; سنڌي شخصيتون: ممتاز رڏ

12 April, 2026

ممتاز رڏ

ممتاز رڏ

قول ۽ ڪردار جي بلند شخص جو وڇوڙو

گل ڪٽوھر



انسان ڪنھن نه ڪنھن مخصوص زماني ۾ جنم وٺي ھڪ خاص عرصي ۾ زندگي گذاري ھليو ويندو آھي، اھو سلسلو صدين کان ھلي پيو ۽ سدائين جاري رھندو. اصل ڳالھ ھيءَ آھي ته ان سماجي جوڙجڪ ۾ ماڻھو ڪنھن جانور وانگي پورھيو ڪندي ۽ پنھنجو نسل وڌائيندي يا پنھنجي علم، ھنر حرفت، ڪلا، عمل، ڏاھپ سان سماج تي ڪي مثبت چٽا نشان ڇڏي ھليو ٿو وڃي جن کي ڏسي سندس دؤر يا کانئس پوءِ ايندڙ دؤرن جو نسل اتساھ ٿو وٺي. اھا ھڪ ڪسوٽي آھي جنھن تي پاڻ ڪنھن جي ڪردار جي پرک ڪندا آھيون. ھونئن لکين نه پر ڪروڙين انسان آھن جيڪي پنھنجي زندگيءَ جي شروعات کان قبر تائين بس ھڪ سماجي جانور واري زندگي گھاري ھليا ويندا آھن. بس ڪي داڻا ھوندا آھن، جيڪي الٽي اک ڌاري پنھنجي سوچ ۽ لوچ سان زندگي گذاريندا آھن. سندن زندگي رڳو سندن ناھي ھوندي اھي پنھنجي سماج اندر ٿيندڙ انيڪ گھٽ وڌائين، لاھين چاڙھين لاءِ +پنھنجو پاڻ کي ذميوار ڄاڻائيندي اھڙا ڪم ڪندا آھن جن جو اثر تمام وسيع ھوندو آھي. سندن عمل، ڪلا ڪري اڻ ڳڻين انسانن لاءِ روشن راھون کلنديون آھن. اھي پنھنجي قول ۽ فعل ۾ سچائي، ايمانداري ۽ انصاف کي نصب العين بڻائي ھلندا آھن، نفرت، تعصب ۽ تشدد کان پاسيرو رھندي ھر ڪنھن کي عزت ڏيڻ سندن حقن جو احترام ڪرڻ کي پنھنجي زندگيءَ جو اولين اصول بڻائي ڇڏيندا آھن. غريب ۽ بي وس انسانن جي مدد ڪندا آھن، عام ماڻھن جي تعليم، صحت کي سڌارڻ لاءِ سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ وڌي چڙھي حصو وٺندا آھن، علم ۽ شعور جي ڦھلاءُ ڪرڻ وارين سرگرمين ۾ سندن خاص ڪردار ادا ڪندا آھن، اھي صنفي متڀيد کان آجي سماج جي جوڙجڪ جي شروعات پنھنجي گھر کان شروع ڪندا آھن. ھڪ مثالي گھراڻو جوڙي پوري سماج کي ساڳين راھن تي ھلڻ لاءِ ترغيب ڏيندا آھن. سماجي براين جا خاتمو بنا آگاھي، شعور ۽ باڪردار عمل کان سواءِ ممڪن ئي ناھي ۽ انھن ڳالھين لاءِ وري تعليم جو ھئڻ تمام ضروري آھي. اھوئي سبب آھي ته قوم، عوام، سماج جو ڀلو گھرندڙ ھر انسان جي پھرين ترجيح، ھر عام خاص لاءِ معياري تعليم تائين آسان رسائي ھوندي آھي. ان اصول کي اپنائيندي اھي تعليم جي ڀلي لاءِ ھڙان وڙان جاکوڙ جاري رکندا آھن. علم کي عام ڪرڻ نوجوان نسل ۾ سماجي، سياسي، تاريخي، ادبي، علمي، تمدني شعور پيدا ڪرڻ سندن رھنمائي ڪرڻ، سندن ذھن سازي ڪري کين سماج لاءِ ڪارائتو انسان بڻائڻ،. کين بري ڀلي جي تميز سيکارڻ، کين سمجھائڻ ته جھالت کڻي ڪيترن ئي مقدس ورقن ۾ ويڙھيل ڇونه ھجي اھا جھالت ئي رھندي ۽ کين اھڙن فردن ۽ انھن جي سرگرمين کان پاسيرو رھڻ گهرجي. سماج جا باشعور فرد نوجوان نسل کي افواھ ۽ اصل ۾ فرق واضح ڪري سمجھائيندا آھن، کين پنھنجي قومي ذميوارين لاءِ تيار ڪرڻ، ماضي جي عظيم انسانن جي ڪيل ڪارنامن کان آگاھ رکڻ مطلب ته ھو نوجوان نسل کي اھو سيکاريندا آھن ته اھي سماج اندر مثالي ڪردار ڪيئن بڻجي سگھن ٿا. سماج اندر مثبت ڪردار ادا ڪندڙ فرد نه صرف پاڻ سٺو انسان هوندو آهي، پر ٻين کي به سٺو بڻجڻ جي راهه ڏيکاريندو آھي. اھڙا ئي انسان ھوندا آھن، جيڪي قوم جياري ويندا آھن مثال قائم ڪري ويندا آھن ۽ بعد ۾ ايندڙ نسل سندن متعين ڪيل اصولن کي اپنائيندي پنھنجن سماجي جوڙ جڪ ۾ رھندي ساڳيون راھون وٺي زندگين کي سڦل بڻائيندا آھن.


خيرپور جي مثالي ڳوٺ مٺڙيءَ ۾ بين انيڪ مثالي ڪردارن سان گڏ ممتاز رڏ پڻ ھڪ اھڙوئي انسان ھئو جيڪو قول ۽ فعل جو پڪو ھو، ھن جيڪي ڪجھ چيو ان تي سڀ کان پھرين پاڻ عمل ڪيو. ممتاز رڏ جي زندگي جي شروعات ڏکن ڏوجھرن سان شروع ٿي ھئي. صفا ننڍي ھوندي غلط علاج ڪري ھو پنھنجي ھڪ اک نور سوڌي وڃائي ويٺو ھو پر ھن پنھنجي ان جسماني ڪمزوريءَ کي ڪڏھن به جواز ڪونه بڻايو ھو. سندس تعليمي ڪيريئر شاندار ھوندو ھو. منڍ منڍ ۾ ھن پنھنجي اھليت تي گورنمنٽ پرائمري اسڪول ٽيچر جي نوڪري حاصل ڪئي ھئي پر سندس شعور ۽ قومي ڪمن ۾ وڌي چڙھي حصو وٺڻ واري ڪرت حڪمرانن جي اکين ۾ ڪنڊي مثل چڀندي رھندي ھئي ۽ انھن بنا جواز کيس ان نوڪري تان لاھي ڇڏيو ھو. ھو جيڪڏھن گھري ھا ته بعد ۾ حاڪم بڻيل حڪمرانن جھڙوڪر سيد غوث علي شاھ، ڄام صادق کان پنھنجي اھا نوڪري ھڪ سيڪنڊ ۾ بحال ڪرائي پئي سگھيو، جيڪي سندس ذاتي دوست ھئا. ان جي ابتڙ اصول پسند ممتاز رڏ حڪمرانن جي اھڙي ظالماڻي ناانصافي تي ٻڌل فيصلي تي ڪا اپيل يا ٽپيل ڪرڻ بدران زندگيءَ جي نئين سر ھڪ وڌيڪ سرگرم ۽ باشعور شروعات ڪري ڏني ھئي. ھر باشعور انسان وانگي اوندھ جي رکوالن کيس قيد بند جو سزائون ڏنيون ھيون پر ممتاز رڏ انھن سڀني ڏکيائين کي کلندي پنھنجي سر جو تاج بڻائي پنھنجو ڳاٽ اوچو رکيو ھو. سرڪاري نوڪري ھوندي يا ان کان پوءِ سندس قومي ڪاڄ سان ساٿ سندس ساھ جي آخري ساھن تائين ڳنڍيل رھيو ھو. قدرت کيس مٺڙو آواز ڏنو ھو ۽ تپسيا ڪري ان ۾ سر ۽ سوز ھن پاڻ پيدا ڪيو ھو. سياسي، سماجي، علمي. ادبي ۽ قومي ڪاڄن ۾ استاد بخاري، شيخ اياز سميت ٻين تخليقڪارن جا گيت جھونگاري ھو پوري پنڊال کي جھومائي ڇڏڻ جو گُر خوب ڄاڻندو ھو. خاص ڪري استاد بخاريءَ جو ھو نه صرف حافظ ھو پر ھڪ سچو پچو عاشق پڻ ھو. گذريل سال سخت بيمار ھوندي ممتاز رڏ حسب روايت استاد بخاريءَ جي ورسي واري ڏھاڙو ملھائڻ نه وساريو ھو، جنھن ۾ ممتاز مون کي سڏي، عزت ڏيئي خاص مھمانن جي صف ۾ ويھاريو ھو. استاد بخاريءَ جي اھا ڪا پھرين ورسي ٿوروئي ھئي، گذريل ڳچ سالن کان ھر سال استاد بخاريءَ جي ورسي جا پروگرام ڪرڻ ۾ ممتاز ھڪ دفعي به وٿي نه ڇڏي ھئي. ھو زندگيءَ جي آخري سالن ۾ سخت جسماني بيمارين جي ور چڙھيل پر ان کي بھانو بڻائيندي ھن ڪڏھن به پنھنجي سنگت ساٿ جي سار لھڻ کي وساريو نه ھو. اسانجو گڏيل دوست، منهنجي سٿ جو پراڻو ڪامريڊ نياز راڄپر اوچتو هڪ زوردار دل جي سٽ ڪري اسان سڀني جي اکين ۾ گرم گرم ڳوڙها ڇڏي هليو ويو هو. سندس عذرخواهي لاءِ پياري ممتاز رڏ سان گڏجي سندس ڳوٺ ڀنگو بھڻ ويا هئاسين. ممتاز رڏ انوقت پڻ سخت جسماني تڪليف ۾ هو. نياز راڄپر وارن جي ڳوٺ ۾ نئون روڊ جڙيو پئي. نوڪدار پٿر رستي تي وڇايا پيا ھئا ۽ مون مجبوري ڪري ڪار کي اتي پارڪ ڪيو هو. مان ۽ ممتاز رڏ پنڌ ئي پنڌ سندن تڏي طرف هلڻ لڳا هئاسين. ٿوري پنڌ ڪرڻ بعد ممتاز جي حالت تمام خراب ٿي ويئي هئي ۽ هو اتي پيل هڪ ڪرسيء تي بي حال ٿي ويهي رهيو هو. ٿوري ساهي بعد جڏهن هو ٿورو پاڻ سنڀالي سگهيو هو ته کيس بائيڪ تي کڻي تڏي تائين آندو ويو هو. اتان موٽندي جسڪاڻي ڳوٺ جي ڀرسان يارمحمد ڪلادي ڳوٺ پياري ڪامريڊ غلام عباس ڪلاديءَ سان ساڻس ملڻ ويا هئاسين، جيڪو زندگي جي جنگ وڙهي رهيو هو. غلام عباس ڪلاديءَ اسان جي تمام وڏي خاطرداري ڪئي هئي پرتڪلف سانجهاندي سان گڏ هڪ شاندار محفل موسيقيءَ جو اهتمام ڪيو هو ۽ ان نموني اها شام/رات واري محفل هڪ عظيم يادگار بڻجي ويئي هئي.

مان ھتي ٻڌائڻ اھو ٿو گھران ته سخت بيمار ھوندي به ھن پنھنجن پرين پيارن سان لڳ لاڳاپا، واسطا قائم ۽ دائم رکيا ھئا. ممتاز رڏ جي زندگي هڪ ڀرپور قسم جي ناول جو پلاٽ رکندڙ آهي. ان کي ٿورن لفظن ۾ سهيڙڻ ممڪن ئي ناهي.

منھنجو ڪالم ھر ھفتي ڇنڇر ڏينھن ”پنھنجي اخبار“ ۾ شايع ٿيندو آھي. ممتاز ھر ھفتي ڪالم پڙھي ڪال ڪري ڪالم متعلق پنھنجا رايا ضرور ڏيندو ھو. جيڪڏھن ان ۾ ڪا ڀل چڪ يا گنجائش رھجي ويندي ھئي ته ان جي نشاندھي ڪندو ھو، رھنمائي ڪندو ھو. ممتاز رڏ جا واسطا رڳو علمي، ادبي شخصيتن تائين محدود نه ھئا. سندس دوستاڻا واسطا، لڳ لاڳاپا پنھنجي دؤر جي بادشاھ گر سياستدانن سان تمام ويجھا رھيا، جن ۾ اڳوڻو پير صاحب پاڳارو سيد شاھ مردان شاھ ڇٽ ڌڻي، اڳوڻو وزير اعلى` غوث علي شاھ، اڳوڻو وزير اعلى` ڄام صادق اچي وڃن ٿا. انھن جي تمام ويجھو رھندي ممتاز رڏ سوين گھرج وندن جي سھائتا ڪئي پر پاڻ ڪڏھن ڀلجي به کانئن ڪو ذاتي مالي فائدو حاصل نه ڪيو ھو. سندس ڪردار سندس زندگيءَ جي آخري ساھن تائين بي داغ رھيو ھو. مون اڳ ئي ھڪ ڪالم قصه گو جي نالي سان ممتاز رڏ تي لکيو ھو، جيڪو پنھنجي اخبار ۾ شايع ٿيو ھو اڄ اھو قصه گر پنھنجي امڙ سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ سان ملي ھڪ ٿي ويو آھي ۽ پويان سندس زندگيءَ جا ڪيل ڪارناما قصن جي صورت ۾ رھجي ويا آھن، جيڪي اسان جھڙن کي ياد ڏياريندا رھندا ته اصل عظمت مال مايا ۾ نه پر ڪردار جي بلنديءَ ۾ آھي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۷ فيبروري ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)


ڪامريڊ ممتاز رڏ

استاد بخاريءَ جو عاشق

شوڪت علي شنباڻي

بائيبل جي مقدس ڪتاب زبور ۾ وطن کان وڇڙيل ماڻهن جي هڪ دانهن درج ٿيل آهي ته: اي يروشلم! جيڪڏهن مان توکي وساريان، ته منهنجو سڄو هٿ پنهنجو هنر وساري ويهي. جيڪڏهن مان توکي ياد نه رکان، ته منهنجي زبان منهنجي تارونءَ سان چمڪي وڃي“.

هي لفظ تڏهن چيا ويا هئا جڏهن يروشلم جي ماڻهن کي قيد ڪري پنهنجي وطن کان پري ڪيو پئي ويو. هنن اها دعا گهري هئي ته جيڪڏهن هو پنهنجي وطن ۽ مقدس شهر کي وساري ڇڏين ته سندن ڳالهائڻ جي طاقت (زبان) ختم ٿي وڃي.

هي قول دنيا جي تاريخ ۾ پنهنجي مٽيءَ ۽ وطن سان بي پناهه محبت جي سڀ کان وڏي مثال طور سڃاتو وڃي ٿو. هن قول جي ڀيٽ وڇڙي ويل ڌرتي جي ڌرتي واسين جي ۽ استاد بخاريءَ جي سچي عاشق ڪامريڊ ممتاز رڏ سان ڪيون ٿا ته، اها ڳالهه ٺهڪي ٿي پئي بيهي ته، هن جو به ساڳيو ئي مٿيون قول جيان اهو نظريو هو، جيڪي پنهنجي ڌرتي لاءِ آخري گهڙيءَ تائين قائم رهيو. ڪامريڊ ممتاز رڏ تازو ئي ۴ فيبروري تي الوداعي هٿ لوڏيندي اسان کان جسماني طور سدائين لاءِ هليو ويو آهي. جنهن جي وڇوڙي سان نه صرف مٺڙي جي اوسي پاسي وارن علائقن، پر پوري سنڌ جي ساڃاهه وندن، شاعرن، اديبن، هارين، اڳواڻن کي گهرو صدمو پهتو آهي. سائين ممتاز رڏ جي شخصيت جي سڃاڻپ ڪيترن ئي پاسن کان وطن پرست شخص طور رهي. سندس اهو نظريو هو ته سنڌ کي سوين مشڪلاتن کان آجي، خوشحال ڏسان، مان نه ڏسان ته منهنجو مستقبل ضرور ڏسي. جنهن لاء سندس ڪيل تعليمي، سياسي، سماجي پاسن کان پرڀور جدوجهد جي پوري سنڌ گواهه آهي. پاڻ ڳائيندو به هيو. جيڪو ڳالهائڻ سندس انقلاب ۽ بخاريءَ سان پيار جو ثبوت هو. خاص ڪري استاد بخاري جي سٽن جيان

تڙڪي جي ھٿان سمنڊ سڪي ناممڪن

ڪڪرن جي اڳيان ڪوهه ڊڪي ناممڪن

تاريخ ڪري ڪوڪ چيو ھڪ ھڪ کي

ناحق جي اڳيان حق جھڪي ناممڪن.

سدائين قول فعل ۾ اٽل رهيو. پورو علائقو اها گواهي ڏيندو ته ڪامريڊ ممتاز رڏ ڪڏهن به سياسي ظلم بربريت تي Compromise نه ڪيو. هو هڪ وڏو ماڻهو هو. پروگرامن جي اسٽيج تي پهچڻ کان پوءِ ٻڌندڙن جي دلين ۾ ڌرتي جو پيار پيدا ڪرڻ جو ڪمال فن رکندو هو. پنهنجي نسلن ۾ سوچ لوچ ۽ ادبي لوڪ ورثن، جهڙوڪ مچ ڪچهري، دنيا جي انقلابي شخصيتن جون ورسيون ملهائي، انهن جي فڪر کي پکيڙڻ جو وڏو ڪم هن اڪيلي سر ڪري ڏيکاريو. استاد منظور علي خان جهڙي خانصاحب ڪلاسيڪي موسيقي جي استاد سان به سندس ويجهڙائي رهي جيڪو ڪيترائي چڪر مٺڙي آيو، وڏيون محفلون رچايون، اهو سڀ استاد بخاري جي هڪ سچي عاشق اڪيلي سر ڪم ڪيو. سماجي برائِن جي روڪ ٿام لاءِ ڪيل سندس جدجهد به ڪنهن مثالي شخص کان گهٽ ناهن، جنهن کي تاريخ پنهنجي ورقن ۾ ياد رکندي.

ڪامريڊ ممتاز رڏ جو وڇوڙو ڏاڍو گهرو وڇوڙو آهي، جو اسان جي تر جو هڪ ڏاهو عظيم انسان وڇڙي ويو. اڃان ته سنڌ کي سندس حب الوطن جدوجهد جي ضرورت هئي، اڃان ته سماج جي ماڻهن کي ڪامريڊ ممتاز کان سکڻو هيو، ۽ اڃان ته سندس سان ملاقاتون ڪرڻيون هيون، پر افسوس جو هو جلدي الوداعي هٿ لوڏيندو ابدي ننڊ سمهي پيو. سندس ياد بخاري جي سٽن جيان سدائين اسان جي دلين ۾ سدائين زنده رهندي:

سانگين سان گڏ سالگراهه ۾،

وڇڙي ويس ته پوءِ ورسي آهيان

 

(ڏھاڙي هلچل حيدرآباد ۾ ۹ فيبروري ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)


 

ڪامريڊ ممتاز رڏ

فراز رڏ

سائنسي طور تي انسان سڀ کان برتر دماغ واري مخلوق آهي. مذهبي نظريا ھجن يا سماجي سڀني ۾ ھڪڙي ڳالھه مشترڪ آهي ته ڌرتي تي انسان جو مقصد امن، امان، پيار، محبت ۽ انصاف سان رهڻ آهي. مذھبي، سياسي، قبيلائي طبقاتي ھڪ جھڙائيون نه ھوندي به ھر ماڻھو سان پيار ڪندا آهن ۽ عزت جي نگاھ سان ڏسندا آهن. اھڙن ئي ماڻھن کي انسان دوست ۽ انسانيت سان پيار ڪندڙ ماڻهو چئبو آهي. ڪامريڊ ممتاز رڏ به اھڙن ئي ماڻھن مان ھڪ ھو. ۴ فيبروري تي چئين وڳي سندس آخري رسمون اباڻي ڳوٺ مٺڙي ۾ ادا ڪيون ويون، جنهن ۾ پوري پاڪستان مان ھر قبيلي، ھر قوم، ھر مذھب ۽ ھر پارٽي جي ماڻهن شرڪت ڪئي. جنهن مان ثابت ٿيو ته ھو ڪيترا ڪشادا دل ۽ انسان دوست شخص ھئا. ڪامريڊ ممتاز تعلقي ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ مٺڙي ۾ ھڪ سخي مرد ھاري زوار الله بخش رڏ جي گھر جنم ورتو. ھو ننڍي ھوندي کان ئي تمام ذھين، سلڇڻو، بااخلاق، نفيس ۽ ملنسار ھو. شاگردي واري زماني کان ئي سياست ۾ حصو وٺندو رھيو ۽ سياست جي ميدان ۾ پنهنجو نالو ڪڍيو. زوار الله بخش، ڏاڏا حاجي خان رڏ ۽ انهن جي پوري سنگت وڏا ٻڌوان ۽ راڳ جا ڄاڻون ھئا کين تنهن وقت جو مشھور ڪلاسيڪل راڳي استاد منظور علي خان ويجھو دوست ھو ۽ ھڪ ٻئي ڏي اچ وڃ تمام گھڻي ھئن. ممتاز رڏ کي به خدا تعالي تمام ڀلو ۽ مٺو آواز ڏنو ھو ۽ کين استاد منظور علي خان جي صحبت پڻ نصيب ٿي ۽ ڪامريڊ پاڻ به ڀلو راڳ ڳائڻ لڳو. انقلابي ھلچل ۾ ڳائڻ جو فن بھترين ھٿيار ثابت ٿيو، جنهن وسيلي انقلابي فريضو آخري ساھن تائين عبادت جيان پورو ڪندو رھيو. شاعر، اديب، صحافي، سياستدان ھجڻ سان گڏ استاد بخاري جو حافظ، لطيف جو پارکو پڻ ھو. سچل، اياز ۽ ٻين شاعرن جي تمام گھڻي شاعري زباني ياد ھئن. استاد بخاري ۽ استاد منظور علي خان جي ورسي ۽ سالگره جا ڏھاڙا ھر سال باقاعدگي سان ملھائيندا ھئا. اديبن، شاعرن، سگھڙن توڙي سياسي ماڻھن سان شامون ملھائڻ سندس معمول جو ڪم ھو. مزاحمتي تحريڪن توڙي احتجاجن ۾ اڳيان اڳيان ھوندو هو. سنڌ ۽ سنڌ جو اصل عاشق هو. مظلومن ۽ محڪومن جو ڀرجھلو ھو. سچ سڌو ۽ سامھون چئي ڏيندو ھو، تنهنڪري ڪوڙن ۽ ڪانئرن جي دل ۾ ڪنڊي جيان چڀندا ھو. ھن آدرشي انسان ڪڏھن به مايا ميڙڻ جي ڪوشش نه ڪئي، علم ھن جي ميراث ۽ دوست سندس ملڪيت ھئا. ٻارڙن ۾ پيار ۽ علم ونڊيندا ھو، نوجوانن ۾ سياسي شعور ۽ ٻڍڙن ۾ خوشيون ورهائيندا هئا.

موت حقيقت آهي ھر ماڻھو کي ھي فاني جھان ڇڏڻو آهي، پر اھڙن املھه ڪردارن، ماڻڪ ماڻھن جو وڇوڙو اکين ۾ لڙڪ ڏئي ويندو آهي ۽ انھن جي يادگيرين سان دل ڀرجي ايندي آهي ۽ اکيون وسي پونديون آھن. ھن وقت ممتاز رڏ کي ياد ڪندي ڪاغذ صرف اکرن سان نه، پر ڳوڙھن سان به ڀرجي چڪو آهي. جيڪو ڪامريڊ ممتاز جي وڇوڙي تي ھر ان ماڻھو جي دل مان نڪتو ھوندو جيڪو زندگي ۾ ھڪ دفعو به انھن سان مليو ھوندو.

منھنجو ممتاز! منھنجو ممتاز!

 

(ڏھاڙي ھمسري حيدرآباد آنلائين ۾ ۱۷ فيبروري ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)


 

ممتاز رڏ

سنڌ ۽ سنگيت جو عاشق

استاد عبدالغفور سومرو

سال۱۹۸۳ع ۾ مون ريڊيو پاڪستان خيرپور ميرس تي بطور ھارمونيم ماسٽر ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. اھا مھرباني منھنجي استاد گلزار علي خان جي معرفت ٿي ھئي. شاندار دؤر ھو ريڊيو جو. ريھرسل ڪرڻ، آئيٽم سليڪٽ ڪري اسٽوڊيو ۾ پروگرام آن ايئر ٿيڻ کان پھريان خاموشي. استاد مشتاق حسين عرف ڇاڪاڻ خان طبلي جي پڙن تي تبت بائوڊر جي خوشبوءِ. مختلف ڏينھن تي مختلف فنڪار. مختلف سازندن جي بڪنگ، بحث مباحثا، سنگيت جي بزرگن جون ڪھاڻيون قصا، ڊاڙون، رڪارڊنگ جي ميوزڪ ارينجمنٽ تي سازندن کي ڪمپوزر جا دڙڪا. پرفيوم جي لشڪاري سان رڪارڊنگ اسٽوڊيو ۾ ليڊي ڪمپيئر جي داخل ٿيڻ سان پروڊيوسر ۽ رڪارڊنگ انجنيئرن جا ٿڌا ساھ، فنڪار ۽ سازندن جا وري فن ذريعي چپ ئي چپ ۾ داد وٺڻ جون ناڪام ڪوششون. مطلب ته ڏاڍا دلڪش ڏينهن ھوندا ھئا.

ھڪ ڏينھن، ايندي ئي استاد سائينءَ چيو ته ڪوٽ بنگلي واري پاسي ڪو شاديءَ جو پروگرام آهي، اتي ھلڻو آھي. پوري طرح ياد ڪونهي ته اھو مٺڙي جي رڏن جو ڪاج ھو يا حاجاڻن جو. انھن ٻن برادرين مان بهرحال ڪنهن جو ھو. ڪچھري پروگرام جي وچ ۾ ڪمرشل وقفي دوران جلدي ساز ويڙھي اسٽوڊيو کان ٻن سازندن سميت ريڊيو جي گيٽ تي ئي پھتاسين ته ھڪ جيپ آئي. اسان کي وٺي ويندڙ، خوبصورت نوجوان اڇي لباس ۾ سنڌي ٽوپي پاتل، وٽيل شھپر، ڳالھائڻ جو تڪڙو. استاد، توھان اڳين سيٽ تي ويھو، فلاڻا تون ھتي، ادا تون ھتان اچ. گاڏي آھستي پوءِ تيزيءَ سان ھلندي رھي. سج زمين کي چمي ڏيڻ لاءِ باادب ٿي جھڪي رھيو ھو. ھو ڳائڻو، ھي وڄتو. استاد منظور علي خان فلاڻي جاءِ تي بس قھر ڪري ڇڏيو.

جيپ خيرپور جي قدآور خوبصورت کجين، ساوڪ ۾ ملبوس ننڍن ننڍن ڳوٺن جي منظرن مان گذرندي اوطاق جي در تي پھتي. مون آھستي استاد کان ھن جي باري ۾ پڇيو ته ھي ڪير آھي؟ استاد وراڻيو: بابا ھي ممتاز رڏ آھي. ھنن جو ڳوٺ ئي ڳائڻ وڄائڻ جو نه رڳو شوقين آھي پر خود به ڳائيندا وڄائيندا آهن. ڍولڪون به ڏاڍيون سٺيون ٺاھيندا آھن، ۽ پري کان ڍولڪنواز ھتان اچي ٺھرائي ويندا آهن. ھونءَ ته راڳ ۽ راڳين جا شوقين آھن پر استاد منظور علي خان کان مٿي ڪنھنکي سمجھن ئي ڪين.

نيٺ محفل شروع ٿي. ھيء فرمائش، ھي راڳ، سرڪش، استاد بخاري، قومي انقلابي گيت .... جيئن استاد گلزار علي خان جھڙي ريت سرن جي سحر ۾ ماڻھن جڪڙي ڇڏيو هو، ائين ممتاز وچ وچ ۾ ڀٽائيءَ جا بيت ۽ ٻين انقلابي ۽ رومانوي شاعرن جا شعر ٻڌائي حاضرين محفل کي پرخمار ڪري ڇڏيو هو. اوچتو پاڻ ئي انائوس ڪيائين ته دوستن فرمائش ڪئي آھي ته تون به ڪو ڪلام ٻڌاء، ... استاد، ڀلا جيستائين اوھان چانھ پيئو، تيستائين مان ھڪڙو ڪلام ڀلا چوان؟ استاد چيس: ھا، اجازت آهي بابا ..وچ ۾ سندس ھڪ دوست چيس ته استاد اجازت نه به ڏيندو، تڏھن به تون ڪونه مڙندين! .... ٽھڪ ....پر سچ اھو آھي ته ھن ڏاڍو سٺو ڪلام ڳايو.

ان محفل کان پوءِ آئون ڪجھ سال ڪراچي وڃي رھيس، اتي ادبي ميڙاڪن محفلن ۾ ساڻس ملاقاتون ٿينديون رهيون، پر دوستيءَ جو باضابطا تعلق لطيف يونيورسٽي جي ماڊل اسڪول ۾ نوڪري کان پوءِ جڙيو. استاد ديدار جماڻي جي سيلون تي وٺي ھليو، ساڻس ملاقات ڪرائيندي منھنجي لاءِ ھيئن چيائين، “ادا ديدار، ھي عبدالغفور سومرو آھي، خانصاحب گلزار علي خان دايو جو شاگرد آھي۔۔۔۔. ھا... ھي ديدار اسان جو پراڻو دوست آهي ۽ ھن جو نالو پڻ عاشقان منظور علي خان ۾ شمار ٿئي ٿو، ۽ ھي ھيئر ڪٽنگس وارن جو منظور علي خان اٿئي....

ٽھڪ...

قربان منگي صاحب جي چلڊرين اڪيڊمي ۾ ھي ورسي پروگرام رکيوسين. آسپاس شھر جي دوستن کي گھرن دڪانن آفيسن تائين گڏ ھلي دعوت ڏياري. شاندار محفل ٿي، جنھن ۾ شاگردن سان گڏوگڏ شھر جا فنڪار ۽ محرابپور مان حميد راڄپر به شامل ٿيو.

اسد جي جڏهن ماڊل اسڪول ۾ داخلا ٿي ته ھن پوپٽ پرنٽنگ پريس جي مٿان ڪمرو ورتو، اتي رھندو ھو. اسد کي اسڪول ڇڏڻ وقت به ملاقات ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھو. جڏهن وٺڻ ايندو ھو، تڏھن به ملڻ کان سواءِ نه ويندو ھو.

۲۲ سيپٽمبر ويجھو اچي وئي. حالات مالي طور بھتر نه ھئا. استاد گلزار علي خان جي ورسي ڪيئن ملهائجي؟ شريف عباسي، مون ۽ ممتاز فردوس تي گڏ چانھ پئي پيتي. مون چيو: يار ممتاز! استاد سائينءَ جي ورسي ويجھو اچي وئي آهي، ڪيئن ڪجي؟ ھن چيو: اسٽيج، ايڪو ۽ مھمانن جي ماني مون تي، بينر قربان منگيءَ کي ٿا چئون. چانھ ڀاءُ خان محمد کي ٿا چئون. فنڪار ۽ سازندا ھونءَ ئي تنھنجا پنھنجا آھن.

مون چيو پوءِ ته واھ واھ... پوءِ چيم: ھل ته ايڪو وارن سان ڳالھايون... چيائين: تون ڇڏ ان ڳالهه کي..... ۲۲ سيپٽمبر تي شام جو پنجين وڳي سائين غوث علي شاه پرڏيهه مان پنھنجي بنگلي تي ٽيليفونڪ خطاب ڪندو. ھڪ ڪلاڪ لاءِ. اسٽيج به ٺھي پئي آھي. قالين، ڪرسيون، برياني .... توهان رڳو سازن سميت تيار ھجو.

مقرر تاريخ ۽ وقت تي اسين وڃي پھتاسين، ھن سفيد لباس ۾ اسٽيج تي پئي ڦيرا ڏنا. اسان کي ڏسندي ئي مائيڪ جي ويجھو ويندي غوث علي شاه جي خطاب دوران هن چيو: قبلا سائين اوھان جي خطاب جي خوشيءَ ۾ سنڌ جي تمام وڏي نوجوان راڳي عبدالغفور سومري ۽ سندس شاگرد کي گھرايو آھي. اوھان جي خطاب کان پوءِ اوھان جي بنگلي ۾ سر وکيريندا.... اسٽيج تي ويٺل مھمانن، خاص ڪري علي حيدر شاھ (غوث علي شاه جو فرزند) ھن ڏانھن نھاريو ۽ حيرت مان مسڪرائيندي ساٿينء سان سس پس ڪرڻ لڳو. يقينن ائين چوندو ھوندو ته اھو اٿو ممتاز رڏ صاحب. بهرحال جيئن ھن چيو ائين ئي ٿيو.... غوث علي شاه جي خطاب کان پوءِ استاد گلزار علي خان جي ورسيءَ جو اسٽيج تي بينر لڳو، ڪجھ ساڳيا مھمان، باقي اسان جا مھمان. بھترين پروگرام ٿيو.

مون پنھنجي زندگيءَ ۾ اھڙا ماڻھون گھٽ ڏٺا آھن، جن وٽ ڪجھ نه ھوندي به اھي گھڻو ڪجھ ڪري ويندا آهن، اھڙن ماڻھن مان اسان جو پيارو ممتاز رڏ به ھڪ ھو.

حقيقت اھا آھي ته ھن جي يادن تي ھن جي دوستن جي سينن ۾ ايترو مواد آھي، جو ھڪ نه پر ڪيئي ڪتاب لکجي سگھجن ٿا. سنڌ، استاد منظور علي خان ۽ استاد بخاريءَ جو عاشق ممتاز رڏ اسان کان وڇڙي، ان پار هليو ويو، جتان ڪو به نه موٽندو آهي. اسان سڀني جو پنڌ به اوڏانهن ئي آھي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۰ فيبروري ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)


 

ممتاز رڏ

هڪ نوجوان بزرگ ڪامريڊ کي ڀيٽا

بخشل ٿلهو

لطيف سائينءَ جي سِٽ آهي ته،

’جوڳين جوڳ جڳاءُ، جوڳ پڻ سونهين جوڳئين‘.

ساڳي ريت ۸ ارب آبادي زنده آهي پر زندگي به ڪنهن ڪنهن منجهان پسي سگهبي آهي. ممتاز رڏ به هڪ اهڙو ماڻهو هو. جنهن کي اسان ڪڏهن ڪنجهندي يا ڪُرڪندي ڪونه ڏٺو. هُن هميشه زندگيءَ کي خوبصورت چيو ۽ زندگي هُن کي هميشه خوبصورت ڏٺو. مون اڳ به لکيو ۽ چيو آهي ته جيڪو پل يا وقت محنت، محبت، مزاحمت ۽ مطالعي ۾ گذري، سو ئي سجايو آهي پر جيڪڏهن ممتاز کي ڏسبو ته سندس سموري زندگي ئي ائين گذري آهي. ڪراچي ۾ رواداري مارچ هجي يا پارٽي گڏجاڻي، ٿڪ ۽ مايوسي ناهه ڪري ان جي اوطاق جيان هو سدائين حرڪت ۽ حوصلي ۾ رهندو هو. هو هڪ سياسي ڪارڪن، فنڪار ۽ عاشق هو. اسان جي سماج ۾ سائنس تي بنهه گهٽ ڪم آهي، تنهن ڪري اهو پاسو گهڻن جو کُٽل هو، باقي سچ جا ٽئي امام (سياست، فن ۽ عشق) سدائين سندس ڀرجهلا رهيا.

جڏهان ڪر ٿيام، ساڃاھ سپرين سين،

تڏهان ڪر تر جيترو وير م` وسريام،

اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.

هن جي سياست جي شروعات سنڌ هاري ڪاميٽي کان ٿي، پوءِ سائين جي ايم سيد جي صحبت ۾ قومپرست خيالن جو ٿيو ۽ سائين سندس هٿ پير پاڳاري کي ڏنو ۽ پوءِ هن فنڪشنل ليگ جي بنياد وجهڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ پوءِ غوث علي شاهه سان جوڙ ۾ هو مسلم ليگ ن ۾ ڪجهه وقت رهيو. هو بنا ڪنهن رسمي سياسي وابستگيءَ جي هر عوامي پروگرام ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. ائين پنهنچي “پہنچی وہیں په خاک، جہاں کا خمیر تھا” وانگي ۲۰۲۲ع ۾ هو اسان جي عوامي ورڪرز پارٽي جو حصو ٿيو۔ خيرپور يونٽ جي باني ميمبرن ۾ شامل ٿيو.. فڪري طور تي هو آخر تائين عوامي قومپرستي سان ئي سلهاڙيل هو. هو ته تمام گهڻي برداشت وارو ماڻهو هو. ڀلو ڪن ۽ ڀلو وات هو پر سائين جي ايم سيد بابت ڪنهن جي به ڪا هلڪڙي ڳالهه کيس چيڙائي وجهندي هُئي. سياسي زندگيءَ جي سفر ۾ هو ساڄي ڌُر جي پارٽين جو به چڪر ڪاٽي آيو هو پر ساٿي نذير رڏ چواڻي؛ پورهيتن سان پيار هُن کي هميشه کاٻي ڌُر جو ماڻهو ئي بڻائي رکيو. اسان جي پارٽيءَ جي اسپلٽ کان پوءِ جڏهن حيدرآباد ۾ هڪ ورڪرز اجلاس ٿيو هو ته ان ۾ سندس تقرير تمام گهڻي اُتساهيندڙ هُئي. توڻي جو هو پاڻ انهن ڏينهن ۾ گهڻو بيمار به رهندو هو. سندس جسم ڪمزور پر خيال ۽ جذبا فولاد هئا. سندس چوڻ هوندو هو ته هو بيماريءَ سبب کٽ تي نه پر مزاحمت ڪندي رستي تي مرڻ ٿو چاهي. ساڻس آخري ملاقات ۱۹هين جنوري جي ڏينهن ٿي، جڏهن مان ۽ ڪامريڊ يونس راهو سندس رهائشگاهه تي پُهتاسين. هن اسان جي خدمت ڪئي. چانهه ٺاهي پياريائين. يونس جيئن ته ڪراچي جو پارٽي صدر هو ته ان کي روڪي وڌائين ته جيئن ڪجهه ٻين ساٿين سان ڪچهري ٿي سگهي ۽ انهن کي پارٽيءَ جي دعوت ڏئي سگهجي. مون کي حيدرآباد نڪرڻو هو، سو پاڙي ۾ بائيڪو واري کي سڏيائين ۽ ان کي چار سئو رپيا ڏئي مون کي روانو ڪيائين.

هو مطالعي ۾ تمام گهڻو ڀلو هو. هو سياسي ادب کي شوق سان، باقي هر ادب جو پڙهندڙ هو. موڪلائڻ کان ڪجهه ڏينهن پهرين به هُن منهنجو هڪ ڪتاب پڙهي مون کي ان تي پنهنجو فيڊ بيڪ ڏنو. سندس ڳوٺ مٺڙي ۾ جتي شانتي نڪتين جهڙا ادارا اڳ کان موجود هئا، اُتي هُن پنهنجي گهر جي هڪ ڪمري کي لائبريريءَ ۾ تبديل ڪيو. اڄ اسد ۽ فراز رڏ جهڙا سياسي ڪارڪن جيڪڏهن ان ڳوٺ منجهه موجود آهن ته ان ۾ دستِ شفقت ۽ حڪمت ممتاز جو ئي رهيو آهي.

سياست ۽ مطالعي جيڪڏهن هُن جي ذهن کي سُڄاڳ رکيو ته فن (موسيقي ۽ شاعري) هن جي روح کي سدائين سائو رکيو. استاد منظور علي خان ۽ استاد بخاري ته سندس عشق هئا. هو سدائين انهن کي جهونگاريندو رهندو هو ۽ انهن جا ڏينهن پيو ملهائيندو رهندو هو. جيڪي ٻيا ماڻهو به انهن جا عاشق هئا، تن جي خدمت کي ئي پنهنجو ڪرم سمجهندو هو. ايتريقدر جو سندس آخري سفر به گيتن جي پڙلاءَ ۾ ٿيو.

ڪتاب، نويڪلائي، شاعري، سڪون،

منهنجي زندگي مستي ۽ موج ڀري آهي۔

ڇو ڏک ڪريان ته مان بهشتي واٽ تي نه پئي هلان۔

دل اندر دائمي بهشت موجود اٿم۔ (فروغ فرخزاد)

اها سندس پيار ۽ پورهيي جي خوشبوءِ هُئي، جنهن کان واسجي ويل ماڻهو سموري سنڌ منجهان سندس چاليهي تي ڳوٺ پُهچي گڏ ٿيا ۽ کيس ڀيٽا پيش ڪيائون. ان پروگرام ۾ سندس فرزند اسد چيو ته وڏو نقصان آهي. جنهن تي مون چيو ته اهو واپارين وارو يعني فائدي ۾ نقصان آهي. ممتاز پنهنجي زندگي گذاري ۽ هڪ وڏي فخر ۽ اطمينان سان گذاري. اهو ئي فائدو آهي. هُن هِن گرهه تي جيڪو سجايو وقت گذاريو، ان تي کيس سلام پيش ڪجي ٿو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۷ اپريل ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا