; سنڌي شخصيتون: پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي

12 April, 2026

پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي

پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي

انسائيڪلوپيڊيا



پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي سنڌ جي انهن علمي شخصيتن مان آهي، جن تعليم، تحقيق ۽ تصنيف جي ميدان ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. هن جو جنم پهرين جنوري ۱۹۴۷ع تي تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور جي ڳوٺ جسڪاڻي ۾ قائم خان جسڪاڻي جي گهر ۾ ٿيو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم پنهنجي ڳوٺ، ڪوٽڏيجي ۽ حيدرآباد مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم.اي (سماجيات) جي ڊگري حاصل ڪئي. سال ۱۹۹۶ع ۾ Evolution of Sindhi Culture  in Archaeology and architecture تي سنڌ يونيورسٽي کان M.Phil جي ڊگري ورتي.


سال ۱۹۷۲ع ۾ هو سنڌ يونيورسٽي جي سماجيات شعبي ۾ ليڪچرار طور مقرر ٿيو. بعد ۾ يونيورسٽي جي پهرين تحقيقي تدريسي اداري پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۾ بنيادي استاد (Founding Faculty Member) طور شامل ٿيو. ان وقت ڊاڪٽر حميده کهڙو پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۽ تاريخ جي شعبي جي گڏيل سربراهه هئي، جنهن جي اڳواڻيءَ ۾ پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي مرڪز کي جديد تحقيقي اداري طور مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انهن ڪوششن جي نتيجي ۾ محققن ۽ اسڪالرن لاءِ هڪ جديد لائبريري قائم ٿي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ برصغير جي اهم موضوعن تي ڏهن هزارن کان وڌيڪ چونڊ ڪتاب گڏ ڪيا ويا.

پروفيسر جسڪاڻي سينيئر استاد جي حيثيت ۾ تحقيق جي طريقن (Research Methodology) جهڙي اهم مضمون جي تدريس ڪئي. ان سان گڏ ايم.اي فائنل جي شاگردن جي تحقيقي مقالن جي تياريءَ ۾ رهنمائي پڻ ڪندو رهيو. هو علمي تحقيق سان گهرو لاڳاپو رکندڙ عالم آهي ۽ سنڌي توڙي انگريزي ٻولين ۾ ٻه سئو کان وڌيڪ تحقيقي مقالا لکي چڪو آهي، جن مان ڪيترا ئي ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪجهه اڃا اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن.

سندس پهريون ڪتاب ’سماجيات جو تعارف‘ سماجيات جي علم بابت هڪ اهم تحقيقي ڪم آهي، جنهن ۾ سنڌي، بلوچي، پشتون ۽ پنجابي سماجن جي ثقافتي ۽ سماجي سرشتي جو سائنسي جائزو پيش ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه سندس ٻين اهم ڪتابن ۾ ’جي ايم سيد ۽ انقلابين جي صدي‘، ’عمر سڀ عشق سين‘، ’غلام رباني آگرو‘ (سوانح)، ’منهنجي سنڌ جا ساڃاهه وند، ’Arts & Crafts of Sindh‘، ’Sindh Studies: Culture & History‘  ۽ ’Archeology of Sindh‘ شامل آهن.

رٽائرمينٽ کان پوءِ به پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي علمي، تحقيقي ۽ تدريسي سرگرمين سان لاڳاپيل رهيو آهي ۽ تصنيف ۽ تاليف جي ڪم ۾ مصروف زندگي گذاري رهيو آهي.

 

نوٽ: معلومات انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل آهي


 

لعل بخش جسڪاڻي

تاريخ جون بند دريون کوليندڙ ڪم

ممتاز بخاري

هو ڪالهه به پنهنجو ڪم خاموشيءَ سان ڪري رهيا هئا ۽ هاڻي به ڪنهن ڏيکاءُ بنا ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪو ڪنهن به هٿرادو ڏيکاءُ جو گهرجائو ناهي رهيو. بس ايترو ضرور آهي ته هنن جي ڪتابن ۽ پورهئي سان تاريخ هڪ ڏينهن ضرور انصاف ڪندي. ڪڏهن ڪڏهن ڪي غير معمولي ڪم پنهنجي وقت ۾ نه سهي پر ڪنهن نه ڪنهن دؤر ۾ وڏي مڃتا ماڻيندا آهن. هتي ڳالهه ڪريان پيو سائين لعل بخش جسڪاڻيءَ جي، جن انتهائي گهڻي منسلڪيءَ سان پنهنجي حصي جو ڀرپور ڪم ڪيو آهي. اها شايد گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته سنڌيءَ ۾ سماجيات تي موجود جيڪي به ٻه چار نصابي ڪتاب موجود آهن، انهن ۾ هڪ ڪتاب سائين لعل بخش جسڪاڻيءَ جو آهي. ان ڪتاب جي خوبي اها آهي ته اهو ڪتاب نصابيءَ سان گڏ تحقيقي آهي، ڪتاب جي مواد ۾ ڀرپور انداز سان علميءَ سان گڏ عملي زاويا آهن. نه رڳو اهو پر هن ملڪ ۾ رهندڙ مُک قومن سنڌي، پنجابي، پشتون، بلوچي وغيره بابت اپٽار ڏنل آهي. سوشالاجي جي موضوع تي سنڌيءَ ۾ ان منفرد قسم جي ڪتاب جو نالو ”سماجيات جو تعارف“ آهي. جنهن ۾ جديد تحقيقي انداز ۾ اهڙو لکيو ويو جو ڏهاڪا گذرڻ باوجود ان جو اڪثريتي مواد اڄ جي دؤر جو ئي لڳي ٿو. اها سندن مسقبل بيني واري ايپروچ چئبي. پر سندن عشق جتي سنڌ جو سماج آهي ته اتي سنڌ جي ثقافت ۽ تاريخ به اوتري ئي آهي ۽ ان ڪري هنن سنڌ جي تاريخي شخصيتن تي به جنهن نموني لکيو آهي، اهو انداز به الڳ طرح جو آهي. سنڌ ۾ سوانحي ادب جي وڏي اهميت رهي آهي. جيئن سندن ڪتاب ”مون پريان سين نينهن“ ۽ ”عمر سڀ عشق سين“ آهن، انهن ۾ سنڌ جي مختلف شخصيتن بابت ڀرپور نموني خاڪا آهن. ساڳي طرح ”منهنجي سنڌ جا ساڃاهه وند“ سوانحي ۽ تبصراتي ادب ۾ سيبتو واڌارو آهي. سندن لکڻ جو انداز انتهائي سلوڻو آهي. ان جو ڪارڻ شايد اهو آهي جو هو ان دؤر ۾ ادبي دنيا ۾ آيا، جڏهن سائين جي ايم سيد، علي محمد راشدي، حسام الدين راشدي ۽ غلام رباني آگري جهڙن وڏن ليکڪن جا مختلف شخصيتن بابت سوانحي خاڪن وارا ڪتاب دلپسند رهيا آهن. ”جي ايم سيد ۽ انقلابين جي صدي“ جهڙو ڪتاب سائين لعل بخش جسڪاڻي جي ئي قلم جو ڪمال ٿي سگهي ٿو. هي ڪتاب رڳو سوانحي ادب ناهي پر سوانح وسيلي جاڳرتا ڏيڻ جو هڪ انوکو طريقو آهي. هي ڪتاب ڇپجندي ئي جلد وڪامجي ويندڙ سنڌي ڪتابن ۾ شامل آهي. جڏهن ته سندن غلام نبي آگري بابت ڪتاب ”غلام رباني آگرو ڪھاڻي ۽ نثر جو بادشاھ (فن، فڪر ۽ شخصيت)“ ۾ جتي ان جي شخصيت بابت آگاهي ڏني اٿائون، اتي سندس ڪهاڻين يا غيرافسانوي ادبي لکڻين بابت نوان پاسا پسايا اٿن. آگري صاحب جي مارشلائي دؤر واري پاسي کي به انتهائي سهڻي انداز ۾ بيانيو اٿائون پر ڪتاب ۾ هنن جي زندگيءَ جي جاکوڙ ۽ ادبي پاسي کي وڌيڪ سامهون آندو ويو آهي. هو جڏهن پنهنجي وڏي پٽ سرمد سان ڪجهه وقت گذارڻ لاءِ اسلام آباد ويا ته انهن ڏينهن جي سفر کي به هڪ سهڻي سفرنامي ”پوٽوهار ڏي پنڌ _ اسلام آباد جو سفرنامو“ ۾ سمويو اٿائون، جنهن ۾ هڪ پيءُ پنهنجي پٽ جي ڪٽنب سان ڪيئن وقت گذاري ٿو، اهي اولڙا دل کي ڇهندڙ لڳن ٿا، مختلف شخصيتن سان ملاقاتن جا پل به ڪتاب ۾ سانڍي ڇڏيا اٿائون.

سائين لعل بخش جسڪاڻي سنڌيءَ کانسواءِ انگريزيءَ ۾ سنڌ جي هاڻوڪي تاريخ، سماج، ثقافت ۽ فن بابت مضمون لکندا رهيا آهن ۽ ملڪ جي چوٽيءَ جي انگريزي اخبارن ۾ اهي ڇپبا رهيا آهن، جنهن ۾ ”ڊان“ اخبار به شامل آهي. پر سندن سنڌ سان عشق اهو جو سنڌ بابت هڪ شاندار ضخيم انگريزي ڪتاب Sindh Studies, Culture and History به لکيائون، جيڪو انگريزي پڙهندڙ حلقي ۾ سٺي موٽ ماڻي چڪو آهي. ٻين انگريزي ڪتابن ۽ مقالن ۾ “Arts & Crafts of Sindh” ۽ “Archeology of Sindh” شامل آهن.

سندن سوچ ۾ سنڌ؛ سنڌوءَ جيان وهندي رهي ٿي، ڀلا ڇو نه وهندي! هنن جو واسطو ان ڪٽنب ۽ قبيلي مان آهي، جن سنڌوءَ ڪناري سکر ۾ سنڌ لاءِ رت به وهايو. اها کرڙيءَ واري جنگ هئي، جنهن ۾ سندن ”جسڪاڻي ڳوٺ“ جا جوان انهن جوڌن سان شامل هئا، جن ۱۸۳۸ع ۾ شاه شجاع سان جنگ جوٽي شهادت جو جام پيتو هو. اڄ به انهن جوڌن جي وڏي اجتماعي قبر ان ڳوٺ جي ڀڪ ۾ موجود آهي. سندن پيدائش انهيءَ ڳوٺ ۾ ۱۹۴۷ع ۾ ٿي هئي. ڪوٽڏيجي جو قلعو ۽ انهن جي والين جا محل اڄ به هن ڳوٺ جا مياري آهن، ڇو ته اها ڳالهه ان ڳوٺ جون بزرگ عورتون، پنهنجين وڏڙين کان ٻڌل ڳالهيون اڄ به ڪنديون آهن ته جڏهن کرڙيءَ واري جنگ جي شهيدن جا لاش ڪوٽڏيجي ٽپي ڳوٺ پهتا هئا ۽ کاري ۾ سندن مائرن ۽ زالن جون نٿون پيون هيون ته انهن ميرن جي آيل عورتن وسيلي انهن کي جنگ هارائڻ جا ڏوراپا ڏنا هئا. هو عملي زندگيءَ ۾ ۱۹۷۲ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار ٿيا. هنن حميده کهڙو صاحبه سان ”پاڪستان اسٽڊي سينٽر“ ۾ ڪم ڪيو ۽ ان اداري کي جهڙوڪر هڪ نئين سگهه ملي وئي. سندن ايپروچ جديد ۽ سائنسي رهي آهي، اها اداري هلائڻ واري هجي يا وري ڪم ڪرڻ واري. اهو سندن زندگيءَ جو هڪ اهڙو حصو آهي، جنهن لاءِ الڳ ڪم ڪري سگهجي ٿو.

هو بي پرواه ٿي پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهن ٿا. ڪتاب لکڻ پڙهڻ جهڙوڪر سندن ان ڪٽنبي سرگرميءَ جو حصو آهي، جيڪا هو پنهنجي چئن پٽن سرمد، سروش، سمير ۽ سرخيل توڙي پنهنجي ونيءَ سان گذارين ٿا. هاڻ ته سندن زندگيءَ جي ان وهنوار ۾ پوٽا پوٽيون به اچي ويا آهن، جن سان هو پنهنجي لکڻ واري انس جهڙو پيار ڪن ٿا. اهڙا ماڻهو پنهنجي وقت ۾ اها مڃتا نه به ماڻين پر سندن ڪم تاريخ جي بند درين کي کولي هوائن جيان نيٺ گهلي پوندو آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۸ اپريل ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا