سعيد سرهندي
سکر جي صحافت جي يادگار
شخصيت
عمر سومرو
انسان کي ياد رکڻ جو سبب سندس
چهرو يا ظاهري صورت نه هوندي آهي، پر اخلاق، ڪردار ۽ عمل هوندو آهي. اهڙا ماڻهو
وقت گذرڻ سان وسري نٿا وڃن، پر يادگيرين ۾ وڌيڪ روشن رهن ٿا. سکر جي صحافتي دنيا ۾
اهڙن ئي يادگار شخصيتن مان هڪ محمد سعيد سرهندي جو نالو آهي، جنهن کي وسارڻ انهن
لاءِ ناممڪن آهي، جن کي سندس ساٿ، محبت ۽ رهنمائي نصيب ٿي.
سعيد سرهندي انتهائي شفيق، نرم
دل ۽ ملڻ جلڻ وارو انسان هو. سندس شخصيت ۾ خلوص ۽ انسان دوستي نمايان هئي. هو ماڻهن
سان اهڙي انداز ۾ ملندو هو ڄڻ ته سالن کان واقف هجي. سندس گفتگو ۾ نرمي ۽ اخلاق ۾
سادگي هئي، جيڪا هر ملندڙ ماڻهو کي متاثر ڪري ڇڏيندي هئي. پارٽين جا ليڊر سکر ۾
پريس ڪانفرنس ڪن يا ميڊيا سان ڳالهائين، سعيد صاحب انهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪندو
هو.
سعيد صاحب جي هڪ وڏي خوبي ٻولين
تي عبور هو. هو مادري ٻولي اردو سان گڏ سنڌي، انگريزي، پنجابي، گجراتي ۽ ڪاٺياواڙي
ٻوليون به رواني سان ڳالهائيندو هو. اها صلاحيت سندس علمي ذهانت ۽ ماڻهن سان رابطي
۾ مددگار ثابت ٿيندي هئي. شاگرد سياست ۾ سرگرمي سان گڏ صحافتي شروعات ۾ هر ايونٽ ۾
سرگرم ڏسي هن جي شفقت ۽ محبت ويجهو رهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. مون کان عمر ۾ وڏو هجڻ
باوجود، سعيد صاحب مون لاءِ صرف هڪ ساٿي نه رهيو، پر سٺو دوست، استاد ۽ صحافتي
شعبي ۾ ڀاءُ جيان رهنمائي ڪندڙ شخصيت پڻ رهيو. هو نوجوان صحافين جي همت افزائي ڪندو
هو ۽ کين صحافت جي اصولن، ذميوارين ۽ سچائي سان ڪم ڪرڻ بابت رهنمائي ڏيندو هو.
سعيد صاحب پنهنجي پيشاوراڻي
اصولن تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪيو. فيڪس جي زماني ۾، جيڪڏهن ڪا خبر صحيح نه هجي ته
هو پيج ٻيهر لکندو هو ۽ انهيءَ ۾ ڪڏهن به ناراضگي يا هٻڪ محسوس نه ڪندو هو. هن جو
صحافتي سفر اسلام اخبار، آج نيوز، ديانت، يادگار، ڪليم ۽ ٻين ڪيترن ئي ميڊيا ادارن
سان جڙيل رهيو.
سعيد صاحب جا دوست ۽ ساٿي هميشه
کيس عزت ڏيندا هئا. امداد بوزدار، سرفراز باجوه، طلعت حسين ۽ ٻيا ڪيترائي صحافي
سندس دوست هئا، جيڪي سندس شفقت ۽ محبت جو قدر ڪندا هئا. سندس زندگي ۾ ڀلائي،
انسانيت ۽ رهنمائي هميشه نمايان رهي. سکر پريس ڪلب، اسلام اخبار جي آفيس، ڊون ريسٽورينٽ
۽ ٻين هنڌن تي سندس موجودگي هميشه يادگار رهي. هو پنهنجي دوستن سان مذاق، سفر ۽
صحافتي ورڪشاپن ۾ گڏ رهندو، جيڪي سڀ يادگار لمحات هئا. سندس زندگي ۾ ڪا سختي يا ڪاوڙ
به دوستي ۽ انسانيت جي جذبي کي متاثر نه ڪندي هئي.
سعيد صاحب جي شخصيت ۾ سٺايون
سندس ٻين ڪمزورين کي لڪائي ڇڏينديون هيون. سندس سادگي، خلوص، دوستي ۽ محنت کيس ٻين
کان منفرد بڻائيندي هئي. شروعاتي دور ۾ صحافت سان گڏ سندس ڌاڳي جو ڪاروبار به هو،
جيڪو افغانستان سميت ٻين علائقن تائين پکڙيل هو.
سعيد صاحب جو جنم ۶ سيپٽمبر ۱۹۴۷ع تي ٿيو، ۽ پاڪستان جي قيام
کان اڳ ئي سندس والد کي شهيد ڪيو ويو. سندس امڙ ڏاڍين ڏکين حالتن ۾ سندس تربيت ڪئي
۽ ايم اي جرنلزم تائين تعليم ڏياري. ۳۱ مارچ ۱۹۸۸ع تي هن شادي ڪئي ۽ کيس ٻن نياڻين ۽ هڪ پٽ محمد بلال جو اولاد هو. سندس بيواهه
اڄ به خودداري سان زندگي گذاري رهي آهي.
سعيد سرهندي ۱۷ مارچ ۲۰۰۹ع تي دنيا مان رخصت ٿيو، پر سکر
جي صحافتي دنيا لاءِ ڪ وڏو خال ڇڏي ويو. سندس وڃڻ سان نه صرف هڪ تجربيڪار صحافي،
پر هڪ مخلص دوست، مهربان استاد ۽ بهترين انسان به اسان کان جدا ٿي ويو. اڄ به جڏهن
سکر جي صحافت جي تاريخ جو ذڪر ٿيندو آهي ته محمد سعيد سرهندي جو نالو عزت، احترام
۽ محبت سان ورتو ويندو آهي. سندس شخصيت، اخلاق ۽ صحافتي خدمتون انهن لاءِ هڪ
يادگار مثال آهن، جيڪي صحافت کي صرف پيشو نه، پر ذميواري ۽ خدمت سمجهن ٿا. رب پاڪ
کان دعا آهي ته هن کي پنهنجي خاص جوار رحمت عطا ڪري، جنت الفردوس ۾ اعليٰ درجات
عطا فرمائي. آمين.
(ڏھاڙي ھمسري حيدرآباد آن لائين ۾ ۱۷ مارچ ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا