; سنڌي شخصيتون: ”ولي“ دائودپوٽو

12 April, 2026

”ولي“ دائودپوٽو

”ولي“ دائودپوٽو

سنڌ کان وِسريل شاعر

حسيب ناياب منگي



سنڌ ۾ مون گهڻن ئي اهڙن شاعرن اديبن جو احوال ٻڌو آهي، جيڪي پنھنجي حياتيءَ ۾ ته باڪمال هئا، پر حياتي پوري ٿيڻ کانپوءِ اسان جي ادبي دنيا توڙي تذڪرن ۾ ايئن نظرانداز ٿيا، جو سندن ذڪر کان خالي ادبي تاريخن جا ورقَ اهو سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا ته اسانجي ساھت جي تاريخ مڪمل ناھي. ادبي مُورخن سنڌ ڌرتيءَ جي ڪيترن ئي ڪَوِيُن سان اهڙو روّيو رکي الائجي ڇا ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ”ولي“ دائودپوٽو به ويجهي ماضيءَ جو اهو شاعر هو، جيڪو پنھنجي دؤر ۾ ادبي محفلن جو ته مور هوندو ئي هو، پر رسالن ۾ پڻ سندس ڪلام جَھجهي تعداد ۾ ڇپبو رهيو. هو ادبي تقريبن جي به جان هو، جن ۾ پنھنجو شعر پڙهي خوب داد حاصل ڪندو هو. سنڌ جي مشھور ۽ تاريخي شھر سکر ۾ ته سندس سونارڪي دوڪان تي شاعرن جي اچ وڃ لڳي پئي هوندي هئي، پر افسوس جو هو نه ته ڪنھن اهڙي فرد کي ياد رهيو، جو مٿس يا سندس ڪلام تي ڪو ادبي تحقيقي ڪم ڪري سگهي، نه ئي وري سندس شاعريءَ جو ڪو مجموعو ڇپرائڻ لاءِ ڪو فرد يا ادارو سامھون آيو. نتيجو اهو نڪتو جو سخن جو هڪ اهم ڪردار ماڻهن کان وسري ويو ۽ نئون نسل ان جي شخصيت ۽ فن کان اڻ واقف رهجي ويو.


ولي محمّد دائودپوٽو، شڪارپور ۾ ۷ اپريل ۱۹۲۴ع تي ڄائو. سندس پيءُ جو نالو واحد بخش دائودپوٽو هو. شڪارپور ۾ ابتدائي تعليم حاصل ڪري، پنھنجي جيون جا ڏکيا سکيا ڏينھن گذاريندي، سکر جو رخ ڪيائين. سکر ۾ اڳتي پڙهيو ۽ ڪڙهيو ۽ پوءِ اتي ئي پيٽ گذر لاءِ، شيخ اياز جي سٽَ ”سدا آهي ساهه کي ڳڀي جي ڳولا“ جي مصداق هن به پنھنجي ساھه جو سڳو سورڻ لاءِ ڪڏهن ڀلاوڻي وٽ ملازمت ڪئي ته ڪڏهن ڪنھن دوڪان تي ملازمت ڪري ڪو هنر سکڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. ڪاروباري دنيا ۾ آيو ته پھرين بوٽن جو دوڪان کولي پيٽ گذر ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ سکر ۾ سونارڪو دوڪان کوليائين ۽ زيورسازيءَ ۾ مھارت حاصل ڪيائين.

ولي دائودپوٽي جو ادبي سفر ڏاڍو خوبصورت رھيو. شڪارپور جي علمي ادبي ماحول جو مٿس اهڙو اثر ٿيو، جو امان الله ”مفلح“ مھر ۽ شيخ ارباب علي ”مسافر“ سان گڏ سخن جون محفلون سجائيندڙن کي ٻڌڻ لڳو. اهڙيءَ هر محفل تان واپسيءَ تي، ان جي اثر تحت پاڻ به مشقِ سخن ۾ لڳي ويندو هو. تن ڏينھن ۾ جيڪي هفتيوار يا پندرنھن وار مشاعرا ٿيندا هئا، تن ۾ سندس شرڪت لازمي هوندي هئي. ان جو، سندس ڪلام جي مشق تي مثبت اثر ٿيندو رھيو ۽ سندس شاعريءَ ۾ پختگي ايندي وئي ۽ سنڌ جي جديد شاعرن ۾ سندس شمار ٿيندو ويو. هن گيت، غزل، بيت، نظم، آزاد نظم، وائي، ترائيل، ڪافي، سانيٽ ۽ هائيڪي سميت همعصر سخن جي لڳ ڀڳ هر صنف ۾ خوب لکيو. سندس ٻوليءَ جو اسلوب وڻندڙ ۽ اثرائتو آهي. سندس ڪلام ۾ رواني ۽ موسيقي به جابجا نظر ٿي اچي. سندس هي دوھا پڙهي ڏسو:

اکڙين ۾ اسرار انوکا ڄڻ پرڀاتي پورَ

سانورا سانورا چھرا سائين، سَڄرا سَڄرا سُورَ

.....

نيڻن ۾ آ شام سُھائي، شامَ سھايا نيڻ

ڪنھن جي چپن تي گيت رسِيلا، ڪنھن جي چپن تي ويڻَ

.....

ڪيڏيُون ٿو ڪارون ڪري، ڪُلجڳ جو انسان

پئسي پئسي تي ٿو وڪڻي دين، ڌرم ايمان

ولي دائودپوٽو جڏهن ڪنھن مشاعري ۾ ويندو هو ۽ پنھنجي بياض جا ورق کولي شعر پڙھندو هو ته سموري ماحول تي سندس ڪلام جو منڊُ طاري ٿي ويندو هو. سندس اندازِ بيان اثرائتو ۽ وڻندڙ هو. پنھنجن شعرن ۾ هُن ڌرتيءَ ڌڻين جا دردَ ته ڳايا آهن، پر ديس جي دودن کي به ساراهيو آهي. عشق جي ڳالهه به ڪئي اٿائين ته محبت جون مرليون وڄائيندي به نظر آيو. گڏوگڏ نؤجوانن لاءِ همت ۽ حوصلي سان گڏ محنت جو پيغام به ڏنائين. شڪارپور جي شاعر سائين نعيم الله ”صابر“ قريشيءَ، مونسان هڪ دفعي ڪچھري ڪندي، ولي دائودپوٽي جي هيٺينءَ تخليق مان موجوده دؤر جي حالتن جا مثال ڏنا ته هن سھڻي شاعر جي صلاحيتن جو اعتراف ڪرڻو پيو:

ساڳيا اُٺَ، ساڳيا اوٺِي، ساڳيو اُٺن اوڳُ

ڀينر! هن ڀنڀور سان، ڀيري ڀيري ڀوڳُ

سسئي ٿي سنجوڳُ، نت ويندءِ لٽي ساٿ کي

مونکي ياد آهي ته منھنجو والد محترم، ”نقش“ ناياب منگي اڪثر سائين ولي دائودپوٽي متعلق ڳالهيون ڪندو هو. چوندو هو: ”سکر ۾ ڊيوٽيءَ دؤران جڏهن به صرافه بازار مان گذر ٿيندو هو ۽ جي سائين وليءَ جي نگاهه پئجي ويندي هئي، ته هڪدم هَڪلَ ڪندي پاڻ وٽ گُهرائي ويھاريندو هو. ڪلاڪن جا ڪلاڪَ ادبي ڪچھري به ٿيندي هئي ۽ سندس لکيل نوان نوان شعر به ٻڌڻ نصيب ٿيندا هئا. پاڻ نيڪ انسان ۽ محنتي توڙي محبتي شخص هو. زماني جي ماڻهن جي رويّن جُون گهڻيون سختيون برداشت ڪيائين. اُهي ماڻهو جيڪي ”وليءَ“ جي فن ۽ فڪر اڳيان پنھنجي تخليقن سان مقابلو ڪري نه سگهندا هئا، سي ”وليءَ“ تي قدامت پسند شاعر هجڻ جو الزام هڻي پاڻ کي گهڙيءَ پل لاءِ خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، پر ولي دائودپوٽو دل جو صاف هو. پاڻ ڪنھن جي به اهڙي تھڙي ڳالهه کي ٻڌي اڻ ٻُڌو ڪري ڇڏيندو هو ۽ بدستور شعر لکندو رهندو هو.“ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾، ولي دائودپوٽي جي حوالي سان اياز گل جو رايو لکيل آهي ته: ”وليءَ هڪ سگهڙ سوناري وانگر چُونڊي چُونڊي شعرن ۾ سھڻا ۽ من مُھڻا لفظ جَڙيا ۽ غزلن ۽ گيتن جا زيور گَهڙيا.“ ادل سومرو، وليءَ بابت لکي ٿو: ”ولي اٽڪلي ۽ ٽِڪو پنجو ڪندڙ شاعر ڪين هو. صاف دل هو. هن ڪنھن جي سرٽيفڪيٽ ذريعي ادب ۾ داخل ٿيڻ جي هرگز ڪوشش ڪانه ڪئي... هن پنھنجي فن رستي اڳتي وڌڻ جي جستجو ڪئي. ڇو ته هن وٽ صلاحيتون هيون... عام زندگيءَ ۾ جھڙيءَ ريت هو پنھنجي پورهئي سان سچو هو، تھڙيءَ طرح ادبي دنيا ۾ لکڻ جي عمل ۾ هو ڪڏهن ڍرو نه رهيو.“ (ڪتاب: ”اسين مسافر پيار جا“ ـــ ص: ۱۹)

تون آن منھنجي مَن جو موتي

آءُ تـه جرڪي، جيون ـــ جوتي

تنھنجي سارَ، سجايون سرتا!

مـنَ آ موتين مالھا پوتِي

تارن کي ترسائي تو لئه،

راتين جِي مون ڪارَنھِن ڌوتِي

آڌيءَ آڌيءَ اُڌمان کائن

گهايل امنگُون، ٻاري جوتِي

تون ته ”وليءَ“ جو سڀ ڪجهه آهين

ٻِي نه کپي ٿِي، ڪابه مڃوتِي

ولي“ دائودپوٽي، ۲۰ جولاءِ ۱۹۷۹ع تي سکر ۾ آڌيءَ رات جو هي جھان ڇڏيو. ھي يارن جو يار، وفات کان اڳ به دوستن سان ڀرپور ڪچھري ڪري گهر موٽيو هو. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اڄ ڏينھن تائين ”ولي“ دائودپوٽي جو ڪوبه شعري مجموعو ڇپجي ناهي سگهيو. سندس ڪلام مختلف رسالن ۾ ڇپيل ۽ ٽڙيل پکڙيل موجود آهي. اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته سندس ڪليات سندس پونئيرن وٽ به موجود ۽ محفوظ آهي. جيڪڏھن ايئن آهي ته کين گهرجي ته هو پنھنجي والد جو ڪلام جلد منظرِ عام تي آڻن.

اسان ٻه ڏينھن اڳ سنڌ جي هن املھه ماڻڪ جي هڪ سؤ ٻين جنم جو ڏينھن گذاريوسين. هن لکڻيءَ رستي هيءَ ياد ان ڪري به تازي ڪئي پئي وڃي ته متان ”ولي“ دائودپوٽو ڪنھن کي ياد اچي وڃي.

ماڻهوءَ ماڻهوءَ ماس،

کائي ويٺو معاشرو،

بڻجي ائن راڪاس!

.....

ساڳيو آ سنسار

اڄ جو ماڻهو پر ”ولي،

ڇو آ هاڃيڪار!؟

.....

مٽيءَ لڌو مانُ

پاڻ سمائي پاڻ ئي،

بڻجي پيو انسان

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۹ اپريل ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا