; سنڌي شخصيتون: حمزو پنهور

13 April, 2026

حمزو پنهور

سائين حمزو پنهور

سندس لاڏاڻي تي

جميل چانڊيو



تاريخ ۲۷ رمضان جي افطاري بعد جيئن ئي آئون روزمره جيان پنهنجي صحافتي ذميواريون نڀائڻ خاطر ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير پهتس ته انتهائي ڏک ڀري خبر صحافي دوستن ٻڌائي ته ملير جو مور صحافي، اديب، دانشور، قومي ڪارڪن ۽ استاد سائين حمزو پنهور اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو آهي، ڪجهه گهڙين تائين اهڙي خبر ٻڌڻ بعد ڄڻ اعتبار ئي نه پيو اچي ته سائين حمزو پنهور هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي، ڪالهه شام سومر جي ڏينهن گهڻن ڏينهن کانپوءِ منهنجو فون تي سائين حمزو پنهور سان حال احوال ٿيو ۽ ٻڌايائين ته طبيعت جي لاچاري سبب گهران نڪري نٿو سگهان، اهڙا لفظ منهنجي ڪنن ۾ گونجندا رهيا


سنڌ جي حقيقي ترجمان روزاني عوامي آواز جي شروعاتي دور ۾ سائين حمزو پنهور، گل حسن ڪلمتي ۽ قاضي شاهه محمد ۽ مان عوامي آواز جي صفحي مورڙي جي ماڳ ۾ گڏجي ڪم ڪيو جنهن ۾ سائين حمزو پنهور ۽ گل حسن ڪلمتي اسان کي عوامي آواز جي پليٽ فارم تان پڙهندڙن کي ڪراچي ٻهراڙي جي هڪ وڏي تاريخ هن صفحي ذريعي هفتيوار پڙهڻ لاءِ ملندي هئي. هي اهو دور هو جڏهن روزاني عوامي آواز لياري مان نڪرندي هئي ۽ آفيس ۾ ويهڻ جي گنجائش گهٽ هوندي هئي تنهن ڪري اسين چارئي ٻاهر ڪنهن بينچ يا ڀرپاسي واري هوٽل تي ويهي مضمون ترتيب ڏيندا هئاسين.

حمزو پنهور قومي تحريڪ جو پڻ سرگرم ڪارڪن ۽ عهديدار رهيو. سائين جي ايم سيد، عبدالواحد آريسر ۽ شهيد بشير خان قريشي جي جدوجهد ۾ سندس فرنٽ مين وارو ڪردار رهيو، لساني فسادن کان وٺي ڌارين جي ڪراچي تي يلغار ۽ ڌاري آبادڪاري جي وڏن منصوبن بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي سميت سنڌ مٿان هر ان محاذ تي پنهنجو ڀرپور آواز اٿاريو جيڪو ڌرتي خلاف هو سندس ۴۰ سالا جدوجهد هڪ تاريخ رقم ڪئي سنڌ ۾ آدمشماري ۽ ڳڻپ واري مسئلي تي سائين حمزو پنهور جو ڪردار جتي ساراهه جوڳو هو اتي سندس موقف سنڌ دوست هو گذريل پنجن سالن کان حمزو پنهور دل جي عارضي باوجود قومي جدوجهد واريون سرگرميون جاري رکيون، ڌاري آبادڪاري خلاف جڙندڙ ڌرتي ڌڻي الائنس جو پڻ مرڪزي طور تي ترجمان رهيو

حمزو پنهور جهڙيون شخصيتون صدين ۾ پيدا ٿينديون آهن سندس خال ڀرجڻ ڏکيو آهي سائين حمزو پنهور جون آخري رسمون اڄ ملير جي تاريخي قبرستان چوڪنڊي ۾ ادا ڪيون وينديون.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۸ مارچ ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)




پيارو سائين حمزو پنهور

موڪلائي ويو

غوث پيرزادو

اڄ شام جڏهن اداسي پنهنجا پاڇا دل جي دوار تي لاڙيا پئي ۽ اکين ۾ عجيب نراسائي جنم وٺي رهي هئي، ان ئي وقت امتياز دانش هڪ دل ڏاريندڙ خبرکڻي آيو ۽ چيائين ته سائين حمزو پنهور به موڪلائي ويو. سائين حمزو ڪير هو؟ ها هو هڪ وڏو صحافي هيو جنهن پنهنجي سموري زندگي صحافت کي ارپي ڇڏي ۽ ملير ڄائو هي شخص هميشه ملير جي وسندين جو ڪيس هر فورم تان وڙهندو رهيو. سائين حمزو پنهور هڪ بهترين استاد به رهيو ۽ سندس تعلق سنڌ جي قومي تحريڪ سان به رهيو. حمزي سان اسان جو روح جو رشتو هو مان کيس 35 سالن کان سڃاڻان جڏهن هن منهنجو تعارف منهنجي سوٽ لطف پيرزادي ڪرائيندي چيو هو ته سائين ڪراچي جي سنڌي وسندي يوسف ڳوٺ ۾ر هندو آهي جيڪو ڀيسن ڪالوني موڙ ڀرسان آهي. مان کيس ڦوهه جواني ۾ ڏٺو هو. هر وقت اڇو پڇو رهندو هو. سفيد ڪاٽن جي وڳي ۾ ملبوس سائين حمزو پنهور هڪ حسين شهزادو لڳندو هو. هن کي الائي ڪهڙو دل جو مرض لاحق ٿيو، جنهن آخرڪار کانئس زندگي کسي ورتي. هر جينيس ماڻهو کي دل ۾ کاٽ لڳندو آهي ۽ هر حساس ماڻهو دل جي مرض کان مشڪل بچي سگهندو آهي. پر سائين حمزي کي دل جي بائي پاس جو به چيو ويو هو پر هن زندگي سان پيار جي نتيجي ۾ هميشه دل جي بائي پاس آپريشن کان انڪار ڪيو، ۽ بس ٻين دوائن جي ذريعي پاڻ کي زندهه رکندو رهيو. سائين حمزو پنهور ملير جي انهن صحافين منجهان هيو جيڪي واقعي به صحافت جو حق ادا ڪندا آهن. ڪو دور هيو جڏهن ملير جي صحافين کي سموري سنڌ ۾ هڪ مڃتا جي نظر سان سڃاتو ويندو انهن صحافين ۾ مير عباس، جميل چانڊيو، سامي ميمڻ، حمزور پنهور ۽ ٻيا هڪ اٿارٽيءَ جي حيثيت رکندا هيا بعد ۾ ڪجهه جونيئر به آيا جيڪي هاڻي ملير جا سينيئر صحافي سڏجن ٿا. حمزو پنهور انهن سمورن صحافين جي ٽيم جو نڪ هيو، هر وقت مليرپريس ڪلب ۾ کيس متحرڪ ڏٺوسين، هر وقت لک لکان هوندي هيس. ڪڏهن به کيس واندو ويٺي نه ڏٺوسين. زندگي سان ڀرپور هي شخص پنهنجي ذات ۾ هڪ ڪميٽيڊ انسان هيو. جڏهن شاعر واجد جي علاج سانگي مليرپريس ڪلب جهولي جهلي فنڊ ڪيو هو ۽ وري کيس لاڙڪاڻي وڃي پهچائي آيا هيا ته ان ٽيم ۾ حمزو پنهور به برابر جو شريڪ هيو. هو ملير جي مسئلن کي پرنٽ ميڊيا ۾ زوردار انداز ۾ کڻي ايندو هو. هن جي دامن تي ڪڏهن به ڪرپشن جو الزام نه لڳو جڏهن ته پوءِ هن جي ٽيم جي ميمبرن پنهنجي دامن کي غيرمحفوظ رکيو ۽ هوريان هوريان سڀ الوپ ٿيندا ويا ۽ ڪيمنٽيمنٽ واري واٽ تي گهڻو وقت نه بيهي سگهيا. پر ان دور ۾ اهيو سڀ جو سڀ جوڌا هيا، جرنيل هيا ملير سميت سموري سنڌ جا پاسدار هيا. حمزي پنهور سان وڏا بحث ٿيندا هيا، هو اديبن جي ادبي ڪردار جو سخت ترين نقاد هوندو هو مان قومي تحريڪ جي ڪردار تي تنقيد ڪندو هيس اسان جو جهيڙو اڀ ڏارينديو هيو ۽ آخر ۾ چانهه جي ڪوپ کان پوءِ کلي موڪلائيندا هياسين. اڄ حمزو نه رهيو آهي ته مون تڪليف ٿي رهي آهي ته هاڻي مان بي سبب ايڏا جهيڙا ڪنهن سان ڪندس، هاڻي منهنجي ٽهڪن ۾ جان وجهندڙ سائين حمزو پنهور به اسان ۾ نه رهيو جنهن کي ڏسي ايماندار ماڻهو جي اصل شڪل نظر اچي ويندي هئي. سائين حمزو پنهور اهڙو ڪهڙو موقعو چئجي جنهن تي اسان سان گڏ نه رهيو هجي. هر سياسي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي پليٽ فارم تي گڏ بيٺل هوندا هياسين. هن سان دوستي جي تعلق فطري هيو پر دلي طور تي آئون کيس پنهنجي وڏي طور تسليم ڪندو هيس. هو کلڻو هو. ٿوري ٿور ڳالهه تي تمام گهڻو کلندو هو. هو تقرير ڪندو هو ته هن جا سچائي سان ڀريل لفظ پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيندا هيا. هن ڪڏهن به ڪنهن سان ٻاڙو نه ٻوليو. وقت گذري ويندو پر حمزي جو ڪردار سماج جي اندر چوڏهينءَ جي چنڊ جيان چمڪندو رهندو. جڏهن به ملير پريس ڪلب جي جدوجهد جي تاريخ لکي ويندي ته ان ۾ حمزو پنهور پنهنجي قد ڪاٺ سان نمايان نظرايندو. هن جي وڇوڙي کي دل اڃان تسليم نه ڪري رهي آهي. دل مڃي ئي نه ٿي ته اسان جو پنهنجو، اسان جي وجود جو حصو اڄ اسان کان ڪٽجي ڌار ٿي ويو آهي. جيستائين زندهه رهنداسين سائين حمزي پنهور جي ڪمي هر موڙ تي محسوس ڪنداسين.

 

(غوث پيرزادو جي فيسبڪ پوسٽ ۱۷ مارچ ۲۰۲۶ع تي رکيل)



سائين حمزو پنھور

واحد بخش ترڪ

وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو.

صحافتي سٿ جو پيارو ساٿي، سيد جو صالح سچو پيروڪار ۽ قومي اڳواڻ، قوم جي هر بچي کي تعليم جهڙي زيور سان مالا مال ڪندڙ بهترين استاد، جو کيڙي سو کائي شهيد شاھ عنايت تنظيم جو اڳواڻ، ڪراچي جي ڳوٺن، زمينن، ادارن جو محافظ، انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ، ليکڪ ۽ مظلومن جو ڀرجهلو سائين حمزو پنهور به اسان کي ڇڏي اوڏانهن روانو ٿيو جتان ڪير موٽيو ناهي.

سائين حمزو پنهور قومي ڪارڪن طور ڪراچي جي سنڌين جي دل جي ڌڙڪن هو، 1989ع ۾ سنڌي ٻولي جي پهرين ڪمپيوٽرائز اخبار عوامي آواز ڪراچي ٻهراڙي ۾ رپورٽر رکڻ جو اعلان ڪيو ته سائين حمزو پنهور، سائين پير حامد الله سرهندي، سائين خادم ميراڻي، سائين  اعجاز سڄڻ ميراڻي ۽ مون علائقائي رپورٽر جي حيثيت سان صحافت شروع ڪئي جيڪا تمام گهڻين ڏکيائين، رڪاوٽن جي باوجود جاري رهي.

سائين حمزو پنهور جا سنڌي اردو اکر تمام سهڻا ۽ خبرن ٺاهڻ جو نرالو انداز هو جنهن جي ٺهيل خبر لاءِ گهڻا صحافي انتظار ڪندا هئا. سائين حمزو پنهور جي هميشه ڪوشش هئي ته هر وقت سکڻ گهرجي ان لاءِ گڏيل ڪوششن سان ناليوارن صحافين سائين انور پيرزادو صاحب ، سائين سهيل سانگي صاحب، سائين امداد علي اوڍو صاحب، سائين بدر ابڙو صاحب، سائين خير محمد کوکر صاحب، سائين يوسف شاهين صاحب، سائين رڪ سنڌي صاحب، سائين اقبال دل صاحب، سائين ڊاڪٽر جبار خٽڪ صاحب ۽ ٻين ڪيترن ئي سينئرن کان سکڻ جو موقعو مليو جنهن لاءِ سائين حمزو پنهور جون ڪوششون به شامل هيون.

سائين حمزو پنهور ڳالهائڻ ۾ڪڏهن ڪاوڙ ۽ تڪڙ نه ڪندو هو پر هر وقت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندڙ صحافي اڳواڻ هو. هر ماڻهو سان پيار محبت احترام سان پيش اچڻ ۽ سدائين مرڪي ملڻ ان جي عادت ۾ شامل هو.

هو چاهيندو هو ته نوان صحافي پيدا ڪيون دلچسپي رکندڙن کي سيکارڻ جي حوالي سان سخي هو جنهن ڪري سندس ڪيترائي شاگرد آهن جيڪي مختلف ادارن ۾ صحافتي ذميواريون پوريون ڪري رهيا آهن.

ڪراچي پريس ڪلب کان پوءِ پهريون دفعو ڪراچي رورل پريس ڪلب جو بنياد ميمڻ ڳوٺ ۾ وڌو ويو جنهن جو بنياد رکڻ وارن ۾ شامل هو جنهن جو پهريون صدر پير حامد الله سرهندي ۽ جنرل سيڪريٽري مونکي چونڊيو ويو. جنهن کي پوءِ ڊسٽرڪٽ پريس ملير جو نالو ڏنو ويو جنهن ۾ به سائين حمزو پنهور سدائين ڪنهن نه ڪنهن عهدي تي رهيو. آخري وقت تائين پريس ڪلب سان جڙيو رهيو ۽ڪتابن سان دوستي جاري رکي جڏهن به ساڻس ملاقات ٿي ته سنڌ، زمينن تي ڌارين جي قبضن، ڌارين جي لوڌ، سنڌ جي تعليم ۽ سنڌ واسين ۽ ملير جي ماروئڙن بابت گهڻو فڪرمند رهندو هو. سائين حمزو پنهور دوستن کي ڪتابن جا تحفا ڏيڻ جو شوقين هو چوندو هو ته ڪير اسان کي ياد ڪري نه ڪري پر ڪتابن کي پڙهندي ضرور ياد ڪندا .

سائين حمزو پنهور نفيس قسم جو انسان هو جنهن سدائين محبتون ونڊيون ۽ صحافين جي اختلافن کي نبيرڻ ۾ سندس ڪو مٽ نه هو. هو گهڻ رخو شخص هو،  لکڻ سان گڏ هو سدائين جدوجهد ۾ رهيو. سندس ڪاوشون، جدوجهد سدائين ياد رکيون وينديون. سندس جنازي نماز اربع واري ڏينهن صبح ساڍي ڏھين وڳي تاريخي قبرستان چوڪنڊي ۾ ادا ڪئي وئي سندس مڙھ ڪهاڙي واري ڳاڙهي جهنڊي هيٺ جئي سنڌ جي نعرن سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ان موقعي تي ڪراچي ملير جي صحافين، قوپرست اڳواڻن، چونڊيل نمائندن، سياسي، سماجي اڳواڻن، انساني حقن جي تنظيم جي اڳواڻن، شاعرن، اديبن، ليکڪن، استادن، سندس شاگردن ۽ مختلف فڪر جي اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ هر زبان تي مرحوم جي تعريف هئي. تدفين کان پوءِ جئي سنڌ جو قومي ترانو ۽ وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو ڳائي سلامي پيش ڪئي وئي. سائين حمزو پنهور جي وڇوڙي تي ملير جي صحافين هڪ هفتي جو سوڳ جو اعلان ڪيو. سندس تڏو نيشنل هائي وي ۽ يوسف عارفاڻي ڳوٺ لڳ عارب پنهور ڳوٺ ۾ وڇايو ويو آهي.


(واحد بخش ترڪ جي فيسبڪ پوسٽ ۱۹ مارچ ۲۰۲۶ع تي رکيل) 


No comments:

راءِ ڏيندا