; سنڌي شخصيتون: حمزو پنهور، جميل چانڊيو، غوث پيرزادو، واحد بخش ترڪ،
Showing posts with label حمزو پنهور، جميل چانڊيو، غوث پيرزادو، واحد بخش ترڪ،. Show all posts
Showing posts with label حمزو پنهور، جميل چانڊيو، غوث پيرزادو، واحد بخش ترڪ،. Show all posts

13 April, 2026

حمزو پنهور

سائين حمزو پنهور

سندس لاڏاڻي تي

جميل چانڊيو



تاريخ ۲۷ رمضان جي افطاري بعد جيئن ئي آئون روزمره جيان پنهنجي صحافتي ذميواريون نڀائڻ خاطر ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير پهتس ته انتهائي ڏک ڀري خبر صحافي دوستن ٻڌائي ته ملير جو مور صحافي، اديب، دانشور، قومي ڪارڪن ۽ استاد سائين حمزو پنهور اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو آهي، ڪجهه گهڙين تائين اهڙي خبر ٻڌڻ بعد ڄڻ اعتبار ئي نه پيو اچي ته سائين حمزو پنهور هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي، ڪالهه شام سومر جي ڏينهن گهڻن ڏينهن کانپوءِ منهنجو فون تي سائين حمزو پنهور سان حال احوال ٿيو ۽ ٻڌايائين ته طبيعت جي لاچاري سبب گهران نڪري نٿو سگهان، اهڙا لفظ منهنجي ڪنن ۾ گونجندا رهيا