئي. هيءُ جيڪو به لکندو هو سو مونکي ٻُڌائيندو هئو. سندس مواد رسالن يا اخبارن شايع ٿيا يا نه پر مون سندس تخليقي پورهيو کانئس ئي ٻُڌو هئو. هن ڪهاڻيون لکڻ سان گڏ شاعري ۾ خاص طور آزاد نظم پڻ سرجيا جيڪي تخيل جي حوالي سان نهايت پختا ۽ منفرد هئا. سندس ڪهاڻين توڙي شاعري ۾ خيالن جي ندرت، ٻوليءَ جي حُسناڪِي ۽ موضوع جي نواڻ کيس منفرد تخليقڪار بڻائن ٿيون. فني لحاظ کان سندس ڪهاڻيون سگهاريون هيون. سندس لکيل شاندار ڪهاڻي “سَيُن جو پُڙو” اٽڪل ۴۶ سال گذرڻ کان پوءِ به ياد اٿم. ڪهاڻي جو موضوع غربت هئو. رمضان جي عيد جو اڪثر چنڊ ٽيهو يا اڻٽيهو نظر ايندو آهي. هڪ غريب بيوھ عورت وٽ هوندا ئي ايترا پئسا آهن جو هڪ ڏينهن جي عيد جي پورت سَيُن جو پُڙو وٺي ٿي. عيد رات سمجهي سَيُون ديڳڙيءَ ۾ وجهي رَڌڻ لڳي ٿي ته سندس ننڍڙو ابهم پُٽ کيس ٻاهران گهر ۾ ايندي ٻُڌائي ٿو ته، امان! چنڊ نظر نه آيو آهي عيد سڀاڻي رات ٿيندي”. اهو ٻُڌندي سندس هٿ مان چمچو ڇڏائجي وڃي ٿو. سندس ڪهاڻي جي المياتي پڄاڻي پڙهندڙ يا ٻُڌندڙ جي دل درد جو طوفان برپا ڪري ڇڏي ٿو.

سندس شاعري ۾ موزونيت گهٽ پر سندس تخيل بلند ۽ نرالو ھئو. سندس هڪ آزاد نظم جون سٽون ياد اٿم جنهن ۾ سموهيل خيال، طبقاتي مت ڀيد ۽ سماجي اوڻائي جو اولڙو. عڪس آهي. سندس آزاد نظم هن طرح هئو:

دل چوي ٿي،

هٿ ڊگهيڙي،

نَرا کڻي مان،

اُڀ کي ڦاڙي

چوان خدا کي،

ڪي سُڪل ڀوري،

ڪاڻ سِڪن،

ڪن جا ڪتا،

سڻڀو کائن،

تو ڪهڙي دنيا،

جوڙي آهي؟

چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڊاڪٽر غلام مرتضي کوسي جي ادارت ۾ نڪرندڙ نوري پبليڪيشن جي مارچ، اپريل ۱۹۸۹ع جي شماري جي صفحي ۳۵ تي ڊاڪٽر ستار ٻٻر جا ڇپيل ڊائري جا ورق:

* سوچيان ٿو ته تون منهنجو ڪيڏو نه انتظار ڪندي هوندينءَ ۽ شايد خوابن ۾ به ڏسندي هجين. ليڪن چري اهو به سوچيو اٿئي ته سماج طرفان اسان هڪٻئي لاءِ مڪروھ ٿي چُڪا آهيون.

* ڇا اهو ضروري آهي ته انسان پيار ڪرڻ لاءِ انهي ديوار کي به ڀور ڪري ڇڏي جنهن جي پاڇي ۾ زندگيون پلجنديون هجن؟

* اسين پاڻ کي فرشتو محسوس ڪرائڻ لاءِ پاڻ کي چيري ڦاڙي پنهنجي نمائش ڪرائڻ چاهيندا آهيون.

* ڇا نفرت ۽ ذلت جي موٽ عزت ۽ خلوص سان ڏيڻ پنهنجو پاڻ تي تشدد ناهي؟

* جيتريون مون غلطيون ڪيون ان کان ڪئين دفعا وڌيڪ معافيون ورتيون آهن. ان ڪري نه جو مان بزدل آهيان پر انڪري جو مان ڪنهن جي ڏک جو ڪارڻ بڻجڻ نه ٿو چاهيان، چاهي حقيقت ۾ آنءُ ان جو قطعي ڪارڻ نه هجان.

* ڪن به ٻن انسانن جي وچ ۾ سهپ وارو جذبو ڪونهي ته اهي هڪٻئي سان ڪيترا به سچا ڇو نه هجن پر گڏ رهي نه ٿا سگهن.

هيءُ ترقي پسند، روشن خيال قلمڪار ۽ تخليقڪار کاٻي ڌر جي سياست سان به سلهاڙيل رهيو. انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ چونڊجي ويو. انهي عرصي ۾ ڳوٺ ايندو هئو ته ساڻس خوب ڪچهريون ٿينديون هيون. ڪانه ڪا ڪهاڻي يا شاعري ضرور ٻُڌائيندو هئو يا وري مان کيس ٻُڌائيندو هوس.

ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪري اول جوهي شهر ۾ نجي ڪلينڪ کوليائين پر جلد پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سرڪاري ڊاڪٽر طور نوڪري ڪرڻ لڳو. گهڻو وقت جوهي تعلقي جي ڳوٺ ٽنڊو رحيم خان اسپتال ۾ ڊاڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏنائين. بعد ۾ ڀان سعيد آباد اسپتال ۾ ڊاڪٽر رهيو. ڀان سعيد آباد ۾ نجي اسپتال پڻ کوليائين ۽ ماهر ڊاڪٽر طور مشهور آهي. هن وقت به سندس نجي اسپتال ڀان شهر ۾ آهي.

سندس ادبي مواد حاصل ڪرڻ لاءِ ساڻس رابطو ڪيم ته ٻڌايائين ته هاڻ ڪو رڪارڊ مشڪل ملي. مون کيس هٿ ڪرڻ ۽ سهيڙڻ جي ڳالھ چئي پر لڳي ٿو ته هاڻ ممڪن ناهي.

شايد ۱۹۸۰ع واري ڏهاڪي کان وٺي گهريلو مسئلن ۽ ٻين مامرن ۽ مصروفيتن جي ڪري لکڻ جاري رکي نه سگهيو ۽ لکيل مواد به لڏپلاڻ ڪري محفوظ رکي نه سگهيو. اهو ئي سبب آهي جو ڊاڪٽر ستار ٻٻر هڪ وساريل قلمڪار ۽ تخليقڪار بڻجي ويو آهي.

ساڻس ڪڙيون مٺيون دوستاڻيون سوين ساروڻيون سلهاڙيل آهن جيڪي ڪنهن ٻئي مضمون ۾ ونڊيندس. ڇاڪاڻ ته جنهن کي حقيقي دوست چئجي سو صرف ڊاڪٽر ستار ٻٻر ئي منهنجو دوست آهي جنهن سان منهنجي دوستي اڄ تائين هاڪاري رهي ۽ رهندي آئي آهي. ڊاڪٽر ستار مزاج ۾ نهايت کرو، صاف سڌو، ڪنهن به قسم جي نقصان ٿيڻ کان لاپرواھ ٿي هر سچي ڳالھ منهن تي ڦهڪائڻ وارو شخص آهي. ايستائين جو حق تي هجڻ سبب ڪئي ڀيرا سرڪاري ڪارندن طرفان کيس پريشان ۽ دربدر ڪيو ويو پر ڪاڻ نه ڪڍيائين.

بهرحال، ادبي دنيا کان اوجھل رهجي ويل سنڌي ٻوليءَ جو تخليقڪار مواد هٿ ڪندو ۽ اڇي تي ڪارو اچي ويندو ته هيءُ سُرتيو سرجڻهار وسرڻ ۽ اوجھل رهڻ کان بچي ويندو.

 

(ڏھاڙي دي ايشيان ڪراچيءَ ۾ ۲ اپريل ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا