; سنڌي شخصيتون: سائين شِو ڀَڄَن اداسين

13 April, 2026

سائين شِو ڀَڄَن اداسين

سائين شِو ڀَڄَن اداسين

حسيب ناياب منگي



شڪارپور شھرَ جي خوشقسمتي آهي، جو ان جي ڪک مان اهڙين شخصيتن جو جنم ٿيندو رھيو آهي، جن پنھنجي ڪردار ۽ ڪارنامن سان نه صرف پنھنجو نانءٌ بلندين تي پھچايو آهي، پر شڪارپور جو نالو به دنيا ۾ احترام لائق بڻايو. اهڙين شخصيتن ۾ سائين شِو ڀَڄنَ جو شمار به ٿئي ٿو، جيڪو علم جي بلنديءَ تي فائز هجڻ جي باوجود به عاجزيءَ جو هڪ اتم مثال هو. جيڪڏهن سندس اخلاق ۽ نيڪيءَ جا ڳُڻ ڳائڻ ويھون، ته به اسان وٽ شبد کٽي ويندا. هو سچ پچ ته لعل هو يا کڻي ايئن چئجي ته سراپا پارس هو. سائينءَ جو هر ڪنھن سان قرب ۽ پنھنجائپَ، مٺڙي ٻولي ۽ پريم سان پڪارڻ توڙي دل سان سڀ ڪنھن کي پنھنجو بڻائڻ سندس شخصيت جو اهم ۽ منفرد حوالو هو. ڪي ڪي ماڻهو پنھنجي ذات ۾ پنھنجو مٽ پاڻ هوندا آهن. سائين شِو ڀَڄن به اھڙن مھا پُرشن مان هڪ هو، جيڪو پنھنجي قول توڙي فعل جو سچو، پنھنجين ڳالهين ۾ پڪو ۽ پختو انسان هو. محبت سان نھاري هر شخص تي پنھنجو اهڙو اثر ڇڏيندو هو، جو مجال آهي ڪو سندس شخصيت جي سحر مان نڪري سگهي! جيون گذارڻ جا ڏَسَ ڏيندو هو ۽ اخلاق ڀريُون ڳالهيون ٻڌائيندو هو. ڪتابن مان نصيحتون پيش ڪندو هو.. رڳو پنھنجي ڌرمي پُستڪن مان ئي گيان نه ڏيندو هو، پر اسلام جي صوفي بزرگ شاعرن جي لافاني ڪلام مان به مثال ڏئي ماڻهن کي زندگيءَ جا سبقَ سمجهائيندو هو. سندس رنگ ۾ جيڪو رڱجي ويندو هو، اهو پنھنجي ذات ۾ ڪامل انسان بڻجي ويندو هو. خلقِ خدا جي خدمت سندس زندگيءَ جو مقصد هو. هُو نيڪوڪار ۽ بخت وارو انسان هو. شڪارپور کي به جن هستين تي ناز آهي، تن ۾ سائين شِو ڀَڄنَ جو شمار اَوَس آهي.


سائينءَ جو اصل نالو ’شيوارام‘ هو. پاڻ شڪارپور جي مشھور سيٺ ديوان ٺاڪرداس (جنھن جي ھوٽل جو قلفي فالودو ۽ وائيٽ روز بوتل اڄ به مشھور آھي) جو نينگر هو. سندس جنم ۲۰ سيپٽمبر ۱۹۳۴ع تي شڪارپور ۾ ٿيو. وڏو ٿيو ته پنھنجي پِتا جي ڌن ۽ دولت توڙي ماتا ــ شريمتي ڄيٺي ٻائيءَ جي علمي لياقتن تي کيس ڪنھن به قسم جو گهمنڊ نه هو. والده سندس تربيت ڪندي کيس ڌرمي ڳالهيون ۽ لوڪ قصا ٻڌائيندي هئي. والد کيس آڱر کان وٺي گهمائيندو هو. نيڪيءَ ۽ ڀلائيءَ جا ڪم ڪندي والدين کي ڏٺو هئائين ته ننڍپڻ کان ئي سندس من غريبن جي سھائتا ۽ بي پھچ ماڻهن جي مدد طرف مائل ٿيو. خوشحاليءَ ۾ به سادي طبعيت رکندڙ هي نيڪ ٻالڪ، ابتدائي تعليم جا ورقَ شڪارپور مان پڙهي، شڪارپور جي ئي هڪ علمي اداري ”نيو ايرا هاءِ اسڪول“ ۾ رسمي تعليم حاصل ڪرڻ لڳو. ان دؤران شڪارپور جي هڪ مقدس ”سماڌا آشرم“ ۾ اچڻ وڃڻ لڳو. سندس شخصيت تي اتان جي سربراھَه سائين گوبند ڀڄن جو اثر پئجڻ لڳو، جيڪو صاحب پنھنجيءَ ڏات ۽ ذات ۾ باڪمال ۽ پنھنجي شخصيت ۾ بي مثال شخص هو ۽ سماڌا آشرم شڪارپور جو گاديسر هو. چيو وڃي ٿو ته سائين گوبند ڀڄن صاحب سندس ڇٺيءَ واري تقريب ۾ اچي ننڍڙي ٻالڪ شيوارام کي هنج ۾ کڻي نمسڪار ڪيو هو ته خوشيءَ واري موقعي تي ان ڪاڄ ۾ موجود ماڻهو اهو اشارو سمجهي ويا هئا، ته هي ٻالڪ به گهٽ جو گهر ناهي. هڪ اهڙو گوهر آهي، جيڪو وقت اچڻ تي لعل ٿي نروار ٿيندو.

شيوارام ٺاڪرداس، پينٽ شرٽ جھڙو ماڊرن لباس پائڻ وارو، اسڪول ۾ سون جي قط واري پين سان لکڻ وارو ٻالڪ هو. نيُو ايرا هاءِ اسڪول ۾ سونن پَٽن وارِي واچ پائي ويندو هو. سائين ڪشارام راجپال جي شاگرديءَ ۾ هو ته اسڪول ۾ تقريرون پڻ ڪندو هو. کيس انگريزي ٻوليءَ جي سکيا ڏيڻ ۽ ان ۾ عبور بخشڻ ۾ پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه جو اهم ڪردار آهي. علم سان گڏ هٿ جي سخاوت ۽ تڪبر کان پري رھڻ وارو جيون گذارڻ واري هن ٻالڪ تي ۱۹۵۱ع ۾ هندن جي مقدس مڪاني آسٿان ”سماڌا آشرم“ شڪارپور جي گاديسريءَ جو بار پيو. ان وقت اڃا هو مئٽرڪ ڪلاس ۾ پڙهي رهيو هو. سائين گوبند ڀڄن پنھنجي ديھانت کان اڳ کيس پنھنجو شِشيه ته بڻايو ئي هو، پر پوءِ ديھانت وقت مٿس اها ذميداري به عائد ڪندو ويو ۽ شيوارام مان ’شِو ڀَڄَن‘ بڻايائينس. جنھن کانپوءِ سُک ۽ سھنجَ واري جيون کي ٿُڏي پاڻ فقيري اختيار ڪيائين ۽ پوءِ ان دؤران مئٽرڪ جو امتحان به پاس ڪيائين.

نيڪيءَ ۽ عاجزيءَ مان سائين شِو ڀَڄن مٺو ڦل پائيندو ويو. سماڌا آشرم ته شڪارپور ۾ هو، پر سائينءَ جي عشق جي رنگَ ۽ لڳن سان دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويو مشھور ٿيندو. اڄ به ڪنڌڪوٽ ۽ بلوچستان ۾ هڪ هڪ جڏهن ته هندوستان ۾ ئي سماڌا آشرم جُون ۷ درٻارون موجود آهن. سائينءَ جا طالبَ ۽ مريد توڙي دل سان پريم ڪرڻ وارا اڄ دنيا ۾ هر هنڌ وسن ٿا.

سائين شِو ڀَڄن سواميءَ سان گُرو گرنٿ صاحب جو ڄاڻو ’کيئا سنگهه‘ هميشه گڏ هوندو هو. حڪيم ڏيئي رام وٽان سُتين ۽ ڦَڪين جا ڏسَ ملندا هئس. سائين شِو ڀَڄن صاحب راڳ به ڄاڻندو هو. راڳ جِي سکيا ’استاد ڀائي جادُو داس‘ کان ورتي هئائين. باجو وڄائڻ ۽ راڳ جي سکيا ڏيڻ سان گڏوگڏ علم جي جوت کي روشن رکڻ سائينءَ جي جيون جو خاص مشغلو ٿي ويو. رات جو مالڪ جي ياد ۾ گم رهڻ ۽ ڏينھن جو پنھنجن هٿن سان شيوا دارن جي شيوا ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو هو. مريدن ۽ دل سان کيس چاهڻ وارن جي حق ۾ مالڪ آڏو پرارٿنا ڪندو رهندو هو. پنھنجي ڌرمي ڏهاڙن کي ملهائڻ ۽ پوڄا ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندو هو. خلقِ خدا جي خدمت ڪندو هو. غريبن لاءِ سھارو، بي آسرن لاءِ ڇپر ڇانو ۽ شاگردن لاءِ اميد بڻيل سائين شِو ڀڄن هر ممڪن ڪوشش ڪري پاڻ وٽان سواليءَ کي خالي ڪونه موٽائيندو هو. انسان ته سندس مدد جا منتظر هوندا ئي هئا، پر مالڪ جو هي نرالو شخص پکين ۽ جانورن جي کاڌ خوراڪ جو به خيال رکندو هو. توڙي جو شگر سبب ۱۹۹۲ع ۾ سندس ٽنگ (پير کان گوڏي تائين) ڪٽي وئي هئي، پر پوءِ به سائينءَ کي پنھنجي نيڪيءَ ۽ ڀلائيءَ وارن ڪمن جو خاص خيال رهندو هو ۽ هو انھن کي ادا ڪرڻ ۾ ڪابه ڪوتاھي نه ڪندو هو. سائين شِو ڀَڄَن سواميءَ کي ٻوٽن ۽ وڻن سان به بيحد چاهه هو. ٻوٽا پوکيندو هو، وڻن جو خاص خيال رکندو هو. کيس ’سيرت شاسن‘ سان گهڻو چاهه هوندو هو.

ڌرتيءَ تي ساهه وارن ساسيُن جو خيال رکڻ وارو، هندو ــ مسلم ايڪتا جو حامي ۽ ٻاجهارِي طبعيت جو مالڪ ــ سائين شِو ڀَڄَن، ۱۸ مارچ ۲۰۰۸ع تي هي جھان ڇڏي ويو. ڪالهه کان شڪارپور ۾ سائينءَ جي ورسيءَ جون ٽي روزه ساليانيون تقريبون شروع ٿي چڪيون آهن، جن ۾ هر سال جيان ملڪ جي مختلف علائقن مان پريمي حاضري ڀرڻ لاءِ شڪارپور پھچي چڪا آهن ۽ سندس آشرم تي کيس شرڌانجلي پيش ڪري رھيا آهن.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۹ مارچ ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا