; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر عبدالڪريم تنيو

12 April, 2026

ڊاڪٽر عبدالڪريم تنيو

ڊاڪٽر عبدالڪريم تنيو

سادو ۽ سٻاجهو انسان

رضوان گل



هي ڳالھ اڄ کان لڳ ڀڳ چاليھ سال اڳ جي آهي. جڏهن مان فقط نوَن يا ڏهن سالن جو هوندس. ننڍپڻ جا ڏينهن ياد ڪندي منهنجي ذهن تي جيڪي چهرا چٽيءَ ريت تري ايندا آهن انهن مان ڊاڪٽر عبدالڪريم تنيو پڻ هڪ آهي. مون کيس لڳ ڀڳ ان ئي عمر ۾ ڏٺو جيڪو تصوير ۾ نظر اچي رهيو آهي ان وقت سندس عمر ۶۵ جي لڳ ڀڳ هوندي. سندس اصل ڳوٺ ميروخان هو. جتان لڏي اچي لاڙڪاڻي جي علي گوهر آباد ۾ رهائش پذير ٿيو. سندس شادي سنڌي پٺاڻن مان ٿي (جيڪي اصل شڪارپور جا هئا پٺاڻن ۾ سندن پاڙو قريشي هو).


علي گوهر آباد ۾ سندس گهر مهيسر گهٽي ۾ هوندو هو، اهو گهر ورهاڱي کان اڳ ڪنهن هندوءَ وڏي شوق سان جوڙايو هو، ڪمال ڪاريگريءَ سان جڙيل ونگن وارا در، گئلريون ۽ وڏا روشندان، خوبصورت دريون، ورانڊو ۽ ڪشادو اڱڻ جنهن ۾ ڄمون جو وڻ لڳل هوندو هو. اهو گهر خود هڪ دور جي ياد ڏياريندڙ هو جنهن جي هر هڪ حصي ۾ منهنجي ٻال وهيءَ جي خوبصورت ڏينهن جون يادون سمايل هيون، هندن جي دور جو ٺهيل اهو شاندار قديم گهر ڪجھ سال اڳ ڊهي ويو.

ڊاڪٽر عبدالڪريم ايم بي بي ايس ڊاڪٽر نه هو نه ئي کيس ڪا سرڪاري نوڪري هئي پر ڊاڪٽرن سان گڏ ڪم ڪندي کيس ايترو تجربو ٿي ويو جو هن شروعاتي دور ۾ ڪرمان باغ چوڪ تي هڪ دڪان ۾ پنهنجي ڪلينڪ کولي، سموري علائقي ۽ آس پاس جا ماڻهو وٽس علاج لاءِ ايندا هئا، هٿ شفا هئڻ سبب سندس ڪلينڪ تي ڪافي رش هوندي هئي، ان دور ۾ لاڙڪاڻي ۾ تقريبن سڀ ڊاڪٽر جنرل فزيشن هئا يا وري حڪيمن جا دوا خانه هوندا هئا. ايمرجنسي ۾ جيڪو به اڌ رات جو اچي اٿاريندس ان سان گڏ هليو ويندو ڪڏهن به چهري تي ڪاوڙ نه آڻيندو سدائين سندس مُک تي مرڪ هوندي هئي. هو ماڻهن جو همدرد هو، جيتوڻيڪ پاڻ به ڪو مالدار نه هو پر پاڻ کان غريبن جي مدد دل کولي ڪندو هو ۽ بيمارن سان وس آهر ساٿ ڏيندو هو. پنهنجي گفتگو ۽ لباس ۾ بلڪل سادو سودو پر طب جي شعبي ۾ خاصي ڄاڻ هوندي هيس.

ڊاڪٽر عبدالڪريم بابا سائين (ڊاڪٽر بشير احمد شاد) جو رشتي ۾ ماسڙ هو، هن بابا کي پاڻ وٽ ترسائي، ڇهين جماعت کان وٺي پنهنجي پٽ جيان پڙهايو ۽ کيس پنهنجي گهر جو هڪ حصو گفٽ پڻ ڪيو. بابا جي ماسي کي اسان سڀ امان جيجي چوندا هئا سين ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم کي بابا ڊاڪٽر ڪري سڏيندا هئا سين. ٻارن سان بيحد پيار ڪندو هو کيس هڪ نياڻي جو اولاد ٿيو. هو ڪچهرين جو ڪوڏيو هو، هر رزو ريڊيو تي بي بي سي ٻڌندو هو. ڪرمان باغ کانپوءِ ڪلينڪ پنهنجي مهيسر گهٽي واري گهر ۾ شفٽ ڪري آيو. مونکي ياد آهي ته پراڻي زماني وارو وڏو ريڊيو سندس ڪلينڪ جي شفٽيءَ تي رکيل هوندو هو ۽ مختلف بيمارين جي چڪاس جا اوزار هڪ ڪاٺيءَ جي ڪٻٽ ۾ پيل هوندا هئا جنهن کي آڏو شيشا لڳل هوندا هئا. بي بي سي تي خبرون ٻڌڻ لاءِ پاڙي جا ڪجھ ٻيا ماڻهو به اچي سندس ڪلينڪ تي ويهندا هئا. وفات کان اڳ آخري پنجن ستن سالن ۾ سندس سماعت شديد متاثر ٿي، انهيءَ ڪري پاڙي جا ڪجھ ماڻهو کيس ڊاڪٽر ٻوڙو به چوڻ لڳا.

ملڪي توڙي بين الاقوامي معاملن تي تفصيلي تبصرا ڪندو هو. سياست ۾ سندس خاصي دلچسپي هوندي هئي. هو هر موضوع تي دلچسپ انداز ۾ ڪچهري ڪندو هو.

پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ بيحد سادو، ڪا به آڪڙ وڏائي نه هيس، اڪثر اڇا ڪپڙا پائيندو هو وڏا ڪالر، لنڊي قميص ۽ وڏن پاچن واري شلوار. ڇا ته شخص هو سندس وڇوڙي تي سموري پاڙي وارن جون اکيون اشڪبار هيون، اهڙا سچا ۽ سادا ماڻهو اڄ ڪلھ ورلي ئي ملندا. دل جي دوري سبب ۱۹۸۷ ڌاري سندس وفات ٿي کيس ميروخان جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.

 

(رضوان گل جي فيسبڪ پوسٽ ۸ اپريل ۲۰۲۶ع تي رکيل)

No comments:

راءِ ڏيندا